(29) ديهه بند مراد خان:
مراد خان جيڪو دراني پٺاڻ هو ننڍپڻ ۾ هتي بروهين
وٽ اچي رهيو ۽ هتي بروهين مان شادي ڪري هتي وفات
ڪيائين. جنهن حب تي بند ٻڌو. جيڪو بند مراد خان
نالي مشهور آهي. هڪ شخص جي محنت جو اهو شاهڪار ڏسڻ
وٽان آهي. سار سنڀال نه لهڻ جي باوجود اڄ به صحيح
حالت ۾ موجود آهي. جنهن جو تفصيلي ذڪر ڪتاب جي
پاڻي واري باب ۾ ڪيل آهي مراد خان جو خاندان اڄ به
صحيح حالت ۾ موجود آهي. جنهن جو ذڪر ڪتاب جي پاڻي
واري باب ۾ ڪيل آهي مراد خان جو خاندان اڄ به هتي
رهي ٿو ۽ پاڻ کي هاڻي هو بروهي سڏائين ٿا. هي به
زرعي علائقو هو. جتي اڄ به زراعت ڪئي وڃي ٿي.
انهيءَ ديهه ۾ انگريز دور جو اڏيل هڪ ريسٽ هائوس
آهي. جيڪو ضلعي لوڪلبورڊ ان وقت اڏيو هو. جڏهن
سائين جي ايم سيد (1928) تي لوڪل بورڊ جو چيئرمين
هو. اهو سائين جي. ايم سيد جي ڪوششن سان اڏيو ويو.
مراد خان جو پوٽو انهيءَ ريسٽ هائوس جو چوڪيدار
آهي. هن ديهه جون حدون به حب ندي سان لڳن ٿيون.
منگهي پير ۽ هلڪاڻي کان ايندڙ قديم رستا بند مراد
خان وٽان پار ڪري بلوچستان ڏانهن ويندا هئا. اهي
رستا اڄ به موجود آهن. بند مراد خان جي پار حب جي
ڪپ تي پوليس چوڪي به آهي جيڪا انگريز دور کان هتي
آهي. رئيس ڳوٺ لڳ حب جي ڪناري ”جنگل بٺي“ آهي جتي
ڪنهن زماني جوڳين جو ديرو هو. هاڻي هن تي ”رندي
قلات“ (رندن جو قلعو) نالو رکيو ويو آهي.
(30) ديهه حب:
هي
ديهه هلڪاڻي ۽ ديهه بند مراد خان جي وچ تي حب جي
ڪناري آهي جنهن جي ايراضي ڪراچيءَ جي ديهن ۾ سڀني
کان گهٽ آهي. حب ندي جي ڪناري ڪراچي جي 16 ديهن
جون حدون لڳن ٿيون ۽ حب جو نالو هن خوشنصيب ايراضي
کي مليو. هي زرعي علائقو آهي. حب مان پاڻي کڻي هن
کي آباد ڪيو وڃي ٿو.
(31) ديهه ڄام جو چکرو:
سورجاڻي جبل جي اولهه لڳ جيڪو جابلو سلسلو آهي هتي
پاڻي جو چکرو هوندو هو جيڪو جوکين جي ڄام جي ملڪيت
هئڻ ڪري هن کي ڄام جو چکرو چوندا هئا. جنهن جي ڪري
ديهه جو نالو به ڄام جو چکرو رکيو ويو. ڪراچي جي
ڪچري ۽ گند گڏ ڪرڻ جو لينڊ فل سائيڊ به انهيءَ
ديهه ۾ آهي. نادرن باءِ پاس هن ديهه جي وچان گذري
وڃي ٿو ۽ جنهن جي ڪري هن جابلو سلسلي ۾ انڊسٽريل
زون لاءِ زمين الاٽ ڪئي ويئي آهي.
(32) ديهه لوهارڪو لنگهه:
ميرن جي وقت ڪراچي جي مال آڻڻ ۽ نيڻ (امپورٽ ۽
ايڪسپورٽ) جو ٺيڪو الله رکئي لوهار وٽ هوندو هو.
جنهن جو اصل ڳوٺ حب جي ڪناري تي هو. جيڪو کٻڙلڪ،
مهيو کان ايندڙ قافلن جو حب پار ڪرڻ جي هڪ لنگهه
جي ويجهو هو. اڄ به کٻڙلڪ ۽ گڏاپ کان ايندڙ ماڻهو
شاهه نوراني وڃڻ لاءِ هتان ئي حب اُڪري ويندا آهن.
جيڪو لوهارن جي خاص ڪري الله رکئي لوهار جي ڳوٺ جي
ويجهو هئڻ ڪري لوهارڪو لنگهه مشهور ٿيو ۽ ديهه به
انهيءَ نالي سان آهي. پورو ديهه هڪ چيپاٽ وانگر حب
جي ڪناري تي آهي. جڏهن 1839ع ۾ انگريزن ڪراچي تي
قبضو ڪيو ته ميرن پاران چار ايجنٽ هر مير جو ڌار
ايجنٽ مقرر هو. جنهن مان نصير خان جو ايجنٽ حاجي
الله رکيو هو. اهو ٺيڪيدار الله رکيو لوهار هو.
جنهن جي پگهار 25 روپيا هئي. ميرن پاران حب تي جتي
هن جو ڳوٺ هو جاگير ڏني ويئي. لوهارڪو لنگهه ديهه
وارو علائقو انهيءَ جاگير ۾ هو.
(33) ديهه مٺان گهر:
لوهارڪو لنگهه ديهه جو سامهون جابلو سلسلو ديهه
مٺان گهر ۾ آهي. مٺان موکيءَ جي ستن ڀيڻن مان هڪ
ڀيڻ هئي. جبل جي هڪ ٽڪري تي هن جي گهر هئڻ ڪري
انهيءَ چوٽيءَ کي مٺان گهر چيو ويو ۽ ائين مٺان جي
گهر جي ڪري اهو علائقو مٺان گهر مشهور ٿيو ۽ ديهه
جو نالو به اهو ئي رکيو ويو. انهي جابلو سلسلي مان
هڪ ڍورو وهي حب ندي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو جنهن کي مٺان
وارو ڍورو چيو وڃي ٿو. مائي ڳاڙهي کان مٺان گهر
تائين جن اٺن ديهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان اُهي
هن وقت تپي منگهي پير، تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل
منگهي پير ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهن. هن کان اڳ هي ضلعي
ڪراچي اولهه ۾ ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۾ هئا ۽ هُن وقت
يونين ڪائونسل منگهو پير ۾ ديهه اورنگي ۽ ديهه
سورجاڻي به شامل هئا. ايوب خان واري بنيادي
جمهوريتن واري نظام هيٺ ديهه کاري لڪي ۽ ديهه
ٻٻراڻو به منگهو پير يونين ڪائونسل ۾ شامل هئا.
(34) ديهه سورجاڻي:
کٻڙلڪ ۽ شورينگ کان ايندڙ جابلو سلسلي جي هڪ چوٽي
جو نالو سورجاڻي آهي. انهيءَ جابلو سلسلي کي پار
ڪرڻ لاءِ جيڪو لڪ آهي جتي هاڻي نادرن باءِ پاس
ٺاهيو ويو آهي. انهيءَ لڪ کي به سورجاڻي لڪ چيو
ويندو آهي. انهيءَ چوٽي ۽ لڪ جي ڪري ديهه جو نالو
سورجاڻي رکيو ويو آهي. تعلقي ٽنڊي محمد خان ۽
تعلقي سجاول ۾ به هڪ ديهه جو نالو سورجاڻي آهي.
سورجاڻي جي ٻوٽي ۽ ان جا گل پسارڪي وکر ۾ ڪم اچي
ٿو. هن ٽڪري تي سورجاڻ جي ٻوٽي وڏي تعداد ۾ هئڻ
ڪري هن جبل جو نالو سورجاڻي رکيو ويو. ديهه
سورجاڻي هاڻوڪي بلدياتي نظام کان اڳ منگهو پير
يونين ڪائونسل ۾ شامل هو. هن ديهه جي آبادي جيڪا
1990ع ۾ فقط 10 هزار هئي ۽ هتي برفتن جو هڪ ۽
بروهين جا پنج ڳوٺ هوندا هئا فقط 16 سالن ۾
سورجاڻي ٽائون اسڪيم 45 ڪري ان ديهه جي آبادي 75
هزار کان مٿي ٿي ويئي آهي. ديهه کي ٻن يونين
ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ يوسف ڳوٺ ٻيو معمار
آباد. معمار آباد يونين ڪائونسل ڪي. ڊي. اي. جي
سورجاڻي اسڪيم نمبر 45 تي ٻڌل آهي. جتي فقط ٻه ڳوٺ
صيفل ۽ بابو پٽائي بروهي آهن.
يوسف ڳوٺ يونين ڪائونسل جنهن تي يوسف بروهي ڳوٺ جي
ڪري اهو نالو رکيو ويو آهي. پنجن ڳوٺن کانسواءِ
مڪمل ڪچي آبادي آهي. 1984ع ۾ فقط هتي اهي ڳوٺ ۽
واڙا هوندا هئا. ڳوٺاڻن ڳوٺن جي زمين ڌارين کي
وڪڻي ڇڏي جنهن جي ڪري هاڻي هو ٿورائي ۾ ٿي ويا آهن
۽ يونين ڪائونسل ناظمي به نٿا کڻي سگهن. هي ديهه
لياري نئين جي ڪپ تي آهي. هن سان لڳ نيو ڪراچي
(ٻٻراڻو) جو علائقو آهي. ديهه ۾ پنجراپور جي زمين
به آهي. جنهن سان لڳل هڪ ڦٽل جاءِ جا آثار ۽ هڪ
کوهه به هو جيڪي هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. هي ديهه تپي
منگهي پير ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. ديهه جون ٻئي
يونين ڪائونسلون گڏاپ ٽائون ۾ آهن.
(35) ديهه نانگڻ:
ديهه سورجاڻي سان لياري نئين لڳ ڪراچي شهر ڏانهن
ايندي کاٻي ڪپ تي هي ديهه آهي. نانگڻ ڍورو جيڪو
ديهه موکي ۽ تائيسر کان وهي اچي هتي لياري نئين ۾
ڇوڙ ڪري ٿو. جهونن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ڍوري ۽
پاسي واري جبل تي نانگ گهڻا هوندا هئا. جنهن جي
ڪري هن علائقي جو نالو نانگن وارو علائقو مشهور
ٿيو.
