7. ڪـِـرين واري جنگ
جبل (ڪوهستان) ۾ سانڊي کي ”ڪـِـرون“ چون،
”ڪـِـرئين“ جي ساڳي ڳالهه تان اڳ ٻروچن جي ٻن
قبيلن جي وچ ۾ جنگ ٿي هئي، جو پهاڪو هليو ته
”ڪرئين خان وڙهيا“ يعني ڪرئين (سانڊي) جي ڳالهه
تان خان وڙهيا. اها ڳالهه ڪا ٿوري ڪانه هئي. آڳاٽي
وقت کان وٺي قبيلن ۾ اِها مڃيل ڳالهه هئي ته جيڪو
”بائنـُـٺ“ تي آيو، تنهن کي پناهه ڏبي ۽ جيڪڏهن ان
تي ڪا جلهه ٿي ته پاڻ قربان ڪري به اُن کي بچائبو.
”ٿڌي“ جي نئن (ملير نئن کان اوڀر) تي هڪ
طرف ڪرمتين جو ڳوٺ ۽ ٻئي طرف جوکين جو ڳوٺ هو.
جوکين جي ڇوڪرن سانڊو ڊوڙايو، سو لنگهي هـُـن طرف
ويو ته ڪرمتين جي ڇوڪرن چيو ته مارڻ نه ڏينداسون،
جو پناهه اچي ورتي اٿس. انهيءَ تي ڇوڪرا وڙهيا ۽
پوءِ ٻنهي طرفان وڏن جي وچ ۾ ٿڌي جي نئن تي جنگ
لڳي. هيءَ پهرين جنگ هئي، جيڪا ”ٿڌي جي نئن“ تي
لڳي. پر اهو مقابلو راڄدارن جي وچ ۾ هو. ”ملڪ“ يا
”ڄام“ ان ۾ ڪين هئا.ان وقت ملير ۾ ڪرمتي قبيلا
طاقتور هئا ۽ انهن جو مـَـلڪ اُن وقت ”مـَـلڪ محمد
ٻٽو“ هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻه ٻـِـٽيون جاڙيون آڱريون
هيون. ڪن جي چوڻ موجب ان وقت ”مـَـلڪ طوطا“ هو.
------
8. ٿڌي واري ٻي جنگ
”ڪرين واري جنگ“ اڳ لڳي هئي، جنهن ۾
طرفدار وڙهيا، پر اڳواڻ شامل ڪين هئا.ان کان پوءِ
جڏهن ٻي جنگ لڳي، تڏهن اتي ڪرمتين جو سردار ملڪ
طوطا هو. جوکين مان اُن وقت بجار همت ڀريو مڙس
ساماڻوهو، پر ايڏو زور ڪونه هو. پاڻ ۽ سندس ماڻهو
ڪنگوري طرف رهندڙ هئا ۽ اتان حب ۽ ملير طرف آيا
هئا. سندن گذران به ڏکيو هو. هيءَ جنگ ڪهڙيءَ
ڳالهه تان لڳي، سو معلوم ناهي، پر مـَـلڪ طوطا جي
طرف وارن کٽي. بجار پاڻ سگهڙ هو ۽ سندس لنگهو به
شاعر هو. ڪچهريءَ ۾ لنگهي کي چيائين ته جنگ هـُـن
طرف کٽي، پر پنهنجن کي ڪجهه ڳاءِ. تڏهن لنگهي چيو
ته: شاعر سچ چوندو آهي. آءٌ جي اکر ڳالهائيندس، سي
تون ٻڌي متان قصورجين! تڏهن بجار چيو ته بيت چئو ۽
ڀل تون سچ ڳالهاءِ. تڏهن لنگهي بيت چيا، جن مان هڪ
هيٺيون، جنهن ۾ چيائين ته: اڃا مـَـلڪ توکان مڙسن
۾ توڙي مال مليڪت ۾ وڌيڪ آهي، سو تون ان سان ڪيئن
پڄي سگهندين!
