باب نائون
سنڌ جي سورهين جون انگريزن سان جنگيون
(1)
1. انگريزن طرفان ملڪ فتح ڪرڻ جي سازش ۽ قنڌار جي
افغانن، بلوچستان جي خانن ۽ سنڌ جي ميرن جون
انگريزن سان لڙايون
جن ڏينهن ۾ شاهه شجاع بادشاهه ڪابل ۾
حڪومت ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ دوست محمد خان سندس
وزير هو. شاهه شجاع بادشاهه، دوست محمد خان جي
ڀاءُ فتح خان کي غزنيءَ جي حاڪم کان (جو شاهه شجاع
جو ناٺي ۽ ڏَن ڀروُ هو) ساليانو لوازمو وٺڻ لاءِ
موڪليو ۽ ايترو به چئي ڇڏيائينس ته جي نه ڏي يا
ڏياري موڪلڻ جو انجام نه ڪري، ته جنگ ڪري تابعداري
مڃائي اچجانس. انهيءَ تي فتح خان غزني ۾ آيو ۽ اچي
اُتهون جي حاڪم کان لوازمي جي تقاضا ڪيائين. جنهن
ڏيکاريو ته هن سال فصل جي نه ٿيڻ ڪري ڍل ڪانه
اُٰڳڙي آهي، ٻئي سال اکين سان بادشاهي ڏن
موڪليندس. پوءِ فتح خان ڪي ڏينهن اتي رهي پيو.
هڪڙي ڏينهن غزني جي تلاءُ تي فتح خان مجلس ڪئي ۽
اُتهون جي حاڪم کي چوائي موڪليائين ته: پنجن سوارن
سان اچي مجلس ۾ شريڪ ٿيءُ، جنهن تي هي حاڪم بي ڊپو
مجلس ۾ آيو، مگر فتح خان ڌڪ هڻي ماري وڌس ۽ اهڙي
ظلم ڪرڻ بعد يڪدم ان جي محلات ڏي ويو ۽ سنديس راڻي
(شاهه شجاع جي ڌيءَ) کي چوڻ لڳو ته تنهنجي پيشگير
۾ جو نـَـوَ لکن روپين جو قيمتي اڳٺ پيل آهي سوڪڍي
ڏي. راڻيءَ چيس ته ائين توکي لائق ناهي، مگر هن
ماري ڇڏڻ جو ڊپ ڏنس. تنهن تي لاچار ويچاري راڻي
پاسيرو وڃي اهو اڳٺ لاهي آڻي ڏنس، اهڙي ظلم ۽ بي
مروتيءَ جو سارو احوال راڻيءَ بروقت پنهنجي خاص
ماڻهو هٿ پنهنجي پيءُ شاهه شجاع ڏي لکي موڪليو.
بادشاهه اهو احوال پڙهي دل ۾ سور سانڍي في الحال
صبر ۾ رهيو. فتح خان جڏهن غزني کان موٽي آيو، تڏهن
شاهه شجاع کي اچي چيائين ته غزني جي حاڪم ڍل ڏيڻي
نه ڪئي، لاچار حڪم پٽاندر جنگ ڪئيسون، جنهن ۾ هو
مري ويو. بادشاهه چيو ته ٺهيو. مگر ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ هڪڙي ڏينهن فتح خان بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾
آيو. بادشاهه وجهه وٺي ترار جا اڳيانس رکي هئي، ان
سان فتح خان جو سر لاهي رکيو. حاضر اميرن وزير کي
انهيءَ تان ڏاڍي مٺيان لڳي ته بي قصور وزير جي
ڀاءُ کي ڇو ماريائين؟ اڄ هڪڙي کي ماريو اٿس سڀاڻي
ٻين کي ماريندو. انهيءَ ڪري کيس تخت تان لاهي،
دوست محمد خان کي کڻي تخت تي ٿاڦيائون(1).
