باب اٺون
ٽالپرن جي دور جون جنگيون
1. گهگهـِـي واري جنگ
هي جنگ جوکين ۽ ڪرمتين جي راڄدارن جي وچ ۾
لڳي، جنهن ۾ ڪرمتي ملڪ يا ڄام بجار پنهنجي سر شامل
ڪين هئا. راڻي ارجن واري جنگ کان پوءِ ميان غلام
شاهه جو بجار تي وڏو راض ٿيو ۽ ”ڄامائي“ به کيس
ڏنائين. ڄام بجار پوءِ ڪاري جبل کان وٺي حب ۽ ملير
تائين پنهنجي طاقت قائم ڪئي، ۽ اڃان به اڳتي ساڪري
واري آباد زمين کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ جي ڪوشس
ڪيائين. انهيءَ طرف ڪرمتي مـَـلڪ ۽ ڪرمتين جا راڄ
۽ راڄدار طاقت وارا هئا. اهو ڪلهوڙن جي حڪومت جي
پڄاڻي وارو دور هو. سن 1196هه ۾ جڏهن مير فتح علي
خان هالاڻي ۾ فتح حاصل ڪئي، ته هن سنڌ جي اندروني
طاقت وڌائڻ خاطر ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ قومن ۽
راڄن ۾ صلح ۽ ٺاهه ڪرائڻ واري روش اختيار ڪئي.
ساڪري واري زمين جنهن تي نزاع هو سي ٻه
ديهون هيون، گهگهي ۽ سيري، جيڪي ميرپور ساڪري کان
سـَـر اُڀرندي ٽن ڪوهن کن جي مفاصلي تي آهن. مير
صاحب فيصلو ڏنو ته ”پـَـڏيا“ جي ديهه سڄي ڄام بجار
کي ٿو ڏيان، باقي ”گهگهي“ لاءِ اتي جا ٻيا راڄ
امين ٿين ۽ انهن جي قسم تي فيصلو ٿئي. جيڪڏهن ڪا
ثابتي پيدا نه ٿئي ته پوءِ ”گهگهي“ وراهي اڌواڌ
ڪريو. انهيءَ فيصلي لاءِ مير مزار ڪرمتي کي امين
ڪيائون. شاهدي ۽ ثابتي لاءِ پاڙيسري راڄن ”ڌِيڻن“
۽ ”سورن“ کي سڏيائون، جن قسم کڻي شاهدي ڏني ۽ ان
موجب مير مزار دنگ ڪڍايو، جنهن موجب گهگهي جي سڄي
ديهه ڪرمتين جي پاسي اچي ويئي. پوءِ مير مزار
حيدرآباد ويو ته سڄو فيصلو وڃي مير صاحب کي ٻڌائي
ته اهو قائم ٿئي. ٻئي طرفان ڄام بجار جي طرف جا
جيڪي ماڻهو فيصلي ۾ آيا هئا، تن وڃي ڄام بجار کي
ٻڌايو ته:
ڌِيڻيا آيا دنگ تي، پير پـَـٺي وارا
کڻي مصحف مٿي تي، ٿيا سـَـمهڻا سورا
نيائون گڏ گهگهيءَ سين، ڄام! پاسا ”پڏي“ جا.
يعني وڌاءُ ڪري وڃي ٻڌايائون ته گهگهي سان
گڏ پـَـڏي جي ديهه جا پاسا به کڻي ويا. تڏهن ڄام
بجار جو پٽ چاڪر - جيڪو اچي جوان ٿيو هو ۽ وڏو
بهادر ۽ پهلوان هو، ان سان گڏ هٺيلو ۽ ڏنگو هو.
ڄام بجار به هاڻي چاڪر جي چئي پٺيان هو - لشڪر سان
چڙهيو ۽ اچي گهاري وٽ ڪٿي لٿو. ان وقت ڪرمتين جو
پڳدار مـَـلڪ مريد هو، سو چاڪر وٽ هلي آيو ۽
چيائين ته: زمين جي فيصلي تان ڪين وڙهنداسون، تون
حيدرآباد وڃ، مزار خان اتي آهي ۽ فيصلي ۾ توکي
اوتري ٻي زمين وٺي ڏي. نشاني طور مـَـلڪ مريد کيس
پنهنجي گهوڙ ي”واڏِي“ ڏني.