ڪيڏانهن طـُـوطا ڪيڏانهن تون، ناهيين مٽ مـَـلڪ جو
جيتريون مـِـريون ملڪ آڻي، اوترو اَن نٿو آڻيين
تون
هـِـت ڏُٿ، گـُـگر، پيرون، پيا آهن پـِـنڊن ۾.
------
9. مڪليءَ جي پهرين جنگ
مڪلي جي پهرين جنگ ڪرمتين ۽ جوکين جي وچ ۾
آڳاٽو لڳي. ان وقت جوکين جو اڳواڻ بجار هو، پر اڃا
مٿس “ڄامائي” جو لقب ڪونه هو. ان وقت پڳ مريداڻين
تي هئي. ڄام مريد جي پٽ ڪريمداد جي وقت ۾ بجار
طاقت وارو ٿيو. راڻي ارجن کي ماريائين ۽ ميان غلام
شاهه سندس پوري پٺڀرائي ڪئي، جنهن تي ڪريمداد کان
پڳ ڇڏايائون ۽ بجار کي ٻڌايائون. مريداڻين جي آخري
ڄام ڪريمداد سن 1188هه (1774ع) ۾ وفات ڪئي. سندس
قبر مڪليءَ تي ميين علي شيرازيءَ جي قبي کان اُتر
طرفان ويجهي آهي.
ڪرمتي حب، ملير ۽ ساڪري جا ”مـَـلڪ“ هئا.
کين اورنگزيب بادشاهه جاگيرون ڏنيون هيون. مغلن
کان پوءِ 1150هه ۾ ”ٺٽي سرڪار“ وارو سنڌ جو هيٺيون
لاڙ وارو علائقو ميان نور محمد جي هٿ ۾ آيو.
ڪرمتين جي طاقت ڀڃڻ لاءِ هن خداآباد مان مٿن لشڪر
چاڙهيو، جن حب، ملير ۽ ساڪري ۾ ڪرمتين تي ڪاهيو.
کنيو خدا آباد مان ٻارهن هزارن
سنڌ، ڇپر، ساڪرو لــُٽيو لباسين
آئي مـَـل ملير تي، گهل وڏي گهوڙن
ملير سڀ ملهائيو، مائي ”عزت“ جي پٽن.
انهيءَ حملي ۾ نؤزڪ خان ڪرمتي جي پٽن پاڻ
ملهايو. سندن ماءُ جو نال ”مائي عزت“ هو، جيڪا وڏي
حوصلي واري مائي هئي. ڪرمتين ملير بچائي، پر پوءِ
ڪلهوڙن طرفان ڄام بجار ۽ جوکين جي پٺڀرائي ٿي.
هيڏانهن بجار ۽ هوڏانهن مير مزار پنهنجن پنهنجن
لشڪرن جا اڳواڻ هئا. ٻنهي ۾ مڪليءَ تي جنگ لڳي،
جنهن ۾ مير مزار ڦٽيو، پر ڪرمتين پڙ کٽيو ۽ جوکين
جي هار ٿي.
مير مزار ان وقت جوان هو ۽ وڏي همت وارو
هو جو چيائون ته:
”مير مزار، هيڪلي هزار“
جوکين کان انهيءَ جنگ ۾ جڏهن مير مزار
ڦٽجي آيو ته ماءُ چيس ته: مون توکي بنا وضوءَ جي
ٿڃ ڪانه پياري، ابا، تون ڪيئن گهائجي آئين! انهيءَ
تي مزار چيو ته اما! مون کي انهن ڌَڪيو آهي، جن
جون مائرون بنا وضوءَ جي زمين تي به ڪڏهن ڪين
هليون آهن. سندس اشارو جوکين جي مرشدن، سيد ميين
عالي شيرازيءَ جي اولاد مان پوين جي بيبين ڏانهن
هو.
10. سيري يا اؤنگر واري جنگ(1)
هيءَ جنگ ڄام بجار جوکيي ۽ برفتن جي
راڄدارن جي وچ ۾ لڳي ۽ سنڌ جي حد اندر اؤنگر
(ڪوٽڙي ۽ جهرڪن جي وچ تي) وٽ لڳي. ان جو هڪڙو مکيه
سبب لس ٻيلي جي سياست هو، جو لس ٻيلي جي ڄام عالي
۽ سندس لشڪر هن جنگ ۾ ڄام بجار جوکيي جو طرف ٿي
حصو ورتو.
