سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 8

صفحو :33

 

11. مير ٺاري خان جي جنگ(1)

        هيءَ جنگ ذوالحج مهيني سن 1218هه (1803ع) ۾ لڳي. هڪ طرف ميرپور خاص جو حڪمران مير ٺارو خان ۽ سندس سپاهه هو ته ٻئي طرف حيدرآباد طرفان مير محمد خان ۽ سندس سپاهه هو. هن جنگ لاءِ ڪو خاص سبب ڪونه هو. ميرپور خاص جي طرف وارن مرين ۽ حيدرآباد جي طرف وارن لغارين ٿوري جهيڙي کي وڌائي وڏو ڪيو. مير ٺارو خان بروقت موجود ڪونه هو، ۽ پنهنجين ڪيٽين ۾ هو. جي هتي هجي ها ته ايڏو ممڻ نه مچي ها. کيس خبر تڏهن ملي جڏهن طرفدار قبيلا جنگ لاءِ تيار ٿي ويا هئا.

        سهراب فقير چارڻ جو ان وقت جو وڏو داناءَ سگهڙ هو، تنهن پنهنجن منظوم بندن ۾ هن جنگ جو سمان چِٽيو آهي ۽ جنگ ۾ جيڪي بهادر وڙهيا ۽ ماريا، تن جا نالا وٺي کين ڳايو آهي. سگهڙ سهراب جا اهي منظوم بند ”جنگنامي“ جي نطم جو هڪ انوکو ۽ اعليٰ مثال آهن.

قادر قدرت جو ڌڻي، راز رب جبار
خاوند خالق خلق جو، آ قدرتي ڪلتار
جنهن جوڙي راس جهان ڪيو، درس ڪري ديدار
خاصو خلقيائين خلق ۾ نُور نبي نروار
سو شفاعت ساڻين ڪندو، امت تي اظهار
ٻيو علي شاهه سخي چوان، دين سندو دهوار
تَنهين جي تعريف جو شرح ناهه شمار
حيدر حمايت ڪري ڏني سنڌ ميرن کي مختيار
سي سڀ جُڙيا سنڌ ۾، عامن سندو سينگار
بيحد بلوچن ڪيو، ٿي قابلن قرار
تن دزد مارائي ديس مئون، ڪڍا چور چڪار
امن ۽ امانت جو آهي بانڪن مٿي بار
پر فائق مير فتح علي هو سنڌ جو صاحبدار
جنهن جو وڄندو هو ويرن سر نوبت نِت نقار
رکندو هو راوت سو سندو شوق شڪار
سو هاتڪ هزارن سان چڙهندو هو دولهه دل سينگار
تنهن جي تک ترار کئون ٿي ڪنبيو ڪڇ قنڌار
جنهن جو داٻ دهلي تئون نه لٿو، ڪابل ناهه قرار
جيسلمير ۽ جوڌپور، هوڏانهن ڪَر هالار
پيو ڀُڄ ڀڄئيءَ اُتي، ڏر وڏو ڏهڪار
مبني مذئي ملڪ ۾، ناميو ٿيونروار
تنهن جو گونجو گنداواءَ تي دارُو ڌنڌ آنڌار
تنهن جا سوين سلامي هئا، سهراب چئي سئووار
جنهن جو ايڏو هو اختيار، سو راوت رب رضا رسيو.