سورجاڻي جبل
نانگ جي مادي کي به نانگڻ چيو ويندو آهي. تعلقي ٺل
۾ به هڪ ديهه جو نالو نانگڻ آهي. ديهه ٻٻراڻي ۽
سورجاڻي لياري جي ساڄي ڪپ تي آهن ٻٻراڻي کان هڪ
پراڻو رستو ديهه نانگڻ مان گذري وڃي ٿو، جڏهن نيو
ڪراچي ۽ سورجاڻي اسڪيمون شروع ڪيون ويون ته هتي هڪ
چورنگي جو نالو نانگڻ رکيو ويو. تسنيم صديقي ڪراچي
ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر ٿيو ته هتي هن ڌارين
کي آباد ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وانگر ”خدا کي بستي“ جو
بنياد وڌو. جيڪا اڄ سڀني سهولتن کان مالا مال
وسندي آهي. پاسي وارن ڳوٺن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو
ملي. انهيءَ دور ۾ تسنيم صديقي سورجاڻي ٽائون
اسڪيم شروع ڪئي ۽ گلشن معمار لاءِ هڪ پرائيويٽ
بلڊرز کي تائيسر ديهه ۾ زمين الاٽ ڪئي هئي. جتي اڄ
سپر هاءِ وي لڳ خوبصورت بنگلن ۽ فليٽن وارو علائقو
آهي. هن ۾ موجود ڳوٺن کي چار ديواري ڏيئي بند ڪيو
ويو آهي. تازو لياري ايڪسپريس جي ڪري لياري نئين
مان اٿاريل بنگالين ۽ مهاجرن کي هتي وسايو ويو
آهي. ٿوري عرصي ۾ هتي 12 هزار گهر ٺاهي انهن کي
اسڪول، صحت، پاڻي، روڊ، گيس، بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جي
سهولت ڏني ويئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن ويجهو 15
کان مٿي ڳوٺ جيڪي گذريل ٽن سئو سالن کان هتي آباد
آهن. انهن کي ڪا سهولت مليل نه آهي. لياري
ايڪسپريس وي جي اٿاريلن جي وچ ۾ ٻه قديم ڳوٺ عرض
محمد ۽ نيڪ محمد ڏسڻ وٽان آهن. هر پاسي بجلي، روڊ،
گيس ۽ پاڻي آهي. اسڪيمن جي وچ ۾ هوندي انهن ڳوٺن ۾
ڪا به سهولت نه آهي. جنهن لاءِ مشهور ڪيو ويو ته
اهي قبضا آهن ۽ انهن کي اٿاريو وڃي. ڪجهه اوڻايون
اسان جون پنهنجون به آهن. انهن ماڻهن کي رستو
ڏيکارڻ اسان جو پنهنجو ڪم آهي. سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي
جيڪا ديهه نانگڻ سان ٺهڪي اچي ٿي ته،
”نانگ کڻي گهر ۾ وجهڻ“
ديهه نانگڻ تپي سونگل ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. يونين
ڪائونسل سونگل گڏاپ ٽائون ۾ آهي. اڳ هي ضلعي ڪراچي
اولهه ۾ هو.
(36) ديهه تائيسر:
موکي جي ڀيڻ جي نالي سان لاڳاپيل هي ديهه ڪي. ڊي.
اي جي هائوسنگ اسڪيمن ۾ اچي ويئي آهي. 1980ع واري
ڏهاڪي ۾ هتي گلشن معمار هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي
ويئي ته تائيسر ٽائون جو اعلان ڪيو ويو. گلشن
معمار اسڪيم جيڪا پرائيويٽ بلڊرز کي الاٽ ڪيل هئي
اها مڪمل ٿي آهي. تائيسر اسڪيم سرد خاني ۾ هلي
ويئي، جنهن سان هتان جي مقامي ماڻهن سک جو ساهه
کنيو ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ انهن جا ڳوٺ ۽ اباڻا پڊ
بچي پوندا. پر هاڻوڪي حڪومت پاران اسڪيم جي تمام
جلدي هئي. قانوني گهرجون هڪ پاسي ڪري گورنر ۽ سٽي
ناظم کي اختيار ڏئي، اسڪيم تي ڪم شروع ڪيو ويو.
نادرن باءِ پاس جي ٻنهي پاسي هئڻ ڪري هن جي ملهه ۾
واڌارو ٿيو. هن جو ڪم تيزي سان جاري آهي. ڏهن ڳوٺن
کي نوٽيس ڏنا ويا آهن. لياري نئين تائين پوري ديهه
۾ سرڪار کانسواءِ بلڊرز کي مختلف رهائشي اسڪيمن
لاءِ زمينون الاٽ ڪيون ويون آهن. اسڪيم کي هاڻي
ديهه موکي، الله ڦهائي، ٿومينگ ۽ نانگڻ تائين
وڌايو ويو آهي.
موکي جي ڀيڻ تائيسر جي نالي سان مشهور تائيسر
جبل جيڪو هاڻي ختم ٿي رهيو آهي.
ايجوڪيشن سٽي، انڊسٽريل زون ۽ ڪراچي جي تمام
اليڪٽرانڪ ۽ ٻين شين جون هول سيل مارڪيٽون، شو
رومز سڀني کي سپر هاءِ وي کان نادرن باءِ پاس جي
ٻنهي پاسي کڻي اچڻ جو پروگرام آهي. سپر هاءِ وي
کان حب ڊيم ۽ حب ريور روڊ تائين هڪ نئين ڪراچي
اڏجڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي. جنهن تي تيزي سان
ڪم ٿي رهيو آهي. ان نئين ڪراچي ۾ اسين ڪٿي
هونداسين؟ جيڪو حشر پراڻي ڪراچي ۾ قديمي ماڻهن سان
ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه هتي ورجايو ويندو/ ورجايو
پيو وڃي. زمين تيزي سان اسان جي پيرن هيٺان نڪري
رهي آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ، ڪراچي ۽ ٺٽي کي ملائڻ
لاءِ سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي هائوسنگ
اسڪيمون ۽ ٻيون رٿائون شروع ڪيون ويون آهن. هي فقط
ٻن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي نئين شهر اڏڻ جو منصوبو
ڪونهي، هي ته پوري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي سميت سنڌ
ڳڙڪائڻ جو منصوبو آهي. اهڙا ڪيترائي ٻيا منصوبا
شروع ڪيا ويا آهن جنهن جو ذڪر اوهان کي ايندڙ ديهن
جي حوالن ۾ ملندو.
ڪي. ڊي. اي جي اسڪيم ۾ هن ديهه جو نالو تيسر ڏنو
پيو وڃي پر ديهه جو صحيح نالو تائيسر آهي. هون به
تيسر سنڌي ۾ ضدي ۽ هوڏي کي چئبو آهي. شايد موکيءَ
جي اها ڀيڻ ضدي ۽ هوڏي هئي. ديهه جو اصل نالو
تائيسر ئي آهي. موکي نئين ديهه تائيسر جي علائقي ۾
گذرڻ کانپوءِ هن نئين ۾ ”شوري“ نئين به ملي ٿو.
”شوري“ انهيءَ ديهه مان گذري تائيسر جبل لڳ لياري
ندي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. لياري ايڪسپريس وي جا اٿاريل
انهيءَ نئين جي ڪپ تي آهن. شوري نئين ديهه تائيسر
۽ ديهه نانگڻ ڪري جدا ڪري ٿي. تائيسر جبل جي چوٽي
تي هڪ قبر لاءِ مشهور آهي ته اها ڪنهن اصحابي جي
آهي. جبل جي ويجهو هڪ پراڻو قبرستان به آهي.
علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي تائيسر جي قبر به هتي
آهي ۽ تائيسر جي ڪري هن جبل جو نالو تائيسر مشهور
ٿيو. جبل مان مٽي جي کوٽائي جو ڪم تيزي سان جاري
آهي جبل جو هڪ حصو هائوسنگ اسڪيم وارن کي الاٽ ڪيو
ويو آهي. ڪجهه سالن کانپوءِ هن تاريخي جبل جو ڪو
نالو نشان نه هوندو، تائيسر جابلو سلسلي تي ڳوٺ
عبدالله گبول به آهي.
پاڪستان جو خوبصورت تفريح گاهه ”ڊريم ورلڊ“ انهيءَ
ديهه جي هڪ جابلو چوٽي راءِ ڀٽ جبل تي ٺاهيو ويو
آهي. انهيءَ ديهه ۾ هڪ چوٽي ”ليلوڦر“ به آهي. جنهن
جي وچان نادرن باءِ پاس گذري وڃي ٿو جنهن جي کاٻي
پاسي چوٽي جي هيٺان ”عباس بروهي“ ڳوٺ ۽ ٻئي پاسي
اوڀر پاسي افغانين جي ڪئمپ جو علائقو شروع ٿئي ٿو.
راءِ /راهبنو واڻئي جي نالي تي جنهن چوٽي تي ”ڊريم
ورلڊ“ جوڙيو ويو آهي انهيءَ هندو جي گهوڙيءَ جو
نالو ليلو هو ۽ انهيءَ گهوڙي پاسي واري چوٽي تي ڦر
ڄڻيو ته هن جو نالو ”ليلو ڦر“ رکيو ويو ۽ پوءِ اها
چوٽي انهيءَ نالي سان مشهور ٿي.
ديهه تائيسر تپي سونگل تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هي
يونين ڪائونسل سونگل ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهي.
(37) ديهه موکي:
موکيءَ ۽ متارن جي لازوال تمثيلي داستان جو هي
ڪردار جنهن کي ڀٽائي ڳائي امر ڪري ڇڏيو ۽ موکيءَ
سميت ستن ئي ڀيڻن موکي، تائيسر، الله ڦهائي، مٺان،
صفوران، دوزان ۽ سونگل جا نالا اڄ به وقت گذرڻ سان
موجود آهن. ستن ڀيڻن جي نالي سان ديهون موجود آهن.
داستان جو تفصيلي ذڪر ڪتاب جي مضمون ”موکيءَ مٽ
اپٽيا“ ۾ موجود آهي. ديهه موکيءَ ۾ موکيءَ جي قبر
موجود آهي. هتي آس پاس جي ڳوٺاڻن جو قبرستان به
آهي. تائيسر اسڪيم جا بلڊوزر ٻه ڀيرا هن قبر ۽
قبرستان کي ختم ڪرڻ لاءِ آيا پر ڳوٺاڻن همت ڪري
انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. جيڪڏهن اسڪيمون ٺاهيون وڃن
ٿيون ته پوري ديهن جي سروي کانسواءِ پلان ڪيو وڃي
ٿو پلاننگ ڪرڻ وارن جي نظر ۾ سڀئي ڳوٺ، تاريخي
جايون، قبرستان، ماڳ مڪان، جبل، ڍورا، نديون غير
قانوني آهن. 1947ع کان ته اهو ئي ٿيندو پيو اچي.