شاهه شجاع کي دوست محمد صلاح ڏني ته هتي
پٺاڻ سڀ تنهنجا مخالف آهن، متان توکي ماري وجهن،
تنهنڪري ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي رهه. تنهن تي شاهه
شجاع چيو ته: آءٌ فرنگين جو لشڪر آڻي به هڪ ڀيرو
ڪابل قنڌار جو تخت ضرور هٿ ڪندس ۽ اوهان کان وير
وٺندس. ائين چئي پنهنجي وزير کي وٺي ڪلڪتي ڏانهن
رُخ رکيائين. ڇو جو ان وقت انگريزن جي ڪئمپ اڃا
رڳو ڪلڪتي ۾ هئي.
جڏهن ڪلڪتي جي ڪوٽ ۾ شاهه شجاع ۽ سندس
وزير کي ويٺي گهڻا ڏينهن گذري ويا، تڏهن هڪ ڏينهن
وزير کان صلاح ورتائين ته هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟ وزير
صلاح ڏني ته فرنگيءَ جي در تي وڃي فرياد ڪر، من ڪو
داد ٿئي. نيٺ ائين ڪيائون. فرنگي سندن دانهن ٻڌي
کين دلاسو ڏنو ته: آءٌ اوهان جي دانهن ضرور
اونائيندس، پر مون کي سربستو احوال ڏيو. تنهن تي
شاهه شجاع ٻڌايو ته: آءٌ پنهنجن چئن دوستن سميت
قنڌار جي ڪوٽ مان نڪتو هوس ۽ واپار سانگي سنڌ مان
ٿيندو جيسلمير وڃي نڪتس.
سنڌ امن وارو ملڪ هو. اتي جيترو وقت رهيس
۽ وڻج واپار ڪيم، ڪنهن به مون سان کؤنس ڪانه ڪئي.
پر جڏهن جيلسمير ۾ آيس ۽ منهنجا چارئي دوست واپار
سانگي شهر ۾ ويا ته ڌاريا ماڻهو ڏسي اتي جا رهاڪو
ساڻن وڙهيا ۽ چئني کي ماري ڇڏيائون. هاڻي اوهان وٽ
انهيءَ لاءِ آيو آهيان ته مون سان ڪجهه لشڪر گڏي
ڏيو ته جيسلمير سان جنگ ڪنداسين. ملڪ اوهان جو ٿيو
پر سنگتين جو وير آءٌ وٺندس.
انگريزن کيس پهريائين پنج هزار لشڪر ڏنو،
جنهن سان جيسلمير تي حملو ڪيائين، پر ٻه هزار لشڪر
مارائي پوئتي موٽيو. وري ٻي مدد وٺي ساڍن ستن
هزارن جي لشڪر سان ٻي چوٽ ڪيائين، پر انهي ڀيري به
هڪ هزار ماڻهو مارائي موٽي آيو.
آخرڪار باقي بچيل لشڪر کي گڏ ڪري انهن کي
شراب جا شيشا پياري، جيسلمير جي سوڍن کي سامهون
ڪيائين. انهي ٽئين حملي ۾ جيسلمير فتح ٿيو. پوءِ
مال خزانو لٽي سڀني کي خوش ڪيائين.
اتي افعانستان کي وري هٿ ڪرڻ ۽ دوست محمد
کي شڪست ڏيڻ جي تياري ڪيائين. هاڻي انگريزن وٽ
بيشمار لشڪر اچي گڏ ٿيو. سموري لشڪر کي پاڻ سان گڏ
وٺي هلڻ جي بدران، لشڪر جا جدا جدا جٿا ٺاهي روانا
ڪيائين. پهرئين جٿي ۾ ويهه هزار لشڪر هو جنهن کي
مسقط واري واٽ کان افغانستان ۾ پهچڻ جو حڪم ٿيو.
ويهن هزارن کان به وڌيڪ لشڪر جو ٻيو جٿو، ٿر واري
واٽ کان ڪابل قنڌار ڏانهن روانو ٿيو. باقي سٺ هزار
لشڪر سنڌ واري گس کان روانو ٿيو.
