سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 8

صفحو :36

 

13. لغارين ۽ رندن جي جنگ

        ٽالپورن جي دؤر ۾ ”شهدادپور تعلقو“ ڄڻ ضلعي جي برابر هو، جنهن ۾ موجوده سانگهڙ ضلعي جي شهدادپور، سنجهوري ۽ سانگهڙ (اُلهنديون ڀاڱو) تعلقن واري ايراضي شامل هئي. مير شهداد خان هن ايراضي مان شهداد واهه کڻايو هو. ان بعد شاهوخان، مارک واهه کي کوٽائي وڏو ڪري اوڀر طرف ان کي شهر ”جهول“ کان به اڳتي وڌايو، جنهنڪري ان کي ”شاهو واهه“ سڏيو ويو. انهن واهن جي ڪري گهڻي زمين آبادي هيٺ آئي. شاهو واهه سان لاڳو ڏکڻ طرفان (موجوده سنجهوري تعلقي واري حد ۾) اندازاَ موجوده جمڙائو واهه کان وٺي اوڀر ڏانهن ويندي ڳوٺ ٻـُـرڙا تائين، مير محمود خان (جنهن جي نالي سان ٽندو مير محمود سڏجي ۽ جنهن جي اولاد مان هن وقت مير حاجي علي احمد خان ۽ مير رسول بخش خان(1)  وڏي همت ۽ حوصلي وارا آهن) جي جاگير هئي، جيڪا ”مير محمود خان جي پـَـني“ (رک واري زمين جنهن ۾ فصل کان سواءِ گاهه ٿئي ۽ مال چري) سڏبي هئي. هن ”پـَـني“ جي ڏکڻ طرف ”مـُـتـَـهلي“ واري ايراضي (موجوده ڳوٺ ”شاهن رند“ وٽ) ۾ رندن جو راڄ هو، جنهن جو وڏو نهال خان رند هو. هنن حيدرآباد جي حڪمران گهراڻي کي سڱ ڏنو هو ۽ انهيءَ ويجهي مٽي جي ڪري سندن مقامي اثر رسوخ ۽ طاقت ۾ اضافو ٿيو. نهال خان پاڻ وڏو لائق هو، پر هڪ اوڏڻ گهر واري مان کيس گل محمد نالي پٽ هو، جيڪو نهايت سرڪش ٿي ساماڻو ۽ نه رڳو پاڙيسري راڄن سان اهنج ڪيائين پر مير محمود خان واري پني ۾ پنهنجون گهوڙيون ۽ ٻيومال ڇوڙي ڇڏيندو هو، جيڪو پيو ڀيل ڪندو هو.

        انهيءَ تي اتي جي هارين ۽ ڀاڳين حيدرآباد ۾ وڃي مير محمود خان وٽ دانهيو، جنهن پنهنجا ماڻهو موڪليا ۽ نهال خان ڏي به چوائي موڪليائين پر هن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. تڏهن مير محمود خان پڇا ڪرائي ته انهيءَ طرف ٻيو ڪهڙو همت وارو مڙس آهي جيڪو رندن کي جهليندو! تڏهن کيس ٻڌايائون ته جعفر خان لغاري اهڙو آهي، جو اوهان جي طرفان کيس خاص پيغام ويندو ته ان کي مان ُ ڏيندو ۽ رندن کي منهن ڏيندو.

        جعفر خان جو ڳوٺ شاهو واهه جي اُتر طرف هو ۽ سنجهوري کان ڏکڻ ويندي شاهو واهه تائين ساڻس راڄ ڀيڙا هئا ۽ سندس وڏو اثر رسوخ هو. جڏهن مير محمود خان جو وٽس خط آيو ته سڀني کي سڏي صلاح ڪيائين، جن اها راءِ ڏني ته: اسان جو تعلق گادي وارن ميرن سان آهي، جن سان رند سڱيڻا آهن، انهيءَ ڪري رندن سان مقابلو ڪرڻ ڄڻ خود ميرن سان مقابلي جي برابر ٿيندو. جعفر خان چيو ته: مير محمود خان کي اهو سڀ ڪجهه معلوم هوندو، پر انهيءَ هوندي به هن مدد لاءِ لکيو آهي. مناسب ناهي جو مدد نه ڪجي. ٻيو ته نهال خان رند وڏو لائق آهي ۽ منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ آهي. ان سان ڳالهائينداسون ته معاملو صلح سانت سان نبري ويندو. تڏهن سڀني جي اها صلاح بيٺي، ۽ جعفر خان پوءِ مير محمود خان ڏي لکي موڪليو ته: اوهان حجت سنڀاري اسان ڏي لکيو آهي، سو اسان ان جو تدارڪ ڪنداسون ۽ ڌڻي ڪندو ته سڀ چڱي ٿيندي.