موکي نئين انهيءَ ديهه مان وهي لياري ۾ ڇوڙ ڪري
ٿي. موکي نئين ۾ ديهه تائيسر کانپوءِ ”شوري“ نئين
شامل ٿي لياري ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ديهه ۾ موکيءَ جو تڙ
به هو پر اهو هاڻي ختم ڪيو ويو آهي.
(38) ديهه الله ڦهائي:
نادرن باءِ پاس سان لڳ حب ڏانهن ويندي لياري ندي
کان اڳ ساڄي هٿ تي هن ديهه جون حدون شروع ٿين
ٿيون. هن جون حدون لياري ندي تائين آهن ۽ کار، کٻڙ
لڪ ڏانهن ويندي مراد بروهي ڳوٺ تائين هن ديهه جون
حدون آهن. نانگڻ، تائيسر ۽ موکي سان گڏ هئڻ ڪري
تائيسر اسڪيم کي هن ديهه تائين وڌائڻ جو پروگرام
آهي. جنهن لاءِ ڳوٺاڻن کي نوٽيس ڏنا ويا آهن. اهي
مالوند ماڻهو آهن. زراعت سان به انهن جو تعلق آهي
پاڻي گهٽ هئڻ ڪري هتي باراڻي طريقي سان واهي چاهي
ڪئي ويندي آهي. هن ديهه جو نالو موکيءَ جي ڀيڻ
”الله ڦهائي“ جي نالي پويان رکيل آهي.
(39) ديهه مهيو:
نادرن باءِ پاس کان حب ڏانهن ويندي لياري ندي جي
پار ساڄي هٿ تي ديهه مهيو جون حدون ۽ کاٻي هٿ تي
ديهه سورجاڻي جون حدون لڳن ٿيون. هي جابلو علائقو
آهي. لياري ندي الله ڦهائي ۽ مهيو کي الڳ ڪري ٿي.
مهيو جبل مان گهڻا برساتي ڍورا وهي لياري ۾ ڪرن
ٿا. ديهه جي اولهه پاسي ديهه لوهارڪو لنگهه. اتر
پاسي ديهه مانڊڙو، ڏکڻ پاسي سورجاڻي، اوڀر پاسي
ڦهائي ۽ نانگڻ ديهون آهن. مهيو جبل جي ڪري هن
علائقي جو نالو اهو پيو، جيڪو مهير ۽ کيرٿر ڏانهن
وڃي ٿو. ڏکڻ اولهه پاسي اهو سلسلو منگهي پير
کانپوءِ سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو. گهڻا هن کي ميهئي به
چون ٿا.
(40) ديهه مانڊڙو:
مانڊڙو هڪ ذات جو نالو آهي. جيڪي لسٻيلي ۾ گهڻي
تعداد ۾ رهن ٿا. هتي مانڊڙن جي رهڻ ڪري هن علائقي
جو نالو مانڊڙو پيو. هاڻي هتي مانڊڙن جا فقط چند
گهر بچيا آهن. هن ديهه جون حدون حب ڊيم تائين وڃن
ٿيون. ٻئي پاسي حب ندي تائين آهن. پاڪستان جي
پهرئين سيٽلائيٽ اسٽيشن هتي آهي. حب ڊيم ۽
سيٽلائيٽ ٺهڻ ڪري هاڻي ماڻهو حب، وندر، شاهه
نوراني لاءِ اهو رستو وٺي وڃن ٿا. حب ڊيم مان نڪتل
پاڻي جو چينل انهيءَ ديهه مان گذري وڃي ٿو هي به
جابلو سلسلو آهي انهي جابلو سلسلي مان لياري نئين
جي شروعات ٿئي ٿي. ماضي جي ملير ضلعي جون حدون
انهي سلسلي تائين هيون. ديهه مانڊڙو ضلعي ڪراچي
اولهه ۾ هوندو هو.
(41) ديهه شاهه مريد:
موکيءَ جي قبر جي اتر پاسي شاهه مريد جي درگاهه
آهي. انهيءَ بزرگ ڪري هن ديهه جو نالو شاهه مريد
رکيو ويو آهي. درگاهه جي مجاور ابراهيم خاصخيلي جي
قبر به هتي آهي. بزرگ لاءِ مشهور آهي ته اولاد کان
محروم ڪو ماڻهو هتي سلام ڀري. هتي موجود پينگهڙي
کي لوڏو ڏيندو ته بزرگ جي دعا سان هن کي اولاد
نصيب ٿيندو.
بلوچي رزميه داستان حاني ۽ شاهه مريد جو قصو گهڻو
مشهور آهي. چاڪر اعظم (چاڪر رند) حاني تي عاشق هو.
تنهن ڪري سردار حاني کي حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبو
جوڙيو. تمام ننڍن قبيلن جي سردارن کي پنهنجي محل ۾
گهرايائين. سڀني پنهنجن ڪمزورين ۽ شوق کان چاڪر کي
آگاهه ڪيو. شاهه مريد چيو ته خميس ڏينهن ڪو فقير
صبح جو سوير سڀ کان اڳ ۾ منهنجي سامهون ڪا به صدا
هڻندو ته آئون پورو ڪندس. قصو مختصر چاڪر خميس
ڏينهن شاهه مريد وٽ پهچي حاني جيڪا شاهه مريد جي
منگ هئي، حاني ڏيڻ جي صدا هنئي، بلوچي قول پاڙيندي
شاهه مريد حاني کي چاڪر جي حوالي ڪيو. پاڻ هميشه
لاءِ ڪيڏانهن گم ٿي ويو. گهڻن جو خيال آهي ته شاهه
مريد کي چاڪر مارائي ڇڏيو. پر مونکي لڳي ٿو ته هي
اهو ئي شاهه مريد آهي. جيڪو حاني جي وڃڻ کانپوءِ
هتي اچي رهيو. درگاهه ڀنڀور، لانڍي، ڪونڪر ۽ گڏاپ
کان مڪران ۽ لس ويندڙ پراڻي رستي تي آهي. درگاهه
جي سامهون هڪ ٻئي بزرگ ابراهيم شاهه جي درگاهه ۽
اڌ ڪلو ميٽر ڏکڻ پاسي ”موکي“ جي قبر ۽ پراڻو
قبرستان آهي. درگاهه جي سامهون هڪ ٻئي بزرگ ”نور
شاهه“ جو مقبرو آهي. هي زرعي علائقو آهي. پاڪستان
ٽيليويزن جو شاهه مريد بوسٽر هتي لڳل آهي. سپر
هاءِ وي کان کار ويندڙ رستو به هتان گذري وڃي ٿو.
ڪوزي واٽر پارڪ، سيمزو ۽ ٻيا انيڪ پڪنڪ پوائنٽ هن
ديهه ۾ آهن. هن ديهه جون حدون موکي، الله ڦهائي،
شاهي ڇٻ، نارا ٿر ۽ بجار جي بٺي سان ملن ٿيون.
(42) ديهه بجار جي بٺي:
ڄام بجار خان جوکئي پهرئين جي نالي سان هتي بٺي
آهي جنهن جي نالي پويان هن جو نالو بجار جي بٺي
رکيو ويو آهي. ڄام بجار خان همت وارو مڙس هو جنهن
مختلف قبيلن جي وچ ۾ مقابلي ۾ پنهنجي قبيلي جي
سرواڻي ڪئي. هي سٺو سگهڙ به هو. ديهه ڄام جو چکرو
به انهيءَ جي نالي پويان آهي. لاکڙي ضلعي لسٻيلي ۾
لياري لڳ ”ڄام بجار جو مامرو“ اڄ به موجود آهي.
جيڪو ڄام بجار جي جاگير هئي. راهيجي واري جنگ ۾
جڏهن بجار جو پٽ چاڪر خان جيڪو به بهادر ۽ همت
وارو هو. حيدرآباد کان سندس ماءُ چاڪر کي ساڻ ڪري
ڀوتاڻين ۾ کيس پرڻائڻ لاءِ وٺي ٿي ويئي. ته راهيجي
واري جاءِ بارڻ ۾ اٺ پلاڻ وٽ برفتن پنهنجي پلاند
وٺڻ لاءِ قافلي تي حملو ڪيو. چاڪر مارجي ويو. جتي
چوڪنڊيون به آهن. چاڪر جي مارجڻ بعد ڄام بجار هڻيو
تي لاکڙي ۾ لياري لڳ ڄام بجار واري مامري ۾ وڃي
رهيو.
ديهه بجار جي بٺي گڏاپ ۽ موکي روڊ جي وچ تي آهي.
سيٺ نائون مل پنهنجي ”يادگيرين“ ۾ هن کي جهارا بٺي
لکيو آهي. جيڪو غلط آهي.
(43) ديهه نارا ٿر/ ناڙا ٿر:
نارا ٿر بٺي جي ڪري هن ديهه جو نالو نارا ٿر رکيو
ويو آهي جنهن کي ناڙا ٿر به چوندا آهن. گڏاپ روڊ
کان گڏاپ ڏانهن ويندي برساتي نئين ڪونڪر کي پار
ڪرڻ کانپوءِ کاٻي هٿ تي روڊ سان لڳ اها اڪيلي بٺي
نظر ايندي. انهيءَ بٺي جي آخري ڇيڙي تي متارن جون
قبرون آهن ۽ بٺي جي ڪڇ تي سهراب فقير جي زمين ۾
ڪجهه آثارن جا نشان آهن جن کي ڪافرن جو ڪوٽ چيو
وڃي ٿو. پر اهي موکي جي ميخاني جا آثار آهن.
تفصيلي ڪتاب جي مضمون ”موکي مٽ اپٽيا ۾“ ڏنل آهن.
بٺي جي ساڄي هٿ تي جوکين جو تاريخي قبرستان آهي.
هتي برفتن ۽ جاکرن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي. ڪلهوڙن جي
دور ۾ ٿيل جنگ کي تاريخ ۾ ”نارا ٿر جي جنگ“ چيو
وڃي ٿو. جنهن جا تفصيل سگهڙن جي بيتن سميت ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”جنگناما“ ۾
ڏنل آهي. برفتن ڪنهن جهيڙي ۾ آري جاکري کي ماري
وڌو. جنهن تي قلات جي خان برفتن کي سيکت ڏيڻ لاءِ
ڄام بجار کي حڪم ڪيو. ڄام بجار پنهنجي پاسي
ڪلمتين، جوکين، جتن ۽ نومڙين جو لشڪر تيار ڪيو.