انگريزن جو لشڪر سنڌ اندر پهريائين گهوڙا
ٻاري ۾ آيو. اتي ڪجهه ڏينهن آرام ڪري پوءِ درياءَ
جو ڪپ ڏيئي لشڪر وچ سنڌ مان مٿي هليو ۽ هلندا
هلندا اچي شڪارپور ۾ پهتا. جيڪو لشڪر ٿر واري واٽ
سان روانو ٿيو هو، تنهن مان بـُـک ۽ اُڃ وگهي
ماڻهو مرندا، باقي ڪي ٿورا اچي سکر وٽان نڪتا، سي
به اچي شڪارپور ۾ پهتا. هوڏانهن ڪوهستان واري واٽ
کان ويندڙ لشڪر جڏهن ”ميري“ (قلات) جي ڪوٽ وٽ
پهتو، تڏهن ”ميري“ جي حاڪم کي چوائي موڪليائون ته:
ڏن ڏي، نه ته جنگ ڪر. ان وقت قلات جو حاڪم محراب
خان هو، تنهن جنگ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڪوٽ تان توفن
۽ بندوقن جي ٺڪاٺوڪي شروع ٿي. انگريزن جي لشڪر به
مقابلو ڪيو. آخرڪار بروهين جي لشڪر جو گهڻو تعداد
پنهنجي ملڪ لاءِ وڙهندي ڪم آيو ۽ محراب خان به
شهيد ٿيو. انهي جنگ ۾ مهراب خان جو پنج هزار لشڪر
۽ انگريزن جا ڇهه هزار ماڻهو مارجي ويا. محراب خان
جو پٽ نصير خان وڏو سورهيه سردار هو، تنهن دودي آڻ
ڪانه مڃي، پر يڪدم آسپاس کان لشڪر گڏ ڪري، انگريزي
لشڪر سان مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار کين قلات مان تڙي
ڪڍيائين.
انگريزن جو لشڪر ڪابل قنڌار کي ويجهو پهتو
ته شاهه شجاع، دوست محمد کي چوائي موڪليو ته: جي
ڀڄڻو هجئي ته مهل اِها اٿئي. تنهن تي دوست محمد
جواب ڏنو ته: ڪابل قنڌار جي بادشاهي آءٌ مئي
مارائي کان سواءِ نه ڇڏيندس. توکي جيڪو لشڪر
چاڙهڻو آهي، وٺي آءُ.
پهريون حملو جرنيل جي ڪمان هيٺ ٿيو، پر
پٺاڻن اڳتي وڌڻ نه ڏنس. جنگ جو نمونو ڏسي جرنيل
صلاح ڏني ته هتي پڄڻ ڀيڻي ناهي، ڀڄو ته ڀڄون. ٻيو
حملو قنڌار جي ڪوٽ تي جيڪب صاحب جي اڳواڻي هيٺ
ٿيو. جيڪب صاحب اهڙي حرفت سان پٺاڻن کي گهيري ۾
ورتو جو پٺاڻن پنهنجا پنج سؤ ماڻهو مارائي ڀاڄ
کاڌي. انهي حملي ۾ انگريزن جا ڇهه سؤ ماڻهو مري
ويا. دوست محمد پنهنجي لشڪر سميت جنگ جي ميدان مان
ائين ڀڳو جو پنهنجي پٽ عبدالله خان جي به خبر ڪانه
ورتائين، جيڪو قنڌار جي ئي قلعي ۾ رهيو. عبدالله،
پيءُ جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ باقي بچيل لشڪر جيڪو
هزار کن هو، تنهن کي گڏ ڪري بهادريءَ سان انگريزي
لشڪر جو مقابلو ڪيو ۽ ميدان جنگ ۾ ئي وڙهي سِر
ڏنائين. اتي ڪابل کان به قاصد ڊوڙندو آيو ۽ دانهن
ڪيائين ته: ”قنڌار مان ڀڄي جيڪي ڪابل ويا، سي اتي
ئي ماريا.“
شاهه شجاع، انگريزن جي مدد سان قنڌار تي
قبضو ڪري ويهي رهيو. لشڪر جا جيڪي ماڻهو هند سنڌ
مان نيا هئائين، تن موٽڻ جي ڪئي. اهي انگريز جرنيل
جي ڪمان هيٺ موٽيا ۽ سڌو اچي سکر ۾ ساهه پٽيائون.
