باب چوٿون
مغلن جو دؤر
1.
اُنڙپور واري جنگ
عبدالڪريم ”تراب“ جو چيل نظم(1)
اڪبر بادشاهه ملتان ۾ منزل انداز ٿيو ته
ٻيا سڀ صوبا سندس سلامي تي ويا، پر ٺٽي جو حڪمران
مرزا جاني بيگ نه ويو. تنهن تي اڪبر بادشاهه،
خان خانان کي ٺٽي تي ڪاهڻ جو حڪم ڏنو. مرزا جاني
بيگ به لشڪر وٺي خان خانان سان اُنڙپور وٽ اچي
سامهون ٿيو. مرزا جاني بيگ اعلان ڪيو ته جيڪو
سورهيه دشمن جو سر ُ آڻيندو، تنهن کي انعام ملندو.
انهيءَ اعلان تي تمام سخت جنگ لڳي. ٻنهي طرفن جا
هزارين سپاهي مارجي ويا، ليڪن فتح ۽ شڪست جو ڪوبه
نتيجو ڪونه نڪتو.
ٻئي ڏينهن وري جڏهن لشڪر هڪٻئي جي سامهون
آيو، تڏهن تجربيڪار خان خانان پهريائين توفن سان
حملو ڪيو، پوءِ هاٿين جي قطار سنڌ جي لشڪر تي
چاڙهي ۽ ان جي پويان سوارن ۽ پيادن سان حملو ڪيو.
مغلن وٽ نه فقط هٿيار ۽ بارودي بي انداز هئا، پر
ساڻن لشڪر به ڳاڻيٽي کان ٻاهر هو. نتيجو اهو نڪتو،
جو سنڌ جو سمورو سپاهه مارجي ويو، تڏهن مرزا جاني
بيگ صلح جو جهنڊو ڏيکاري، خان خانان جي آڏو پيش
پيو.
خان خانان، مرزا جاني بيگ کي وٺي اڪبري
درٻار ۾ پيش ڪيو، پر اُتي مرزا جاني بيگ جي
بهادريءَ جي اهڙي تعريف ڪيائين، جو اڪبر بادشاهه
سندس خطا معاف ڪري، کيس سڄي سنڌ جو صوبو مقرر ڪيو.
ليڪن مرزا جاني بيگ اهو منظور نه ڪيو ۽ پنهنجي پٽ
مرزا عازي بيگ جي لاءِ سفارش ڪيائين. سندس اهو عرض
قبول پيو ۽ مرزا غازي بيگ سنڌ جو صوبو مقرر ٿيو.
اُنڙپور واري انهيءَ جنگ جو احوال
عبدالڪريم ”تراب“ پنهنجي نظم ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو
هن ريت آهي:
شهنشه هندستان جو عالي تبار
وڏي شان اڪبر هـُـئو تاجدار
سندس طرف کان خان خانان جـُـوان
بکر منجهه صوبو هو سو حڪمران.
ٺٽي ۾ ٻيو مختار سلطان هو
حڪمران جاني بيگ تـُـرخان هو.
اچي پهتو ملتان ۾ اعظم مغل
نه مرزا ويو تنهن وٽ سلامي مثل
حڪم خان خانان کي ٿيو جلد تر
ته مغرور مرزا سان تون جنگ ڪر.
وڏي فوج ٻيڙين ۾ ٿي ويئي تيار
تراريون تفنگ توف پڻ بيشمار
ٻئي مرد غازي مليا راهه ۾
ڏنئون چوٽ ٻيڙين تي درياهه ۾
ڦٽيا ڪي مئا، ڪي لڙهيا آب ۾
بچيل سڀ هئا قصد ۽ تاب ۾
نتيجو نه ٿيو ڪهڙو فاتح ٿيو
در گربار لشڪر سـُـڪيءَ تي چڙهيو.
وڏي جوش سان مرد مرزا دلير
ڪيو اعلان هي عام تنهن مرد شير:
”آڻي سـِـر ُ جو دشمن جو انجام آ
ته پنجاهه گبرن تنهن انعام آ“
تـِـنهيـِـن مـُـلهه ٿئي ٿو هزارين هزار
وطن دوست بيشڪ هئو جوشدار
چٽاڀيٽ چوٽون ڪندي عام جنگ
سـَـٽيندي ڪـُـٽيندي ترارو تفنگ
اچي مـُـنهن ۾ميدان اُنڙپور ويو
جتي نيٺ قسمت جو فيصل ٿيو.
