4. مڪلي واري ٻي جنگ(1)
ڳچ عرصو اڳ هڪ جنگ مڪلي تي لڳي هئي، جيڪا
ڪرمتين کٽي هئي. هيءَ مڪلي واري ٻي جنگ هئي جيڪا
جوکين ۽ ڪرمتين (بلوچن) جي وچ ۾ لڳي. جوکين جو
اڳواڻ ڄام بجار جوکيو ۽ ڪرمتين جو مير مزار ڪرمتي
هو. هيءَ جنگ 1203هه ۾ مڪلي تي لڳي، جنهن ۾ مير
مزار مارجي ويو، جوکين جنگ کٽي. ان بعد ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جي پٺڀرائي سان ڄام بجار جوکيي،
ڌاراجا جي راڻي ارجن کي ماريو. راڻي ارجن سان
ڪرمتي مدد ۾ هئا. تنهنڪري پڻ ميان غلام شاهه جوکين
جي پٺڀرائي ڪئي ۽ هو طاقتور ٿيا. هنن مڪلي واري
پهرين جنگ جي وير وٺڻ لاءِ وڏي جنگ جو سانباهو
ڪيو، ۽ ان لاءِ ڄام بجار جي پٽ چاڪر جوکيي کي
موڪليائون، جنهن قدمن واري مقام تي ڪانڌين تي حملو
ڪري وير وڌو، ان تي ڪرمتين مڪلي تي جنگ ڪرڻ جي
تاريخ ڏني.
روايت-1
مڪليءَ جي پهرين جنگ هارائڻ کان پوءِ ڄام
بجار ٻيلي ۾ وڃي رهيو هو. اُتان پوري سنبت ڪري آيو
۽ چئن مهينن بعد مڪلي تي ٻي جنگ لڳي. ڄام بجار وڏي
سنبت سان وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ مڪلي تي ميين علي
شيرازي جي قبي وٽ ڇانوڻي هنيائين. بيبين کي دعا
لاءَ وٺي آيو. مير مزار خان ۽ ڪرمتي چڙهيا ۽
مڪليءَ تي لؤنگ پير جو اچي سلام ڀريائون. مير مزار
کي جتيءَ ۾ ڪنڊو لڳو، تنهن پنهنجي لشڪر کي چيو ته:
سـَـوڻ سٺو ناهي، موٽي هلون پر هنن جو ضد ته جوکين
کان وير وٺجي. هوڏانهن ڄام بجار دعا لاءِ آيو سيد
علي شيرازي وٽ. سيد چيو ته: “ڪرمتي جي سواريءَ تي
آيا ته اسان جي جهلڻ جا ڪين آهن، پر جي ڀـُـوڻي
(پيادا) آيا ته تون ڏانٽو ۽ هو آهن پن، لڻي
وجهجان. جوکيا آڙ ڪري ويٺا هئا. ڪرمتي چڙهيا پئي
آيا، کين جو کين جي ٽوپين جا چندا نظر آيا. تڏهن
مير مزار گهوڙي تان لهي پيو ۽ چيائين ته: جيڪو مڙس
مرڻ لاءِ تيار هوندو، سو گهوڙي تي نه چڙهندو.
انهيءَ تي سڀئي گهوڙن تان لهي پيادا ٿيا. تڏهن
فقير ڪڙياڻي شيخ کين چيو ته: جنگ ۾ سوڀ اوهان جي
ڪانهي، ڀلو ڄاڻو ته موٽي وڃو، پر هنن چيو ته
وڙهنداسون، پوءِ کٽن ڀاڳ. تڏهن شيخ کين چيو ته:
هاڻي چئو ته جوکين جي ترار بند ڪريان، چئو ته
بندوق. چيائون ته بندوق بند ڪر، جو هو آڙ ڪري ويٺا
آهن، اسان جو نـِـهو ڪڍي ڇڏيندا. پوءِ شيخ وڃي آڏو
ليڪوڪڍيو ۽ چيائين ته: ليڪو نه ٽپجو، جي ليڪي جي
اندر هوندا ته اوهان کي هار ڪانه ٿيندي، پر هو جوش
مان ليڪو ٽپي ويا. شيخ وري وڃي پنهنجو پٽڪو وڇايو
۽ چيائين ته: هيءُ نه مـَـٽيو ته هنن جي ترار به
ٿو بند ڪريان. پر هي پهلوان جوش ۾ اهو به مٽي ويا
۽ وڃي جوکين کي آڙ مان اُٿاريائون. هنن کي وجهه
ملي ويو ۽ جـُـلهه ڪري مزار خان جي لشڪر مٿان وري
ويا.