برفتن جي اڳواڻي عزت خان ڪري رهيو هو. دودا قبيلي
جا ماڻهو تنهن سان گڏ هئا. جاکرن جا راڄ جيڪي ڇڊا
پڊا ويٺا هئا تن تي حملا ڪيائون. پوءِ سڌو ”ڌڙٻي“
(ڪراچي) ڏانهن رخ ڪيائون. جيڪو جاکرن سندن خرفدارن
جو مرڪز هو. نارا ٿر جي جُوءِ ۾ ٻئي لشڪر آمهون
سامهون ٿيا. جاکرن کي شڪست ٿي. ابراهيم لنگهي جو
بيت هيٺ ڏجي ٿو. جنهن ۾ دڙٻي ۽ ڊگاريءَ جو ذڪر آهي
دڙٻو ڪراچي بندر جو پراڻو نالو آهي. ڊگاريءَ وارو
علائقو نارا ٿر جي لڳ آهي.
هاڻي راڄن لڏون واريون وٺو دڙٻي جو ديدار،
ڍائي آهيئون ڊگاريءَ جي، بيگن لاٿو بار.
(44) ديهه ڪونڪر:
هي
ديهه تپي ڪونڪر تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هاڻوڪي بلدياتي
نظام کان اڳ ڪونڪر الڳ يونين ڪائونسل هو ۽ هي ديهه
به هن ۾ شامل هو ۽ ضلعي ملير ۾ هو. هاڻي هن ديهه
کي يونين ڪائونسل سونگل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پراڻي
يونين ڪائونسل سونگل ۾ هن هڪ ديهه جو واڌارو ڪيو
ويو آهي. هن ديهه جون حدون دُنبا ڳوٺ جي سامهون
کان شروع ٿي ناگوري سوسائٽي کان اڳيان لنگهيجي
ڍوري تائين حيدرآباد ويندي سپر هاءِ وي جي کاٻي هٿ
سان شروع ٿين ٿيون. ٻئي پاسي گڏاپ روڊ تي گڏاپ
ڏانهن ويندي عثمان شاهه درگاهه کان اڳ وارو
علائقو، ڪونڪر اسٽاپ کان ڪونڪر نئين جي ساڄي پاسي
(گڏاپ ڏانهن ويندي) ڪونڪر نئين تائين آهن. هي مڪمل
جابلو علائقو آهي ۽ ڪوهستان جو حصو آهي. ٿڌو ۽
ڪونڪر نئيون هن ديهه مان گذري، انهيءَ ديهه ۾
دُنبا ڳوٺ کان اڳ پاڻ ۾ ملن ٿيون. ڪونڪر نئين جي
ڪري هن جو نالو ڪونڪر رکيو ويو. ڪونڪر نالي لاءِ
ٻه روايتون موجود آهن. هڪ رايو اهو آهي ته ڪونڪر
ماڻهو جو نالو آهي جيڪو ذات جو جوکيو هو ۽ سروي
وقت انگريزن جي مدد ڪيائين جنهن لاءِ ديهه جو نالو
سندس پويان ڪونڪر رکيو ويو.
ٻيو رايو اهو آهي ته ڪونڪر نئين جيڪا ديهه ٻولهاڙي
کان ٿڌي کان ڌار ٿي هن علائقي مان گذري 10 ڪلو
ميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري ٻيهر ٿڌي نئين سان ملي
ٿي. جيڪو تمام پراڻو ڇاڙ (شاخ) آهي. تنهنڪري بلوچي
۾ ان کي ڪونِ ڪور چيو ويندو آهي. جنهن جي معنيٰ
پراڻي نئين آهي. ملان شير علي گبول مرحوم جيڪو
هتان جو مشهور سگهڙ ٿي گذريو هن جي هڪ بيت ۾ به
ڪون ڪور (پراڻي نئين) استعمال ڪيل آهي. مرحوم فقير
محمد بلوچ جيڪو شرافي جو رهندڙ هو. تاريخ جو ڄاڻو
هو تنهن به هن ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته ڪون ڪور
اڳواڻن بلوچي سگهڙن جي بيتن ۾ پراڻي نئين، ڪونِ
ڪور استعمال ڪيل آهي. جيڪو بعد ۾ بگڙجي ڪون ڪور
مان ڪونڪر ٿيو آهي.
بهرحال جوکين ۽ بلوچن وٽ ڪونڪر جي نالي سان مضبوط
دليل آهن. ڪونڪر ۾ آدم گبول ڳوٺ لڳ ٿڌي نئين جي ڪپ
تي تاريخ کان اڳ جو ماڳ
موجود آهي. هي جابلو سان گڏ زرعي علائقو به آهي.
هن جي گهڻي ڀاڱي ٿڌي ۽ ڪونڪر نئين جي ڪناري کوهن
وسيلي زراعت ڪئي ويندي آهي پهرئين هتي موجود جاين
تي ”ڪوشن“ سان پاڻي حاصل ڪري زراعت ڪئي ويندي هئي.
آمو (احمد) رند جو ڪوش اڄ به هتي چوڻي طور استعمال
ڪيو وڃي ٿو. دنبا ڳوٺ جي سامهون وارو علائقو ممتاز
ڀٽي جي نگران وڏي وزير جي دور ۾ آرمي کي ڏنو ويو
جيڪو هاڻي فوج جي حوالي آهي.
نارا ٿر موکيءَ جي ميخاني کان هڪ پراڻو رستو هن
ديهه ۽ ديهه لنگهيجي کي ڌار ڪري گذري درساڻي ڇني،
گهاري، ڀنڀور ڏانهن وڃي ٿو اهو تاريخي رستو اڄ به
ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. ڪونڪر هاءِ اسڪول،
ڪونڪر هائير سيڪينڊري اسڪول ۽ ڪونڪر ڊگري ڪاليج ان
ديهه ۾ گڏاپ روڊ تي آهن. هن ديهه ۾ جوکين، واڍيلن،
رندن، گبولن جا ڳوٺ آهن. ماڇي ۽ زرگرن جا ٻه ڳوٺ
هن ديهه ۾ آهن. ديهه لنگهيجي واري جبلن مان درساڻي
ڇني ڏانهن ويندي جيڪي ڍورا هن ديهه مان وهي ٿڌي
ندي ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. انهن مان ڪونڪر ڳوٺ کانپوءِ جڏهن
ٿڌي نئين کي پار ڪبو ته پهرئين جيڪا ڍوري ايندي ان
جو نالو ”ڪٻڙ واري“ آهي. ڳوٺ حمزه گبول کان اڳ ۾
جيڪا ڍوري اچي ٿي هن کي ”کڏي واري“ ۽ کٽو گبول ڳوٺ
کان اڳ ۾ ايندڙ ڍوري جو نالو ”مڃرچاڏ“ آهي. کٽو
گبول کان پوءِ آدم ۽ آچار گبول کان اڳ جيڪا ڍوري
اچي ٿي ان جو نالو ”ڍوري ڪلر واري“ آهي. آچار گبول
ڳوٺ سان لڳ جيڪو ڍورو وهي ٿڌي نئين ۾ شامل ٿئي ٿو
ان جو نالو ”رک ڍورو“ آهي. مال جي رک ڪري هن ڍوري
جو نالو رک ڍورو رکيو ويو آهي. ”ڪلر وارو ڍورو“
واري پٽ تان وهي اچي ٿو جنهن جي ڪري هن کي ڪلر
وارو ڍورو چيو ويو آهي. هتي ”ڪلر کيٽ“ به مشهور
آهي.
ديهه ڪونڪر کانسواءِ ديهه نانگڻ، تائيسر، موکي،
الله ڦهائي، مهيو، مانڊڙو، شاهه مريد، بجار جي بٺي
۽ نارا ٿر ديهون جنهن جو ذڪر ڪري آيو آهيان. اهي
تپي سونگل تعلقي ڪراچي ۾ آهن. اهي سڀئي ديهون
يونين ڪائونسل سونگل ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهن. هاڻوڪي
بلدياتي نظام کان اڳ به سونگل يونين ڪائونسل موجود
هو جيڪو ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۽ ڪراچي ضلعي اولهه ۾
هو. شروع کان وٺي ديهه سونگل يونين ڪائونسل سونگل
۾ شامل نه هو. ضلعي ڪائونسل واري دور ۾ ديهه سونگل
يونين ڪائونسل ڳجهڙي ۽ ضلعي ملير ۾ هو. هن وقت
ديهه سونگل يونين ڪائونسل صفوران گلشن ٽائون ۾
آهي.
(45) ديهه ٻٽي آمري:
سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر ۽ جنت گل ٽائون جيڪي
ديهه ڳجهڙي ۾ آهن. هن کانپوءِ ديهه ٻٽي آمري جون
حدون شروع ٿين ٿيون. لاسي ڳوٺ وٽان وهندڙ ڍورو
جيڪو هاڻي گٽر نالو آهي. وهي اچي لياري ۾ ڇوڙ ڪري
ٿو انهيءَ ڍوري جو نالو ٻٽي آمري آهي جنهن جي ڪري
ان ديهه جو نالو ٻٽي آمري رکيو ويو. انهيءَ ڍوري ۾
ٻه ٻٽا (جاڙا) آمري (گدامڙي) جا وڻ هئا. جن جي ڪري
هي علائقو ٻٽي آمري ڪري مشهور ٿيو. هن ديهه ۾
گبولن، بروهين، برفتن، ڪانڙن ۽ ڇٽن جا ڳوٺ آهن.
ديهه جي هڪ حصي ۾ فيڪٽريون به آهن. لياري نئين جي
ڪپ ۽ شهر کي ويجهو هئڻ ڪري هتي ڪچيون آباديون
گهڻيون آهن جن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. هتي
پٺاڻن، افغانين ۽ بنگالين جو وڏو انگ رهي ٿو. ديهه
ٻٽي آمري تپي سونگل تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هن وقت
يونين ڪائونسل ڳجهڙي گڏاپ ٽائون ۾ آهي.
(46) ديهه ٿومينگ/ ٿمينگ:
هي
ديهه تپي سونگل ڪراچي تعلقي ۾ آهي ۽ هاڻوڪي
بلدياتي نظام تحت يونين ڪائونسل ڳجهڙي گڏاپ ٽائون
۾ آهي. اڳ ۾ هي ضلعي ملير جو حصو هو. سپر هاءِ وي
تي ٺهندڙ نئين سبزي منڊي به انهيءَ ديهه ۾ آهي.
سپر هاءِ وي کان گلشن معمار تائين هن جون حدون لڳن
ٿيون. معمار ۾ جان محمد بروهي ڳوٺ انهيءَ ديهه ۾
آهي. هي ديهه به سپر هاءِ وي جي ڪناري هئڻ ڪري
مختلف هائوسنگ اسڪيمن، لينڊ مافيا ۽ ڪچي آبادين جي
وڪڙ ۾ آهي. نئين سبزي منڊي ڪري هتي مزدورن جون اڻ
ڳڻيون ڪچيون آباديون ٺهي رهيون آهن. سبزي منڊي جي
سامهون وارو علائقو جتي هائوسنگ اسڪيمون ٺهي رهيون
آهن هن ديهه ۾ آهن.