مير علي مراد سندن ساٿ ڏنو، باقي مير رستم خان
حيدرآباد ڏانهن مير نصير خان کان مدد وٺڻ لاءِ
روانو ٿيو. مير نصير خان کيس دلداري ڏيئي مدد ڪرڻ
جو واعدو ڪيو، پر مير صوبدار انگريزن کي چوائي
موڪليو ته: مهل اِها اَٿوَ، جي سنڌ هٿ ڪرڻي اٿوَ
ته يڪدم لشڪر وٺي اچو، انهي خط تي انگريزن پنهنجو
لشڪر وڌائي هالن تائين آندو. اهو خط ملندي ئي
انگريز حيدرآباد ڏانهن وڌيا ۽ مياڻي ٻيلي ۾ ڪنڊن
جو لوڙهو ٺاهي، ان جي آڙ ۾ ويهي رهيا. ساڻن ساڍا
ست هزار لشڪر هو. هوڏانهن مير به انگريزن کي
مـُـنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو ٻارهن هزار لشڪر وٺي
مياڻي ٻيلي وٽ ڦليلي جي ڪپ تي اچي ويٺا(1).
صبح جو پرهه ڦـُٽيءَ مهل ٻنهي طرفن کان
هڪڙي پاسي توفون ۽ بندوقون هليون، ته ٻئي پاسي
آمهون سامهون ترارين جي جنگ شروع ٿي. هڪڙو صبح جو
پهر، ٻيو بارود جو دونهون. انگريزي لشڪر وجهه وٺي
ميرن جي لشڪر کي پٺيان ڦري اچي ميرن جي لشڪر تي
حملو ڪيو. هن جنگ ۾ انگريزن کٽيو. ميرن جا اٺ سؤ
ماڻهو ماريا ۽ انگريزن جو هڪ هزار لشڪر مئو.
انهيءَ جنگ ۾ ميرن کي هارائڻ ۾ مير صوبدار
جي سازش جو وڏو هٿ هو، انهي اميد سان ته سنڌ جي
حڪومت جي پڳ کيس ٻڌائي ويندي، پر انگريزن کيس نوڙ
جي پڳ ٻڌائي، ڀري بازار ۾ بي عزت ڪيو ۽ ٻين ميرن
سان گڏ کيس جهاز ۾ چاڙهي قيدي بنائي روانو ڪري
ڇڏيائون.
شاعر ڪامل جا چيل بيت
1. ساراهيان سچو ڌڻي، آهي عالمن الله
ڪابل اَئون قنڌار هو شاهه شجاع بادشاهه
دوست محمد خان پٺاڻ هو، تنهن جو وهلو وزير آه
شاهه شجاع سوڙهو پيو تن ماڻهن جي مٿاءُ
رعيتَ راهون بنديون، آيا دانهين در مٿاءُ
وري وزيرن ٿي چيو، تون راض نه ڦٽاءِ راءُ
سمجهيو شجاع ڪينڪي، توڙي در آئيو داناءُ
فتح خان پٺاڻ هو، ”دوسنُ“ سندو ڀاءُ(1)
شجاع سو ماري وڌو، گهوٽ وهائي گهاءُ
پر ”دوسن“ در منجهاءُ، کڻي تخت تان تالان مڃيو.
پوءِ دوست محمد چيس:
2. هيڏهون ٿئين هيڪلو، هوڏنهن ڦـِـري پٺاڻ
پياءِ
اُٿي ٻي ڪا دس چتاءِ، اِتي گهُم مَـف هيڪلو.
جواب شاهه شجاع جو:
3. ڪَنڊ نه ٻري ڪـُـهڙئين، اچي ٽوئن منجهه
ساڙ ڀانوَ
وڃي ڪنهن ولايت تؤن، ڇول ڇَليون آڻيانوَ
پوءِ فِرنگ فرنگي آڻيانَو، وڃي ڪنهن روايت مؤن.