برفتن ۽ جوکين جو پاڻ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي
نزاع هو. سن 1703ع ڌاري مـَـلڪ پاهڙ خان جيئن طاقت
۾ آيو ۽ لس ٻيلي جو حاڪم ٿيو ته برفت قوم جي طاقت
وڌي ويئي. پاهڙ خان جي وفات کان پوءِ جوکين جي ڄام
بجار زور ورتو، جنهن جي اڳواڻيءَ هيٺ جوکيا برفتن
سان وڙهيا، پر ڪمزور ٿي اچي
”حب – وات“(2) ۾ ”الله ٻني“ تي رهيا. الله ٻني وٽ جنگ ٿي، جنهن ۾ جوکين جو
ثمر ۽ سامان ختم ٿي ويو ۽ جهـِـل جو ٻج ڏٿ طور
کائي گذران ڪيائون، جنهن ڪري اها جنگ ”جهـِـل واري
جنگ“ جي نالي سان پڻ مشهور ٿي. پوءِ قيصر خان ڀنڊ
جوکيو سمنڊ رستي سامان ۽ بارود کڻائي آيو ۽ جوکين
حملو ڪري، برفتن کي پوئتي هٽايو. باوجود انهيءَ
جي، جوکين ۾ ايتري طاقت نه هئي جو هيٺ سنڌ ۾ ملير
طرف اچي سگهن يا حب وٽ ويهي سگهن،انهيءَ ڪري ڄام
بجار ڪجهه وقت لاءِ هٽي وڃي اُٿل ۽ لياري جي وچ تي
”ٽٽيان“(3)
تي ويٺو.
انهي وقت ڌاري (سن 1155هه / 1742ع) ڄام
عالي (وڏو) لس جو حاڪم ٿيو. مائي چاڳليءَ کي تڙي
ڪڍيائون، جا پنهنجي ننڍڙي پٽ عزت خان کي وٺي اچي
ڪوٽڙي ۾ رهي. انهيءَ ڪري برفت قوم جو زور ٽٽڻ لڳو.
ٻئي طرف ڄام بجار زور ورتو هڪ ته ڄام عالي جي پٽ
غلام شاهه کي پنهنجي ڌيءَ پرڻايائين ۽ ٻئي طرف سنڌ
جي والي ميان غلام شاهه جي پٺڀرائي حاصل ڪيائين.
پوءِ ڄام بجار نه فقط ملير وارو ملڪ هٿ ڪيو، پر
گهڻو اڳتي وڌي اچي جهرڪن ۽ سال واري جوءِ ۾ برفتن
جي ”گهگهي جي سري واري جاگير“ تي قبضي جي ڪوشش
ڪيائين.ان وقت عزت خان قلات جي خان وٽ رهيل هو.
کيس اتي رهايو ويو هو ته متان برفتن جي اڳواڻي
ڪري، لس ٻيلي تي حملو نه ڪري، پر اڃا برفت قوم جا
راڄدار ۽ معتبرماڻهو وڏي طاقت وارا هئا. دريا خان،
مزار ۽ ديڳي سندن اڳواڻ هئا، جن جوکين جي لشڪر کي
تڏي جهليو. چيائون ته: جيسين عزت خان نه ايندو،
تيسين گهگهي جاگير جي فصل مان هڪ سنگ به نه
ڏينداسون. انهيءَ تي ڄام بجار، ڄام عالي کان مدد
گهري، جنهن خان قلات سان صلاح ڪئي. چون ٿا ته خان
صاحب، عزت خان کان پڇيو ته: برفت توسان ڪيئن ٿا
هلن؟ عزت خان جواب ڏنو ته: ڪڏهن ڪيئن، ڪڏهن ڪيئن.