هاڻي سن ٻارهن سئو ذوالحج ماهه ارڙهن ورهيه اظهاري
غازي مير غلام علي کي، صاحب سنڌ ڏني سرداري
شير سلامت تخت تنهين جو، بخت بلند ٿيو بسياري
زابر زور زبر سان ظاهر، مير مَسَند منصبداري
ڪوبي ساڻ ڪرامت قائم، عارف اعليٰ ٿيو اظهاري
ڪر معليءَ تي ڪرم الله جو، جسوَت جنگ سندو جهونجهاري
شان شعور شناخت سورهيه، ڪوپو قابل ڪلانداري
مير مراد علي مَرڪي ساچر، صاحب سخن سچاري
پير سڌير بهادر بانڪو، لڄپت لائق لطفداري
تاءَ ترار تنهين جو ثابت، نام بلند ٿيو نرواري
جنهن جو لشڪر آهي جوانو، سنڌ سرو ۽ سنگت ساري
هوڏانهن ٺارو مير موچارو، مرڪي جَسوت جوڙ وڏي جنساري
سو اڙٻنگ ارتل، سرجو سورهيه، ڪوپو، ڪلي قرب قراري
تن گڏ سنڌ جو شان وڌايو، همت ڪئي هوشياري
تيز تني جا نائب نهڙا، لائق خان لغاري
اُٺ ڏسي تن ڏائي ڇڏي جنهن ٿي ول جني ويچاري
مري مڳ هئا ميرن جا ديريدار اتي دهواري
تن سڏائي سوگهو ڪاريو، ساڻ حڪومت حڪمداري
تڏهن ٻيلي ٻول ڪيو ٻولائي، دانهينءَ دانهن پسي پوڪاري
تڏهن لغاري لائق هليا، وير ڇڏائڻ تنهن کي واري
اَولاپيَا اُتي سي انڪي. تن سرواهن ڪئي سٽڪاري
مري مڳ وڌائون ماري، ڪڙڪي ڪونڌ هنيس ڪاپاري
هن ڀي هنيا هٿيار هڪل سان، هاڙي ڦٽي ڦٽ وڌا ڦيڪاري
هڪ ڦٽيو ماري پڻ ماريو، اجل آهي جني اختياري
هيڏانهن مَرين وڃي ڪيو ميڙو، هوڏانهن واهر لغارين واري
جنگ ڪنداسون جُودئون جوڙي، ڏات جني کي ڏاتر ڏياري
جني آ اهڙي اختياري، سي مر سوڀ گٽي سرها ٿين.

کوسي هيءَ خبر، وڃي دانهن ڏياري ديري تي(1)
.........
خط پرواني خوب تي نامئي ڪئي به نظر
تَنهين ترت تيار ڪيا، سڏي سڀ سکر
تن کي چاڙهيون ٿو چوي گوئي هيءَ گفتر:
ته ارڏا اڳيئون اٿَوَ پير بلوچ بشر
تن سان تلوارن جا ڪجو ڪُونڌَ قهر
سي مرڪي مرد چڙهي هليا لائق سان لشڪر
تن اچي غازي خان لغاري سان ڪيا هل هنگام حشر
هي ڀي سڀ سچا هئا سارڌُو، گل گوئي گوهر
(2)
تن ڪيو ماڳ مقابلو، ٿيو سـُـنچو منجهه شهر
ٿيا سـَـٽ ڦـَـٽ سرواهن جا، ڪڙڪيا ڪونڌ ڪپر
هيڏانهن نوَ ماريا نرمل، هوڏنهن ٻارهن ٿيا ٻاهر
جن ڦهه ڦهه ڦهڪا ٿي وڌا، چـَـهڪا ساڻ چـَـڪر
سي موٽي مارائي ويا، جدا ٿين جگر
جن کي ڏات ڏني ڏاتر، سي مر سوڀ کـَـٽي سرها ٿين.

تڏهن لکي خاص خبر، هن ”مير ٺاري“ ڏانهن موڪلي(3)
تان قابل ڪرَههَ نه ڪجي، ساچا سڻ ڪ سـَـٻر
اها مصلحت اٿئي مڃ تون، عقلئون اڪابر
جي ڀائر ڏڍ ڀائن جو، تن کي ڪرهين ناهه ڪثر
هوند ماري ملڪ منانجي، پرائو پرڏر
اها سڌ سکر، جوڙ اٿئي به جنگ جو.