هن
ديهه تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ هر جهوني لاءِ ڏکيو
سوال هو. منهنجي خيال ۾ ٿُمينگ آهي جيڪو بعد ۾
بگڙجي ٿومينگ ٿيو آهي ”ٿُم“ ”ٿمينگ“ هن جاءِ کي
چئبو آهي جتي گهاٽا وڻ يا وڻن جو جهڳٽو هجي. ڳجهي
يا لڪڻ جي جاءِ هجي. مرن جي لڪڻ جي جاءِ، چورن جي
ٿاڪ، گهوڙن ٻڌڻ واري جاءِ کي ”ٿم“ چئبو آهي. اجهي
۽ پناهه واري جاءِ کي به ٿم چيو ويندو آهي. هي به
هڪ اهڙو ماڳ هو. جنهن کي ”ٿُمينگ“، معنيٰ اها جاءِ
جتي مال، ماڻهو يا چوري جي سامان کي ”ٿمي“ سگهجي.
(47) ديهه شاهي ڇٻ:
ڇٻ
پاڻي جي ڇَرَ يا پاڻي وارو ميدان يا کڏ يا ڪچي کي
چيو ويندو آهي. هتي به هڪ وڏو شاهي پاڻي وارو
ميدان هوندو هو. جنهن جي ڪري هن علائقي کي شاهي ڇٻ
چيو ويو. هي علائقو شورينگ ۽ جنهي واري جابلو
سلسلي سان لڳ آهي انهن سلسلن ۾ پاڻي جا تلاءَ ۽
کڏون آهن. جيڪي برسات کانپوءِ واڻي سان ڀرجيو وڃن.
ديهه شاهي ڇٻ تپي گڏاپ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هي زرعي
علائقو آهي. کوهن وسيلي پاڻي حاصل ڪري زراعت ڪئي
ويندي آهي. گڏاپ کان کٻڙلڪ، کار ۽ حب ڊيم ڏانهن
رستا انهيءَ ديهه مان گذري وڃن ٿا. هن مان ”ڇٻ
وارو ڍورو“ هاڪو بروهي ۽ ڪلو بروهي ڳوٺڻ وٽان وهي
لياري نئين ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
(48) ديهه شورينگ/ سورينگ:
حب
ڊيم وارو علائقو انهيءَ ديهه ۾ آهي. گهاري ۽ ٿاڻي
بولا خان کان پنج پراڻا رستا نڪرن ٿا. جيڪي لس ۽
مڪران ڏانهن وڃن ٿا. انهن مان هڪ رستو گهاري،
ڀنڀور، ملير ۽ آسو ڳوٺ کانپوءِ ديهه صفوران کان
ڳجهڙي ۽ لياري کي پار ڪري منگهو پير کان ٿيندو بند
مراد خان وٽان حب اُڪري، حسن پير جيڪو ڊاسول واري
ڊهه ۾ آهي. پٻوڻي جبل تائين وڃي ٿو. گهڻن محققن جو
خيال آهي سسئي انهيءَ واٽ تان وندر ويئي هئي. هڪ
ٻيو رستو گهاري، ڀنڀور، گهگهر، درساڻي ڇني،
کَرکُري، لنگهيجي، نارا ٿر بٺي وٽان جتي موکيءَ جو
ميخانو هو، گڏاپ کانپوءِ مهيو وارو جبل اُڪري
لوهارڪي لنگهه وٽان حب پار ڪري هڪ رستو حسڻ پير
ڏانهن ۽ ٻيو رستو شاهه نوراني ڏانهن وڃي ٿو. حسن
پير جي ميلي تي پنڌ وڃڻ وارا اهو رستو استعمال
ڪندا آهن. گڏاپ کان هڪ رستو کار نئين وٽان بربلاڻي
لڪ پار ڪري مري جبل وٽان امام بخش ڳوٺ لڳ شورينگ
لڪ کانپوءِ جتان هاڻي حب ڊيم ٻڌل آهي. هتان کان
لوهارڪي لنگهه واري گس سان ملندو آهي. هڪ ٻيو رستو
جنهن لاءِ به چيو وڃي ٿو ته سسئي انهيءَ گس تان
وندر ويئي هئي اهو ڀنڀور، وٽيجي، لانڍي، ڪونڪر
کانپوءِ نارا ٿر لڳ ٻين گسن، مومتاڻي واٽ، سيوهاڻي
وٽ سان ملي پوءِ اڳتي هڪ رستو شورينگ ڏانهن ٻيو
مهيو ۽ لوهارڪو لنگهه کان حب ڏانهن وڃي ٿو. هڪ
رستو سيوهاڻي واٽ آهي. جيڪو سيوهڻ کان نئينگ شريف
ٿاڻو بولا خان کان گڏاپ وٽ نارا ٿر جاءِ تي انهن
گسن سان ملندو آهي جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان.
هڪ
ٻيو رستو جنهن کي مومتاڻي واٽ چيو وڃي ٿو اهو به
ٿاڻي بولا خان کانپوءِ اٺ پلاڻ، ڪاٺوڙ، لنگهيجي
کان ٿيندو گڏاپ ايندو آهي. هن کانسواءِ ٻيا به
ننڍا وڏا پيچرا گڏاپ وٽ اچي حب ۽ لس ۽ مڪران ڏانهن
ويندا هئا. نارا ٿر ۽ گڏاپ وٽان ٻه ڳجهڙي منگهي
پير تائين به ايندا هئا. انهن گسن جي ذڪر ڪرڻ جو
مقصد هي هو ته ديهه شورينگ ديهه شاهي ڇٻ انهن گسن
تي آهن. امام بخش ٻري ڳوٺ لڳ مري جبل کان ٿورو
اڳتي جبل جي ڪڇ کي نانگڻ چکري چيو وڃي ٿو. جتي هڪ
ٽوڀي ۾ پاڻي موجود آهي. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هن
چکري ۾ نانگ گهڻا هوندا هئا تنهن ڪري هن کي نانگڻ
چکري چيو وڃي ٿو.
ديهه شورينگ يا سورينگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي
ماڻهو جو نالو آهي جنهن جي اولاد مان نظر محمد
انگريزن جي دور ۾ چکري ديهه ڊهه ۾ رهندو هو ۽ 90
ورهيه جي عمر ۾ گذاري ويو. سگهڙ ٿوهر گڊي جي هيٺين
بيت ۾ ”سورينگ“ جو ذڪر آهي.
اهي راءِ رهاڻيون، اهي ٿا مير مارڪا ڪن،
”سورينگ“ پٽهين پيءَ ٿئي، برڪت وليئڙن.
سورينگهه هڪ گاهه جي قسم کي چئبو آهي. جيڪو برساتن
۾ جابلو ۽ وارياسي پٽن ۾ ڦٽندو آهي. هن ديهه کي
سورينگ ۽ شورينگ به چوندا آهن. مري ۽ مڱٿر جي
عشقيه ڪهاڻي جي هڪ ڪردار مري نالي جبل به انهيءَ
ديهه ۾ آهي. کار نئين ديهه کار، ديهه لسر ۽ شورينگ
ديهن کي ڌار ڪري ٿي. هي ديهه تپي تعلقي ڪراچي ۾
آهي ۽ شروع کان يونين ڪائونسل گڏاپ ۾ آهي.
(49) ديهه کار:
کار سميت اڳوڻي يونين ڪائونسل موئيداڻ جون 12
ديهون هيون جنهن کي هاڻوڪي بلدياتي نظام ۾ گڏاپ
يونين ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويون آهي. انهن ديهن جو
ڪجهه ذڪر مضمون ”گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اباڻا“ ۾
ڪيل آهي، تنهن ڪري هتي مختصر ذڪر ڪندس. ديهه
شورينگ کانپوءِ ڪنڊ ڏانهن ويندي نئين کار کانپوءِ
ديهه کار جو علائقو شروع ٿئي ٿو. وائيلڊ لائيف کار
سينٽر ۽ مڱٿر جبل به هن ديهه ۾ آهي. مهير جبل
تائين هڪ جابلو سلسلو انهيءَ علائقي کي ٻن حصن ۾
ورهائي ٿو. کار جي هڪ پاسي اهو جابلو سلسلو ۽ ٻئي
پاسي حب ندي آهي. ڳوٺ معين بڪڪ کان اڳ عثمان شاهه
جي درگاهه آهي. ڳوٺ وٽان کار ڍورو پاسي واري جبل
مان وهي حب ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن ۾ برساتن کانپوءِ
گهڻي وقت تائين سن جو پاڻي وهندو آهي پر اهو ٻاڙو
(کارو) هوندو آهي، انهيءَ جي ڪري هن ديهه جو نالو
کار رکيو ويو آهي. هتي جر جو پاڻي به گهڻو ڪري
لوڻياٺو آهي. ڪجهه علائقن ۾ حب مان پاڻي حاصل ڪري
زراعت به ڪئي ويندي آهي. معين بڪڪ، روح خاصخيلي ۽
جان محمد ورسيو ڳوٺ هن ديهه ۾ آهن. ديهه مان ٻيا
به ننڍا وڏا ڍورا نڪرن ٿا.
(50) ديهه موئيداڻ:
موئيداڻ ماڻهو جو نالو آهي. بڪڪن جو چوڻ آهي ته
ذات جو بڪڪ هو. پر چاچو الله بخش بنديچو چوي ٿو ته
موئيداڻ ذات جو بنديچو هو ۽ هن جو ڏاڏو هو.
موئيداڻ ۽ هنيداڻ ڪنهن دور ۾ هتي قائم بڪڪن جي
رياست ۾ هئا ۽ موئيداڻ به انهن مان هو.
نالي يا علائقي پويان دان يا داڻ جو سلسلو مون کي
ايران کان وٺي ڪراچي تائين نظر آيو. ايران ۾ هڪ
علائقو جيڪو چابهار ضلعي ۾ آهي ”زين دان“ جنهن جي
معنيٰ ان واري جاءِ. دان بلوچي ۾ جاءِ کي چيو وڃي
ٿو. چابهار ضلعي جو هڪ ٻيو علائقو ”ريم دان“ گاهه
واري جاءِ. ريم بلوچي ۾ گاهه کي چيو وڃي ٿو. ”ڪل
دان“ ڪکن واري جاءِ. ڪل بلوچي ۾ ڪکن واري جاءِ کي
چيو ويندو آهي. ڪل دان پاڪستاني بلوچستان ۾ گوادر
کان اڳتي دشت نئين جي ڪنڌي تي آهي. ”گوڪ دان“ ڳئون
واري جاءِ. ”گوڪ“ بلوچي ۾ ڳئون کي چيو ويندو آهي.