تنهن ”واڏي“ واري ڏني، پنهنجي مـَـلڪ مڻيادار
ته مزار تو لٿي در تي، ڪندو عرض اپار.
پوءِ چاڪر پاڻ جنگ لاءِ ڪونه آيو، باقي
پنهنجو لشڪر چاڙهيائين ته وڃي گهگهي تي قبضو
ڄمائين. جڏهن هي لشڪر اچي پهتو ته ڪرمتين ۽ سندن
راڄدارن جو به جـِـيئي نوتياڻي جي اڳواڻي هيٺ لشڪر
سنڀري آيو ۽ چيائون ته:
”سـِـرين“ برابر سنگ، آهن گهگهيءَ جا گلاب چوءِ
جوکيا جنگ مَ جنگ، نه ته مڙس پـُـوندا مامريءِ
پوءِ جـِـيئو انهيءَ لڙائيءَ ۾ماريو ۽ فتح
ڪرمتين جي ٿي. جوکين جا به گهڻا ماڻهو مئا ۽ هو
قبضو ڇڏي اٿي ويا.
جـِـيئو نوتياڻي جنگ جو جهونجهار هو. راڻي
واري جنگ وقت هو، پر پهچي ڪونه سگهيو هو.
راڻي ۽ رحمت الله سين هئا ڪين هزار
جـِـيئا جهونجهارن جي سگهي لهج سار.
جيئي جي جنگين تي ڦلاڻو چيائون ته:
جيئا جنگان اِيوين جيوين مينڌري چنگان
نـَـر مزار ايوين جيوين ڪـَـنبرين ڳوهان.
(جيئو جنگين ۾ ائين هڪلون ڪري ۽ ترارين جا
واڄٽ وهائي جيئن مينهن ۾ چڙا پيا وڄڻ. مڙسن کي
ائين ماري جيئن شينهن ڳوهن کي جهوري.)
سندس بهادري کي ڳايائون ته:
جيئون سدائين جنگ ۾، جيئو نه جنگان ڌار
جيئي جي جنگ جا آءٌ پڇ ته ڏيان پار
جهڙي ڏِت ڏندين جي تهڙي سونهن سردار
جهڙو نڪ نراڙ ۾، تهڙا ڏاڙهيءَ ڀنڀا وار.
جيئو هليو جنگ تي، پڇاڙي پتنگ
تنهن گهگهيءَ جو گلاب چئي، وڃي دولهه ڪڍيو دنگ
ترارين ترکنڊ، ڪونهي ملهه مانجهيءَ جو.
جيئي جهڙا جوان، مـَـر ڄڻي ڪامائڙي
تکيءَ ويل ترار ۾، آهن ڀـَـڙ ڀليرا ڀائي
مـِـيرن ملهائي، سـُـڻ گهگهي تون، گلاب چوءِ
جيئون هليو جنگ تي، کڻي ڀڙ ڀالو
ڦڙڪي فؤجين مهند ۾، آهي اُتالو
نوتياڻي نالو، اُجاري اَڇو ڪيو.
------
2. قدمن واري جنگ
گهاري کان ڏکڻ، ڳوٺ ”راڄ ملڪ“ لڳ، سنڌو
درياءَ جي اڳوڻي پيٽ ”ڦٽي“ تي ”ميران جو مقام“ يا
”قدمن وارو قبرستان“ آهي، جتي ڪرمتي ۽ جوکيا ماڻهو
دفنائيندا هئا. ”گهگهي واري جنگ“ کان پوءِ هديه
قبيلي جي ڪرمتين جو ڪو ماڻهو گذريو هو ۽ هو نعش
دفنائڻ لاءِ کڻي آيا هئا. کين رات اتي مقام ۾ ئي
پئجي وئي ۽ اتي ئي ترسي پيا. چاڪر جوکيو پنهنجن
ماڻهن سان آسپاس پئي هليو ته ڪيئن ”گهگهي واري
جنگ“ جو پلاند ڪري. ان وقت هو قدمن واري مقام کان
اوڀر ”اهب“ جي ڳوٺ ۾ اچي پهتو هو. ”قدمن واري
مقام” تي ان وقت هڪ مجاور “ڀنڊ” پاڙي جو جوکيو هو،
جنهن وڃي چاڪر کي خبر ڪئي ته وير وجهڻو اٿئي ته
مڙس (ڪانڌي) ستا پيا آهن، هلي مارين.