        جعفر خان پوءِ نهال خان ڏي سلام موڪليا ۽ چيو ته: اسان تي مير محمود خان جو بار پيو آهي ته سندس ”ٻني“ کي ڀيل کان بچايون. تون پاڻ لائق آهين ۽ پنهنجن ماڻهن کي منع ڪر ته "ٻني" ۾ گهوڙيون ۽ مال نه ڇڏين. نهال خان سلامن جو مان رکيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي زباني هدايت ڪئي پر گل محمد ڪونه مڃيو ۽ ويتر وڌيڪ ڀيل ڪرائي، تڏهن جعفر خان پنهنجي سؤٽ شاهه علي خان کي موڪليو ته وڃي ”ٻني“ واري ايراضي ۾ اوطاق ڪري ۽ غريبن کي ڀيل کان بچائي. شاهه علي خان وڃي اوطاق اڏي ويٺو. مقامي آبادگارن کي آسرو ٿيو، پر گل محمد حملو ڪري اوطاق پٽي ڏني ۽ چيو ته: ”جعفر کي جي ڇيڙي نبيري ڪرڻي آهي ته شاهو واهه جي پريان (اتر طرف) ڪري“! شاهه علي خان پوءِ جعفر خان ڏي حال موڪليو ته: اوطاق پٽي ڏني اٿن پر آءٌ هن هنڌ جو اچي ويٺو آهيان سو ڪونه اُٿندس. اڳتي جيڪي ٿيو تنهن کي منهن ڏيندس، پر رند صلح واري ڪا ڳالهه ڪانه ٿا مڃن.

سؤ سؤ ڳالهه سرائي جي رند ڪين ڪنين ٿو لائي(1)
وٺيو ٻانهان ٻاجهه سان بيٺو سنگ سٽا سڀ لاهي
اوڏڻ ڄائو سڀ کان سائو، سنج گهوڙي تي ساهي
چئي: زور گهڻو جو لائي، تنهن سان ڪريان طور ترار هو.

        الله بخش پيروزاڻي (موجوده ڊٺڙي شهر جي لغارين مان ان وقت وڏو) کي معلوم ٿيو ته رند جنگ لاءِ تيار آهن، سو شاهه علي خان جي پٽ پيروز ڏانهن چوائي موڪليائين: رند (گل محمد) وڏا هـُـل هـُـلايا آهن ۽ هو جنگ ڪرڻ وارا آهن، انهيءَ ڪري اوهان به پنهنجي تڪڙي تياري ڪريو.

الله بخش ماڻهو موڪليو رهبت روانو
منهنجو تنهن پيروز کي ڏجؤ ظاهر زبانو
ته: رند ڏاڍي اچي رانءِ ٻڌي آ دل تي ديوانو
ستت سـَـمانو، اوهين جوان ڪريو ڪو جنگ جو.

        تڏهن جعفر خان راڄن کي ڄاڻ ڏنو ۽ تڪڙو لشڪر ڪري چڙهيو ته متان شاهه علي خان کي ماري وجهن. ساڻس سندس پنهنجا ويجها عزيز، ٻيا ڪُلڪلي پاڙي جي لغارين مان ڪي اڀرا مڙس، پاڙيسري راڄ ”آرادين“ جن مان آڍو آرادين وڏي همت وارو هو، خاصخيلي ۽ ٻيا شامل هئا. ڀر وارن لغارين مان پليو خان ۽ مير محمد خان همت وارا هئا پر وقت سر پهچي نه سگهيا:

هوڏنهن مڳ مير محمد هو، هوڏنهن پليو خان
جي ڪا وٿي وقت جي ته ڪڏائن ڪيڪان
پر ويو وقت قضا ٿي پهتا نه پهلوان.