4. ڪلڪتي سندي ڪوٽ ۾ گهڻا لڳاسين ڏينهن
والي من وَسائي موٽڻ سندا مينهن
تنهن وري وزير کي چيو: ادا هاڻ ڪريون ڪيئن
راتين پٺيان ڏينهن، ائين لنگهي ويندا ڪيترا.
5. فرياد ڪر فرنگيءَ کي ساجهر سويرو
دانهين وڃ در تي، دائم جهلي ديرو
ته من ڪو موکُ ملهيرو، ساجهر ٿيئي سهنج سان.
6. ڦيري فرنگين پڇيو: خبر ڏيو خير جي
متان ڪي ماندا ٿيو، اوهين مڙس ٿيو مچي
پوءِ لکن سان لوچي، دارون ڪندو سانوَ دل جو.
7. چي: قنڌار سندي ڪوٽ مان، مون سان يار
چڙهيا چار
سونهاريءَ تنهن سنڌ جا، ٻُڌ ڌ ته ٻڌايانءِ پار
ڪنهن نه چيو ڪڏهين، توڻي وڻج ڪيم واپار
آيس جيسلمير ۾، پري لٿو پيو هوس پار
سودي خاطر سُـود جي منهنجا چلي ويا ها چار
جنگ ته جيسلمير ۾ لڳي چئني سان چوڌار
صاحب چنچل ماريا چار، شاه شجاع جا سنگتي.
8. فرنگي فلڪ چاڙهي پهريان پنج هزار
جنگ ته جيسلمير ۾ وڃي ڪنداسين ڪا ڪار
ماڻهن ٻه هزار، مارائي موٽيا پوئتي.
9. وري ٻيجهيءَ چوٽ تي چڙهيا ساڍا ست هزار
وري به هيڪ هزار، مارائي موٽيا ماڳ تي
10. ٽيجهيءَ چوٽ تي چڙهيا، ٿيا رڻ مٿي راهي
راند ڪيائون ريب جي تڏهن بازي بڻائي
ڏيئي شام شراب جا، تن جي وائي وڃائي
پوءِ سوڍا سوائي، اچي ويڙهي ورتائون هٿ سان.
11. پوءِ هلو هلو ڀائرو، پڇون ”دوسن“ جا پار(1)
”ڪامل“ چوي، انهيءَ ڪوٽ مان چـُـري هليا چوڌار
لشڪر ليکو ناهه ڪو، سوا لک هزار
هڪڙن جو منهن مسقط ڏي سي وؤڙن ويهه هزار
ٻين جو منهن ٿيو ٿر ڏي، سي به واڌو ويهه هزار
پوءِ سڄا سٺ هزار، سمهون هلي تنهن سنڌ مان.
12. راتيان ڏينهان پنڌ تي هئي سنگت سا ساري
شاهه شجاع سان سنگتين پَـت چڱي پاري
ٿورين گهڻي ڏينهڙي آيا ”گهوڙي جي ٻاري“
جتي ڪا واري، ويهي ڪيائون ورونهن جي.
13. ڏيئي لَب لنگهيا هئا، سـَـمهُون سنڌ
منجهاءُ
رعيت رنجايان ڪينڪي، پاڻي نياڻ نه پاءُ
ڪاٺيون گاهه پنهنجو ٽَڪين ڳنهندس گاهه
ڄاڻي هيڪ الله، سو سوڳنڌ توسان ٿو کڻان.
14. ڪَهندا وهندا ٿي ويا، پَـس مڻيائون پاري
آيا شڪارپور ۾ وانگي وڄائي
ٿر وارا ٿورا بچيا، آيا سکر کؤن ساهي
جن جو مُـنهن مسقط ڏي، سي آيا لڪن کؤن لاهي
اچي سوڙها ٿيا ساهي، شوقيا شڪارپور ۾.
15. آسُر ويل اُٿي ڪري جڻيا جڙيائون
ٿورين گهڻين ڏينهڙي اچي ميري مڻيائون
اچي ٿيڙيون ويجهڙيون فرنگي فوجائون
پوءِ ميريءَ مير چوايائون، اچي سلام ڪر سيگهه مون.