پوءِ جوکين رات جو انهن ڪانڌين تي اوچتو
حملو ڪيو. ڪرمتين جي طرف وارن مان هـَـسو لاشاري
(پاڙو مـُـڇر) ۽ پيروز وڙهيا ۽ وڙهندي ماريا.
هـَـسو چار مڙس ماري اچي چاڪر کي چتايو ۽ ترار سڌي
ڪاپار تي ورايائينس:
هـَـسـُـو ٿي هاڪار ڪيا، مڇـُـر مڻيادار
ٿي چـُـهٽايائين چاڪر کي، ڪومي منجهه ڪپار.
ان وقت ڪنهن هڪڙي ڀالو هنيس جو هـَـسـُـو
وڃي ڪريو ۽ مري پيو. اهڙي طرح چاڪر بچي ويو. پوءِ
جوکيا اُتان اٿي ويا. شاعر بکر گڊي انهي واقعي
ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته:
پيروز پورين اکرين، هو سورهيه ساکاڻي.
جاڳائي جوانن کي، جي هٿا هٿائون
ته خبر لڌائون، هوند بازن جي بکر چوءِ.
جيئن ته اها جنگ ميران جي مقام يا قدمن وٽ لڳي،
تنهن ڪري ”قدمن واري جنگ“ جي نالي سان مشهور ٿي.
”ڀنڊ“ جوکئي جي چغليءَ تان اهو پهاڪو مشهور ٿيو
ته:
”جک ماري جوکيي، ته به چوندو سڀڪو چاڪر کي.“
(يعني حرف چاڪر تي آهي، باقي چغل تي ڪهڙو حرف).
قدمن واري جنگ ۾ جڏهن ڪرمتي ماريا ته
ڪرمتي وري جوکين تي چڙهيا. قيصر خان حـَـماتي به
ساڻن شامل هو. گهاري جي لڳ ڀڳ ويسو جوکيو همت وارو
هو، سو ترار کڻي بيهي رهيو ۽ چيائين ته: جيڪي
گهوڙن تي چڙهيا ٿا اچن، سي گهرن تي اچي سهڙندا.
پوءِ پنهنجن ماڻهن سان گڏ مقابلي لاءِ بيهي رهيو ۽
ڪرمتين جي لشڪر مان ڏيسر کي ماريائين. پوءِ
سـُـمڙي گبول حملو ڪيو، جنهن ويسي کي ماريو.
ويسو ڏيسر مـَـٽ ٿيا، راندين پيا يار
ويسي ڏيسر ماريو، ڪيائين ٻئي جي پچار.
سـُـمڙي گبول سيف کڙي ڪـِـي،
تنهن بجلي جئين برسڻ لايو.
سـُـمڙي ويسو ماريو، ڪيائين ٻئي جي پچار
لاهي شال ڪلهن تان، وڌي مٿس حماتي ڪـُـر اُجار.
ڦـُـل مـُـڇر لاشاري پهلوان هو ۽ جنگ ۾ ٻه
پتيون کڻندو هو، پر جوکين سان جهيڙو ڏيندي ڦـُـل
لاشاري جنگ مان وٺي ڀڳو. هـَـسـُـو لاشاري کيس
ڀڄندو ڏسي پويان ترار هنيس، جيڪا ٻـُـنڊڻ کڻي ويس.
ڪرمتين سان گڏ ٻيا جيڪي لاشاري هئا. تن
مان مـَـنڌي منڌير، موسي منڌير، شاهي موراڻي
منڌير، جيئند پٺاياڻي مـُـنڌير ۽ مريد شـَـنباڻي
لاشاري کي ڪنهن شاعر پنهنجي هڪ بيت ۾ ساراهيو آهي،
جو انهن جي حملي سان جوکين جي لشڪر مان ”ڍارا
نانگرا“ ۽ ”ميري“ پاڙن وارا ميدان مان ڀڳا.