واهه ٻـُـڌي تنهن وير، وهندو ورائي مـُـڪو(1)
ته جودئون انهي جنگ جي، ترت اٿم تدبير
جيئري جنگ جي جڳهئون، ڪين ورندس وير
تون تان پرمل پيڙهين جو، سڻ صاحب مير سڌير
آءٌ به بـَـڇيندس تير، جيڪي جوان آيا سر جنگ جي.

هاڻي ميرن ميڙ موٽائي، قابل ڪٽڪ ڪا ڪوٺائي
ظاهر مير چڙهيو سر لشڪر پنهنجو پاڻ پيو مرڪائي
سانچو سـَـروَ صنوبر سورهيه، سوار پيادا چؤڪس چائي
فائق فقيرو ساڻ فقيرن سنمک سڀ سپاهه سڏائي
”ڇتو“ ڇوهئون هليو ڇٽڪي، نال هليو هو نام لکائي
گوهر ”گنوهر“ چڙهيو تت غازي، ”راوت رڏ“ هليو رنگ لائي
هڪ سهڻو، ٻيو سـِـر جو سورهيه، ڪوپو ڪستئون ڪـَـنوَنت ڪڏائي
سڀ سوار سنگت جا سـِـر سان، دولهه دَل چڙهن دل لائي
منزل منزل ساڻن ميڙا، ڪاءِ ڪـَـرن ڪـَـيڪان ڪڏائي
هڪ ٻئي کي هو چون حقيقت، مڙس ٿجو ميدان مـَـچائي
اِن جيها افضل ايماني، ٻهڳڻ ٻول چڙهن ٻولائي
جود منجهان جنگ اتي جوڙي، نر ڪيا نخرا ناز نچائي
نيلا نيزن سان نرمانا، تازي هليا تيز تپائي
سرخ سنجاف سينگاري سورهيه، برچا پنج ڪلياڻ بـُـڙائي
ڪـِـٺ ڪميت وَهن تت ڪاڇي، سرخ سفيد سـَـمنـَـد سڏائي
پور بوراق ڇوئون بلخي. عربي اَبلق اسپ اُنائي
تـُـرنگ اتي طاوسي تـُـرڪي. مـُـشڪي مردن کنيا مچائي
ثابت سنج سي کي سهڻا، پاڻ چڙهيا پوشاڪون پائي
تن پوشاڪون ڪهڙيون پهريون، جلمل هول ڪنگول هلائي
پـَـستو، بيرم، بجوا اسري، صاف صفاف ٻڌن سانباني(1)
پيچئون پيچ وجهن سر ڀڳئين، پٽڪا پٽ ٻـَـڌن پهرائي
زري ظاهر ڪن زرينا. لونگيون لعل ڪـُـرن لٽڪائي
گنديون گلبدن جون گهـَـريون، سرسيون پانيون تن سبائي
ڪيمخابون تت ڪـَـرن ڪليلا. مرد مٿي ڪن مـَـغزي لائي
املايا اطلس عنبر سان. ريزه راز ربا رنگ لائي
سون رتيون سـَـريائون سونهن، هال رتيون هالار هوائي
تاس ڍڪيو سر پائن طـُـرا، جود ڪرڻ ۾ جنگ جڳائي
ملتاني مردانيون ڇيٽون، ڇنيون ڍڪيون تن چـُـونڊائي
واهه بنات ڍڪائن ڍالين، بيحد بخمل ساڻ بنائي
ڪلنگيون ڪوڏ ٻـَـڌيون سر ڪوپن، سـُـوسيون سرخ سبز سڏائي
ڪان ڪمان هڻن کانوتا، مرد چڙهيا سي موزا پائي
هندين هار ٻڌا تن هاڙهن، سون سروپائون سبائي(1)
سرس صقيلان لعل لهورو، چيلهن ٻڌيون تن چوچائي
مصريون موک کنيون متوالن، اصفهاني عرق اڙائي
جمدر جوڙ ڪيون جوانن، پختا پـُـڙ پولاد پڇائي(2)
تت تلواريون ذات بذاتيون، جونهردار جـُـفت جڙائي
هڻنداسين هاڙهن کي هيڪر، ڪـِـلي منجهه ڪڍي ڪڙڪائي
تن کنيون بندوقون بهت بداريون ڇڙيون ڇوٽ ڪڍيون ڇٽڪائي
شـَـشڪانيون ۽ شير - دَهانيون، رميون راز هڻن رنگ لائي(3)
مـُـهڻيون چـُـهڻيون ڪـُـهڻيون قابو، وڏ ڦڙو جئن مينهن وسائي(4)