ڪيائون سڄي رات ٿي انتظار
سڪيا خون لئي تن تفنگ و ترار.
وڏي صبح جو سڀ تياري بڻي
”طرفين ۾ بيقراري بڻي
جاني بيگ سنڌڙي جي سلطان سان
هئا سنڌي ۽ تـُـرخان تـُـومان سان
هزارين تفنگ اسپ هئا بيڪران
قطارون ٻڌائي کنيائين نيشان
عـَـلم تنهنجو اعليٰ هو جنسار سان
سڄو سـُـرخ جهوليو ٿي جهمڪار سان
تـَـرارين تجلا ڏنا برق جيان
ڏسڻ سان ڏڪيا بزدلن جا هـِـنيان
چڙهيو گهوٽ گهوڙي بـه دستار لال
وڏي جوش جولان جابر جلال
مغل مرد اڪبر جي سالار کي
تجربو هيو خان سردار کي
هئا آزمودي سان افسر ڪثير
وڏا فيل فوجون، بلي! بينظير
مدد ٿي ملي مرد غازي کي جام
خزانو ۽ باروت لشڪر هشام
سڄي فوج فالم مغل مرد ڪئي
ٿيا سامهون سورهيه صفن ۾ ٻئي
رکيل منهن ۾ توبون اول اڪبري
پٺيان فيل پوءِ هئا مرد لشڪري
ڪئين راجپوتي هئا افسر جوان
پٺاڻ ۽ مغل ۽ ترڪ سڀ پهلوان
عـَـلم سبز سونو بـُـلند بي نظير
وڳا ٿي بگل فوج ۾ ڪئين ڪثير
حصو فوج جو خان خانان امير
پکيڙي ڇڏيو چؤطرف راهگير
هـُـشي تي اچي اٽڪيا پهلوان
ٻنهي طرف وارن جا سورهيه جوان
جنبي جوان ويا پاڻ ۾ جوشدار
ڏسي هوند بيهوش ٿئي هوشدار
ڦوهارا ڇـُـٽا خون جا هر طرف
بـَـنيا مرد غازي ها تيرن هدف
سڄو سـُـرخ ميدان ٿيو خون سان
ڪـُـٺا ٿي ڪئين جوان هڪٻئي هٿان
ويو عرش لـَـٽجي ۽ غوغا ٿيو
ڪهين کي پتو ڪين ٿي اُت پيو
دليريءَ سان مرزا ڪئي جنگ واهه
مگر ٿي گهڻي فوج تنهن جي تباهه
وڪوڙي ويئي فوج تنهن اڪبري
ته ڪئي بيوفا بخت تنهن يا وري
گهڻا شير نر جوش جولان ڪيا
مگر سڀئي بيسود افراد ٿيا
ٿي قتلام ڪئين مرد سردار ويس
ٿيا زخمي ڪئين ڪي ڀڄي ڌار ٿيس
اچي زور زخمن ڏنو وير تي
هٽائي سگهيو ڪين تقدير کي
ڏسي واههَ ٻي نا گهريائين امانَ
ڪيائين بلند سبز مصلح نشان.
امن ٿيو، اچي پيش مرزا پيو
بلي قدر تنهن خان خانان ڪيو
ڇڏي تاب ترخان ويو پيش شاهه
سلامي ٿيو لاهي اسلح ڪلاهه
جنهين بخت خورشيد تنهن سان ڀلا
پڄن ڪيئن؟ فانوس بي حوصلا
سفارش ڪئي خان خانان مـُـنير
چي بيشڪ مرد مرزا آ بي نظير
بهادر سو عالم ۽ قابل امير
غريب نواز آهه لائق ڪبير
ٻـُـڌي شاهي شفقت آئي جوش ۾
نوازيئين تنهن سرور ڪري پوش ۾
سڄيءَ سنڌ جو مير صوبو ٿيو
و ليڪن نه مرزا هي منظور ڪيو
غازي بيگ فرزند تنهن جو صغير
سفارش سان تنهن جي ئي آيو امير
چي: ”ڪنهن تان جو قسمت جو پاڇو لهي
اُهو زير ڪيئن بخت ٻئي جي رهي
خدا جي سوا يادگيري ڪري
نه عفت جي سو انتظار ڪري.“
اُنهيءَ بعد اٺ سال هوسو حيات
تهان پوءِ ٿيو مرد اهل ِ ممات
زمانو سڄو هي آهي مثل خواب
رهي ڪونه ڪو هت هميشه ”تراب“.