ڄام بجار، سيد عالي شيرازي جي درگاهه جو
پاڇو جهليو بيٺو هو ۽ اندر سيد عالي جي قبي ۾ دعا
لاءِ بيبيون ويٺيون هيون. مير مزار خان جي لشڪر ۾
فتح خان گبول بندوق جو ملوڪ هو. سندس بندوق تي
طلاق لکيل هئي ته ”هڪ دفعو گٿس ته ٻيو دفعو نه
هڻندس“. چيائونس ته هو بجار بيٺو آهي، هڻينس
بندوق! چيائين ته: ڪـَـپار ۾ ٿو هڻانس. بندوق
هنيائين ته بجار جو ڪئنسريو (ڪيمخواب جي ٽوپي جي
چوڌاري پـَـٽ جو دوشالو) کڻي ويئي. چيائونس ته:
اڃان بجار بيٺو آهي. چيائين ته: منهنجي طلاق لکيل
هئي، هاڻي وچينءَ تي روزو ڪونه ڀڃندس ۽ ٻي ڪانه
هڻندس. پوءِ بندوق ڦٽي ڪري، ترار سان وڙهيو ۽
مارجي ويو.
مصري گبول لاکاڻي، مزار خان جو وزير هو،
جنهن جي هٿ ۾ جهنڊو هو. جڏهن جوکين جي آڙ مان ڪيل
حملي ۾ ڪرمتين جي لشڪر جا چڱا مڙس مارجي ويا ته
هنن وڃي جهنڊي تي حملو ڪيو. تڏهن ڪرمتي جهنڊي کي
بچائڻ لاءِ اچي مـُـچ ٿيا:
”جهنڊي اتي جهور هئي، ڪـُـلها - گههَ
ڪرمتين جي.“ مير مزار خان کي به گهيرو ڪري بيٺا.
ڄام بجار جو ڀائيٽو شهزاد جنگ جو سپهه سالار هو،
تنهن ان وقت اچي للڪاريو ته: مزار خان منهنجو
مـَـٽ آهي، سو ميدان ۾ اچي. مزار خان سـُـئو، سو
چيائين ته: ”ادا مصري! پٽَ جي گندي ڪين آهيان، جو
ڍڪيندام، هٽي پري ٿيو ته سيال سامهون ٿيان“. پوءِ
هڪل ڪري هڻي شهزاد کي ترار سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين،
مگر ترار به جهري پيس، ڦرُ نڪري ويو ۽ مٺيو جدا ٿي
ويو:
سٽيائين شهزاد کي، جنهن جو ڪيائين ڌڙ سسيءَ کان
ڌار
جهـُـري سونهري ساهـُـوءَ جي، ڪانهي مانجهيءَ تي
ميار
اتي ٻيا جوکيا ورائي ويس. مزار کي ٻين
ترار ۽ ڪاتي آڻي ڏني، پر اُها سـَـنڌ تان وهي پر
هڏ تان نه وهي.
يارهن ڪاتيون، تيرهن تراريون، هنيون مير مزار
ته وار نه وڍي هيڪڙو، سـَـنڌيون ٿي وئي ڌار.
پوءِ مير مزار وڙهندي مارجي ويو. اندران
بيبين کي پسڻ پئجي ويو، تن بجا رکي چيو ته مزار
مارجي ويو، پر بجار جنگ جو زور ڏسي جواب ڏنو:
اڃان مير مزار جا، جهنڊا پيا جهـُـلن
ٻيٽا مير ٻٻر جا، اڃان ڪـُـڙها پيا ڪڏن.