منڌو مٽجي اٿيو، کنيو خان کيڙو
شاهي وڏا شوڪارا ڪيا، ڪو ڳانڀ وڏو ڳيڙو
جيئند جهونجهارن ۾، هو عهدي انگيرو
مريد تي ميڙو، هو اپر اواريـُـن جو.
---
ڀڳا ”ڍارا“ ”نانگرا“، پـُـريا پٺيرو
”مــــيـــري“ تـــــن جــــــي مهند ۾
سـِـــريــــا سويرو.
3. راهيجي واري جنگ(1)
راهيجي وارو مقابلو خاص طرح لهاراڻين
برفتن ۽ ڄام بجار جي پـُـٽ چاڪر جوکيي جي وچ ۾
ٿيو، جنهن ۾ چاڪر ماريو. راهيجي جو مڪان، ڪاري جبل
کان اُتر طرف آهي جتي پٿرن جا نشان لڳل آهن.
چاڪر جوکيو، ڄام بجار جوکيي جو پٽ هو ۽
وڏو بهادر هو. ايڏي طاقت هئس جو تازي مئل جانور جا
عضوا پٽي اڇليندو هو. جهيڙي جو جهونجهار هو.
مخالفن سان وڙهڻ ۽ وير وجهڻ جو ڪوڏيو هو.
چاڪر پٽ بجار جو، سورهيه ساماڻو
وڙهي ٿو ويرين سين، ڪر گهمي ٿو گهاڻو
منڊل مانڊاڻو، آهي سورهيه سندي سـِـر تي.
ڄام بجار کي ٻه گهر هئا: هڪ مان ٻه پٽ ۽
ٻئي مان هڪ پٽ چاڪر هوس. چاڪر جي ماءُ مائي برفتن
جي حملاڻي پاڙي مان هئي. ٽيئي پٽ اڃا ننڍا هئا جو
بجار کان پڇيائون ته انهن مان بهادر ڪهڙو؟ تنهن تي
بجار آزمودو ورتو. هڪڙي تازي ويايل ڪـُـتي جا ٽي
گلر آڻائي ٽنهي پٽن کي هڪ هڪ ڏيئي چيو ته وڃي گور
تي ڪـُـتيءَ کي ڏيو. هوڏانهن اشارو ڪيائين ته
ڪـُـتيءَ کي ڇڏيو. ڪتي هئي ڏنگي ۽ ڇتي ٿي بيٺي
هئي، تنهن ڇوڪرن تي رومڙ ڪئي. ٻين ڇوڪرن ته ڊپ کان
گـُـلر کڻي ڇڏيا پر چاڪر نه ڇڏيو. ڪتيءَ چـَـڪي
ڪانچ ڦاڙي ليڙون ڪري ڇڏيس ته به گـُـلر کي نه
ڇڏيائين. تڏهن بجار چاڪر ڏانهن اشارو ڪري چيو ته
منهنجو بهادر پٽ اهو آهي.
چاڪر سورهيه هو پر ڏنگو ۽ ارڏو سورهيه هو.
هڪ ڀيري سن ۾ سيدن وٽ ويو. اتي ڪنهن نوجوان وٽ
گولي مار نئين بندوق هئي، جنهن چيو ته هي گولي پري
کان شينهن کي اڦٽ ماري ڇڏيندي. اهو وقت ترار جو هو
۽ چاڪر ترار جو تکو هو. اهو ٻڌي چاڪر چيو ته: اها
شينهن کي ماريندي پر ميدان ۾ مڙس کي نه ماريندي.