-----
2. مغلن ۽ چنن جي جنگ(1)
چنا، جن جا ٻيا وڏا ڀائر: پاڙا، موڙا، بدوا، ليبا
۽ بڊام هئا، تن جي ڪاڇي ۾ حڪومت هئي. مغلن جي
لشڪر، جيڪو دهليءَ مان چڙهيو هو مٿن چڙهائي ڪئي.
ان وقت راءِ ڪنوچ جو گهراڻو حڪمران هو، جنهن مان
گاديءَ تي راءِ ارجڻ هو. جڏهن مغلن حملو ڪيو تڏهن
راءِ ارجڻ پنهنجو سپاهه گڏ ڪيو. بڊام پاڙي مان
پـُـنرو بڊاماڻي وڏو سورهيه هو، پر اهو ان وقت
ٻاهر ويل هو. ارجڻ تڏهن پـُـنري ڏانهن پنهنجا خاص
ايلچي موڪليا، پر اُهي پـُـنري کي ملي نه سگهيا ۽
موٽي آيا. مغلن ارجڻ جي قلعي تي حملو ڪيو. قلعي جي
ديوار ڀڄي پئي. ارجڻ هارايو ۽ مارجي ويو. تڏهن مغل
ٻين سان گڏ پـُـنري جي سڳي ۽ ماٽيجي ماءُ کي به
ٻانَ ڪري وٺي ويا. جڏهن مغلن جو لشڪر روانو ٿيو ته
پـُـنرو به پنهنجن پنجاهه ساٿين سان اچي پهتو.
پوءِ هن وڃي جبل جو گهـُـٽ جهليو، ۽ مغلن جي سپاهه
کي ماريائون. مغلن جي سپهه سالار جي گهوڙي کي ترار
لڳي ۽ گهوڙو ٻه اڌ ٿيو. اهڙيءَ حالت ۾ مغلن جو
لشڪر هٽيو ۽ پـُـنري پنهنجي ماءُ، ماٽيجي ماءُ ۽
ٻين کي ڇڏايو. چنن جي هن گهراڻي چوراسي ورهيه
حڪومت ڪئي هئي، پر هن حملي کان اڳ هـُـنن جو پاڻ ۾
نفاق ٿيو ۽ سندن ڪمزوريءَ سببان مغلن جي لشڪر مٿن
حملو ڪيو ۽ سندن حڪومت جي پڄاڻي ٿي.
چـَـنا، موڙا، بـَـدوا، ليبا ۽ بڊام(2)
نيو، پاراڻا پريون، حيدر ڪاڇي ڄام
ڀر ڪاڇڙي ڪنڌئين، آهن جي اَموٽ(1)
ڪـَـچو لڳي نه ڪـُـنوارئين، سندين چـَـنـَـن ڪوٽ
---
ڪونئر! ڪنڌ ورايو تون کڻين ٿو پساهه
پڻهين جو وير وٺي، ماءُ تئون گـِـلا لاهه
پلاه جهڙي پدمڻي، حاضر حـَـقـِـي جي هوءِ
ريڙهي وجهانس پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ
---
هاڻي هن گراندڙي، هڙ ناڻو نه هوءِ(2)
اٿي سؤا ٽـَـڪ ِ ڀڄنديئي توکي مهڻا ڏيندوءِ(3)
---
وڃي بيٺو (سندي لتاڙي) لوڙهي(4)
دانهئين ڏنسي دانهڙي، راءِ ڪنوچ ڳري
(ميهي ڀرسڀ) ڄيرو ڏيو، ٻيو وٺيو بند وڃي(5)
.....................، سنڌ دليءَ بادشاه
ڪيائين مصلحت من ۾، ڪوٺايائين ڀاءُ(6)
---
........................................(7)
بڊاڻي پنرو چاڙهي مـُـنج امير(1)
---
سو بڊاماڻي پـُـنري ٿو ايلچي هلائي
بڊاماڻي پـُـنرو ڪنهن پر ڳالهائي
---
............... ۾ بڊاماڻين ايلچي آيو
بڊاماڻي پنري تان نه پڇايو سو
---
پڇاڻا ڪيندين چاڪرين مون کي تيرهن روز ٿيام(2)
نيئي گڏئي سين پـَـنري، ماڻهو ڪونه مليام
---
سندو ................ سولت مڱي مال
ڏياري موڪل پـُـنرا نه ته وڙهندءِ ...........
