باب پنجون
ڪلهوڙن جو دؤر
1. ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ مير عبدالله خان جي جنگ
هيءَ جنگ سن 1144هه / 1731ع ۾ لڳي، جنهن ۾
قلات جو والي مير عبدالله خان مارجي ويو. هن جنگ
جون ٽي روايتون هيٺ ڏجن ٿيون:
1. تحفته الڪرام جي روايت(1)
سن 1142هه ۾ مراد ڪليري عرف گنجو، سيويءَ
تي مقرر ٿيو ۽ گنجاوهه جي زميندار قيصر مگسي، محال
شورن جي سردار ميرو گواري رند، محال سنيءَ جي
سائيس گهرام لاشاريءَ جي اولاد، محال ڪڇيءَ جي
مالڪ ميرو بلدي، محال ڀاڳ ناڙيءَ جي زميندارن:
هرهڪ مهيان، اميري ۽ لهيا ماڇيءَ ڍاڍر جي مالڪن،
بازوئي قوم جي ڪالا خان ۽ ٻين ڪوهستان جي بلوچ
زميندارن ۽ ڪنکانيءَ جي محالدار بهار خان امراڻيءَ
کي، جو هر هڪ هزارين لشڪر جو سردار هو، ماري مات
ڪري قلات جي خان عبدالله بروهيءَ سان جو پاڻ کي
”ڪوهستان جو شهباز“ سڏائيندو هو، وڃي هٿ ڳنڍيائين.
آخر سن 1143هه ۾ پنهنجي سر چڙهائي ڪري، گهيري ۽
جنگ سان ڪرته جو قلعو مبارڪ خان کان ورتائين ۽
لشڪر اڳتي وڌي اسماعيل خان بروهيءَ کي شڪست ڏئي،
ڪاڪر بروهيءَ کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو. هن واقعي کان
پوءِ مير عبدالله خان پنهنجون نياڻيون صاحبزادن کي
ڏئي صلح ڪيو. اتفاقاً
سال 1144هه ۾ بروهين جي هڪ قوم عهدشڪني ڪري،
فريدآباد جي ڀرواري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو، جنهن تي
(ميان) پاڻ پنهنجي سر انتقام وٺڻ جي خاطر وڃي
لاڙڪاڻي ۾ منزل انداز ٿيو ۽ نامور سردارن کي امير
عبدالله خان سان جنگ ڪرڻ واسطي موڪليائين. جنديهر
۾ - جتي مير عبدالله اڳرائي ڪري آيو هو - ٻنهي
ڌرين جو ٽڪر ٿيو. هو (مير عبدالله) رستم جهڙي جنگ
کان پوءِ مارجي ويو ۽ آئندي لاءِ بروهين جو زور
ٽـُـٽي پيو.
2. جمن چارڻ جي چيل بيتن واري روايت
جمن چارڻ جي بيتن موجب ميان يار محمد
ڪلهوڙي سن 1131هه ۾ وفات ڪئي ۽ ميان نور محمد خدا
آباد ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو. ڪڇي ۽ گنداوا جا علائقا
ميان يار محمد کي مليل هئا، پر انهن علائقن ۾ قلات
جي والي عبدالله خان جي اک هئي ۽ اهي پنهنجي قبضي
۾ ڪرڻ جا وجهه پيو ڳوليندو هو، تنهنڪري ميان نور
محمد بروهين جي حملي کي منهن ڏيڻ ۽ ڪڇي ۽ گنداوا
جي حفاظت لاءِ مراد گنجي (ڪليري) کي صوبيدار مقرر
ڪيو، جنهن وڏي جوانمرديءَ سان آسپاس جي زميندارن
کي مطيع ڪيو، پر بروهي وقت بوقت ڪڇي ۽ گنداوا ۾
ڦـُـر لـُـٽ ڪري هليا ويندا هئا. جيئن ته قلات جا
خان ۽ ڪلهوڙا هڪٻئي جا طرفدار هئا، تنهن ڪري مراد
ڪليري، ميان نور محمد کي اطلاع ڏنو، جنهن بروهين
کي سيکت ڏيڻ لاءِ ”ڪرته“ تي حملو ڪري فتح ڪيو.