گوڪدان تربت ڪيچ ۾ يونين ڪائونسل آهي. هنيداڻ ۽
موئيداڻ به انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون ته نه آهن.
هنيداڻ ضلعي لس ٻيلي بلوچستان ۾ آهي. موئيداڻ
ڪراچي سنڌ ۾ آهي. هنيداڻ ۽ موئيداڻ سنڌ جي بارڊر
تي هجڻ ڪري انهن ۾ ”ن“ جي جاءِ تي ”ڻ“ استعمال
ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو مڪران کي
”مڪراڻ“ چون ٿا. تحقيق ڪندڙ ان پاسي به ڌيان ڏين.
موئيداڻ ۾ موئيداڻ ڍوري کانسواءِ فيض محمد بڪڪ ڳوٺ
وٽان وهي ايندڙ ڍورو جيڪو الله بخش ڳوٺ وٽان وهي
شير محمد بنديچي لڳ حب ۾ ڇوڙ ڪري ٿو هن جو نالو
ڪلڪئين وارو ڍورو آهي. حاجي دودي بڪڪ جو ڳوٺ جيڪو
مهير جي ڪڇ تي آهي. هتان ونگن وارو ڍورو ۽ گينگلي
وارو ڍورو نڪرن ٿا. انهن کانسواءِ ٿونڪري وارو
ڍورو، سان ڍورو به ديهه موئيداڻ ۾ آهن. اهي سڀ حب
۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ديهه جي هڪ پاسي مهير جبل جون اوچيون
۽ سانتڪيون چوٽيون ۽ ٻئي پاسي حب ندي آهي.
(51) ديهه شوڙ ڪنڊ:
ڪنڊ معنيٰ ننڍن ڪنڊيءَ جي وڻن جو گهاٽو جهنگ.
ڪانڊيري جي ٻوٽن جو جهڳٽو ۽ ڪنڊيءَ جو ننڍو وڻ،
جهنگل. ”ڊ“ تي زبر سان (ڪنڊ) معنيٰ ٻن پاسن جي
ميلاپ وارو هنڌ يا پاسو آهي. بلوچي ۾ ڪنڊ جابلو لڪ
کي چئبو آهي. جيڪو ڪوهستان ۾ به استعمال ٿئي ٿو.
هن ديهه ۾ شوڙ استعمال ٿيل آهي. شوڙ چيڪي مٽي کي
چئبو آهي. جنهن جو رنگ ميٽ جهڙو هوندو آهي. بارش
پوڻ سان اها گپ يا ڌٻڻ ٿئي ٿي. هي علائقو گهڻي
ڀاڱي ائين آهي. ان کانسواءِ هڪ ٻئي سان ملندڙ ديهن
جهنگ ڪنڊ، ڪنڊ ۽ واڻ ڪنڊ جابلو لڪن ڪري انهن تي
اهي نالا رکيا ويا آهن سان ڍوري کانپوءِ هن ديهه
جون حدون شروع ٿين ٿيون. مهير کان حب نئين تائين
هن ديهه ۾ اڻ ڳڻيون چوٽيون آهن. هي پورو جابلو
علائقو آهي. ڪٿي ڪٿي کيٽ ٺاهي بارش جو پاڻي گڏ ڪري
باراڻي طريقي سان پوک ڪئي وڃي ٿي. هتي حب نئين جو
ڏيک انتهائي خوبصورت آهي. جابلو چوٽين ور وڪڙ ڪندڙ
انهن چوٽين وچان وهندڙ برساتي ڍورن جو هي علائقو
دل کي وڻندڙ لڳي ٿو.
(52) ديهه جهنگ ڪنڊ:
ڪنڊ ڏانهن ويندي بکر خاصخيلي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ
ڍوري کانپوءِ ڪنڊ نئين تائين هن جون حدون آهن. هن
جون حدون ٻه مهير جبل کان حب نئين تائين وڃن ٿيون.
هي به جابلو علائقو آهي پر ڪنڊ نئين جي ڪناري
زراعت ڪئي ويندي آهي. هي علائقو ڄڻ ٻيو ملير هجي.
هتي کوهن وسيلي پاڻي حاصل ڪري زراعت ڪئي ويندي
آهي. هتي هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو ٿئي ٿو. بصر ۽
ڦٽين جو فصل هتي تمام ڀلو ٿئي ٿو. گڏاپ کان پٺاڻ
ڳوٺ، تراڙي ۽ واڻ ڪنڊ کان ايندڙ رستو ۽ حب ڊيم،
کار ۽ موئيداڻ کان ايندڙ رستو هتي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽
وچ ۾ مهير ٻنهي کي ملڻ جي وچ ۾ چين جي ديوار وانگر
آهي. هتان هڪ رستو ڌريجي ڏانهن وڃي ٿو.
(53) ديهه ڪنڊ:
ڪنڊ نئين جي پراڙ مول جابلو سلسلي تائين ۽ ٻئي
پاسي نمن واري ڍوري تائين جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي
آخري دنگ تي آهي هن ديهه جو علائقو آهي. مگيم وارو
ڪس به انهيءَ ديهه ۾ آخري دنگ تي آهي. هي ديهه مول
واري گري جي ڪڇ ۾ آهي. مول جون اوچيون چوٽيون جتي
هن چوٽي کي ”من“ چون، ڪنهن شاهي ڪوٽ وانگر بيٺو
آهي. هن نمن واري ڍوري، مگيم واري ڪس، ٻوهه ڍوري
کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڍورا وهي اچي ڪنڊ نئين جو
حصو ٿين ٿا.
(54) واڻ ڪنڊ:
ڪنڊ کان نڪرندي گڏاپ ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪ
قبرستان محمد سلطان قبرستان اچي ٿو. هن کانپوءِ هن
ديهه جون حدون شروع ٿين ٿيون. مول جابلو سلسلي ۽
مهير جي وچ ۾ هي ديهه مونکي انتهائي مسڪين لڳي هتي
پاڻي جو ڪو نشان ڪونهي سواءِ بارشن جي ڏينهن ۾
جڏهن ڪنڊ ۾ ڪجهه وقت لاءِ کڏن، کوٻن ۾ پاڻ بيهندو
آهي. هن ديهه ۾ مول وڃڻ لاءِ هڪ پراڻو گس ڪنڊ نئين
کانپوءِ خير محمد ڪانڙي ڳوٺ وٽان مول جبل ۾
”ڪُپولڪ“ پار ڪري مول ڏانهن وڃي ٿو.
واڻ ننڍي ڳوٺ يا وسندي کي چيو ويندو آهي. واڻ، پيش
(فيش) مان وٽيل نوڙي، ورت، تند، مُڃ جي نوڙي کي
چئبو آهي ۽ کٽ جو واڻ به آهي. انهن سڀني ديهن ۾
پيش جي ٻوٽي جام ٿئي ٿي. هي قدرتي طور جابلو
علائقي ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هن جي ڦڙهن کي سڄي رات پاڻي
۾ رکيو ويندو آهي. نرم ٿيڻ کانپوءِ انهن کي ڪٽي
سٽي ان مان ڇتر، تڏا، ٻهارا، رسا، واڻ، ورت جوڙيا
ويندا آهن. ڪنهن زماني ۾ هن علائقي ۾ اهو ڪم گهڻو
هئڻ ڪري هن پٽ کي ”واڻ ڪنڊ“ چيو ويو هجي. پر هتي
واڻ ننڍي وسندي يا ڳوٺ واري ڳالهه هن ديهه لاءِ
وڌيڪ وزنائتي آهي. ڪنڊ نئين هن ديهه کي ٻن حصن ۾
ورهائي ٿي. هن ديهه ۾ گهڻو ڪري ڪانڙن جا ڳوٺ آهن.
ڪانڙا برفت قبيلي جي هڪ شاخ آهي. مهير تي چڙهڻ
لاءِ ڀائتي لڪ به انهيءَ ديهه ۾ آهي. هن ديهه ۾
ڪنڊ ۽ ڌريجي ڏانهن ويندي ڪجهه وقت لاءِ ساهي پٽڻ
لاءِ عبدالله ڪانڙو ڳوٺ جو اسٽاپ موجود آهي. جتي
بيسڪ هيلٿ يونٽ به آهي.
(55) ديهه تراڙي:
هي
مڪمل جابلو علائقو آهي. گڏاپ کان ايندڙ رستو هن
ديهه ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو هڪ رستو انهيءَ ديهه
مان گذري درگاهه شاهه کان ٿيندو مول وڃي ٿو. ٻيو
رستو مهير ۽ ڪنڊ ڏانهن وڃي ٿو. تراڙي ۽ ڪانيگ ڍورا
هن ديهه مان وهي ڪنڊ نئين ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ڳوٺ مينهن
وسايو ڪانڙو (ليمون ڪانڙو) لڳ ڪانيگ تي بند ٻڌي
پاڻي جمع ڪيو ويو آهي. جنهن سان هڪ خوبصورت ڍنڍ
ٺهي پئي آهي. جنهن جو پاڻي ڳوٺاڻا مال لاءِ
استعمال ڪن ٿا. ڍنڍ جو نيرو پاڻي وڏي علائقي تي
پکڙيل آهي.
ديهه تراڙي ۾ خوبصورت ڪانيگ ڍنڍ
سخت تراکڙي پٿر واري علائقي ڪري هن تي تراڙي نالو
پيو. تراڙ، سخت تراکڙي پٿر واري علائقي کي چئبو
آهي. هن ديهه ۾ سڀ ڳوٺ ڪانڙن جا آهن. مهير جي ڏاٺ
ٻاٻري واري علائقي تائين وڃڻ لاءِ هڪ رستو انهيءَ
ديهه مان ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ وٽان گذري ويندو آهي. جتي
ڪنڊ نئين جي ڪناري هڪ تيرٿ آستان به آهي.
(56) ديهه مهير:
مهير تي اهو نالو ڪيئن پيو ۽ مهير بابت تفصيل ڪتاب
جي مضمون ”گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اباڻا“ ۾ ڏنل آهي.
مهير جابلو سلسلي ۾ مختلف چوٽيون آهن جن تي الڳ
الڳ نالا آهن. جن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا. حاجي دودو
بڪڪ ڳوٺ ويجهو گينگلو ڍوري جي لڳ چوٽي تي هڪ قبر
موجود آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي ڪنهن
اصحابيءَ جي آهي جنهن جي ڪري هن ٽڪري کي اصحابيءَ
وارو جبل چيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ ڪيري، مڱٿر،
لسر، ڏاٺ، ٻاٻري، کٽولو، ڊامبڙو، ڇورو، ٽوڙو، من ۽
ٻيا جبل به مهير واري سلسلي ۾ آهن.