---
..........................................
..........................................
---
پر وڙهه ته لهي مامرو، سـُـئتي سوڀ نه هوءِ
سـِـنڌان دليءَ بادشاهه، تو جو مال کٽوءِ
---
لڳيءَ ڀير سڏ ٿيو اچي ٻوڙين ٻپارين(1)
ڪنهن ڪنهن کي نه پڇيو، اچي پلاڻيو پرئين(2)
---
پڪي ماني هٿ ۾ ٿي کاڄي وچ پلاڻ
دليءَ ڌڻيءَ پلاڻيو وڃي آڳرئين سلطان
---
دليان ٿي ڌوم ٿي، اچي ڍريا مٿيِ ڍٽ
پاڻي پخالن ۾، هائين اوپر هـَـٽ
ڪاڇي ٻنهي ڪنڌئين صبح ڏيندا سـَـٽ
---
پڪو ماس پل سرؤ، چـَـنن تازا کير
ڏيو ڊيهون سانن جيئن، جيڪي موٽي هليا مير
راهن تانگهون لڌيون، اچي کروڙيا کنگهار
راڻيون سـِـڪن آن لئي، ٿيون موتي چٻين هار
ڳالهيون ڳڙهه ڳيڙهو ڪري، آئين ميرمَ وڃو ڌار
---
چان ڪ نانگ نـَـيـَـئـُـون نـِـڱيا، مون کي مينهان
وسي رات(1)
تيئن لڳم ڳيڻي ڀينر، مور ورائي ڳاٽ
---
پـِـڙ ُ سوڙهو، لوڌي گهڻان، ٿو ارجڻ لڱون ڏي
ٿو پڙَ ۾ ساري پنرو، ٿو واري منجهه وڙهي(2)
---
اڄ گهرجين هت، بڊاماڻي پنرا
مٿان ڀڳي ڀـِـت، ويرين واٽون لائيون
---
اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پنرا
مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون
---
بڊاماڻي پنرا هت گهرجن اڄ
ڪوٽ مغلن ماريو، تنهن جي مٿان ڀڳي ڀت
---
بيٺو آهيان پڙ ۾ آءٌ به تنهنجي ڏها(1)
ڪوٽ مغلن ماريو تنهنجو سانجهر ڀيڻي سڀاءَ
---
سونهن ڪوٽ ڪلهن تي تنهن ارجڻ ٻاهيڙيون
بڊاماڻيون ڪنوچ گهر منهنجون لکئي نهوڙيون
ڪاڇو ارجڻ ڄام جو، ارجڻ ڪاڇي جو ڄام
ڪرُ اُجاريـَـئيـِـن اڳين جو، ملايـَـئين پنهنجو
نام
---
جئن نه نـِـيئون پئرو منهنجو تئن نه سٺئون ماڳ
ڪورا ............. ٿا، مان چنان ڪندا چاڳ
---
.................................... پلاڻ
آءٌ ...................................
....
---
ڪنن ويڳڻ پئرو، پاٽوڙا پيراس
ايڪ ڏهٽ کو کئين، گهوڙي رومي ماءُ سندياس
---
ٻـَـئي ٿيون وڃن ٻانَ ۾، تنهنجي منهنجي ماءَ
جي مـَـان تن ڀيڙو ڪرئين، ته پسي منهنجا گهاءَ
---
پنجاهه ساڻ پـُـتري، پهرئين چوٽ ڏنائين(1)
تنهن ۾ پنج سؤ پنجن اڳرا مغل ماريائين
---
پنجاه ساڻ پـُـنري، ٻي جا ويڙهه ڏنائين(2)
تنهن ۾ نـَـوَ نـَـوَ سؤ نـَـوِن اڳرا پاکرو
ماريائين.