عبدالله خان نهايت بهادر هو، هن به هر طرف
حملا ڪري فتح حاصل ڪئي هئي. شاهه محمد ڊوڊئي کي
مدد خاطر هن ملتان تي حملو ڪيو ۽ پوءِ ميان نور
محمد سان جنگ ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. سندس ارادو هو
ته سبي تي حملو ڪري، مراد ڪليريءَ کي ختم ڪجي ۽
پوءِ ڪلهوڙن جي دارالحڪومت خدا آباد تي قبضو ڪري
وٺجي. انهيءَ ارادي سان عبدالله خان سبيءَ ڏانهن
رخ رکيو. سبيءَ جي حاڪم، ميان نور محمد کي اطلاع
ڏنو، جنهن شاهه بهاري جي سالاريءَ ۾ چاليهه هزار
فوج سبي ڏانهن موڪلي ڏني. شاهه بهاري کان سواءِ
فوج ۾ ٻيا سالار پڻ شامل هئا، مثلاً: ڄام نندو،
مير بهرام، مير چاڪر، شاهه علي، سلطان کهاوڙ،
خيرو، ڦتوحل ۽ دادو، جيڪي ڪلهوڙن جي عهد جا مشهور
جرنيل هئا. ميان نور محمد ۽ عبدالله خان جا لشڪر
جنديهري وٽ هڪٻئي جي آمهان سامهان ٿيا.
عبدالله خان جڏهن ڏٺو ته سندس فوج تمام
ٿوري آهي ۽ ڪلهوڙن جو لشڪر لک جي قريب آهي، تڏهن
پنهنجي وزير آخوند محمد صالح کي چيائين ته منهنجا
ٽيئي پٽ مون سان گڏ موجود آهن، انهن مان نصير خان
۽ ” التاز ننڍڙا آهن، باقي محبت خان وڏو آهي، ان
کي وڃي قلات جو حاڪم بنايو. آخوند محمد صالح چيو
ته مون کي توسان گڏ جان قربان ڪرڻ وڌيڪ موزون ٿو
لڳي، تنهن ڪري آءٌ موٽي نه ويندس. تنهن تي عبدالله
خان ٻين سردارن کي حڪم ڏنو، مجبور ٿي آخوند محمد
صالح، عبدالله خان جي ٽنهي پٽن کي وٺي پوئتي موٽيو
۽ محبت خان کي قلات جي تخت تي وهاريائين. ان بعد
جنگ لڳي، جنهن ۾ عبدالله خان جوان مرديءَ سان
وڙهندي، پنهنجي سوين ساٿين سان گڏ شهيد ٿيو.
جمن چارڻ جا چيل بيت(1)
خوش هئي خدا آباد، خوس هئي خدا يار خان
جنهن جي واري واپرايو ٿي ديس بديسئون داد
تان ڪارهين سا ذوالقعد، سن ڪارهن سئو ايڪٽيهه ورهه
تنهن راڻيءَ رحلت ڪئي جو هو بانڪو بخت بنياد
انهيءَ کان اعليٰ ٿيو انهيءَ جو اولاد
سو فرقي فقيرن جي ڪلهن واءَ قواد
ميان نور محمد نامدار هو دل دولهه دلشاد
تنهن ميريءَ سندي ماري پهتو مرد مراد
تنهن وڃي ويهاريو اهڙو ڪاڇي منجهه قواد
جئن ڦري سوادي صاد، ان تي چوڻيون چورن تي ڪري.
ڪاڻو چئرو چور، اَنتـُـون ڪوٺايو به ڪلهوڙي
تن ڀڄي ڀاڻا ڇڏيا، پسي ظاهر زور
معلوم ڪيائون مير کي وڃي اها چور پچور
تان ايندئي هل حشام سان، شان وڏي شهزور
مهندين چاڙهي معرڪي تي، جهان جهان پوي جهڪور
تان ڪاڇي کي به ڪڪور، ڏيندئي اهڙي ڏيٺ سان.