انهيءَ تي خان طرفان ڄام عالي کي اجازت ملي ته ڀل
ڄام بجار سان گڏجي چڙهائي ڪري، پر جي برفت باز نه
اچن ته کين آڻ مڃائي صلح ڪرائي.
ڄام بجار سڄي ملير ميڙي، جوکين جو لشڪر گڏ
ڪيو. قلات طرفان ڪي بروهي سپاهي ڄام عالي کي مدد ۾
مليا ۽ ٻيو لشڪر لس جو ساڻ ڪري ڄام عالي چڙهيو(1) ۽ ٻنهي لشڪرن گڏجي اچي اؤنگر تي ديرو ڏنو. آڏو برفتن جي
راڄدارن، دريا خان ۽ ديڳي خان جي اڳواڻيءَ هيٺ
ديرو دمايو.
برفت به ڄام عالي سان اڳ سڱيڻا هئا ۽ برفت
وڏيرن ڄام عالي ڏانهن ميڙ موڪلي ته: مقابلو اسان ۽
جوکين جو پاڻ ۾ آهي، تون اُٿلي وڃ ۽ وچ ۾ نه پئو.
ڄام قبول ڪيو، پر چيائين ته: آءٌ جو آيو آهيان ۽
هنن مون کي سڱ ڏنا آهن، سو اوهين هينئر ”ها“ ڪريو،
باقي منهنجي وئي کان پوءِ جي اوهان انهن کي جواب
ڏنو، ته آءٌ وري چڙهي ڪونه ايندس. برفتن اهو قبول
نه ڪيو ۽ چيائون ته: هينئر “ها” ڪري پوءِ انڪار
ڪونه ڪنداسون. ها ته ها، نه ته نه! انهيءَ تي ڄام
عالي ميڙ موٽائي ڇڏي، تنهن تي برفتن مان ڪنهن ڄام
عالي کي ننديو ته:
پـُـرس پـُـراڻي مائٽي، مهندَين ڪيئي نه من.
پوئين تنهنجي پڌري، نه آئي ڪانڀئاڻي کي ڪـَـم(1)
ڏسي ڏونگر مير، سميون منٿ آئيون(2)
عالي! تون نه اؤرنگي، جهڙو ڪچو قيدي سير(3)
کـُـر هڻيئي کـَـنهين، جهڙو بڊو بيرَڪ ٿير(4)
تون ڪؤنريجو ڪير، سـَـرڻيون جهلڻ ڪم سمي جو.(5) برفت
طرفان جنگ جي تياري ٿي ته عزت خان جي غير حاضريءَ
۾ سندس پٽ درياءَ خان مهندار ٿيو.
عزت خان قلات، ته عالي ٿو جاگير گهري
دريا خان ديرن ۾ ڪنهن جي ڪن نه ڏئي
سيريون جاگيرون جنهن جا سو مر عزت خان اچي
اسين اُني ري، نه ڏيون ڪا سرٽي سنگ جي.
دريا خان جي جوکئي ۽ ڄام عالي جي لشڪر ۾
اک ئي نه پئي ٻـُـڏي، چوي پيو ته: هي جي ٻيڏي آيا
آهن(6)
سي ڪيڏانهن ٿا وڃن!
دعويٰ دريا خان مـَـن ۾، ٿو دَڙي مٿي دنگ
ڪڍو ڪـَـشا ڪـُـميت جا، تاڻي ٻڌو تنگ
سندا سير ِي سنگ، تـُـرندا ترائين وچ ۾.
---
خان ته دريا خان، ٻيا حملڪ هزارين هئا(1)
هڪ ڀـِـينڀي وير نه ڀڄڻو، ٻيو ڏئي مهمانن کي مان(2)
سو سـِـيهي سـَـٽيو سانهه، نه ته پور وڌائين پڇري.(3)
دريا خان بندوق جي ڌڪ سان ماريو، تڏهن وري
ڀاڻس جنگي خان جي سرداريءَ هيٺ جنگ شروع ٿي:
جنگي خان جنگين ۾، هو هميشه هاڻـُـو
سو ”نارو“ پٽ ننگر جو سورهيه ساماڻو
جيئري جنگي خان تي، ڪو هوند نه هيماڻو
ڳائيندا ڳاڻو، جهونجهارڪو جهڳڙو.