ٻٻر ڄايا سڀ سـَـوايا، جن ۾ ڊاءَ نه پوي ڊنگ
پاسي مير مزار جي راڌن لايا رنگ.
اڳ برفت ڪرمتين سان ڀيڙا هئا، پر جنگ کان
اڳي ڄام بجار برفتن مان ”آري“ جي گهر کي پنهنجي
پاسي ڪيو. مـَـلڪ ننگر چيو ته: آءٌ هيئن روبرو
بيهي ڪرمتين کي ڪونه مارائيندس، پر جنگ ۾ ڀاڄ لاءِ
چوندس، پوءِ اوهين همت ڪجو! پوءِ هلنديءَ جنگ ننگر
برفت چيو ته ”ڀڄو ڪرمتيا، بندوقن نياسين!“ انهيءَ
تي ڪرمتي ۽ ٻيا وٺي ڀڳا. مير مزار ميدان جهلي بيهي
رهيو، پر هاڻي ٿورا ٿي پيا. انهيءَ تي ڪنهن چيو
ته:
آري، راڌو پاڻ ۾، اصل هئا يار(1)
پر اوڳو اُٺ آريءَ جو، ٽـُـڪيل هو ٽؤنٽار
رڻ ۾ راڌن جو اچي، بر ۾ لاڙيائين بار
هـُـين ڳالهيون پاڻ ۾، ڏنائون ڏاڙهيون کي مزار
ســـــي پرس پــــاڙيـــون ڪينڪي، نه آيـــون
منجهه نيسار(2).
ڪرمتي ڪي مئا ڪي ڀڳا، ٻٻر جا پٽ يارهن هئا.
”ٻيٽا مير ٻٻر جا، يارهئين گل هزاري“
انهن مان هڪڙو ملڪ ابراهيم، جيڪو ٺٽي ۾
ڪڃريون نچائيندو هو، جنگ ڏي خيال ڪونه ٿيس. جنگ جو
ٻڌي چيائين ته: جوکيي تي ٿا وڃن، ڄڻ ”سهو ڏٺائون
آڪور ۾،“ سوماري ايندا. آءٌ ڪونه ٿو وڃان. پوءِ
خبر پيس ته مزار مارجي ويو، تڏهن زرهه وجهي آيو.
جوکيا سوڀ کٽيو، ڇانوڻي ڪيو، مڪليءَ تي ويٺا هئا
ته ملڪ ابراهيم کي ايندو ڏٺائون. پڇيائون ته: هي
ڪير؟ بجار چيو ته: هي ملڪ ٻٻر جو پٽ ابراهيم آهي،
آهي ڪو اهڙو مڙس جو وڃي واريس! الهداد مهمت جوکيو،
تنهن چيو ته: منهنجو يار آهي، جي اوهين چئو ته وڃي
اُٿلايانس. بجار چيو ته: ڀلي، پر ٻيا به يارهن پاڻ
سان وٺي وڃ. هاڻي ٻارهن مڙس اُٿيا. الهداد وڃي
کينڪاريو ۽ چيائين ته: هتي يارهن مڙس وٺي توکي منٿ
ڪرڻ آيو آهيان. ڄام بجار چيو ته: پڻهين ۽ ڏاڏهين
جو سـُـهائو اُجهامي ويو، هاڻي اُٿلي وڃ. اتي ملڪ
ابراهيم چيو ته: اُٿلي ڪونه ويندس. ائين چئي
ابراهيم ترار هنئي ته الهداد (مهمت پاڙو) وڃي
ڪريو:
جهرَڪي جلوا ڏئي، مهمت مـُـنهن ۾ مصري.
ترار الهداد کي لڳي ۽ ڪريو پر وري اُٿي
ويو، باقي ڌڪ سو حياتيءَ تائين پئي وُڙهس. ملڪ
ابراهيم ائين ٻين کي به ڪيرايو. اتي بجار چيو ته:
مٽي اُٿاريو ته منهن ۾ پئيس. پوءِ مٽيءَ جا ٻڪ
اُڇلايائون ته ملڪ ابراهيم کڻي اکين تي هٿ رکيا.