ڪي ڏينهن ڪاڇي ماڻهو هئا اهڙا ئي احوال
جي ڀڄيو بروهي ويا ٿي، منجهئون جور جوال
ٿا اڳيئون خاوند ان جا، سنڪو ڪن سوال
هڪ پوکي اٿئون پانهنجي، ٻيو آهيون گهڻي عيال
ترس تنين کي نه پوي، ان جي اُتي حال
تان اهڙا خام خيال، ڀي آگي هڏ نه آوڙيا.
هاڻي وجهي وات، جي ڍور پرائي پوک ۾
تان وهندو تنهن تي وهي ٿو ڪماڻيءَ جو ڪات
تنهن دزد مڙيئي ديس جا ڪيا مارائي مات
تان ڪڙتي ۽ قلات، ڪليريءَ ڪرڪان ڪيو.
هاڻي ڪتابت قلات، کي ڪليريءَ موڪلي
تان تو مارايو مستونگ کي راوت مـَـنجهي رات
تان ات جاليون جبل ڀر تي، جيڪا جات بجات
اچي مڃو مياڻن جي تـُـمن مڙيئي تات
نا هت پئي پرڀات، ۽ ٿورو هاڪاريون روهه ۾.
چڪڻ ٿو لنگهي ڪير، ريڙهو رکي روهه ڏي
جت چڙهڻ چـُـنجهاڪا چاڙهڪا، آهي ماڳ مٿاهون مير
اچي عبدالله خان ميريءَ مٿي مٿير
تان پائي ڏس ڪو پير، ته پسان پرس پهاڙ ۾.
جر ُ جالارو جت آهي، مڇي ڀي ماڳ تهين
پاڻيءَ کان پڙڻ جي ماڻهوءَ ڪانهي مت
جڏهن ايندس حڪم حڪيم جو، وهسي مٿي وت
تان چمڪائي ۾ چت، کڻي ماري مئي مٿي کڻي.
تون ڀي وڏو ڪج مَ ويڻ، ڏونگر ڏڍ پسي ڪري
توڙي اُڏري عبدالله خان، ڪري پنک پکيڙ
تان ڀي سرائي شاهن جا، ڪـُـهي ڪند ئي ڪيڙ
توڙي ڏونگر ڏاڍوئي گهڻو، تان ڀي مردن اڳيئون ميڻ
جي مڻ ماکيءَ ۾ هوءِ ميڻ، هي ڏينڀو اٿئي ڏنگرين.
هي پـُـڙ، هي پاهڻي، هي ميدان، هي گو”
ڪڏهن ڪوئي ٻڌوءِ، ته مڙيو ميريءَ جو ڌڻي؟
مڙس مڙڻ کي مير، ۽ مـُـڙسان مڙڻ ميهڻو
مڙسان مور نه وسرن، ٿا ورهن سندا وير
فاقيراڻي فوج ۾ ڀن پئي تنهن ڀير
تڏهن پسبا پير، ته ڪهڙن کوڙيا، ڪن کنيان.
جان ڪر جيان جند، تان جئري جنگن کئون رهان
مون ڪر ڄاڻن ڄام خان، سرو، ڪاڇو ۽ سنڌ
ديري ڪيچ قنڌار کي، ايل ڪيو اَمڻند
اصفهان اير گڏهن، هوڏنهن ساڙي هند
تان راهوجاڻي، رند، ٿو پنڙ ڪاٺايان پاڻ کي.
چاڪر چـُـڪايون، ٿي بينون بٺورن ۾
تنهن وهايون ويرين سر تي، ناميي نڪايون
اولون جهلي ان جون، ٿي سامون لڪايون
سي ڦول ڦڪايون، ڪچو ڪيئي قلات ۾.
اتائون اعواني ڪئي، خان خراب ڪيا
ماڇي مانڪ وڌوان هئا، چاڪر جا به چنا
تن کي هردم اتي هيو، رين هوندا هانِ هنا
تن چيلهن کئون، چارڻ چوي، کوليا ڪين کنا
منهن مهماڻن کي، ڇايائون به ڇنا
آهي ڌرتي ڌات ڌنا، ته ڀي ناميا نباهي ويا.