جنگي خان ۽ دريا خان جا ٻه ڀاڻيجا ”مرزان“
۽ ديڳي” پنهنجي ڳوٺ ۾ هئا ۽ اتي جا چڱا مڙس هئا.
انهن کي خبر پئي ته آيا. کين پيرن ”دُنبين“ جي
بيماري هئي، سو جـُـتيون لاٿائون ۽ راڄ کي چيائون
ته: هن عارضي سبب جـُـتي ٿا لاهيون، متان پوءِ چئو
ته جنگ ۾ جـُـتيون لهي ويون. انهيءَ تي سڄي راڄ
جـُـتيون لاهي ڇڏيون.
برفتن جي سگهڙ لنگهي براهم گهنڊاري بيت
چيا ته:
”مرزان“، ”ديگي“ چڙهيا، ٻئي جوان وجهي جاما
ته اڄ اسان جا چڙهيا، مچ مٿي ماما
آلا اُنين کي مَ ڏئين ڪا موٽڻ ملاما
جي ڪيائون ڪلاما، سي پاريندا پنهنجا.
---
اؤنگر پاڻي آندو، ڪڪر مان ڪاري
پسو رؤنشو رڪ جو، ٿو ديگي ديداري
جـُـهڙ ڳهه جنگي خان تي ڪيا آهن وڄڙين واري
دريا خان ڌاري، آڇهه مَ ڇڳيرن جي.
---
اؤنگر اوتارانِ، ڀرم ڌڻي “بارڻ” جا
هڪڙا تازي طبيلن ۾، ٻيا رڪيبين پيرانِ
راماڻا رڻن ۾ ٿي ساري لوڪ سـُـئان
گوگرِي گڏياِن، مٽين مقابل نه ٿيا.(1)
دريا خان چيو هو ته: اهي ٻيڏي ساٿي آيا،
سي ڪيڏانهن ٿا وڃن! فتح بعد ان تي ڄام بجار چيو
ته:
جن ٿي ٻڏِ ڪـُـٽي ٻيڏين، تن جي کـَـهـِـين
خان کپائيا.(2)
تنهن تي براهم گهنڊاري شاعر جواب ڏنو ته:
جيئن ٿي چيائون، اُنهين پيرين آئيا
لاف پنهنجي لاک ڪري، اچي رڻ کي رتائون
اي رب جون رضائون، ٻي ڪوتهه اُنهـِـين ڪانڪا.
سگهڙ الله بخش پالاريءَ جي روايت
مـَـلڪن هتان ڄام بجار کي ڀڄائي ڇڏيو، جو
پوءِ وڃي قلات جي خان کي سڱ ڏنائين ۽ اُتان لشڪر
وٺي آيو. اؤنگر تي چڙهي آيا، اُتي برفت ملڪ هئا.
پهريائين صلح ڪيائون، تڏهن ٻيا سڀ برفت هليا ويا،
باقي ستر چڱن مڙسن جي رهي. صبح جو بندوقن جا ٺڪاءُ
ڪري جوکين چيو ته: صلح ڪونه ٿيو، جنگ ٿيندي. پوءِ
ستر مڙس مـَـلڪ ماريائون.
جاسين هئين ڄام بجار پڊ تي، تاسين هوءِ نيشانبر
نالو”
پوءِ سوڙهوڪري ساهه جو، ليٽي ڇڻيين لس.
---
سنڌ ميڙي ساڪرو، لس ميڙيئي لام
ٻيلي کان ٻاهر پئي وڏا ڪيئي ڪلام.
سگهڙ کيئا خان جي روايت
”بارڻ“ ۽ ”اؤنگر“ واري جنگ ساڳي هئي، جنهن
۾ ڄام بجار جوکيو، ڄام عالي جي مدد وٺي آيو. برفت
گهڻا هئا، تنهنڪري جوکين سائي جهنڊي ڏيکاري، جا
صلح جي هئي (ڪاري جهنڊي جنگ جي). صلح وارڻ جي ڪري
برفتن جو گهڻو لشڪر پوئتي موٽيو، باقي ساکر (يعني
سکر ماڻهو) وڃي رهيا. جوکين صبح جو وري ڪاري جهنڊي
ڏيکاري. جنگ لڳي، پر برفت ٿورا هئا، سي سڀئي مارجي
ويا.