بل بلوچ بهادر بانڪا، چليا سي سڀ ڪستئون ڪاهي
جلد جمالي جنگ جهونجهاري، مـَـري هليا مچ مچائي
نظاماڻي ناميا نرمل، چل ڪري هليا چل چتائي
ڀڙ باکراڻي ڪن ڀلڪارون، جود جاداڻن جس جڳائي
واهه لغارن ڪيون للڪارون، پورا پوندا پاڻ پچائي
ڪرن ڪاه ڪلوئي قابل، چاڪ چڙهيا سڀ چونڪ چتائي
واهه ڪليري وير وڙهڻ جا، جعفر کي مر جس جڳائي
نوحاڻي سڀ ناميا ناطق، چڙهيا چؤرنگ چستئون چائي
کيل کٽياڻ اتي ڪن خاصا، کـُـهاوڙ کـَـنو خوب کـِـنوائي
کورکاڻي سڀ خان کني جا، شوقئون آيا شور چتائي
جلالاڻي جوان جنگ ۾، آڙن آيا سي به اُٺائي
ڀل بلوچ ڀرڳڙي بانڪا، جوان آيا تت جهَرڪا لائي
چانڊيا، لُنڊ، لشاري لائن رند رمت ات رس رهائي
کـُڻاڻي بـُـوهـَـڙ بـَـڇايون، دَل مـَـلهن سڀ ديميون لائي
گڏ گوپانگ گاڏهي غازي، مگسي آيا مولهه ملهائي
جَت جوٽي سي جوان جنگ ۾، ڀَٽي آيا ڀڙڪا لائي
ڪَليرن ڪاهه ڪئي تت ڪڙڪي، جويا جوان رکن جلدائي
بانڪا سي بوزدار بهادر، نونَ لهنگ اُمنگ اُٺائي
مَلوڪاڻي مرد مٿيرا، سوڌا سنگت ساڻ سوائي(1)
کوسا خان اتي مرکيلن، نيزا هڻندا نر نچائي
هي سڀ اڙد اُٺايو اچن، دهه دهه ديميون درس دٻائي(2)
تن ڪاري ٿي منزل قابو، وڌي ڪـِـلي تي ڪاهه ڪڏائي
مير ٺاري جو ملڪ مَناڙي، ترت وڌو تن طنبو لاهي
مير محمود مردانو آيو، نر آيو نَريان نچائي(3)
سانچو صاحب سوڌو سورهيه، چڙهيو هراسان چِت لائي(4)
بِير سـُـڌير بهادر بانڪو، اَڙَن آيو سو به اُٺائي
مير اچي ات مصلحت ڪئي تان ديرو وجهو درس دٻائي
هاتڪ ڏي ٿا چوڻ هـَـلايون، راوت راز رکو رنگ لائي:(5)
”پانههَ آ پرچاءَ موچارو، وڙهڻ واٽ اسان تو ناهي
سمجهه صحيح ڪر مير موچارا، جنگ اسان کي تو نه جڳائي“
تڏ ڏنو جواب جوانا جسوت، ٺارو مير چڙهيو ٺهڪائي
تنهن سان خان هئا سڀ چڙهيا، چورنگ چستئون چائي
سڀ جوان هئا سي سورهيه، اچن چاهه منجهئون چارائي
عبدالله خان احمد خان آيا، بانڪا ڀائر سي ڀڙڪائي
نهال خان ڇوهئون آڻن، آڙن آيا سو به اُٺائي
سجاول مري مڳ ميلي، سرس صقيلن ساڻ ستائي
لال خان فتح خان لائق، مري آيا مولهه ملهائي
صوبدار لغاري آيو لائق، مَلهيو پاڻ وڙهيو مرڪائي
سعد خان ڀرڳڙي بانڪو، جوان آيو تت جهَڙڪا لائي
ڏِتو جمالي جوان جُنگن ۾، پيارو پاڻ وڙهيو پرچائي
ٻيا ڀي سوين سپاهه وڙهي ڪن وارا، جهڪاچهڪ ڪرن چهڪائي
خدمتگار هئا نـِـي خاصا، آيا سي اڻ موٽ اُٺائي
وَنڪا ويرِ آيا تت وهلئون، گوني ويٺا گاجون لائي
وٺي شينهن اچي آڙ ويٺو، ترتئون تير تفنگون تائي
هيجان هيڏانهن چيو هلائن، اڳيئون مير ڇڏي موٽائي
آڙن منجهه آسر جو اُسري، بيٺا بانڪا توفون تائي
ماري مڙس وڌا تنهن مانجهي، دهرا دس هنيا دس لائي.