نوجوان سيد چيو ته: نه، ماريندي، تڏهن چاڪر چيو
ته: آءٌ ٿو ترار ڪڍي ٻاهر نڪران ۽ ڀل ڪو اها بندوق
کڻي ميدان ۾ اچي، پوءِ ڏسون ته مون کي ٿو ماري يا
آءٌ ٿو اڳ ۾ مٽ ڪريانس. پوءِ هن نوجوان بندوق کنئي
۽ چاڪر وڃي سامهون پڙ ڪيو. ايتري ۾ اها ڳالهه اندر
حويلي تائين پهتي ۽ وڏو سيد وڌي اچي وچان پيو. چون
ٿا ته(1):
هڪ ڀيري چاڪر سن ۾ آيو ۽ سيدن جي اوطاق تي ٻين
سان گڏ ويٺو هو جو پريان ڪارو نانگ ڪچهريءَ ۾ گهڙي
پيو. ٻيا ماڻهو ڊپ کان ڀڄي پاسي ٿيا پر چاڪر جيئن
ڪانڀ ڪڍيو ويٺو هو، تئن ويٺو رهيو(2).
چاڪر کي مقابلي ۾ ڪنهن ڪونه هٽايو سواءِ
دريا خان حماڻي جي، جيڪو پڻ ڏاڍو مڙس هو. چاڪر به
کيس هيسائڻ لاءِ زوري وڃي درياخان جو مال هنيو ۽
دريا خان به اچي منهن مقابل ٿيو. چاڪر ترار جا ٻه
تکا وار ڪيا جيڪي دريا خان ڍال تي جهليا. پوءِ
درياخان جڏهن وار ڪيو ته چاڪر ٻکين پوڻ لاءِ اڳتي
وڌي آيو، جنهن تي دريا خان جو ڪـَـرڙيو (ترار جي
مـُـٺ) وڃي ڪلهي ۾ لڳس، پر اهڙو زورائتو ڌڪ لڳس جو
چاڪر وڃي ڪريو، جنهن تي دريا خان ڪريل مڙس کي ٻيو
ڌڪ ڪونه هنيو. پوءِ چاڪر کي کڻي ويا. اهو ڌڪ هن کي
اهڙو اثرائتو لڳو جو ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ۾ دريا خان جو
نالو وٺي اٿي کڙو ٿيندو هو.
ڄام بجار عقل جو اڪابر هو، پر چاڪر ايتري
وڏي نظر وارو ڪونه هو ۽ بعضي پنهنجن جوکين مان به
گهڻن کي ڏکيو ڪيائين، تنهن تي ڪنهن چيس ته:
چاڪر ڇو چڪاسيين جيڪي ٽڪي روزگار
بڇ ڪنهن بادشاهه تي جنهن ۾ لڀ لغار
هڪ ڀيري گودڙ نالي ”مهمت“ جوکيي کي، جيڪو
به همت وارو ڏاڍو مڙس هو، ڪنهن ڳالهه تان ڏويـُـون
ڏنائين ۽ گابي وانگر رنڀايائين. جنهن تي گودڙ چيس
ته: مارڻو اٿئي ته ماري ڇڏ، باقي جـُـٺيون نه ڪر.
چاڪر ته به نه مڙيو. جنهن تي گودڙ چيس ته: مون کي
سو رنڀايو اٿئي، باقي ڪا مهل آئي ته آءٌ به ڪجهه
ڪندس. گودڙ پوءِ چاڪر سان اهو پلاند راهيجيءَ واري
ڏکي ويل تي ڪيو.
”قدمن واري جنگ“ کان اڳ حڪومت ڪلهوڙن کان
ڦـِـري ٽالپورن جي هٿ ۾ آئي هئي. مير فتح علي خان
اها ڳالهه ڳڻي ته سنڌ ۾ جتي جتي قومن ۽ راڄن ۾ وير
۽ جهيڙا جنگيون آهن اهي ختم ڪجن، ۽ راڄن جا پاڻ ۾
صلح ڪرائجن. مير مزار ڪرمتي جڏهن وٽس ويو ته کيس
چيائين ته اوهان صبر ڪريو. اسان ٻنهي ڌرين جون
ڳالهيون ٻڌي فيصلو ڪنداسون ۽ چاڪر جيڪا اُرهه
زورائي ڪئي تنهن کي به سمجهائينداسون، پوءِ ڄام
بجار ۽ مير مزار به پاڻ ۾ ڳالهايو ۽ مڪلي واري جنگ
کي ملتوي ڪيائون.