(57) ديهه جهونجهار:
جهونجهار ماڻهو جو نالو آهي. ٻري قبيلي جو چوٿون
پڳدار جهونجهار خان هو. جنهن هن علائقي ۾ اچي
پنهنجو ڳوٺ ٻڌو جنهن ڳوٺ جو هاڻي نالو پٺاڻ خان
ڳوٺ آهي. جيڪو جهونجهار جو پوٽو هو. جهونجهار سنڌي
۾ جوڌي ۽ پهلوان کي چيو وڃي ٿو. کار نئين انهيءَ
ديهه مان نڪري جهونجهار، ڀاڏ ۽ لسر کي ڌار ڪري
اڳتي ديهه کار ۽ شورينگ جي دنگن مان گذري حب ۾ ڇوڙ
ڪري ٿي. ديهه مان نڪري جهونجهار ۾ ابوڙي وارو جبل،
عيسب وارو جبل، اوڀائي وارو جبل ۽ موسيٰ وارو جبل
مشهور آهن، اهي سڀ ماڻهن جا نالا آهن. انهن جبلن
تي انهن مالوند ماڻهن جي رهڻ ڪري اهي انهن سان
منسوب ٿيل آهن.
(58) ديهه ڀاڏ:
هن
ديهه جون حدون هڪ پاسي کار نئين تائين ۽ ٻئي پاسي
ضلعي ڄامشوري جي گنداڪو جبل تائين آهن. هن ديهه ۾
مجاري وارو جبل به آهي. جڏهن انگريزن هن علائقي جو
سروي ڪيو. ان ڏينهن کان هن جبل جو نالو منجاري
وارو جبل مشهور ٿيو. هن ۾ فقط ٻه ڳوٺ بچل ٻرو ۽
نوندو ٻرو آهن. ڀاڊ وڏي ۽ ويڪري کڏ، ڦٽل يا ڊٺل
کوهه جي کڏ، يا اونهي کڏ کي چئبو آهي. هن ديهه ۾
ٻه ٻاڙي (کاري) پاڻيءَ جا کوهه موجود هئا. جيڪي
هاڻي ڊهي خراب ٿي چڪا آهن ۽ ڀاڏون ٿي چڪيون آهن
انهيءَ ڦٽل کوهن جي ڪري هن علائقي کي ڀاڏ چيو وڃي
ٿو.
(59) ديهه لسر:
هن
جون حدون هڪ پاسي ديهه کار، ديهه سوندي، ديهه
جهونجهار، ديهه ڀاڊ، ديهه ڪرمتياڻي ۽ ديهه شورينگ
سان ملن ٿيون. کار نئين انهن ديهن جي دنگن کي ڌار
ڪري ٿي. لسر جبل جي ڪري هن علائقي جو نالو لسر
رکيو ويو. لسر جي چوٽي لسو ۽ تراڙ آهي. جتي ڪو به
گاهه، ٻوٽو نه ڦٽندو آهي جنهن جي ڪري هن جبل کي
لسر چيو وڃي ٿو. لسر ۽ مڱٿر جبل گڏ آهن. هن ديهه ۾
ٽي ڳوٺ، سناسي ٻرو، خميسو خاصخيلي ۽ متارو ٻرو
آهي. ڳوٺ سناسي کان هڪ جابلو پيچرو کار ڏانهن وڃي
ٿو. جتي پاڻي جو ٽوڀو به آهي. ڳوٺ سناسي کانپوءِ
گڏاپ ڏانهن ڪنوارڪي بٺي تائين واري علائقي کي ”شم“
چون ٿا. ديهه لسر ۾ منگهي وارو جبل به مشهور آهي.
هن جبل تي برساتن کانپوءِ منگها جام ٿين ٿا جنهن
جي ڪري هن جبل کي مُنگهي وارو جبل چيو وڃي ٿو.
(60) ديهه سوندي:
ديهه سوندي مهير واري جابلو سلسلي ۾ آهي. جنهن جي
پار کار ديهه آهي. ديهه جي هڪ پاسي کار نئين آهي.
هتان جي هڪ روايت مشهور آهي ته سوندي سگهڙ مائي ۽
دائي هئي. اها عورت پئسن تي ڪک ڪاني ۽ ٻيو پسارکو
وکر وڪڻندي هئي. انهيءَ ”سُونگ وٺڻ“ ڪري هن مائي
کي سوندي چوندا هئا. سوند معنيٰ سوکڙيون ۽ سوندي
معنيٰ سوکڙين ڏيڻ واري عورت به آهي. هي جابلو
علائقو آهي. ماڻهن جو گذر مال ڌارڻ ئي آهي پر هاڻي
پولٽري فارمنگ به ڪئي وڃي ٿي. ڳوٺ نور محمد ٻرو،
ڀائي خان ٻرو، بابو ٻرو ۽ پوپٽ بڪڪ هن ديهه ۾ آهن.
ديهه ۾ هڪ جبل جو نالو ٽوڀي وارو جبل مشهور آهي.
جيڪو مڱٿر جبل جو حصو آهي. هتي پاڻي جو ٽوڀو آهي
جنهن جي ڪري هن جبل کي ٽوڀي وارو جبل چيو وڃي ٿو.
هڪ ٻي روايت اها آهي ته هتي هڪ هندو ٽوڀو مل جڏهن
واپار سانگي مال جو پشم ڏاس ۽ ٻيون شيون وٺڻ ايندو
هو. هن جو ديرو انهيءَ جبل تي هوندو هو، ان ڪري
جبل تي ٽوڀي وارو جبل چيو وڃي ٿو.
اڳوڻي يونين ڪائونسل موئيداڻ جي انهن ٻارنهن ديهن
جو احوال پورو ٿئي ٿو، جيڪي هاڻي يونين ڪائونسل
گڏاپ ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهن. پهرئين هي ضلعي ملير جو
علائقو هو. انهن مان ديهه کار، موئيداڻ، شوڙ ڪنڊ،
ڪنڊ، جهنگ ڪنڊ، تپي موئيداڻ ڪراچي تعلقي ۾ آهن.
ديهه مهير، واڻ ڪنڊ، تراڙي، لسر سوندي، ڀاڏ ۽
جهونجهار، تپي واڻ ڪنڊ تعلقي ڪراچي ۾ آهن. هي پورو
علائقو کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ آهي.
(61) ديهه ڪرمتياڻي لٺ:
ڪرمتي (ڪلمتي) قبيلي جي ماڻهن هتي رهڻ ڪري هن
ديهه جو نالو ڪرمتياڻي پيو. هن پوري علائقي ۾ واري
(لٺ) اڏامندي رهندي آهي. جنهن جي ڪري هن کي لٺ به
چئبو آهي. هتي ڪلمتي قبيلي جو پراڻو قبرستان به
موجود آهن. جن مان گهڻيون گهاڙي قبرون آهن. ملير
واري علائقي ۾ جيڪي ڪلمتي رهن ٿا. انهن مان گهڻا
”لٺيگ“ آهن. انهيءَ لٺ واري نئين جي ڪنڌي تي رهڻ
ڪري انهن کي ”لٺيگ“ معنيٰ لٺ وارا چيو ويندو آهي.
هاڻي هتي ڪلمتي جو ڪوبه ڳوٺ ڪونهي. فقط حاجي جوکئي
ڳوٺ جا ڪجهه گهر هن ديهه ۾ اچن ٿا. هي علائقو
پراڻن زمانن کان مال جي چراهه گاهه طور استعمال
ٿيندو اچي. لٺ ڪرمتياڻي نئين انهيءَ ديهه مان گذري
اڳتي وڃي ٿو. ديهه گڏاپ ۽ ديهه ڪرمتياڻيءَ کي الڳ
ڪندڙ ميندياري نئين اڳتي هلي ڪرمتياڻي نئين سان
ملي ٿي. هن ديهه جون حدون هڪ پاسي ضلعي ڄامشوري
سان ٻئي پاسي ديهه گڏاپ، ديهه ڀاڊ ۽ حدر واهه سان
ملن ٿيون.
(62) ديهه گڏاپ:
گڏاپ پراڻو علائقو آهي. ڌريجي، لس، مڪران، حب
کانسواءِ بلوچستان کان ايندڙ مختلف رستن ۽ ٿاڻو
بولا خان ۽ مول کان ايندڙ رستن جو مرڪز آهي. هتان
پوءِ مختلف پراڻا گس دڙٻي (ڪراچي)، منگهي پير،
ڳجهڙي، ملير، ابراهيم حيدري، ريڙهي، لانڍي، گهاري،
ٺٽي ۽ سيوهڻ ڏانهن ويندا آهن، پراڻن گذر گاهن ڪري
هي ڪوهستان جو اهم تاريخي حيثيت وارو علائقو رهندو
اچي. گڏاپ تپو 1900ع کان موجود آهي. ورهاڱي
کانپوءِ هن کي ٺٽي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 1963ع ۾
ٻيهر ڪراچي ۾ شامل ڪيو. هن کي شروع کان يونين
ڪائونسل جو درجو حاصل آهي. گڏاپ ٽائون تي نالو به
هن علائقي جي ڪري ڏنو ويو آهي. انگريزن جڏهن سنڌ
تي قبضو ڪيو ۽ ٿاڻن جو رواج وڌو ته انهن شروعاتي
ٿاڻن مان هڪ گڏاپ ٿاڻو به آهي. بغدادي، ملير،
گڏاپ، منگهو پير ۽ اولڊ ٿاڻو ڪراچي جا پراڻا ٿاڻا
آهن. هي زرعي علائقو آهي. کوهه کوٽي زراعت لاءِ
پاڻي حاصل ڪيو وڃي ٿو. ڀٽائي سرڪار هنگلاج وڃڻ
لاءِ گڏاپ وارو رستو استعمال ڪيو هو. هتي ڀٽائي جو
تڪيو به موجود آهي. جتي هاڻي هڪ قبر جو واڌارو ڪيو
ويو آهي.
جهنگلي رڍ جي هڪ قسم کي بلوچي ۾ ”گڊ“ چيو وڃي ٿو.
جيڪو ڪوهستان ۾ خاص ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ کار
سينٽر واري علائقي ۾ گهڻو آهي. هتي انهن جي پيئڻ
جي پاڻي جي جاءِ هوندي هئي. جنهن جي ڪري هن جوءِ
کي گڊ+آب بلوچي ۽ فارسي ۾ پاڻيءَ کي چيو وڃي ٿو.
گڊ ڇٻر پاڻي جي پيدا ٿيندڙ هڪ چاري، گاهه جي قسم
کي به چئبو آهي.
