(ولي محمد وير چيو)
وريو واءُ ڏکڻ جو، اُتر هو اعليٰ
چانڊيا چار اکيون ڪجو، آهن مگسي متوالا
متان ڏِيل ڏسي ڏَڪو، ڀيڙيندوَ ڀالا
انشاءَ الله تعاليٰ، آهي سوڀ اوهان جي سامهون.
چوڪي چار ڄڻا، چڙهي آڙَ کؤن لنگهيا اڳتي
ٻيا پاپوَ ويٺا پوئتي، هئا ڪي گهوٽ گهڻا
جنين ۾ توفيق جي، وڌي رب مڻيا
”پارو“ يارن کي چئي، خوشيون وکَ کڻان
بگهڙ ذات اسان هنجي، ويري سر وڙهان
من ڪو هت هڻان، متان ڪوري ڪانئر ڪوٺجي.
هڪڙو هئو بانوريو، ٻيو کاندي کوهه فروش
ٽيو”ميوي” نالي مرد هو، جنهن کي جيءَ اندر ۾ جوش
مڃي موت مٿي ٿي، ”پاروءَ“ پهريو پوش
هاڻي ڪجو هوش، من ڪو هٿ هڻي مرون.
رڻ سندو رحميداد هو، بلند بروهي گهوٽ
پرس پنجاهه سان چڙهيو، کؤن قابل تڪي ڪوٽ
مدد مگسيءَ جي هليو، کنوڻ ڪري کاڻوٽ
شامل ٿيو اچي شير سان، اَڙَ جي وقت آموٽ
چاڙهي ماشا چوٽ، هن به سورهيه هٿ سنوان ڪيا.
شامل ٿيو شير سان، آڙَ جي وقت اچي
ڏس هاتڪ هٿ اسانهنجا، باهيؤن ڪين پچي
جنهن جي دل نـِـوڙي دوست ڏي، سو ڪيئن گپ گچي
سورهيه سخن سچي، اچي پاڙيو پانهنجو.
ڇهه سؤ چانڊئي جا هئا، مگسيءَ هڪ هزار
بيٺا برابر ٿي، سنڀالي به ستار
ڪٽڪ ڪيهر شينهن جا، ٿيا اولاهؤن اظاهر
واس ڪريو وڄندا اچن، دمامن ڌڌڪار
عـَـلـَـم اُڀا تن هٿ ۾، جهالون ڏين جهلڪار
ناميا ٿين نروار، اچي راوت رڻ کي ويجهڙو.
سوين سارنگ ساڻ، بادل هئا برسات جا
سانول پڌري سـَـر ٿي، مستي ۾ مهراڻ
ڍوري آب ڍري پئي، هيٺانهينءَ ۾ هاڻ
ڪري ويس وسڻ جا، پهريائين پهرياڻ
مينهن ٻـَـڌو مانڊاڻ، آيو اوهيڙا ڪري.
وچؤن ٿوري پنڌ، لشڪر سڀ لاهي پيا
پويان اڳيان پاڻ ۾، مڙي ٿيا هڪ هنڌ
شير محمد آکيو، بانڪا ڪيو ڳالهوَ بند
ڪامل چاڙهيو ڪمند، ته هڪدم هٿن سان وٺون.
بـُـڙديءَ بانڪي جي اڳيؤن، هيءَ بات ڪهي بهرام،
مگسين ڏانهن اَٿئي مرتضيٰ (رضه) چانڊيي ڏانهن امام
(رضه)
اوهين ڪين اکين ڏسو، مـَـڪامرسل ڄام
ورنهه وير وريام، سوڀ نه ٿيندي سارڌو.
ٻـَـڌو ٻـُـوٿ چريي جو، ٿو خان ڳالهائي خام
وير هيسيو همسرن کي ڏسي، ٿيس اهڙيءَ طرح تمام
ڪـَـل ڦري ڪا وئي، بيبيو آهه بهرام
نـَـرَ وڃايو نام، اڳيون پويون پانهنجون.
درس بندوقن ڌاڙ، گهوٽن جـُـڌ گهڻي ڏني
جيئن وڏڦڙيو واڪا ڪري، تيئن تيرن ٽاڙو ٽاڙ
پکين هيانوَ پري ڇڄن، راڻي ٻڌائون راڙ
اُٿيا اُڙدا وٽاڙ، هلوته حملو ڪريون.
ديمن کي دستا ڪيو، ورنهه ورهائي
گڙد، گبول، گاڏهي، ٻيو ديناري آهي
جلب، جتوئي، لاشاري، وڃو چانڊيي تي ڪاهي
ٻيامٿي مگسيءَ جي، چڙهو ٻهڳڻ ٻولائي
ٺاهه اهو ٺاهي، خانن جـُـڌ کڙي ڪئي.