براهم گهنڊاري جا چيل بيت
سـِـرٽي نه ڏيون سيري جي، جيسين ڪورايون نه ڪپار
هالو هنڌ تان نٿو چري، جنهن بودن لٿو بار
الهداد اُٿايو، ڪيو قريشيءَ ڪاٽار.
.........................، لاکو لک ٿو لهي
پر همٿ عالي ڄام جي رُڪ ۾ نٿي رهي
اُٿيا الهداد سين، اهي پالاري پهي.
---
سوناهري شهبيگ تان سگهڙ کڻج سـَـر.
---
ڀيري تنهن باديڻ سان ڪوڏان ڪچهريون ڪن
انهيءَ مٺاڻي جون مصريون مڙيو مارا ڪن
پـِـئرَ جن جا پڌرا، اهي پـُـٽ ڦڙڪا ڪن
اهڙا آچار جن، سي مر ڀوڻن مهند ۾.
---
لس، بارڻ، ملير جون نـَـيـُـون ٽي سـُـجهن
ٽيئي ٽـَـڏي آئيون، وڄين جهڙي وَن
ميان کي مشاهدو ٿيو، پٿر ٿا پڇجن(1)
ڪيئن ڪـَـرهيو پاڻ ۾ ڇپر وڏيرن
سڻج ڄام بجار، براهم چئي، سچون ائين ڪجن
پوءِ ساريون پراڙن، پاڻهي ڪـُـٽيي ڪل پوندي.
---
ڇا مـُـنهـُـن تي ڇورَ، وڄين ويس ورائيا
هيڏانهن ڪانڀاڻائي ڪاوڙيا، جن جي مورين جهليا مٽ
مرزان ديڳي مهند ۾، پـَـر هي اُٿيا پـَـٽ
ڪيائون جنگ جوکين سين، اها پيالين جي پکٽ
دايون پنهنجي درين تي، بازاريون ۽ هٽ
سـِـينهن گهڻائي سـَـٿوڪي ڇڏيا، چانگهي چارڻ پٽ
اندر ڪيم اُگهٽ، اها براهم چئي، بـَـهدورئين جي.
---
هيڏانهن به اُنڙاڻي اُسريا، جن جي ٽيلي ٻڌي ٽڪور
ڀالين ڀالا سهڻا، هٿين هول ڪنگور
سونيءَ سچ نپائيا، مرڪي ماريا مور
لاکيڻو لکمير هو، جانو جهلي جهور
اهي پٽيءَ منجهه پـُـرزا ٿيا، ذرا منجهه زور
ايڏا ايڌَ اَتور، ڪڪين ڪؤنر ڇٽائيا.
ڄام بجار جو بيت ۽ براهم لنگهي جو جواب(1)
جوکيا ٻه - ٽي دفعا ”بارڻ جي سيري“ تان
برفتن سان وڙهيا، پر پـُـڙي نه سگهيا. پوءِ ڄام
بجار وڃي لس ۾ سڱ ڏنا ۽ اُتان لشڪر چاڙهي آيو،
پوءِ بـُـرفت مئا. ان بعد ڪچهريءَ ۾ برفتن جو
لنگهو براهم ويٺو هو، جو ڄام بجار جوکيي کيس ڇيڙڻ
لاءِ هيءُ بيت ڏنو. ڄام بجار وڏو سگهڙ هو.
براهم! بهادرن جي ڪجي تن ۾ طور تپاس
مٿان اُٿيو ماڃـُـٺي، رُڪ پيتائون راس(2)
تنهن بارڻ کي شاباس، جنهن جهلي موج ملير جي.