(63) ديهه حدر واهه:
ديهه حدر واهه تپي گڏاپ تعلقي ڪراچي، يونين
ڪائونسل گڏاپ ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهي. ٿڌي نئين مان
زمين کي آباد ڪرڻ حدر نالي همراهه جيڪو جوکين جي
ايسپاڻي پاڙي مان هو. واهه کوٽيو ۽ جنهن جي ڪري هي
علائقو ”حدر واهه“ معنيٰ حدر وارو واهه“ ڪري مشهور
ٿيو. هي زرعي علائقو آهي ٿڌي نئين تي ڊيم انهيءَ
ديهه ۾ ٻڌل آهي.
ڄامشوري ضلعي جي مول واري علائقي کان وهي ايندڙ
”ٿڌو نئين“ گنداڪي کانپوءِ ”ديهه حدر واهه“ جي حدن
مان ڪراچي ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿي. انهيءَ ديهه مان
ڊيم کانپوءِ ٿڌي نئين مان هڪ ڇاڙ (شاخ) ڪونڪر نالي
سان الڳ ٿي. دُنبا ڳوٺ کان اڳ ۾ ٻيهر نئين سان ملي
ٿڌي جو حصو بڻجي ٿو وڃي.
(64) ديهه ٻولهاڙي:
ٻولهاڙي ڍورو جي ڪري ان ديهه جو نالو ٻولهاڙي رکيو
ويو. ٻولهاڙي ڍوري جڏهن ٿڌي نئين ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ته
هن کي ”ٻاڙو ڍورو“ چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته وهڻ
کانپوءِ جڏهن، هن ۾ سن جو پاڻي وهندو آهي ۽ کڏن
کوٻن ۾ بيٺل پاڻي ٻاڙو (کارو) هوندو آهي.
ٻاڙو پئي نه ٻيڙي، مٺو منهن لڳوس (شاهه)
هن
جون حدون هڪ پاسي کان ضلعي ڄامشوري سان ملن ٿيو.
هي به جابلو علائقو آهي. هتي جبلن جي ڪڇ ۾ کيٽ
ٺاهي باراڻي طريقي سان آبادي ڪئي وڃي ٿي. هي ديهه
تپي گڏاپ ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي.
(66) ديهه ڪاٺوڙ:
ڪاٺوڙ پهرئين يونين ڪائونسل درساڻي ڇني ۾ هو،
هاڻوڪي بلدياتي نظام ۾ هن کي گڏاپ يونين ڪائونسل ۾
شامل ڪيو ويو آهي. لنگهيجي ڍوري کان وٺي ملير نئين
تائين ٻنهي پاسي سپر هاءِ وي تائين هن ديهه جون
حدون آهن. ملير ندي انهيءَ ديهه ۾ ڄامشورو ضلعي
کانپوءِ ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي. هتان هڪ
پراڻو رستو ٿاڻو بولا خان ڏانهن ۽ ٻيو رستو گهاري
ڏانهن وڃي ٿو. جنهن کي مومتاڻي واٽ چيو ويندو آهي.
ملير کانسواءِ جرندو ندي به انهيءَ ديهه مان گذري
ملير ندي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هي به جابلو علائقو آهي.
ملير ۽ جرندو نئين جرندو نئين جي ڪري هتي کوهن
وسيلي زراعت ڪئي ويندي آهي. هي زرعي علائقو آهي.
هن خوبصورت علائقي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي.
هتي ٽي هزار ايڪڙ زمين نيوي وارن کي هائوسنگ اسڪيم
لاءِ الاٽ ڪرڻ لاءِ سروي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
جيڪو ملير نئين جي ڪناري تي آهي ۽ هتي ملير مان
ٻارنهن مهينا صاف ۽ شفاف پاڻي وهي ٿو جنهن کي ۽ هن
خوبصورت علائقي کي انهيءَ هائوسنگ اسڪيم سان گدلو
ڪيو ويندو.
ڪاٺوڙ پوک واري خشڪ زمين، هني يا پاکڙي، پلاڻ جي
ڪاٺ واري فريم کي چئبو آهي. هن علائقي جو نالو پوک
واري خشڪ زمين ڪري ”ڪاٺوڙ“ پيو آهي. بعد ۾ پورو
علائقو انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. لس ٻيلي ۾ هڪ
ڳوٺ، شاهه بندر، ديري محبت خان ۽ گوني تعلقن ۾ هڪ
ديهه جو نالو به ڪاٺوڙ آهي. ڪاٺوڙ تپي درساڻي ڇني
۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي.
(67) ديهه ٻائل:
هي
ديهه اڳ ۾ يونين ڪائونسل درساڻي ڇني ۾ هو پر هاڻي
ان کي گڏاپ يونين ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ديهه تپي درساڻي ڇني ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. کديجي
نئين ملير ۾ ڇوڙ وارو هنڌ انهيءَ ديهه ۾ آهي. هي
جابلو علائقو آهي. هن ديهه جي هڪ پاسي ملير ندي،
ٻئي پاسي کديجي نئين، اتر پاسي ضلعو ڄامشورو لڳي
ٿو.
ٻائل، اسونهين، اڻ واقف، ٻائڙي ۽ اڀونئين کي چيو
ويندو آهي. هي علائقو ڏکين جابلو پهاڙن هئڻ ڪري
اڀونئين (اڻ واقف) هئڻ ڪري هن کي ”ٻائل“ چيو ويو.
جيڪو پوءِ انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو.
(68) ديهه کديجي يا کديري:
اَن لُڻي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي جاءِ کي ”کدا“چئبو آهي.
کديجي به انهيءَ لفظ مان نڪتل آهي. معنيٰ ان لڻي
معنيٰ ”کڏ واري“. هتي هڪ خوبصورت جهرڻو به آهي.
شايد هن جي اونهيءَ کڏ ڪري هن کي کڏيجي چيو ويو
هجي جيڪو بعد ۾ کڏيجي ۽ کديجي مشهور ٿيو. کديجي
نئين ڄامشورو ضلعي مان وهي اچي هن علائقي ۾
خوبصورت جهرڻو ٺاهي اڳتي ملير ۾ ”ڪاٺوڙ پل“ لڳ ڇوڙ
ڪري ٿي. هاڻي جهرڻي وارو علائقو فوجين جي حوالي
آهي ۽ هتي 5000 هزار ايڪڙ (معنيٰ پوري ديهه) ڊفينس
هائوسنگ اسڪيم کي الاٽ ڪيو ويو آهي. هي تاريخي ماڳ
آهي. کديجي جهرڻي لڳ اهي آثار هڪ ٽڪري تي ڦهليل
آهن. انگريزن جي دور ۾ ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ جو هڪ
منصوبو ”گيسي“ واري هنڌ وٽ بند ٻڌي ڪراچي کي
پهچائڻ لاءِ جبلن جي ٻنهي پاسي بورنگ ڪئي وئي هئي.
پنجن سالن کانپوءِ انجنيئرن اها رپورٽ ڏني ته هي
اسڪيم عمل جوڳي نه آهي. هي ديهه سپر هاءِ وي جي
ٻنهي پاسي هلي ٿو گهڻو حصو حيدرآباد ويندي سپر
هاءِ وي جي ساڄي هٿ تي آهي. نون اڏيل لڪي سيمينٽ
فيڪٽري به انهيءَ ديهه ۾ آهي. هي جابلو علائقو
آهي. حيدرآباد ويندي هي ڪراچي جي آخري دنگ تي آهي.
ان کانپوءِ ضلعي ڄامشوري جون حدون شروع ٿين ٿيون.
هي ديهه تپي درساڻي ڇني تعلقي ڪراچي ۽ يونين
ڪائونسل درساڻي ڇني گڏاپ ٽائون ۾ آهي.
(69) ديهه ٺوڙهه/ ٺوڙ:
ڪنهن زماني ۾ مشهور هو ته هتي پکي به اُڃ مرندا
هئا، هتي نه پاڻي ۽ نه گاهه، ڪوڙيل مٿي وانگر لسو
ٺوڙهو هئڻ ڪري هن پٽ کي ٺوڙهه چيو ويو جيڪو بعد ۾
فقط ٺوڙ رهجي ويو. ٿر ۾ ٺوڙ جاءِ يا هنڌ کي به
چئبو آهي. ٺوڙ مٽي جي دڙن کي به چئبو آهي. هڪ
ڳالهه اها به مشهور آهي ته هتي واريءَ جا دڙا هئڻ
ڪري هن کي ”ٺوڙ“ چيو ويو ۽ پوءِ هن جو نالو اهو
پيو. پر هن جو اصل نالو ”ٺوڙهه“ آهي. هن کي ”ٺوڙهه
پٽ“ معنيٰ ٽوڙهو/ لسو پٽ چئبو آهي. هاڻي هي علائقو
سڀني کان قيمتي علائقو ٿي پيو آهي. سپر هاءِ وي جي
سجاد ريسٽورينٽ کان ٻنهي پاسن کان دُنبا ڳوٺ ٿڌي
ڳوٺ جو گهڻو ڀاڱو، شيدو ذڪريا ڳوٺ ٽول پلازه ڪراچي
۽ ٽول پلازه کانپوءِ مولوين جو اجتماع گاهه
(صحراءِ مدينه) پٺاڻن جي آبادي ڪوچي ڪئمپ (جيڪي
سهراب ڳوٺ مان اٿاريا ويا هئا) اسلامڪ يونيورسٽي،
شيعن جو جديد قبرستان ”باغ حسين“، فوجي فائرنگ
رينج، عورتن وارو مدرسو، بقائي ڪيڊٽ ڪاليج سڀ
انهيءَ ديهه ۾ آهن. هي ديهه تپي ڪونڪر تعلقي ڪراچي
يونين ڪائونسل درساڻي ڇني گڏاپ ٽائون ۾ آهي.
هاڻوڪي بلدياتي نظام کان اڳ هي اڳوڻي يونين
ڪائونسل ڪونڪر ۾ هو جنهن کي هاڻي ختم ڪيو ويو آهي.
(70) ديهه ٿڌو:
ٿڌي نئين جي ڪري هن ديهه جو نالو ٿڌو رکيو ويو
آهي. دُنبا ڳوٺ جو ڪجهه حصو هن ديهه ۾ اچي ٿو ملير
ڪئنٽ (ديهه مهراڻ) تائين ٿڌي نئين جي ڪناري ملير
کوکرو پار تائين هن جون حدون وڃن ٿيون. هي ڪنهن
دور ۾ زرعي علائقو هو. هي ديهه تپي ڪونڪر تعلقي
ڪراچي يونين ڪائونسل درساڻي ڇني ۾ آهي. |