جـُـلهه ڪيائون جنگ جي، کڙا ٿيڙا خان
ڪوپا ڪڏندا آئيا، جلدي ساڻ جوان
اڳيؤن بيٺا پـِـڙَ ۾، چارئي منجهه ميدان
مـُـنهنَ ۾ مٺي رند کي، هنئين پاروءَ پهلوان
کڙو کوهه فروش ٿيو، قابل ڀڃي ڪانَ
ميوومـُـڙيو ڪينڪي، جنهن کي جيءَاندر جولان
بجلي ڀرو ڪري هڻي، دست کڻي دستان
ڪـَـههُ، رندڙا ڪاڏي ڀڳين، ڏس ترارن تانَ
اڳيؤن لائق شير لٿل هو، اٿئي پٽ غيبي سلطان
آيا اوٿر واٽ ۾، گڏيا منجهه گمسان
هـُـن ڪو شوق شمع جو، پيا جلي پروان
اَرڏا سـَـان ايمان، چارئي شير شهيد ٿيا.
ڪـِـريا هئا ڪوپن جا، ڌَڙَ سرَ مٿؤن دُور
لتڙمنجهه لتاڙي، پانو پهرئين پور
وري وطن نه وريا، رڻ اوڏا، گهرَ ڏور
هئا جوان گهڻا جمهور، پر هنن جهڙو ڪونه ڪو.
”پاروءَ“ جهڙا پـُـٽڙا، مرُ ڄڻيو ڄڻي ماءَ
مرندي مـُـڙيو ڪينڪي، پوءِ نه موڙيائين پاءَ (پير)
ٻيا ڀي شامل شير سان، جن سيف هنئي سهجاءَ
هئا جوان بڙي جاراءَ، پر هن جهڙو ڪونه ڪو.
ڪاهه ڪري ڪڏ چاڙهه، وٽجي آيا واءَ جان
ڪلَ تنين کي ڪانه ڪا، ته ڪي اڙجي منجهه اڻيار
مٽ ڀيڙي ماشا ويا، باهه اٽيا ڌُر ڌار
ڌٻي دهوڙيون ٿيون، چڻگ ڪئي چمڪار
ٿي هڪل بندوقن ڪئي، گاج مٿؤن گرنار
مٿؤن ملوڪن جي، ني دارونءَ ڪيا ڌڌڪار
هٿ نه ڏسي هٿ کي، اهڙو انڌوڪار
ٻن ٽن کؤن تير ويا، ڪري گهڻو تڪرار
ڪريا جهنڊا هڪڙن هٿان، ٻين کنيا ٻيهار
هڻي پوک هٿيو وجهي، پر پٽجي کؤن پاڙ
ڪوڪو ڪانوَ ڏسجي، نظر منجهه نروار
ڀر ڪريا ڪاپار، ڪانن هيانوَ ڪڍي وڌن.
ڪانن هيانوَ ڪڍي وڌن، تن جا ڦڦڙ ڪن ڦرڙاٽ
هڪڙن ساهه مٿي ويا، ٻيا گهايل ڪن گهرڙاٽ
ڪرنگهه ڪيرائن پٽن تي، ڇنن مٿن کان مولهياٽ
ڪـُـڻڪيا ڪين ڪنواٽ، بودا باهه دسي وڌا.
مـُـهڙيان پيا ميدان ۾، پوين ڪيا پرواز
لتاڙي لنگهي پيا، ڪوپا ساڻ ڪواز
اَرهاٽي اَڙَ تي چڙهيا، وجهي وک دراز
هڻي دس دهيون ڪيا، شهتائن شهباز
آيا آتش وات ۾، ڀڃي تيرانداز
جي هئا پانوَ پلٿي باز، سي سڀ ساڙي باهه صفا ڪيا.
اُٿي چانڊيي آڙَ مان، چين ”بيا انديشاه“
”پنج بيا جيءُ بيا“، چيائون مان چاه
”خير کٿوريا توڏي“، چواين الله
هٿ نه ورن هن جا، سختي پسي ساه
اٿن اکين ۾ پـَـراه، جڏهن ديدان ڌوپن ۾ گڏيون.
ڀـَـڙَ اُٿي پيا ڀاڪرين، ڳنڍيائون به ترار
اها ساعت اَهنجي، آهه ڪنهن جي ڪار
ماڻُ پئي جاٿي رُڪ جو، سا هن ڀڙ جي پار
توڻي آب اکين ڏيکار، ته به پاڻي وات ۾.
ڀڙ اُٿي پيا ڀاڪرين، ڪاهه ڪري ڪيهر
کـُـنو خان َ کڙوڪيو، وڄ کنوي ويتر
وڪوڙيائون ويڙهه ۾، چانڊيي کي چوڌر
مٿان وسن مينهن، پاهڻ پٺ پڌر
هڻ کٿوريا اڳتي، ڀيڙ ڏيئي بهتر
پير نه موڙيو پوئتي، اُرهه ڏيو اڪثر
بيٺا جنگ بنگاهه ۾، چانڊيا بنائي بازر
نامين جنگ نظر، اُتي دل لڳي داناءَ کي.
”نانگاڻيءَ“ نعرو ڪيو، ڏڦن ساڻ ڏڦير،
سامهون وڃن شينهن جي، مـُـڙن ڪين مٿير
هڪ پاري هرگز وهي، پـَـٽُ ڇڏائن پير
ديمن ۾ دل شير، ٿي پرکيا چانڊيي سون جا.
ولي محمد وير هو، هاڙهي هاڪارو
جهلي ويٺا جنگ کي، چانڊيا چوڌارو
مهڙ ڇڏيو ته مان وڙهان، ساهه نه اٿم پيارو
شابس منهنجا ڀائرو، يار ٻڌو يارو
ساعت رهي آه هيڪڙي، ٻيو وقت لنگهيو سارو
ٽلو(1)
احمد(2)
دائود خان(3)
، نڪري ڪيو نعرو
واري تي وارو، جوڌن ڏنو جنگ ۾.
ماڻهو مگسيءَ کي سڏن، لکين ئي لک پال
صحبت رند سو سامهون، ٿيو دانهن سان دوچال
ٻهڳڻ کوڙيس ٻانهن ۾، بانڪي ڏيئي بال
سيف نڪا سر ليڪ ڪئي، نه ٿيو زخم زوال
هاديءَ هٿ بچائيو، سالم رهيو سال
وري وير وارو ڪيو، ڀوتاڻي برحال
رند ٿيو رهوال، هن ڀي روات رڻ ملهائيو.
مگسيءَ ڀي منهن - موڙ ڪئي، هوڏنهن بڙديءَ ڪئي ڀاڄ
ڦاڏان ڦيرائي ڪري، هليا سي هنگلاج
ٿيا ترارن کاڄ، رات جهليا رڻ پـَـٽَ ۾.
”مينهان خان“(4)
مڙي، نئي مارو مگسين ۾ وڌو
ڏسي ڀيڙ ڀڳا وڃو، ٿا ڪيو خر کـُـڙي
هو ٿو ڄاڃي(1)
مارجي، گهوٽو هن گهڙي
ڏيو چوٽ چڙهي، ٿيو ٻيلي ساڻ ٻروچ جي.
مرندي تائين مهڻو، وڃو ٿا وڙواند
موٽي چانڊين سان هلي، هرڪو ٿئي هيڪاند
وِٿ ملي اٿوَ واند، جو بڙديءَ ڀڄي ڀاڄ ڪئي.
مگسي موٽيو پوئتي، چيائين رند پـُـنا
ورنهه ورندي ڏني ڪانه، آکي رند پنا
رند ته ائين آئيو، جيئن ڀيلي آب ٻنا
آهه آگي در ”آمنا“، نه ته ڪن ها مڇي خور مقابلو!
هڪلون ڏيندو آئيو، شير محمد شير
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، دهشت ساڻ دلير
ڌڪ پهرئين سان تڪ ڪري، وهائي شمشير
ڪو آهي مڙس مٿير، جو دهشت جهلي ديوَ جي.
ماريا سڀ ميدان ۾، جي حال ڀائي هـُـس هڏَ
نه آيس مرد نگاهه ۾، جي گهوٽ بيٺا هـُـس گڏ
باقي ڪونه بچيو نئي، جو سختيءَ ۾ ڏئي سڏ
رند وڏو هو رَڏ، پر پـِـٽائي پاڙون ڪڍيئين.
سامهون سورهيه سرَ مٿي، ڪاتير ڪئي ڪاهه
جنهن جو نام سراج هو، پرس نه ڪئي پرواهه
ٻکيو ٻهڳڻ سان وڃي، چست منجهارؤن چاهه
ٿڙيو خول مٿي کان، جا پهريل هيس پناهه
وڃي اُن وٿيءَ تي، نرَ جي پئي نگاهه
چڱيا چتائي هنئي، سهـُـجون تنهن سرواهه
ڪـِـريو ڪونڌ پٽَ تي، دلَ نه ڪئي ڪا دانهه
ڪـِـرڻ سان ڪونڌر جا، پورا ٿيا پساهه
جي هئا هاتـِـڪَ جا همراهه، سي مڙيوئي ماهو ٿيا.
----------
|