ڏيٿي ڪاڇو ڏيهه، هئا چناڻيءَ سان چچ
پر ٻنڌي پاتاريءَ ڀر، هتي ڀر وچ
ٻڌائون ٻولان ڪري، ويري ويري وچ
تان او لکن مٿي لـچ، تي پرائن پاڻ ٿيا.
ڏيٿي ڪاڇو ڏيهه، آ چنن چڱو چوريو
ٻيٽا ڏيئي بند ۾ جنهن در آيو جيهه
مڙي پڇنس سڀ مارڪي، تان آءُ وڙاڻي ويهه
ڪنهن پر ڇڏيئي ڏيهه، ڪئن آئين ڪا ڳالهه ڪر.
هيم چونڪ چنيهه سان، تنهن ٻڌي سٺ لکن
آءٌ آيس تا تنهنجي، پيهي منجهه پکن
هو جي راڻا راڄ رکن، سي ارٽان سهن اهڙيون.
تڏهن چني لک چوهٽ، ان ڏيٿي ڏيئي موڪليا
سي ليکي ۾ ليکيا، جي پاهڻ مڪائون پٽ
اولن اُتي آپڻين، سر ٿي ڪيائون سٽ
سامون سلطانن جون ڪڏهن ڪي وڪيون ٽڪن وٽ
پڙهٽ ۾ پانهنجي، تو گهڻي وڌي آ گهٽ
هاڻي اڳيئون ڪيم اُپٽ، جي ڪچو ڪيئي قلات ۾.
تڏهن ڪيو معرڪو مير، پـُـتر ڪوٺي پانهنجا
اسلح خانو اُپٽي، ونڊي ڏنا وير
ترت ڏنائين توبچي، توري دارون تير
هليا جنگ، جمن چوي، برسر باسي پير
تان پروانو ڏي پير، لکيو مرد مراد کان.
چئي: هيءَ صلاح سئين، ته ڪجن وچ وزير
شرطون مـُـنجن شاهه سان، فوجان ڪري فقير
اچي پڇنس تئن پهاڙ ۾ جئن منڪر ۽ نڪير
هاڻي چوائين ڳالهيون چار، مڃڄ مير مراد چئي.
جن اصلئون عباسين سان، آڻن ڪي اختيار
سي تڏهن کئون ترڪ ٿيا، ويٺا ڪين قرار
نور محمد نامدار ڏي تان نظر ڪري نهار
ڪيو الله اڳي کئون، اٺاني اُپڪار
سو عقلئون افلاطون جي، آندو ڪـُـلي اختيار
تنهن کي هيوَر ڳيوَر هٿيا، هئا ديمون تنهن درٻار
اچي اڱڻ ٻار، رائر وٺند ئي روهه مئون.
هت ڀي ميان مصلحت لئي، سڀ سڏي سرڪار
تنهن وڇائي وير لئي تجويزئون تلوار
ڪو کلي کانو ٿو کڻي،مرڪي ميرئي پار
اُتئون هـَـنونت جي آچار، ۽ لڇمڻ جهڙي لڇڻين.
تڏهن هـُـت ڀڀڪي ڀير، هـِـت بهارين بادل ڪيا
جهنجهڻ پاتي جس لئي، ڇهن ڇڳيري ڇير
تنهن چمي ٻـَـڌي چيلهه سان، شرط کڻي شمشير
آڻي ڪندس اير، هو جو کـِـجي مير مٿان کڙو.
سا ڦرندي هي فلڪ، ڪي ڏينهن ڪارونڀار ۾
سا ڪاڙهه ڪڙهي قلزوم مئون، پيدا ٿي پرنڪ
سا ڪاري ڪوئل ڪيسمي، لهي تکي تيغ تلڪ
ڪـُـهني قصابن جي هئي، هونيدن هڪ
مهدين ڄاڻي معرڪي، پڙ تي تهين پلڪ
ساميان بخشي مهر مئون، شاهه ٻڌي بيشڪ
لالي ڪندي لڪ، جڏهن منهن لڳندي مير جي.