پوءِ مڙس کي ڪيرائي ماريائون.
جنگ کان پوءِ جوکيا جڏهن وڃي ڪچهريءَ ۾
ويٺا ته ڄام بجار کي چيائون ته: اسان فتح ڪري مڙس
ماري ڏنا، هاڻي اسان کي ڳاءِ. ڄام چيو ته: بيشڪ
فتح اوهان جي، پر اوهين گهڻا هئا ۽ هو ٿورا هئا ته
به ڀڳا ڪين.
الله اُومَ ڀڄن، هوءِ پڙَ ۾ پچار جن جي
جڏ ٿورا پسي ٿيلهيا، تڏ جنگ آندي جوکين.
ڄام بجار داناءَ هو. جيڪي مڙس ميدان ۾
بهادريءَ سان وڙهيا ۽ ماريا، تن کي مرڻ کان پوءِ
نندڻ مناسب نٿي ڄاتائين، پر جوکين پاٿروئن زور
آندو ته من اسان جا نالا وٺي بيت ڏئي ته اسين
مرڪون. تڏهن چيائين ته مون چيو ڪونه ته هو ٿورا
هئا، ۽
ٻارهن جوکيا هڪڙو ٻروچ، هئي وڙهڻ جي وار
رات هـُـيائي ڪانه ڪا، ٻوڙا هئا ٻپهار.
هاڻي ڪيئن اوهان جو انصاف ڳايان! باقي چئو ته سيد
عالي جي ڪرامت کي ڳايان، چئو ته منهنجي نصيب تي
اچان. پوءِ بيت ڏنائين ته:
آئين الهداد اُسري، تون مٿي مير برهام
توکي ٻولي ٻـَـٻـَـراڻي، عازي ڀري گام
توبه ڪڍي مصري مڙهه مان، سورهيه سرت سڄاڻ
پر اهي آگي جا احسان، نه ته دست چڙهيو هئين ديوَ
جي.
تڏهن جوکين چيو ته: پر جو ٻين کي
ماريوسون؟ تنهن تي هڪڙي جوکيي کان بجار پڇيو ته:
ها ابا، توکي ڪنهن جو ڌڪ آهي؟ ان جواب ڏنو ته: ڪڪي
مـُـڇئين واري جو. ائين ٻئي کان پڇيائين، وري ٽئين
به ائين چيو. اهو ڪين مـُـڇن وارو سورهيه سوڍو
ڪـَـلاڻي هو، جيڪو وڏي لڪر خان جي پيڙهي مان هو.
تڏهن ڄام بجار بيت ڏنو ته:
آراڌي اُڻيءَ تان آيو ٺـَـڪراڻي ٺـُـل
پائي تـُـراري توريان، ته ڪونهي مانجهي سندو مـُـل
اهو الله جو اَمـُـل، جو مور ٽلندي ماريو(1)
پوءِ بکر گڊي، ڄام بجار کي بيت ڏيئي چيو ته:
ڏکڻ آ ڏيکاءُ ڪيو، ته جئن ڄام بجار
تئن اُتر وڄون آئيون، ڪي مانجهي ساڻ مزار
سي وسن وَرن ڪينڪي، اچي گوڙ ڏني گرنار
آڇين پٽين آئيا، ڪرمتي ڪاٽار
سي واريي ورندا ڪينڪي، مانجهي ساڻ مزار
ٽيهه جوکيا هڪڙو ٻروچ، هئي وڙهڻ جي وار
بيگين جا، بکر چوءِ، ڄام! پورا ڏيانءِ پار(1)
مـَـٿئي آهي ميار، جو مـُـنهن نه آئين مير جي.
اها ميار ڄام بجار تي رکيائين، جو هو جنگ
جي ميدان ۾ ڪونه لٿو ۽ ميين عالي شيرازي جي روضي
واري طرف بيٺو هو ۽ پري کان جنگ پئي ڏٺائين، اهو
انهي ڪري به جو ڪجهه وڏي عمر جو هو.