16. سلام ڪريان ڪينڪي، جنگ ڪريان جائي
محراب خان ميريءَ تؤن توب به گهرائي
ڊهه ڊهه بندوقن جي ٿي، ٻي توفن تپائي
قلات سندي ڪوٽ سان رُڪ ٻڌي رائي
رُڪ ته راهو منڊيو قلات ڪوٽ تانئي
بانڪن بروهين ملهائي، ميريءَ جي ڌڻي اُتان.
17. پوءِ قلات سندي ڪوٽ ۾ ٿي ڏاڍي لڙائي
ٿُڪ سا عيسيٰ خان کي آهي جو ڀڳو ڀرائي
چَـونڊي چَـني مٿي تي ڏني مُلي کي مائي
مُنهن تي محراب خان جي آڻي هيري لڙائي
هڻ هڻ وائي وات ۾، ٻيو سوڌا سوائي
پنجاهه مئو ميريءَ مئون، هوڏانهن سٺ سا سوائي
پوءِ هن به ميري ملهائي، ڏيئي سر سرهو ٿيو.
18. پٽ ته محراب خان جو، نصير خان به نر
وڙهي تنهن ويريءَ جو ڪُٽي ڀڳائين ڪر
هو سورهيه سنگ سـَـٻر، تڙي ڪڍيائين تخت تان.
19. هلو هلو ڀائرو، هلو هتانئون
ٿورين گهڻين ڏينهڙي اچي ويجها پيا هئا واهؤن
پوءِ دودل جي مٿانئون، اچي پيا اوچتا.
20. پهرينءَ چوٽ تي چڙهيا، دودل سندا يار
اچي پيا اوچتا ڌوڌو ڪري ڌڌڪار
پوءِ پهريان پنج هزار، دودل ماريس ديم مؤن.
21. ٻيجهيءَ چوٽ تي چڙهيو، دودو سو داناءُ
اچي پيس اوچتو رات ڏيئي راءُ
دودل ماريس ديم مؤن ٽي سؤ ۽ پنجاهه
پوءِ گيدي ٿيا گڏ گاهه، پُور پچائين پاڻ ۾.
22. ٽيجهيءَ چوٽ تي چڙهيو، ويو وٺ وٺ ڪري وائي
ڪُٽي ڪرماڻين سان تنجي وائي وڃائي(1)
دودل ماريس ديم مان ست سا سوائي(2)
وڃڻ جي وائي، ستت ڪيائون سيگهه مان.
23. هلو هلو ڀائرو، هلو هتائون
ڀڄو دودل جي ديم مان، متان پٺيءَ اچيئون
اچي ڪنهن پَٽ تي، متان پُڄي ماريئون
دوست محمد سندي در ڏي، اسين قنڌاري ڏي ڪاهيون
اچي ڪوٽ به ڏٺائون، ٿورين گهڻي ڏينهڙي.
24. اسر ويل اُٿي ڪري پوتيون پاتائون
جوڙ کڻي سڀ جنگ جا، جڻيا جڙيائون
دوست محمد کي ديمن جا ماڻهو مڪائون
هاڻ اُٿي ڀڄ اُتائون، قنڌار سندي ڪوٽ مان.
25. قنڌار سندي ڪوٽ مان، اسان کي ڀڄڻو ناهي
وجهانءِ لڪن کؤن لاهي، دٻيندوسانءِ ديمن کي.
26. پهرين چوٽ تي چڙهيو جرنيل کڻي ذاتيون
پٺاڻن پري جهليو، توڙي رهي هليو راتيون
پوءِ بانڪا ناهن باتيون، موٽو موٽون پوئتي.
27. ٻيجهيءَ چوٽ تي چڙهيو، جيڪب ٿي آيو
فرنگي پنهنجي فَلَڪ سان ستت ڪري سعيو
ٿيو ڊوهه تنهن ڪوٽ سان، ٻيو ريب به رهايو
اچي رُڪ ٻڌو رايو، قنڌار سندي ڪوٽ سان.
28. رُڪ ته راهو منڊيو، قنڌار ڪوٽ چون
ڳاڙها ڳانا ڳچين ۾ پاتا پٺاڻن
لڳي ترار تنهن ڪوٽ ۾ ڀڳا ڀُوت وڃن
ڇهه سا فرنگين جا مئا، پنج سا پٺاڻن(2)
پوءِ ڀڳا پٺاڻ وڃن، پيءُ ڇڏيو تنهن پُٽ کي.