ڄام بجار، چاڪر کي سمجهايو، جنهن مير مزار
کي ڏاڙهي ڏني ته آءٌ ڪابه اڳرائي نه ڪندس. پوءِ
ميرن چاڪر کي پاڻ وٽ گهرايو. ڪن جو چوڻ آهي ته
برفت مـَـلڪن گهگهي واري جاگير تي قبضو ڪري ڄام
بجار کي ڪنهن به مالڪاڻي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو هو. انهي دانهن لاءِ ڄام بجار پنهنجي پٽ چاڪر
کي مير صاحبن جي درٻار ۾ موڪليو ۽ پڻ چوائي
موڪليائين ته: آءٌ پير مرد آهيان، چاڪر خدمت ۾
موڪليان ٿو. کيس به سمجهائيندا ۽ برفتن کي به
هدايت ڪندا، اسين صلح ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
ڄام بجار، دُريجي جي ڀوتاڻي سردار کان
سندس ڌيءَ جو سڱ چاڪر لاءِ ورتو هو. وقت گذري ويو
هو، پر مسلسل جنگين سببان شادي ڪانه ٿي هئي. اڃا
به هڪ طرف ڪرمتين جو ته ٻئي طرف برفتن جو وير بيٺل
هو. چاڪر جي ماءُ به ڄام بجار تي زور رکيو ته ڪيئن
به چاڪر جي شادي ٿئي، جنهن تي ڄام بجار طرفان مير
مزار ڪرمتي وٽ نياڻين جي ميڙ آئي ته جنگ هٽايو
جيستائين چاڪر جي شادي ٿئي. مير مزار ميڙ کي
مـُـهت ڏني ۽ ماين کي چيو ته: ڀلي آيون، چاڪر کي
ڀلي حيدرآباد مان وٺي وڃي پرڻايو. چئن مهينن تائين
اسين نالو نه وٺنداسين. پوءِ ٻي ميڙ برفتن جي
”حملاڻي“ پاڙي وٽ وئي جو ”جهل واري جنگ“ ۾ انهن جا
مڙس مئا هئا. هڪ ٻي روايت موجب چاڪر، عارب ۽
اوباهيي برفت جو ڀاءُ ماريو هو، جيڪي مول جا ويٺل
هئا، اهي وير لاءِ سنڀريل هئا. برفتن چيو ته اسين
ويري آهيون ۽ وير وٺنداسون. جي ترارين جي باهه ۾
چاڪر جي پت رهجي وڃي ته ڀل رهجي وڃي، پر ائين ڪين
ڇڏينداسون.
ٻيءَ هڪ روايت موجب ”قدمن واري جنگ“ کان
پوءِ ٻروچن، چاڪر کي چوائي موڪليوته: وير ڪونه
ڇڏينداسون. هيءَ قضا هئي جو ائين وَهي وئي، باقي
اسين سڀ مري ڪين ويا آهيون. ان وقت چاڪر جو ڀاءُ ۽
ڪي مايون ميڙ ٿي ملڪ مريد يا ملڪ ابراهيم ڪرمتي وٽ
آيون ۽ ست ڏينهن ويٺيون رهيون ته: اسين چاڪر کي
ٿيون پرڻايون، ايستائين وير نه پاڙيو. ملڪ چيو ته:
اوهان نياڻين آئي مون سڀ وير ڇڏيا، پر چاڪر تي به
ڪو اعتبار آهي! چون ٿا ته ان وقت يا ان کان اڳ
جڏهن مڪليءَ جي جنگ جا هاواڻا پئي هليا، تڏهن ڪنهن
جوکياڻي مائي پنهنجي سهيلي ٻروچاڻي مائي کي چيو
ته: ادي، چاڪر جو خيال رکجؤ. مائي ٻروچاڻيءَ چيو
ته: “اسان کي الڪو ڪونهي جو چاڪر (جنگ نه ڪرڻ جي)
ڏاڙهي ڏني آهي.” مائي جوکياڻيءَ چيو ته: ”جي
نانـِـس آنوراءِ(1)
جي ڏنائين ته پاڙيندو، پر جي پڻس بجار جي ڏنائين
ته ڪين پاڙيندو.“
|