مـُـنهن نه آئين مير جي، ڏوران ٿئين ڏٺيار
ته هڪڙا هئا صاحب ڌڻي سنڌ جا، ٻيا ڇپر ڇڳيدار
مـُـنهن گهـُـنڊي، چپ وات ۾، اچي ڏمريا ڏاڙهيار
سهندا سـِـهندين گڏيا، ته ٽريو ڪن نه ٽار(2)
اها ساک سگهڙ چوءِ، آ توتي ڄام بجار
مـَـٿيئي آهه ميار، جئن مـُـنهن نه آئين مير جي.
روايت-2
قدمن واري جنگ کان پوءِ ڪرمتي ڪاهي پيا،
تن ”نٿالي جو ڪوٽ“ جيڪو درساڻي ڇـَـني ۾ هو، سو
ڦـُـريو. نٿالو پٽ سائينڏني جو، ڄام بجار جوکيي جو
چاچو هو. ان بعد کيراڻي ۾ ”وڍئي جو ڪوٽ“ (ڦـِـٽي
تي ميران کان الهندي) ڦـُـريائون. اهڙي طرح يارهن
ڪوٽ ڦـُـريائون. انهيءَ تي ڪنهن ڄام بجار کي چيو
ته:
پئسا ميڙي پاپ جا، ڄام! ڪارهن ڪوٽ اَڏياءِ
تن مان نالي نه پيوءِ هيڪڙو، جهڙي کيراڻي جي وانءِ(1)
ڪرمتين جي ڪاهن سبب جوکيا حب ٽپي وڃي لس
ٻيلي ۾ رهيا. اُتان ڄام بجار، گاديءَ واري سيد
شيرازي ٺٽوي کي ماڻهو موڪليو ته وچان پئي صلح
ڪرائي. سيد شيرازي جي صلاح سان جوکيا نياڻيون ميڙ
وٺي ڪرمتين وٽ آيا. مير مزار ميڙ کي مان ڏيئي
ڪرمتين کي چيو ته: ميڙ قبوليو! پر ڪيڪو هدَيهه چيو
ته: اسان جا ڪانڌي ماريا اٿن، صلح نه ٿيندو.
ڪرمتين جو پڳدار مـَـلڪ مريد هو. مير مزار چيو ته:
ملڪ مريد ڏانهن ڪانُ موڪليو(2)،
پوءِ جيڪو فيصلو ڏنائين اهو قبول آهي. پوءِ
ڪرمتين ملڪ مريد ڏانهن ڪان ُ ڏياري موڪليو ۽ جوکين
جي ميڙ جو ٻڌايائون. ملڪ مريد ”ڪانُ“ ڀڃي موڪليو،
يعني ته جنگ جو فيصلو ڪيائين.
ڀڃي ڪانُ موڪليو، ملڪ مريد مڻيادار
ته مٿي بـَـڇ بجار، مَ ڇڏيو کي مـُـدعين.
ميڙ موٽي وئي ۽ ڀڳل ڪانُ وڃي ڄام بجار کي
ڏنائون، جنهن چيو ته:
اسان ميڙ موڪلي، سندي سـَـيدن
جني ميڙ موٽائي، پيو پـَـئـُـن پاساروتن(3)
پـَـئـُـون ٻارهن بجار جا، وڌا واليئڙن
الله کڻي اوباهيو، ڳيرو منجهه بازن(4)
ڪرمتين جوکين کي چوائي موڪليو هو ته:
چوٿين مهيني مڪليءَ تي جنگ ڪنداسين، تيستائين ڪو
ڪنهن جو نالو نه وٺي.
هوڏانهن چاڪر جوکيو جيڪو ميرن وٽ حيدرآباد
۾ هو، تنهن جي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌا. چاڪر حيدرآباد
مان موٽيو پئي ته واٽ تي راهيجي وٽ برفتن هٿان
مارجي ويو.