هو ڀي ڪري نفيلان ناز، کلي چڙهيو قلات کئون
سو اچي عبدالله خان ٿو ايڏي سان اغماز
جئن مرد مرغابيون ڀانئين ٿو، پاڻ برابر باز
تنهن ڪڙ تي ڪٽڪ ڪوٽي، سڀ ڪيا سرفراز
هيڏهن ڀي کلن ڦيري ڪڏهين، جئن مڇي مقراض
جيڪي ساڻس سانڀرو، سي سڀ يڪدل يڪ انداز
تان نماشام نماز، دانهين ڊوڙي آئيو.
هيڏهن به سڻي سـِـرائين چاڙهيون، سيغان سنگ تراز
شاهه شروع ڪيا سور جا، سنگ سويرا ساز
تن مصلحتي مراد سان، بڇيا برق انداز
ته ڪو ڀڙي ڀيڙائو ٿئي، قلعي ساڻ ڪواز
تان آڙن جا آواز، سڻي ڪونه سڌ ڪري.
تڏهن چالاري چاري، چڱن چڱا چاڙهيا
هڪڙو ”حسڻ“ جت همت سان، ٻيو ”بخشو“ باري
سي حرف ڳالهائن هڪڙو، اُڀا اعتباري
هڪ شينهڻ ۽ ٻيو شينهن، هوا شوقئون شڪاري
سي ڊوڙي پيا درياهه ۾، دوسي دوباري
تان ٻيهر گهڙن ٻار کئون، جي وچ هين وراري
سي چاري تي به چڙهي ويا، موٽا تان ماري
سي آيا اعتباري، خبرون وٺي خان جون.
واسون وٺي آئيا، قلعي سندي ڪل
ديرو ڏنائون ديم کي، جنگ جا ديهڙ جهل
سڻي سرائين ڪيا تلوارين تجل
کڻي آندو خان کي، اتي ڪنهن اجل
ڪـُـرماڻين ڪجل، پاپڙ پان چٻي ويو.
نوبت ناز نفيل جي، ڌڙيا داڌڙ رنگ
جوانن کئون جر هاريون، نين اڏايون انگ
اؤس اتي ان جي، پلٽيا پون پتنگ
لهريون لحظو لائيو، چاچون ڇڏن چنگ
هسنگ وڃن نڪريا، خواهن خواهه ختنگ
راڻن سيجون وڇايون، پائي پوش پلنگ
ويا چڙهي، ايندا وري، لوئي لال للنگ
نمڪ سندي ننگ، وڃي اڙٻنگ چاڙهيا آڙ ۾.
نيل نشانا، مـُـرچا مصلحت، عظمت ڄاتي ايهي
بنبت بڙجس بانگ پڙهي، جت حاجي خان هنديئي
دليل دليان آندا دل وچ، دولهه سندي ديهي
جنگ نماز جوانان نيتي، سنج سواريا سيئي
مڙني منجهه موسيٰ خان مفلح، ٿيو امام اڳيئي
تقدير اڳيون تدبير نه حاجت، هن ڀي چئي تڪبير تتيئي
الصوات چيون السلام چوان، مرڻ، تان ملامت ڪيهي
فرض تراريون، سپرون سنت، نيرن نيت نيهي
اعليٰ وٺي اُڏريا انيٽل، ويا پنجاهي پيهي
جن ڪئي اولا جي استعمالي، سي ڪئن وقت وڃائن ويهي.
پڙ ۾ پـُـون پٺاڻ پشنگي، پاڪر آن ڪيون پيلان
هي ڀي هڻن هنن کي، هو ڀي هڻڻ هميلان
رئي اتي، رئي رايون ڇايون، رڻ رايون رت ريلان
راند رُڪائي راڌڻ کيلي، رسي وچ رهيلان
نايوڪهي نديون ماڇي، توفي ڪري تفيلان
لوهو لحم لپيٽيو لٽ پٽ، اُلٽ پلن البيلان
سنگراسي سلطان اڙائين، اتي ڪري اُليلان
بيني مول نه بکتر ڀانيو، نايون ناڪ رميلان
بان نشان کرارو ڄاڻي، سنڪ هڻي ڪري سرسيلان
هو ڀي هن وچ ڪرن هميلان، هي ڀي هڻن هميلان
ڪڍو ڪڍو ۽ آڻڻ آڙهه، بکتر ڀائن بيلان
کليا گل گڍن تي ايوين، جيوين رنگ لايون رابيلان
جن وي کاڌو نمڪ نور نورل جو، سي ڪئن وقت وڃائن
ويهي ويلان
هردي طرفين تام پڪارون، ڦرون منجن ڦليلان
گهوڙي گنگ نقاري باجن، گهوڙي گرز گليلان.