تڏ مير محمود ٻَڌا تت مورچا، ڦري آيس فوجون لاهي
ظاهر ڀي تڙ ڀيڙ تني کي، پيس پڇاڙي سو پرڀائي
ورَنهه وير وڙهيو تت وَهندو، ڪيهر ڪستئون آيس ڪاهي
اُٽلي پيو ات طاهر اَٽڪي، چههَ چههَ ڪن اتي چهڪائي
مور مقابل ٿيا ات مرڪي، وَهندو واهه وڙهيو ونگ پائي
ٿيا اِمام جوان جنگن جا، کوکر خان وڙهيا کونسائي
چئي تڪبير تني تت تيئين، لـَـٽ پـَـٽ لوهه هڻن لک لائي
هڪ ٻئي کي سي هڻن هـُـميلان، لاشا لعل وجهن ليٽائي
ٺاري ٺاهه وڌا ٿي ٺهڪا، ڳوڌن ڳاهه ٻڌا تت ڳاهي
واهه هڻن جو مورچو مِلين، لَڙن ڀِڙن اُت لحظا لاهي
چئو چارڻ تون تن جون صفتون، سڀڪنهن سورهيه سچ سهائي.
---


(1)  سهراب فقير جو هن جنگ بابت هي منظوم بيان، اسان ميان دين محمد چارڻ (دادو) جي معرفت کمن فقير چارڻ کان ٻڌو ۽ قلمبند ڪيو.

(1)  هن سٽ کان پوءِ ڪي سٽون کٽل آهن، جن موجب اندران ڪوٽ مان ڪنهن معزز يا مير صاحب جي ڪنهن ڪاردار ڏانهن سفارش جو خط مليو. کوسي اهو خط پهچايو. انهيءَ لکيل خط تي نامئي نظر ڪئي. بهرحال مير ٺارو خان ان وقت موجود نه هو.

(2)  سارڌو = شينهن.

(3) مير ٺاري خان کي حيدرآباد طرف جي مير محمود خان جي مصلحت.

(1) مير ٺاري خان جو جواب.

(1)  اصل ائين.

(1) اصل ائين.

(2) اصل. همدرد جوڙ ڪيون.

(3)  بندوقن جا نالا.

(4) ترارين جون صفتون.

(1)  شايد صحيح ملوخاڻي.

(2)  هي سڀ = مير محمد خان سان گڏ حيدرآباد طرفان.

(3)  نريان = نر گهوڙو.

(4)  اصل ائين (؟)

(5)  هاتڪ ڏي = حاذق ڏي، يعني مير ٺاري خان ڏي جيڪو وڏو سياڻو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org