هڪ روايت موجب ميرن ٿورو وقت ٿيو هو جو
ڪلهوڙن کان سنڌ ورتي هئي. مير مزار کي مير فتح علي
خان چيو هو ته: اسين تازا آيا آهيون، تون صبر ڪر.
اسين پاڻهي اوهان جو فيصلو ڪنداسين ۽ تنهنجا هٿ رت
۾ ڀرڻ ڪين ڏينداسين. مير مزار اها ڳالهه سڀني کي
سمجهائي، مگر عمر ساکاڻي گبول چيو ته: مزار! جيترا
آهن تنهنجي ماءُ جي پَڙي ۾ وَرَ(1)،
اوترا اچن ٿا تنهنجي دل کي گوتا، اسين پنهنجو وير
پاڻ وٺنداسين، مير اسان جي پاران وري ڪهڙو وير
وٺندا!
صلاح مصلحت بعد ٻاهر نڪتا ته مير مزار کي
جـُـتيءَ مان ڪنڊو لڳو. انهيءَ تي وري به
سمجهايائين ته: هينئر صبر ڪريو جو هي سوڻ سولو
ڪونهي. انهي تي عمر ساکاڻي هيڪاري تيزي ڪئي.
انهيءَ تي مير مزار کيس چيو ته: اڙي! ويندين ڀڄي،
ناحق ٿو مڙس مارائين. جڏهن جنگ تي چڙهڻ جو فيصلو
ڪيائون ته انهي ٽاڻي مير مزار وڏي مهماني ڪري سڀني
کي هڪ جهڙو ٻوڙ پلاهه کارايو.
جڏهن مير مزار جي نه هلي، تڏهن ”ڪـَـڙياڻي
شيخ“ جيڪو هن طرف جو وزير هو، تنهن به اچي سمجهايو
۽ ”ميران ڪڙيي“ (شيخن مان وڏو درويش) جو ليڪو
ڪڍيائين ته متان اڳتي وڌو. مگر هي ڪانڌين واري غم
۾ هئا، تن کي ڪٿان ٿو ليڪو جهلي! سي ليڪو لنگهي
ويا. آخر شيخ چيو ته: جنگ ۾ گهوڙي تان متان لهو!
جي گهوڙي تي هوندا ته فتح اوهان جي آهي. انهيءَ تي
هڪ بلوچ سخن ڪري قسم وڌو ته: هاڻي متان ڪو گهوڙي
تي چڙهيو آهي. پوءِ سڀ گهوڙن تان لهي پيا.
مڪلي واري جنگ جبل کان اُلهندان لڳي. مير
مزار ۽ ڪرمتي اُلهندين ميدان کان نڪتا ۽ ڄام بجار،
ميين سيد عالي شيرازي تان دعا گهري، اُڀرندان آيو.
چون ٿا ته پيروز جي ڀاءُ عمر ساکاڻي جنگ ۾ اڳرائي
ڪئي. هن جنگ ۾ ڪرمتين هارايو ۽ ڄام بجار کٽيو.
روايت-3
ڄام بجار، ميين عالي شيرازي جي روضي تي
ويو. خواب ۾ اشارو ٿيس ته: ”تون ڏاٽو، هو گاهه“.
مير مزار خاص ترار گهڙائي هئي، سا به ڪانه وُڙهي.
مير مزار پهلوان هو، ڪنهن شاعر چيو ته:
”هيڏانهن هـُـونِ هزار، هوڏانهن هڪڙو مير مزار“
انهيءَ جنگ تي برفتن جي لنگهي براهم
گهانڊاري بيت چيا ته:
مانجهي مير مزار سين، چڙهيو ”ڪرمت“ ڪار
چونڊي ڪيائون چاري، ”مصري“ اوني جو مهندار(1)
سو هـَـنئي کي حامي ٿئي، بانڪو بور سوار(2)
جو “ميرَل” کنيو مدار، سو مڙني کي معلوم هو(3)
مانجهي مير مزار سين چڙهيو ”ڪرمت“ ڪـُـل
عيسب اُني جي مهند ۾، غازي سـُـوَنهي گل
سو آراڌي آڻيءَ تان، آيو ٺڪراڻي ٺل(4)
جان تـُـراري توريان، تان مانجهي ناهي مـُـل
اهرو ئي امـُـل، مورُ ٽلندي ماريو.