”مٿان اُٿيون ماڃٺي“ يعني ماڃٺي جي پاسي
کان تراريون اُڀيون ٿيون. “بارڻ” مان برفتن جو طرف
۽ “ملير” مان مراد جوکين جو پاسو.
تڏهن براهم جواب ڏنو ته:
لس براهي لاءُ، مـُـلڪ ميڙي آيون(1)
تون جو ڪهي قلات وئين، ڪهڙا ٺـَـپ ٺارياءِ!
تڏهن ٿي برفت مارياءِ، جڏهن وَٿون ڏنيئي وتريون.
---
وٿون ڏنيئي وتريون، تون ٿو ڄاڻين ڄام
سـَـٺئي سيالن جا ڪـَـچا ئي ڪلام!
ويچيونءِ وريام، سـِـرَ تان سوڳاتون ڏيئي.
لعل بخش حملاڻي جي روايت
ڄام بجار ڪچهريءَ ۾ بيت ڏنو ته:
لافون پنهنجون دافون ڪري هنيون ٿي هـُـنن
پر منهنجي پڏ - ڪـُـٽيي ٻيلين، تن کـُـهيين ”خان“
کپائيا.
براهم لنگهي ان جو جواب ڏنو ته:
لافون پنهنجون لاکون ڪري، اچي رڻ کي رَتائون
هئا چڙهيل جن تي، سي به ڇڻي ڇڏيائون.
يعني ته دريا خان وارا گهوڙن تان لهي پيا
هئا ۽ اچي جنگ ڏنائون.
---
هن جنگ بابت هيٺيان بيت سـُـنگر نالي شاعر
چيا. ڀانئجي ٿو ته اول خود ڄام بجار جوکيي هن جنگ
بابت ڪي بيت چيا ۽ پنهنجي فتح ۽ سـَـرسي کي
ڳايائين. پوءِ جواب ۾ سـُـنگر، مڱڻ ۽ ٻين شاعرن
بيت چيا.
اؤنگر اوتاران، ڀرم - ڌڻي بارڻ جا
واڳن هـُـون هٿڙا، پيرين رڪابان(1)
سـُـوئا جـَـڳ سندانِ، رڻ راماڻا اُن جا.
---
ساري سنيهو، سـُـنگر جو، وڃي ڪو چاڪر - پيءَ کي
چوءِ(2)
ته جوکيا هوءِ جنگ ۾ جو مـَـٿئه مداروءِ(3)
جـَـت، ڪرمتي، جاکرو، جي پٿر پانجو ڪيوءِ(4)
---
ته نڪي سرائي سـُـورهئين، نه برفت اُت ڀـُـليوءِ(5)
ٻيو سـِـيهـُـن سٽاڻو سنڌ جو، سو موٽي مدعي ٿيوءِ(6)
پر چـَـئي ٿي ”چاڪر“ جي، واري وير وڌوءِ
ڪري گور گهـَـگهـِـيءِ تان، اُن تان اٿانيوءِ(7)
بيت ڏيئي بجارسين، قد مَ ٻڌي ڪوءِ
ساهه جو سـُـوڙهو ڪيو”، تڏهن ليٽي ڇڻيين لس تي.(8)
---
ليٽي ڇڻيين لس تي، ڪهڙا ٺـَـپ ٺرياءِ
تيلاه مير مارياءِ، جيلاه و ثون ڏنيونءِ وِتريون.(1)
---
وَٿون ڏيندي وتريون، ڄانتو ڪين ڄام
سر تان سوغاتون ڪري،وڃي وراهيونءِ وريام(2)
آجهي پـَـئي ”عالي“ جي، وڃي سرڻ ٿئين تون سام(3)
نايو سـِـر نصير کي ٿي سهسين ڪياءِ سلام(4)
هي به ڪـُـٺا ڪنهن ڪلام، نا ته مير مرڻ جا ڪين
هئا.(5)
---
عالي، بجار آئيا جهان جهان ڪري جهام
سنڌ ميڙيائون ساڪرو، لس ميڙيائون لام
هيڪڙو نوازيا نصير خان ٿي، ٻيو ميان ڏنن مام
ٻيلي مان ٻاهر پـَـئـِـي، سوائون سلام
تان ديرو دريا خان نه کڻي، ڳوڌو ڳـَـريءَ ڳام(6)
بجار بهادرن ڏي، تو جي سدا وڃي سام
هي به ڪـُـٺا ڪنهن ڪلام، نا تي مير مـُـڙيائي
ڪينڪي.
---
جانڪين جهونجهارن کي ”عالي“ عقل ڏي
تان دريا خان ديرن ۾، ڪنهن تي ڪن نه ڏي
مزار موٽڻ مينهڻو، ديڳي دنگ نه ڏي
چئي: آهن جاگير جنهن جا، سو مـَـر عزت خان اچي
اسين اُنهين ري، هـڪ سـِـرٽي نه ڏيون سيري جي.(1)
---
لس، ملير ڄام، کري کڻي آئيين
هڪ نوازئين ”نصير“ ٿي، ٻيو ميان ڏنياءِ مام
هي به ڪـُـٺا ڪنهن ڪلام، نا ته مير مارڻ جا ڪين
هئا.
---
براهي لس ملير، ڄام سڀ کري کڻي آئيين(2)
نـَـصير تيلاه نوازئين، ٻيا پاڻ ٻيلي ٿياءِ پير(3)
بيت ڏيئي بجار تو وَهند نه ڪئي وير(4)
ٻيا به ٽيڀر ٽيلدار هئا، مرد مهائين مير(5)
هوڏانهن حمل ٻاپڙو ٿي آيو منجهه اُڪير(6)
سي مـَـٽ مـَـٽيين کي گڏيا، چوکا وجهي چـِـير
”بارڻ“ ڏني ڀيڙ، ڄام هزارن کي هيڪلي.
---
لس، ملير، بارڻ، نيئي ويڙهيون وڏيرن
اِهي ٽيئي ٽـَـرڏي آئيون وِڄن جهڙي وَن
تن جو ٽلي ٽڪر جهليو، ”بارڻ“ جي بيگن
تڏ ”ميان“ کي مـُـشادو ٿيو، ٻئين پڻ پاٿارُن(1)
ڪني ڪرهيو پاڻ ۾ ڇپر وڏيرن
پورا پار ڏجن، مـَـتوران مهاين جا.
---
خان ته دريا خان، ٻيا حمرڪ هزارين هئا(2)
سوالين آئي سنرو، ڏئي مهمانن کي مان
ڪـُـڏي ڪيهر شينهن جيئن، جنگ ويلي جوان
بجار چوءِ بيان، هو اهڙو ئي احدين جو.(3)
---
اونگر تان جي اُلٿيون، سي ڍؤنگر ڍار ڍريون(4)
چـُـوهڙ ڌاري چٽڪو ڪري وير وريون(5)
اُتر ڏان جي آئيون سچيون شاهه پريون(6)
هليو حاڪمن کي وجهن چڪ چـَـريون
ٻيلان جي ٻـَـريون،تن وڃي آڙهه اؤنگر تي ڪيو.(7)
---
آڙهه اؤنگر تي ڪيو ڪنهن ڪاري ڪڪر ڪار
سمن صفون جوڙيون ڏس الاهي اختيار(8)
ڀـَـڙ گڏيا، بازار ٿـَـئـِـي، تيغن چڪر چوڌار
سوڀاتي سردار جي پٽن ڍٽ پچار
رڻ سان رانديون راڻيون، ابڙا ڀڙ ڀتار
سـَـوائـِـي سالار، کڻي ڪيون پـَـرلون پنجاين جون.
انهين پيرين آئيا، جيئن ٿي چيائون
لاف پنهنجي لاک ڪري، رڻ کي رتائون(1)
هوءِ هزارين تي هـُـل ڪري ڇـَـڻـِـي ڇڏيائون
جا پـَـر پاڇاهيءَ جي سا پڄي پاريائون
سنڌ ۽ ساڪري کي ٿي کيهه سين کٽيائون
اهي رب جون رضائون، نا ته مير مرڻ جا ڪين هئا.
------
|