---
ڪالهه ڇڏيندي ڪاڇڙو، آءٌ ٻاٻل ٻانهاس(3)
جن ٻولي ناهي ٻـُـجهڻي، ٻاوا پڙ تني پياس(4)
اچي ڪانڌ پتنگيو، منهنجو وڳن واجهايو
بڊاماڻي پـُـنري مون کي ڪاهي اُمايو
---
گهوڙي مٿي گهوٽ، کـِـينئن پسان ٿي پـُـنرو
اسان لکيو لوڙهيو، تون وَرَ پاهون موٽ
راڄائن کي راڻيون گهڻيون، تو ري سـُـڃو ڪوٽ
---
توکي پٽ پاتو ڏوکئين، راڻي انند نه پاڻو ماڳ(1)
تان تان اڄهين نه ٿئي راڻي ڍولي چاڳ(2)
---
بڊاماڻي پـُـنرا پٽ ڀال ڀـَـليئاس
بور گهوڙي سمند هلڻي، سا ٺهي نه گريئانس
---
ماٽيجي تو ميهڻو مون کي ڀلي ڪري ڏنو
آءٌ ڪاهي سومغل ماريان، وٺي جو هليو
---
بڊاماڻي پـُـنرا پـُـٽ ٻانهن ونگڻيان
وڙهي ورچي ڇڏيو، اهڙيئين گهڻئين گهـَـلڻيان
---
آءٌ ڪانڌ ڪسوٽي پايان، ڪا هڻندي هوڏ
جا وڙهندي ويرئين، سا ئي اڱڻ لوڏ
---
بڊاماڻي پنرو جهلي بيٺو سـَـنڌ
وجهي مغل گهوڙو، ڪريو اڌ و اڌ(1)
بڊاماڻي پنرو جهلي بيٺـَـن لـَـڪ ُ
ماري مغل مٿاکرا، تن جو پورو ڪيائين لـَـک
---
جئن تون ڀلو بڊام، تئن منهنجيون وينتيون توڳري(2)
سوار سڀئي تو ماريا، هي پيادا مون سام
ايڪ وينتيون ٿو چوان، تون سڻ سندا چـَـنن ڄام
---
جئن تون ڀلو ڀانَ، منهنجيون وينتيون توڳري
آءٌ ڪاهي سو مغل ماريان، جو منهنجيون پائي هليو
ٻانَ(3)
- - -
ڀلو ڙي ڀلو ڀائرا، مون کي ڇڏي نه ويام(1)
ڇـِـڄيو موتين هار جئن مون کي پاسي ڌڙ پيام(2)
---
ڇير مـُـنڊياس بڊامڻيون ڪـَـنوچ گهر
جنهن ڏيهڙي کان آئيون، سو ڏيهه ڪؤن ڪا پرس
---
نوَ وَرَ وڍيا سس، ڇهه سهري، ٽي ڏير (سهي)
ٻه ٻانهيين هنيا، اِيئن پورِي وِيهه ٿئي
---
اُتر ڪونج ڪـُـڻڪي، آئين ڀائرا ڀائيجاءَ(3)
جنهن ڀڙ ڪاڇو ماڻيو، تنهن ڀڙ جئڻ ناه(4)
---
بڊاماڻي پنرا، هـِـت گهرُجين هير
اچي ويرين ويڙهيا ڪاڇي ٻـَـئي پار
ڪـَـهـُـون واٽان ورسي، ڪـَـهـُـون واٽان ڌار
بڊاماڻي پـُـنرا پٽ ڪاڇي جا ڳهار
---
اسين کير نيون نـِـپـَـنـِـيون، کير اسان جو پهاء
(1)
چهرو ڪيوسين نه چـُـلهه سين، اسان ڪتيوڪين ڪپاه
---
مَ رو ڪـُـونجي ماٺ ڪر، مَ ڪي چوريو هڏ
---
سڳا سـُـيون هٿن ۾، ٿيون سـِـبائين جهـُـل
پـِـرين سنڀاري پيئيون، مون کي هنجون مٿي ڳل
---
ڪاڇي جي ڪؤنرن ٿا مور مـَـيائون ڪن
لامن چڙهيو للهيا منهنجا ڪارايل ڪـَـڻڪن
---
ڪاڇي وُٺا مينهن، ولين ڪيا وَرڱ
ڪر موڙيو ڪانيرئيين، منهنجا پهري چنئـُـون پـَـن
---
هيٺ ته آمان ٻوريا، مٿي پڪي گاج
ڪا هلندي ڪاڇڙي، اديون جهڙي تهڙي کاڄ(1)
---
اڄ به تنهنجي ڪونجڙي، آهي پکين منجهه پچار
سـَـر ۾ سارينئي گهڻو، ڀينريون ۽ ڀار(2)
---
وڏي وڳر هيرئين، ٿي چـُـڻـِـي ٻين گڏ
ويئي وهامي راتڙي، ڪونج ڪريندي سڏ
ڪونج مَ لکين ڪـَـکَ، ڍَٻُ جنين سين ڍڪيو
ماري ماريءَ لکَ، تنهنجا وڳر هڻي ويڇون ڪيا
---
سؤ سيڱڻ، سؤ بدوي، سؤ سيار، سؤ چوٽ(1)
ڪؤنر ويهي ڪڻو کا ڪيا، چارئي چڱا گهوٽ(2)
---
نوَ سؤ ساهڙ پٽڻئين، اسي سؤ ڪوٽن
ڳڙهه ڳڙهيون سڀئي، وڙهيا ريانن(3)
---
چنن چوراسي ورهئين رڪابان رڪاب(4)
لهي ڪانه سگهجي ڪا بڊاماڻي باک
---
چنن چوراسي ورهئين ڪيو اُوچل راڄ
جڏهن پيين پاڻ ۾ تڏهن ٿيا توهارين کاڄ.