سو مور ٽلندي ماريو، ڪيو ڀيرو بگهياڙن(5)
”عيسب“ ڌاري اڳ ۾ پتنگ ٿا پڇن(6)
وٽون ڏنيون ٿي وتريون، عيسب جي يارن(7)
وٽي حـَـسـَـڻ هٿ ۾، ”پـِـي پـِـي“ پيالن(8)
”مليراڻي“ مور جون، ٿيون ڳالهڙيون ڳڻجن.(1)
”راڌو“ ريشم پٽ جئن، ڪرنگهر نه ڪوئي(2)
مير هنيون ٿي مصريون، جت هئي ڄر ڄـَـڀي ڄيري(3)
”محمد“ ميهي سانـَـهه جيئن، مرڙو نه موڙي(4)
شينهن شـُـماري چيلهه تي، تـُـڪا ڪيو توري(5)
احدي ”الهيار“ ليکيان، جنهن ڪونڌ وڌا ڪيري(6)
جهونجهارن جهوري، رڻ سڄو ئي رڱيو.
ٺـَـڪـُـرَ پـُـٽ ٺـَـڪـُـرَ جا، عيسب خليفا
تيغ اُجاريئي آپڻي، هڻي ڪڙو ڪوڏ منجهان
مرزا ۽ مريد جا، اِهي اُهڃ سدا
جنگ ۾ جـُـوڌ جـُـتا، ڳوري ڀيم، براهم چئي.
مانجهي مير مزار، اچي ننگر کوڙيا نينهن جا
هؤرين اُوءَ نه هلڻا، ڳؤرا ڳورين بار
مير مزار، مائن سر بي اوار
تولاءِ راڻيون روئنديون، سارينئي سردار
اُڀرندي پاران آئيون، وڄون ڪري ولهار
تن آڻي ابرَ اوتيا، ڪي جوڙ چڱي جنسار
جوڙ جڙوُن جڙواڙ، براهم بـَـهدوُرَن جون.
هن جنگ ۾ بگهياڙن جو ”رودڙاڻي“ پاڙو سڄو
ڪم آيو ۽ منجهائن ڪوبه ڪونه بچيو. گهرن ۾ پوئتي
فقط ننڍڙا ٻار وڃي رهيا هئا. محمد رودڙاڻي جو هڪ
پٽ نالي ”شهز“ ننڍڙو هو، باقي ”الهيار“ اڃا ڳڀرو
هو، تنهن کي محمد چيو ته تون پوئتي سنڀال لاءِ
رَههُ ۽ سندس تلوار به مٺ کان ڌار ڪري ڇڏيائين، پر
الهيار پوئتي نه رهيو. تلوار جو ڦر ُ ۽ مٺ ته هٿ
ڪائين، پر انهن کي ڄؤ سان ڳنڍڻ جي ضرورت هئي. خبر
پيس ته ڄؤ سندس مڱ وٽ آهي. اُها ڇوڪري ملاحظي ۾
هئي (يعني منهن لڪائيندي هئي) پر هيءُ هن وٽ هليو
ويو ۽ وڃڻ سان ڄؤ گهريائين. ڇوڪريءَ مـُـنهن
ويڙهي، اُبتي هٿ سان هن کي ڄؤ ڪڍي ڏني. تڏهن
الهيار ڄؤ وٺي کيس چيو ته: مـُـنهن اُنهن کان
لڪائجانءِ جيڪي موٽي اچن. ڄؤ وٺي، تلوار ٺوڪي،
ننڍڙي ڀاءُ شهز کي ڀڳڙا ڏيئي پرچائي، پاڻ جنگ تي
روانو ٿيو. ميدان ۾ محمد پڇيس ته: پوئتي ڪير ڇڏي
آيو آهين؟ تڏهن چيائين ته: پوئتي شهز ڇڏي آيو
آهيان. پوءِ هي سڀ وڙهيا ۽ ميدان ۾ مئا.