        ڊٺڙي وارن پيروزاڻي لغارين مان ”نظر“ نالي آيو ۽ کڏڙي طرف جي ”بوداڻين“ مان به ڪي آيا پر وڙهيا ڪين:

نظرنسريو ڪونه ڪو ٿيو اگهن جي آچار
”بوداڻي“ به بس ٿيا جن هنيو ڪونه هٿيار.

        جعفر خان جي پـُـٽن مان علي بخش ترار جو وڏو کيڏاري هو ۽ خدا بخش بندوق جو وڏو توبچي هو. علي بخش کي هڪ ڀيري حيدرآباد ۾ مير صاحب تلوار ڏيکاري ۽ سندس راءِ پڇي. چيائين ته: ”مير صاحب! واهه جا آهي“. تڏهن مير صاحب چيو ته: ”هائو! پر مـُـٺ ۾ ذرا ڪوتهه آهي“ (يعني ذرا ننڍي آهي)، تڏهن علي بخش چيو ته ”اُها وک وڌائي هڻبي“. مير صاحب چيو ته: ”جنگ ۾ وک رتيين وڪامندي آهي“. علي بخش جواب ڏنو ته: ”سر ڏني سهانگي ملندي“.

        جڏهن جعفر خان لشڪر ڪري چڙهيو، تڏهن علي بخش کي چيائين ته: تون وڌي هلي چاچي شاهه علي خان سان ڀيڙو ٿي متان کيس ڪو نقصان پهچي. هن وٽ ڀلي گهوڙي هئي سو وڌي وڃي پهتو، پر جنهن اوطاق طرف ويو سا رندن جي هئي ۽ پويان رندن جو لشڪر تيار هو. گل محمد پري کان ڏسي چيو ته: ”علي بخش مون توکي آسمان تي پئي ڳوليو پر تون ته زمين تي ملي ويو آهي“. علي بخش اهو ويڻ ٻڌي لهي پيو. ايتري ۾ جعفر خان وارا شاهه علي خان واري ماڳ تي پهتا ۽ علي بخش ڏانهن ماڻهو موڪليائون ته اچي ساڻن ڀيڙو ٿئي. علي بخش چيو ته: رند ويڻ ڪڍيو آهي، هاڻي فيصلو اتي ٿيندو جتي آءٌ بيٺو آهيان، زمين چـُـري ته علي بخش چـُـري. تڏهن جعفر خان به لشڪر سان اتي آيو ۽ چيائين ته اول صلح جون ڳالهيون ڪنداسون ۽ صلح ٿيو ته جنگ نه ڪنداسون، هن طرفان ڪوبه اڳرائي نه ڪري.

        جعفر خان، نهال خان ڏي ماڻهو موڪليو ته: ادا، ڳالهيون ڪنداسون. نهال خان اها ڳالهه قبولي ۽ پنهنجن ماڻهن سان اڳتي وڌي آيو. ٻئي طرف اچي هڪٻئي کي ويجها ٿيا. تڏهن جعفر خان ۽ نهال خان پاڻ ۾ ڳالهايو. هو پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تي بهيڻ وارا هئا، جو گل محمد کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن اوچتو جنگ جي باهه دکائي، يعني ته جعفر خان جي طرف وارا جيڪي اويسرا بيٺل هئا ۽ جن مان پيروز خان سڀ کان ويجهو هو، تنهن تي گل محمد جلهه ڪئي ۽ ترار جي ڌڪ سان پيروز خان کي پورو ڪري ڇڏيائين. اتي علي بخش خان ترار ڪڍي چوٽ ڪئي ۽ وڃي گل محمد سان آڙا اٽڪايا. نهال خان جي ڀرسان بيٺلن مان ڪن جفعر خان کي چتايو، تڏهن خدا بخش خان به خود نهال خان تي بندوق سڃي. هن طرفان مڙس وڌيا ئي مس ته خدا بخش جي بندوق نهال خان کي نشان ڪري ڇڏيو. پوءِ ٻنهي طرفان مڙس جنبي ويا. آڍي آرادين اچي ٻئي طرف جي هڪ خاصخيلي جوان کي کنيو، جيڪو نيٺ ڀڳو ۽ آڍو پويان ترار جون چوڪون چکائيندو ويس. علي بخش خان اچي گل محمد کي کنيو ۽ نيٺ ترار جي اهڙي ته تکي وارو وار ٻڌائين جو گل محمد وارو وٺي نه سگهيو ۽ رڳو کيڙي ڏيڻ ۽ پاڻ بچائڻ ۾ پورو هو. نيٺ علي بخش جو ڌڪ لڳس جو وڃي ڪريو. علي بخش ميدان ڪري بيهي رهيو ۽ ڪريل مڙس کي ٻيو ڌڪ نه هنيائين. ڪن بيانن موجب گل محمد جا وار وڏا هئا، کيس علي بخش جي ترار ڪجهه لڳي جنهن تي سندس وار رتائجي ويا. ڀانيائون ته هاڻي هي مڙس ڪريو سو ڪونه اٿندو. پر هن پوءِ وار هٽائي، پوئتي ورائي ڏٺو ته پيروز خان پاسي سان اويسرو بيٺو هو، جنهن کي ترار هڻي ماريائين ۽ پوءِ پاڻ به ڪريو ۽ مئو.

        نهال خان جي مرڻ تي ٻئي طرف جا ماڻهو ميدان ۾ نه بيٺا ۽ جعفر خان پڙ کٽيو.

جُنگن ۾ جُنگ هو، جُنگ به جعفر خان
راڄن ۾ راڄائتو، پڙ ۾ پهلوان
ڪائين ڪيائين ڪانڪا، ڏنئين مير صاحب کي مان(1)
”قني“ پليائين، ڀيل جهليائين، هيڻا همٿيائين چاڙهي شرطئون شهلي خان
اڳيؤن به نرنسنگ هو نهرو نهال خان
سو جي پلي پنهنجن کي ته لهن هُل هنگام(2)
پر هن جي هلي ڪانڪا پُٽر نه موکيو پاڻ
ڇَٻي ٻِج مان ڪين ٿئي چڱي منجهه چؤگان(3)
اوڏڻ ڄائو ڪين ڄاَئو، جنهن هنيا هوند شغان(4)
تنهن تي اُسري ”علي بشڪ“ آئيو مرد ڪري ميدان(5)
پيا ترارين پاڻ ۾ سِڱ اڙائي سانهه
ٿي سَٽ پَٽ سَرواهين جي گهوگهٽ ۽ گهمسان
سَڃي بندوق سرائي اُت، نر ڪري نيشان(1)
ڪڙ ڪڙ ڪري ڪان ويو جنهن نيو نهال خان(2)
”آڍي“ آرادين ات ملهايو ميدان
اوڏڻ پٽ اُلٽي پيو جڏهنيس ڌڪ دگران(3)
بانڪو پوءِ بيهي رهيو جنهن سوڀ ڏني سبحان(4)
چئي: ٻيو ڌڪ هڻندس ڪينڪي جو مڙس ڪريو ميدان
پر هن چڱائي ڪانه ڪِي، جنهن ماريو ويسرو وريام(5)
پيروز پئي پڙ ۾ سينگاريو سامان(6)
جـُـڙيو جعفر خان جنهن جو شاهه رکيو هو شان
”مُتَهلي“ جو مان، لغاري لاهيو وڃن(7).
------

14. احمدپور لما واري جنگ(1)