---
روايت مالڪڏنو فقير جت
پـُـنري جي پيءُ جو نالو بـَـڊام هو ۽ هو
پيءُ جي نالي سان ”پـُـنرو بڊاماڻي“ مشهور ٿيو.
بڊام کي ٻه زالون هيون: هڪ پنهنجن مان ۽ ٻي
مغلياڻي. هو ”ڪاڇي ڪوٽ“ جو سردار هو. پنري جي ماءُ
۽ سندس پهاج سهيلي مغلياڻي پاڻ ۾ نه ٺهيون. بڊام
جي مرڻ کان پوءِ پنري جي ماٽيجي ماءُ پئي پنهنجن
مغلن مائٽن ڏانهن نياپا موڪليا ته اچي ”ڪاڇي ڪوٽ“
تي قبضو ڪريو ۽ مون کي به وٺي وڃو. پـُـنري جو
ڀاءُ ارجڻ هو. جڏهن مغلن حملو ڪيو ته پنرو ٻاهر
ڪنهن پاسي ويل هو، ۽ ارجڻ لشڪر سامهون ٿيو. انهيءَ
جنگ ۾ ارجڻ واهر لاءِ پـُـنري کي سڏ ڪيا:
اڄ گهرجين يار، بڊاماڻي پـُـنرا
ڪاڇي ٻنهين پار، ويرين واٽون لائيون
اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پـُـنرا
مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون
---
اڄ گهرجين هت، بڊاماڻي پـُـنرا
ڪاڇي ڀڳي ڀت، ويرين واٽون لائيون
مغل پوءِ ارجڻ کي ماري ڪوٽ فتح ڪري، پنري
جي ماءُ توڙي ماٽيجي ٻنهي کي پاڻ سان وٺي روانا
ٿيا. جڏهن پـُـنري کي ارجڻ جو پيغام پهتو ته هو
يڪدم تيار ٿيو. پنري جي گهوڙي جو نالو ”پيئري“ هو.
اها اڃا وڇيري هئي. ان جي ماءُ به مغل هڻي ويا
هئا. پنرو ”پيئري“ تي سنج پيو رکي ته هو ڇنڊي پئي
ڇڏي. تڏهن چيائينس ته:
پيئري ڳالهه سڃاڻ، پيئري سنئين پلاڻ
تو ماءُ، مون ماٽيجي، ٻئي وڃن ٻانَ
پنرو پوءِ ”پيئري“ تي چڙهي وڃي مغلن جي
لشڪر کي آڏو ٿيو. ماٽيجي سڃاتس ۽ مغلن کي چيائين
ته:
پيئري مٿي پنرو، مٿس رتي پاڳ
جهلي گهوڙيءَ واڳ، ماري نه وجهوس مـُـڳلا!
مائي ڪا ننڍي هوندي بڊام سان پرڻي هئي.
مغلن جي ٻولي وسري وئي هئس ۽ اها ڳالهه سنڌيءَ ۾
ڪيائين جا مغلن ڪانه سمجهي. پوءِ پنري پاسو ڏيئي
وڃي آڏو جبل جو لڪ ُ جهليو، جنهن مان لنگهندي مغلن
ماريائين، ۽ گهوڙي ۽ ماٽيجيءَ کي موٽايائين.
بڊاماڻي پنري بابت سگهڙن وٽ ڳالهه جا
مختلف اهڃاڻ ۽ ڳاهون هلندڙ هيون، ۽ جيڪي اسان کي
هن کان اڳ مليون، تن کي ڳالهه سميت لوڪ ادب سلسلي
جي ڪتاب ”ڳاهن سان ڳالهيون“ ۾ شايع ڪيو آهي(1)
-------
|