چون ٿا ته مير مزار کي ٻه تراريون هيون،
جي ڌڪن ۾ مـُـٺين مان نڪري ويون. پوءِ سوڍي ڪلاڻي
کيس بي هٿيار ڏسي، جهلي پاڻ سان بيهاريس ۽ پنهنجي
توڙي مير مزار جي مٽ، ٻنهي کي پئي ڌڪ هنيائين.
انهيءَ تي ڪنهن شاعر چيو ته:
سوڍو وڏي شان سين، هو ميرل وٽ مزار
سو ڪڏهن چرندوڪين هو، آرڻ آئيءَ وار
سو ائيڌ اوارين اُڇليو، مٿس ناهه ميار(1)
اِهي پنجاهيين جا پار، سئامون سگهڙ چوي.
جهڙو وڙهيو سوڍو ڪلاڻي، تهڙو جي وڙهي ڪرمت ڪار
ته ڪاريءَ قنڌار، هوند ملڪ وٺي ڏين مير کي.(2)
حاميد خان رند ۽ سگهڙ حمزي جوکيي جي روايت
موجب(3)
هن جنگ ۾ هڪ جوکيو، جيڪو ماءُ جو هڪڙو پٽ هو ۽
مير مزار کي ڀائيندو هو، سومير مزار جي آڏو آيو.
تڏهن چيائينس ته: تون به ٿو سامهون اچين؟ هن چيو
ته: اڄ جنگ آهي! اتي مير مزار چيو ته:
”مٺيئي ماءُ بيگم، جنهن جو تون هيڪڙو!“
ائين چئي ڌڪ هنيائينس ته وڃي ڪريو. هن جنگ
۾ رجيرن ڪرمتين جي ”مـَـرُوئا“ پاڙي جي ٻن ڄڻن
دُري ۽ حمر پڻ وڏي بهادري ڪئي:
سونا دُر دُري کي، ٻيڻا حمر هار
جنهن پرماريا مروئا، تنهن پر کڻجان پار
ست پيڙهيا سردار، مروئن ڪل ملهائيا.
عمر ساکاڻي گبول ۽ سندس ساٿي جنگ مان لڪي
ڀڄي ويا. مير مزار باقي ٿورن ماڻهن سان وڃي بچيو.
تڏهن سڀ اچي جهنڊي لڳ گڏ ٿيا ته جيئن جهنڊو سلامت
رهي.
جهنڊي مٿي جهور، هـُـئي ڪـُـلها - گـَـهه ڪرمتين
جي
سـَـٽ پـَـٽ سر واهين جي، هئي جهنڊي مٿي جهور
احدي الهداد چئي، اُت ڪري پيا ڪنگور
لـِـڪي ويا لغور، تڏهن وٺو مينهن مزار تي(1)
مير مزار وڏي بهادريءَ سان وڙهيو، پر سندس
ماڻهو ٿورا هئا. سندس هار ٿي ۽ پاڻ ماريو. سندس
وصيت هئي ته مون کي مڪليءَ تي ئي دفنائجو ۽ پوئتي
کڻي نه هلجو. کيس ۽ ٻين سندس ويجهن ساٿين کي اتي
دفنايو ويو.
ڄام بجار شاعر هو، کيس سڀئي وٽون مليل
هيون. کيس سندس ماڻهن چيو ته مڪليءَ جي جنگ ۾ جن
سورهيائي ڏيکاري، انهن جي لاءِ بيت ڏي. ڀانيائون
ته اسان جي ساراهه ڪندو ۽ ڪرمتين جي ندا. بجار چيو
ته: شاعر سچ چوندا آهن، تنهن ڪري آءٌ جي ڪا اهڙي
ڳالهه ڪري وڃان ته ڪاوڙ نه ڪجؤ. پوءِ بيت ۾ ڪرمتين
۽ مير مزار جي ساراهه ڪيائين ۽ جوکين مان جن پاڙن
وارا جنگ مان ