سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 8

صفحو :32

 

10. ڀيٽاري واري جنگ(1)

        هيءَ جنگ ”ڇاڻي واري وڏي جنگ کان ڪجهه پوءِ جتن ۽ سنڌ جي انتظامي اٽالي جي وچ ۾”ڀيٽاري جي اُتران ”ٻني“ ۾ رڻ جي دنگ تي لڳي. شاعر چڱو جت ان وقت حيات هو ۽ هـُـن هـِـن جنگ تي بيت چيا. بيتن ۾ ڏنل اهڃاڻن، مالڪڏني فقير جت جي وضاحت ۽ ڪچهرين ۾ بيان ٿيل ڪن ٽاڻن ماڻهن مقابلي جو سبب هن طرح معلوم ٿئي ٿو.

        ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ تي چڙهائي ڪري پنهنجي فوجي طاقت ڄمائي هئي. سندس وفات کان پوءِ ڪلهوڙا حاڪم ڪمزور ٿيا ۽ سنڌ جي سرحدن تي ٻيا قابض ٿيا. سنڌ سان لاڳيتو ڪڇ ۾ جتن جي قوم طاقتور هئي. اهي ڪڇ جي راءِ سان ڀيڙا هئا. ڪلهوڙن جي آخري دور کان وٺي ٽالپورن جي اوائلي دؤر تائين، هو سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي خود مختار ۽ طاقتور رهيا. انهيءَ طاقت جي زور تي ئي ملڪ شير خان جت بالآخر سنڌ جي نئين حڪومت سان طاقت آزمائي ۽ ”ڇاڻي“ واري جنگ لڳي. ان جنگ ۾ لاکاڻي جت ڪين وڙهيا ۽ ٻيا ڪي ”اوٺاڙي“ جت ڀڳا. ”مٺاڻي“ وڙهيا، پر منجهائن هڪ مڙس نـِـبـَـهندو عالياڻي ميدان مان ڀڳو، پر بتال ٿي ويو ۽ ست ڀيرا ”ڇاڻي“ ٽپيو. هڪ پاسي کان گهڙي ٻئي پاسي وڃي وري موٽي. ان تان پهاڪو پيو ته ”نـِـبهندو ست ڀيرا سير اُکتو“ لاکاڻين ۽ نـِـبـَـهندي عالياڻي جي پٽ ۽ پوٽي پوءِ پئي اها ڳالهه ڳڻي ته ڪنهن پر ”ڇاڻي“ واري ميار لاهجي.

        لاکاڻي لـُـوڻي تي ويٺل هئا. ساڻن ٻيو راڄ ”متوئن“ جو هو. ميان غلام شاهه واري وقت ۾ انهن تي ”ماليات“ ٻڌي وئي، يعني ساليانه داڻبندي يا ٻئي ڪنهن حساب سان رقم ٻڌي وئي. ڪلهوڙن جي زوال واري دؤر ۾ هنن ڪانه ڏني، پر ٽالپورن جي حڪومت ۾ نئين سر سرحدن تي انتظام ٿيا، جنهن موجب ڪو کٽياڻ فوجدار، لـُـنڊن ۽ کوسن جو مختصر اٽالو ۽ منشي ساڻ ڪري ”لوڻي“ ڏانهن روانو ٿيو ته اتي لاکاڻي جتن کان ماليات وصول ڪري.

 

        اها خبر سڀ کان پهريائين جيوي نالي لاکاڻيءَ کي پئي، تنهن سڀني کي ٻڌايو. هي موقعو ڏسي مڙس تيار ٿيا ته مقابلو ڪن ۽ ”ڇاڻي“ واري ميار لاهين. منداڻي جتن مان به مڙس ساڻن ڀيڙا ٿيا جن ۾ عارب، سؤتڪ ۽ سهراب همٿ ڀريا هئا. نبهندي عالياڻي جو پوٽو شير نالي همٿ ڀريو جوان ساماڻو هو، سو به اچي پهتو ۽ چيائين ته: آءٌ سر به ڏيندس پر ڏاڏي تان پهاڪو لاهيندس. پوءِ هنن ويهي مصلحتون ڪيون. ٻار ٻچا ٻئي پاسي روانا ڪري ڇڏيائون. جتن کان سواءِ متوئا، واڍا توڙي پاڙي ۾ ويٺل مينگهواڙ پاڻ سان ڀيڙا ڪيائون. پوءِ ”لُوڻي“ کان هليا ۽ ”ڀٽاري“ جي ويجهو اچي گس جهلي ويٺا ته جيئن ئي سنڌ وارا رهمڪي کان اچن ۽ هي مٿن حملو ڪن. رهمڪي بازار کان جيڪا واٽ لُوڻي ڏانهن ويندي هئي، ان تي رڻ کان پريان پهريون پِياڻو (پاڻي پيڻ جي منزل) ڀٽارو هو، جنهن تي مَنداڻي جت ويٺل هئا.

        هي اڳواٽ جنگ جي تياري ڪري ويٺا هئا. جڏهن سنڌ وارا پريان روانا ٿيا ته هنن کي خبر پئي ته انهن ۾ ڪي ته دفتري منشي ۽ عملي جا ماڻهو آهن، باقي سپاهه ايترو گهڻو ڪونهي. جڏهن هو رڻ وارو پنڌ ڪڍي اچي ڀٽاري جي اُترئين طرف رڻ جي ڪنڌي تي پهتا ته ڀٽاري ۾ پاڻي پين ۽ ساهي کڻي اڳتي لُوڻي ڏانهن روانا ٿين ته هنن مڙسن دير ئي ڪانه ڪئي ۽ مٿن حملو ڪيائون، جنهن ۾ عارب منداڻي سامهون لُنڊ ٻروچ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو ۽ شير عالياڻي کٽياڻ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو. کوسا جيڪي کٽياڻ جي اٽالي ۾ هئا سي ميدان ۾ ڪين بيٺا. پر کٽياڻ جي اڳواڻي ۾ لُنڊ ۽ ٻيا جيڪي مڙس هئا سي آخر تائين ميدان ۾ بيٺا ۽ جتن، متوئن، واڍن ۽ مينگهواڙن مان گهڻن کي ماريائون. سنڌ جو باقي بچيل اٽالو لاشا کڻائي پوئتي موٽيو. جتن ۽ ٻين کي ٻئي طرف کڻائي ”ٻُرڪر جي تڙ“ کان اُتر ۽ لوڻي جي تڙ“ کان ڏکڻ دفن ڪيائون. بودلو شيهه به هن مقابلي ۾ ماريو. هو درويش قبيلي جو هو، سو هن مقام تي ”شهيدن جو مقام“ نالو پيو. چڱي جت هن جنگ تي بيت چيا جن مان جيڪي مالڪڏني فقير کي ياد هئا سي اسان لکيا ۽ هيٺ ڏجن ٿا.

1.      ساراهيان سو ڌڻي جنهن جي وڏي وڏائي
”لاکاڻي“ لُوڻي ۾ هُدائي(1)
”مَتُؤتا“ ان ماليات ۾ ڀيڙا هئا ڀائي(2)
”جيوي“ ڳالهه جتن کي سورهيه سڻائي
ته اُپڙي ٿي اُتر ۾ ڪا ٻيليا ٻلوائي(3)
مانجهيا متان ڪا ڪريو ڪوجهي ڪمائي
تن مردن مڇون رتيون کُني کير کائي(4)
هو نُهَرا نِوائي، راوتَ رکي اُڀيا(5).

 

2.      راوت رکي اُڀيا سي لاکاڻي لُوڻار
مهندان ڏنو مير کي قيصر شينهن قرار(6)
ته: وک مَف کڻج وترَي هي آهن ٻاروچاڻا ٻار
گس تي پُٽ گگهَيرين جا آهن ڀاري وڏا ڀار(7)
مر سڻي ڪيچ قنڌار، ته مانجهي ميرن گڏيا.

 

3.      مانجهي ميرن گڏيا مهندان ماهيا سانَهه
روٽ پچايائون رُڪ جا سي مرکائي موٽن خان(1)
هي دفتري ديوان، وڃي ڏين سماچار سنڌ کي(2).

 

4.      ڏين سماچار سنڌ کي، ڪهي ڪاڳَرِيا(3)
ته: هي قيصر شينهن ڪاڇي جا، هو ٻروچ ئي ٻيا(4)
سورهيه ڪندا سا، جا ڪي سوڀدار سنڌ سان(5).

 

5.      جا ڪي سوڀدار سنڌ سان، اهڙيءَ منجهه آهين(6)
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ٿا ويتر وڌائين(7)
پڙٿا پنجاهين جا مر ڳڃان ڳوٺ ڳاهين(8)
راوت سڀ راهين، لاکاڻي لوڻي ۾(9).

 

6.      لاکاڻي لوڻي ۾ مڙيو مصلحتون ڪن
ته: جوانا ڪو جواب ڏيو ”ڪيئن وڙهيو سين ويرين!
لڄون، لڏون، لاڏڪا ڇڏيا ڪين پڄن(10)
حرم ڪريو هلندا پهرُو نه پاسي تن(1)
نان وڙهي سين ويرين، سائو سوڀارا ٿيو.“

 

7.      سائو سوڀارا ٿيو، انهينءَ اهڃاڻن
کُتا ٿي کونهر ڀٽاري ڀڙَن(2)
آيو عارب ات هئا منجهان مندائين(3)
ليٽائي رکيو لُنڊَ کي هائِنگ پئي هئن(4)
مهندين لڳيون منهن ۾، جهليا پير پوين(5)
کوما کِسي چُريا، کنئي لوٿ لُندن(6)
خوشيءَ سان خانن، تن ڪُٽي ڪٽڪ واريا.

 

8.      ڪُٽي ڪٽڪ واريا، پاونگ کوڙي پير(7)
هڪڙيون شيرون شاه بدين تان، ٻيو شيرون مٿان شير
پهرِين شرم شهيد ڪري، پوءِ ڀريائين پير(8)
کني ساڻ کٽياڻ کي ڍڳ ڪيائين ڍير(9)
سڄو ڏيهه سانکي ٿيو، شال ڏنو جو شير(10)
هن جهوري مَٽَ جهُوڙير، وڃي اڳيون ڪُر اجاريو(1)

9.      آيو بودلو اُسري، تتي تيڏيءَ وار(2)
...................................................
...................................................
جن پيتي شاهه شيرن جي سي چُريا ڪين چمار(3)
مٿي شرم ماهو ٿيا مري مينگهواڙ(4).
واڍي پنهنجي وار، ات مري تنهن ملهائي.

 ------


(1)  فقير مالڪڏني مٺاڻي تالي جت جي زباني قلمبند ڪيل.

(1)  هُدائي (بلوچڪي ٻولي جو اُچار) = خدائي، ڌڻي جا پيارا.

(2)  ماليات = زمين ۽ پيدايش.

(3)  ٻيليا = اي ٻيليو، ساٿيو. ٻلوائي = پچار، چئوٻول.

(4)  کني = کن، کنڊر.

(5)  نهرا (ن جي پيش سان، جتن جو اچار) = نـَـهرا، وڏن سڱن وارا، ڏاڍا جوان. نوائي رکي اُڀيا - تياري ڪري جنگ لاءِ اٿيا.

(6)  قيصر شينهن = شير نالي جت، نـُـک عالياڻي، پاڙو مٺاڻي.

(7)  ڀاري = ڳرا، وڏي همٿ وارا. ڀار = ڀائر.

(1)  رڪ جا = ترارين جا. خان = سنڌ جي لشڪر جا اڳواڻ، سپهه سالار کٺياڻ.

(2)  دفتري ديوان = سرڪاري منشي جيڪي اڪثر هندو هئا ۽ ديوان سڏبا هئا ۽ جيڪي لشڪر سان به لکپڙهه لاءِ گڏ هوندا هئا.

(3)  ڪاڳريا = ڪاغذن وارا، دفتر رکندڙ.

(4)  ڪاڇي جا = ڪڇ جا، هو ٻروچ = سنڌ وارا ٻيا ٻروچ.

(5) سوڀدار = ملڪ شير خان جت، جنهن لڙائي ڪئي پر آڻ نه مڃي.

(6) اهڙي منجهه = اهڙي رٿا ۾.

(7) وڌائين = رٿ کي وڏو ڪن.

(8) پڙٿا = پلٿا، جنگ ۾ کيڏون. پنجاهين جا = اهي جيڪي جنگ ۾ اڪيلا پنجاهن جا مٽ. ڳڃان = ڳوٺ. ڳاهين = ورائي ورائي بيان ڪن.

(9) راهين = جنگ جي فصل جون راهون ڪن.

(10) ڇڏيا = پوئتي گهرن ۾ ڇڏيا.

(1) زالن کي اڳتي هلندو روانو ڪريو ۽ انهن سان پهريدار مڙس موڪليو.

(2) کتا ٿي کـُـونهر = هنن اچي کوهر (پاڻي لاءِ) کوٽايا. ڀٽاري = ڀٽاري وٽ. ڀڙن = ڀڙ مڙسن.

(3) عارب منداڻي جتن جي پاڙي مان.

(4) هاٿنگ = پهلوان (عارب).

(5) اڳين کي جو تراريون لڳيون ته پويان بيهي رهيا.

(6) کي چريا = ميدان مان کسڪي ويا. لوٿ = ڌڙ اُن لنڊ جو.

(7) پاونگ = پهلوان جيڪو پڙ ڪري بيهي وڙهي. شيرون = ڇيرون فتح جون. شاه بدين (مهاب دين) = بدين جي ولي کي.

(8) شرم شهيد ڪري = پنهنجي زال نالي سکان  کي ماري. پوءِ ڀريائين پر = پوءِ اچي جنگ ۾ بيٺو.

(9) کٽياڻ = سنڌ جي لشڪر جو سپهه سالار.

(10) سانکي ٿيو = ساکي ٿيو، شاهد ٿيو. شال ڏيو = ڇال ڏنو، ڪڏي اچي ترار هنئي. شير = شير مٺاڻي جت.

(1) جهوري = زخمي ڪري، ماري. مٽ = پنهنجي مٽ کي، آڏو مقابلي ڪندڙ کي. جهوپڙير = جهوڙي وارو، وڏي پٽڪي وارو، وڏي تري وارو (کٽياڻ). اڳيون ڪر = اڳ وارو بڻ، سندس پنهنجو ڏاڏو نبهدو، جيڪو اڳ ڇاڻي واري جنگ ۾ بتال ٿيو هو ۽ نه وڙهيو هو.

(2) بودلو = بودلو نالي جتن جي شيهه ( = شيخ، يعني فاقيري ۽ درويش) پاڙي مان.

(3) شاه = ڇاهه، لسي. شيرن جي = جتن جي. چمار = مينگهواڙ.

(4) مٿي شرم = سندن ننگن تي. ماهو ٿيا = وڙهندي وڙهندي مارجي ويا. واڍي (اسم جنس طور واڍو لاءِ آندل) = واڍا جيڪي جتن طرفان وڙهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org