        ٻگهو دستي تنهن ڪو ماڻهو ڪارو ڪري ماريو ۽ الهيار خان شر وٽ ٻيروٽي ۾ اچي پناهه ورتائين. دستين چيو ته مارين ته عورت به مار، پر هن ائين نه ڪيو. دستي انهي تي الهيار شر وٽ آيا. الهيار چيو ته: هو بائٺ ٿي آيو آهي. انهيءَ کي ڪيئن ڇڏيندس؟ انهيءَ تي وڏي جنگ لڳي. هڪ طرف الهيار شر وارا ۽ ٻيا ڪي لنڊ ۽ کوسا ساڻس، ٻئي طرف دستين جي مدد ۾ بهاول خان رياست جو نواب (وفات 1224هه / 1809ع) جنهن پنج سؤ روهيلا چاڙهيا. احمد پور لما ۾ جنگ لڳي. الهيار شر پڙ کٽيو. هن جنگ ۾ دستين وٽ توب هئي جنهن کي بخش پٽ سخيءَ جو جهنڊو کڻي سامهون ٿيو. الهيار خان جو پٽ دين محمد ۽ ڀاءُ صوبدار خان پڻ اهڙي سورهيائيءَ سان وڙهيا، جو نواب جا ڪپتان مارجي ويا ۽ انهن جا جنازا احمد پور ۾ کڻي آيا. انهيءَ جنگ مان بارڻ دستي ڀڄي ويو، پر پوءِ مڙس وٺي آيو ۽ ٻيروٽيءَ ۾ اچي الهيار خان کي ماريائون، پر پوءِ شرن به بارڻ دستي کي ”مانسنگ جي ڪُڙهه“ ۾ وڃي ماريو ۽ وير ورتائون. ان وقت شرن سان ٻه کوسا ۽ ٻه مڙس لُنڊ گڏ هئا. احمد پور لما واري انهيءَ جنگ تي هڪ بيت هيٺ شامل آهي:

بَشڪ پٽ شخيءَ جي، ڪيون سچايون(2)
دينڻ سان هئن، جهِنگير جايون
(3)
صوبدار، علي جي يار، وَه جو وير وڳايون
(4)
اِٿان آوَن، ڪلمان ڳاوَن، اُٿان کنا خوب کنوايون
آيون احمدپور ۾، ڪپتانن جون ڪايون
ٿُڪ هئي بارڻ دستي کي، ويو منهن پڇتي پايون
ٿيڪ ڪنون تلوار نه ڪڍيس، ويندو آلڌُ لڪايون(1)
پر ۾ بارڻ دستي کي، ويا رن ۾ رُڪ چٻايون
لُنڊ کوسي شر بازيون چايون، ويا وير ڀڄايون.


(1)  مير رسول بخش خان ڏيڍ سال کن اڳ (1- مئي 1982ع تي) گذاري ويو.

(1)  سرائيءَ جي، يعني جعفر خان جي.

(1)  ڪائين ڪانه ڪيائين = انڪار ڪونه ڪيائين. مير صاحب = مير محمود خان.

(2)  سو نهال خان جيڪڏهن پنهنجن کي ڀيل کان جهلي.

(3)  ڇٻو ٻج = ڇٻي وارو ٻج، جنهن ۾ ان جي ڀلي ڍلي هر قسم جي جنس پيل هجي.

(4)  شغان هنيا = ويڻ ڏنا، ڍيڪ ڏنا، ڊاڙ هنئي.

(5)  تنهن تي = اوڏڻ ڄائي گل محمد تي. علي بشڪ = علي بخش، جعفر خان جو پٽ. اسري آيو = حملو ڪري آيو.

(1) بندوق سڃي = ڌڪ هڻڻ لاءِ بندوق سڌي ڪئي. سرائي = خدابخش، جعفر خان جو پٽ.

(2)  نيو = نهوڙيو، ماريو.

(3)  الٽي پيو = اٽلي پيو، ڪري پيو. دگران = پهلوان (علي بخش).

(4)  بانڪو = بهادر علي بخش.

(5)  هن = گل محمد، جنهن کي علي بخش ٻيو ڌڪ نه هنيو. ويسرو = ويسرو بيٺل، پيروز خان.

(6) پئي پڙ ۾ = ميدان ۾ مارجي ڪري.

(7) جڙيو = ڪامياب ٿيو. متهلو = ”متهلي“ نالي علائقو (هن وقت ديهه جو نالو).

(1)  ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

(2)  بخش پٽ سخيءَ جو.

(3)  دين محمد پٽ الهيار جو.

(4)  صوبدار ڀاءُ الهيار جو.

(1)  ٿيڪُ = کپُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org