29. پڙهو فاتحه عبدالله جي ته ثواب ٿئيو سؤ وار
ڏسڻ ايندا ڏينهن کي فرنگي سوَ هزار
شڪ ته پين ڪونه ڪو مَت کسين سردار
سٽي سڪيلن سان ڪَٽيائون ڪاپار
ڌڙ ڪيائون ڌار، تڪي ترارين سان.
30. ڪرور ڪُوڪي آيو، ڪاهي ڏانهن قنڌار(1)
دانهن ڏنائين در تي ڪنڌ پٽي ڪاپار
ته جا ويئي ڪابل ڏانهن قطار، اُهي اتيئي ماريا.
31. هئڙا جيڪي ٽڪيا، منجهه سي ڪوٽ قنڌار
پير ته پاڙئون پَٽي شاهه شجاع ويڙءِ سار
متان پويان رلن ٻار، موٽو موٽون پوئتي.
32. ”ڪامل“ چوي قنڌار مان ٿي ڀڳا اُتان ئي
ويلو نه ٽڪيا وچ تي، ڪيائون سکر منجهه ساهي
اچي پٽپيون ڪيائين، علي مراد کي هٿ سان.
33. علي مراد جو آکيو سو ڦرنگي سوهانو
رستم کي رات جو ڪيائين لاڙ ڏي روانو
مير آيو ميريءَ ۾ تنهن جو بتليو بانو
پوءِ خوش ڪرين خانو، نصير خان توکي ننگ اَٿي.
34. صوبدار لکيو لنگهائيو، فرنگيءَ ڏي ڦيري
ڪونه چوندو ڪڏهن، وڃ وطن ڏي واري
سگهو آءُ چاڙهي، ملڪ اچي ڪر مات تون.
35. فرنگي فلڪ چاڙهي سگهيرو ڪرين سعيو
سَمهون تنهن سنڌ مان اوهين ڪوٽ اُتي ڪاهيو
هالن منجهه آيو، اچي ويٺن ويجهڙو.
36. صوبدار لکيو لنگهائيو، آءُ اڳاهون آءُ
لشڪر ايندءِ لاڏ مان ڪاڇي وارو ڪاهه
دودل وارو داءُ، ويل ته وڙهڻ جي اٿئي.
37. هليو تنهن هالن مان پس مڻيائين پار
فرنگيءَ جي فلڪ جا آهن ساڍا ست هزار
ٻارهن هزار مير سان نڪري ٿيا نروار
اچي ويٺا آڙ ۾ ڪري ڪَنڊن جي واڙ
پوءِ ٿيا توفن جا ڌڌڪار، ڦليلي جي ڪپ تي.
38. هل حشر هـُـل ٿيو صبح ساويرو
تپائي توفن ڏنا ڪيائون پاسو پسارو
موٽي تنهن مهاڙيءَ کان فرنگي ڪيو ڦيرو
توفن ٿي تڪرار ڪيو، ٻيو اوندهه انڌيرو
ڊهه ڊهه بندوقن جي ٻيو گوڙ به غبارو
ٿي باهه ڄڀي جيرو، ترار نڪتي ڪانه ڪا.
39. ڦليليءَ جي ڪپ تي ٿيا توفن جا ڌڌڪار
پڙ مٿي پرزا ٿيا چانگ مڙئي چوڌار
لَڏي لشڪر هليا، ڪري ڪانڌ قطار
سر ڏيئي سرها ٿيا جي سچا هئا سردار
اَٺ سا ماريا ميرن جا، فرنگي هڪ هزار(1)
پوءِ سڙئي کاڻي صوبدار، آڻي ڏني هٿ سان.
40. پڳ جي خاطر پنهنجي سنڌ به ڏنائين
اُڀي تنهن بازار مان مار به کاڌائين
پنهنجي مُلڪ مُڪائين، وجهي تن بونُبن ۾(2).
------
|