آکي شاهه مراد فقير، چڙهو ته جلوا چايون
توڪل عليٰ الله پڙهي ڪر پير رڪابين پايون
عربي اسپ، عراقي، بلخي، نيلا ناچ نچايون
بازي خيل، براق، برنجا، بور، بليل بڇايون
ڪٺ ُ ڪميت، ڪاڇي ۽ ڪرڙا، تتي ترنگ تپايون
ديمن ساڻ ڏاريون درجن، ديس بديس دٻايون
جاءِ بجاءِ، هنڌين هنڌ هوڪا، گانءِ بگانءِ گهمايون
ڪونه ڇڏيو ڪوريڪ قريشي، ڏونگر ڏيهه ڏنايون
جيڪوملڪ مواس ميان جو، تنهن کي تت مچايون
قلات قنڌار ڪلهوڙي روهي، ڦڙتيءَ ساڻ ڦيرايون
ڪهين قصابين ڪاڇو رٺو، پرانهيءَ پرچايون
مهيم ٽاري، نيزا ماري، ريزا رنگ رچايون.
آکي شاهه مراد فقير، چڙهو ته جلوا چايون
سرس ٻڌا سرپيچ سرائين، سونهري سرپايون
شدان شالان ۽ شلوارون، سرخ سـُـفيتان سايون
ڪيمخابون ڪرنانڪ چيتو، ڪسم و ڪل بلايون
بنارسي بچواريون بيرم، بانڪن سر بنايون
آسا ورنيون اورنگزيبيون، اڻ - ڪاتيون آڻايون
گجراتيون گل بدنيون گنڍيون، گهه گهه گر سبتايون
هال رتيون هالار هويزون،تن سرس جليون سرخايون
بوندي ديس بنگالي بسميون، بنسدي بشم ڀرايون
عطر ڪارا، الاچيا اطلس، سوسيون سرس سوايون
ململ خاص مگيسي مشرف، تن کي موافق مغزيون لايون
سانگان سيفان سپران سونهن، سيڪان سٽ ڪمايون
زري ترا زر پيچ زواهر، زر بفون زيبايون
موتيدار مڪلف موزا، پهري مهرا پايون
زرهيت زيب جواهر جهالر، جوڙ رقيبن جايون
خان آيو خرخسي اتي، جوڙي جنگ مچايون.
آکي شاهه مراد فقير، چڙهو ته جلوا چايون
ڪولاچي، ڪوشڪ، ڪليري، ڪليا، قلعي ڪونڌ ڪڏايون
سيهر، سيال، سنديلا، ساوڻ، ساڻ سـُـهاڳ سڏايون
ڏيرا، ڏهر، ڏهوٽ ۽ ڏونگر، ڏرن ڏرڪايون
موهل، منگي، مهڙ، ماڇي، مرکنڊ ڀي مرڪايون
ابڙا ۽ اٽوال اڪابر، اڻن لڳي آزمايون
بلدي، بهر، بلوچ، بداڻي، بيمت، ميم بنايون
گرماڻي، گوپانگ ۽ گهلو، گجر تت گهرايون
اسير، اواڻ، اُنڙ، اوڍاڻان، عمراڻي، اڻوايون
ڀٽي، ڀـُـٽا، ڀتڙ، ڀاڳت، ڀيڏا، بيگ، ڀرايون
ڪوڻڻ، ڪهڙ، ڪواسو، ڪچل، خواجن منجهه گوايون
لاشاري، لانگاهه ۽ ليکي، لاکا ڪن لڙايون
راوسر ۽ سـِـرڪاڻي، سامٽيا، سيفين ڪن سوايون
کيمٽيا، کورکچي ۽ کچرا، کيرن کرڳ لڳايون
کيڙ، کڙ، کهاوڙ، کوکر، کوسا خان کيڏايون
پنجوٿا، پرياڻ، پتافي، واهن وک وڌايون
جهنجهڻ، جت، جمالي، جويا، جج اچن جهڙ لايون
جانوري، جور، جتوئي، جنگي جوان رکن جلدايون
ويڻ، وئنس، ونداهه ۽ وڪا، ويڻن سان ويڙهايون
سي هڻن هٿيار، تڪار تٿي ئي، هلڪا هٿين هلايون
ٻيا اڻکٽ اُڙد عباسي اينٽل، دوس اچن درچايون
تان ڌان ڌان ڪري دماما شاهي، وير پڇي وڻنايون
آکن سچ صريح سڀيئي، هر ڪا راهه رکايون:
تان خان ٻيٺا تون چوپڻ کيلين، اُٿي جو فوجان آيون
انهي ويل امالڪ اُٿيو، پهريون پوش پٽايون
غيباڻن کي گهوڙا جوڙا، بخشي ڀير ڀلايون
ساڻس جي سرواڻ سڀيئي، سمڪي سنگ سڏايون.
زرهه، زري، زربفت، زواهر زينت سان زيبايون
زري تـُـرا، زربفتون پيچون، بيگي بيگ بڙايون
چڙهيو لانگ ورائي گهوڙي، خان ڪلامان کايون
سو اُبتيون سبتيون گبتيون ڦيري، ڪڙ قلعي تي ڪاهيون
هيڏهن ڀي سال سـِـرائين سيفان جوڙيون کاندي ڪاڻ
کڻايون
کيري ان سلطان جزاڻون، جامڪيون جفت جڳايون
شاهو مير، مراد سنديلو، شتر نلو شت گايون
بعضي دوڳ اُڏارن بازو، بعضي باد هوايون
گرج اندر ڏسن جي گورا، رڻ ڪيون رت رلايون
رنگم لڳي، رينگڻ لڳا، جهرڪن جهيڪر جايون
ڏيون ڳاٽ، گهمندا اچن هوريان قدم هلايون
مـُـرچا جوڙي مرڪي ماچن، اڻي منجهه اڙايون
دو طرفين بيٺا دل بادل، ڀڙ بازار بنايون
پلٿي - باز پٺاڻ پيشنگي، شاهلي شور چتايون
ڀڙ بانڪا، ڀاڻوٽ بروهي، بڙڪن ڀيڏ ڀڙايون
اچن عبدالله سان اينٽل، شرطون شاهه پچايون
شاهه چڙهيو، شمشيرون کـُـليون، لحظي ڪن لڙايون
سي ٽهڪن، سهڪن، ڪهڪن ڪوهون، چهڪن چار منهايون
پس وريام وجهندا واڳون، وچڻ وچ ولايون
جتي ڇڙن ڇيرن جا ڇمڪارا، ڪهڪن اُت قرنايون
زابر زنگ، زبرچا زنگي، راه چڱيون ڪن رايون
ڪـُـوپر ڪرنگهه ڪرندا اچن، ڪو پر ڪرنگهه ڪرايون
تتي تودهه مٿي ٽالپرن جو، ڪن نڪورا نايون
نندو ڄام نوائي نيلا، نيزن سان نرنايون
سنگراسي سلطان آڙائي، سورهه ڪيون سرسايون
موڙيون مل ميڙا منجي، تيغن سان ترسايون
هاڪي هو تيغن کي هيرو، پهچي هول هٽايون
خيلي کيرو، آڻن ايرو، درئي دل دٻايون
جڪڙي جوان جلوڪي جوئي، لـُـوهـُـو سان لٽڪايون
لڳي لوهه لڏين لغاري، لڏن لوهه لڪايون
شاهلي مير، کيلي کانوتو، ڪنهن سان مٽ مٽايون
جروار ۽ ٻيا جکرا جوڌي، تن سان جوڙي جٽ جاڳايون
چيلهن ۾ شمشيرون جنجڙا، واهن وهند وڌايون
چنڙ ۽ ٻيا چانڊيا چـِـنجي، چوکن چوج اڙايون
هت مهائن ماهه ملائن، رڻ مهائن رايون
ڪر کنيون ڪر قلعي پڇن، ڳوريون ڳاٽ واريون
ڪني سندا ڪئنتل اچن، ڪني سنديون ڪايون
روهه رتوليون پٽن راڻيون، دروازن تي دايون
کوليو وار گهگهيريون جهولن، پوين کـِـر وَيلايون
روهين روهه بروهين ڀنڻ، واويلا جون وايون
دارون ڌند انڌارو درجن، رڏ وڙهي ڪن رايون
آوَن جاوَن رانوَن رڪين، ڪرنگها قلم ڪـَـرايون
شير اچن دلڌير دلن جا، اعليٰ نام الايون
واگهه جتي وريام وڙهن، تت هڻن هزارن ۾ هٿ لايون
اوئس جي آڙاهه آڙن جا، مجن اُلا عرش اٺايون
اُلن منجهه امالڪ پون، پورا پاڻ پچايون
خؤ لڱن تي تن جي کلي، باغ اناري جو به بنايون
سي ات ڪڍن وڍن واهه وهادن، ڪوميون هڻن سي ڪڙڪايون
وَڪاوير اچن تت وڙهندا، دَلَ، پـَـلي دستا لايون
دستن منجهه دودستون هڻن، ڀيچي ڀيچين کي به پچايون
احد اچن اولارا ڏيندا، لهس وجهن لڪ لايون
لاهيون لاهه اُتي پڻ لٽن، پرس وجهن تت پڙ ملهايون
هڳيون هڪٻئي کي هڻن، ڪن سورهه سنگراسي سرسايون
سرسي وک تني جي ثابت، راوت ريلي رت وهايون
مئمت مار اُتائين مٽ کي، رڪ بادل جان ڪن برسايون
اچن ڌڙ ڌڙن ۾ پوندا، تهدل تير تپايون
آکي شاهه مراد فقير، چڙهو ته جلوا چايون.
هو ڀي زهوان زهر ڀرائي زهري، جلد آيو جبلاتي
تنهن سان پـُـٽ ڀائٽيا هئا پاڻ ڀڙا، جيهل بان
جماتي
تنهن سان ڪومون رومون ڪار غلامي، وڌ وڏي وهواتي
سو جمدر سوني، سمندر سندلڪ، سيڱن ڏول سڃاتي
بعضي ڦهه ڦهه ڦيهه وجهي ڦهڪارو، بعضي چپ چپاتي
وهواهه واهه وهائي وهڻي، واهه ڙي وليداد ولاتي
هول ڪنگول ڪپيس ڪـَـرِ ماڻن، ڇوهون ڇنس ڇاتي
بانڪي تيغ ڀڙائي بانڪي، باقي ڪنڌ ڪٽارو ڪاتي
تان ڀي ريءَ پروانن ڪهڙو پائي جهڙڳ ترارن ۾ جهاتي
هٿ سرائين سيفان سونهن، گجميري گجراتي
درجن دوهه ماريو ديرايون، دور چڱي هرڌاتي
تني مرچٽي مرمڻاڻي مليس، آڻن جا اوقاتي
اڳيون اسماعل اينٽل خان آيو، ڦيريندو فولاتي
کٽي سوڀ سرائين يارو، ماري اهڙو ڪونڌ قلاتي
پڙهو ڪلمون مسلمانو، محمد جا صلواتي.
نگهه ٻئي پار ڏي، نگهه اوس نه پاس
سمند سوني ساز سان، هزارڻ هياس
جهنڊا آيا جهولندا، علم - طوق اڪاس
بـِـزن بـِـزن بهادرو، اهي الاوَ اُتاس
اڙن ۾ اڳيون ٿياس، ان ڪلمي پاس
هڪڙو گهوڙو ڏي گهات سان، ٻيو بختارو باس
دادوئي دو دستو ڪري، کڳ مٿئون کوڙياس
مصرين منهن مڙيا، پر نه مـُـهين موڙياس
نيزا، نوڪان، ناوڪان، رم رم منجهه رتياس
تلانهه ڳچڙيءَ ڳتياس، سهرا سفيلان ڪري
|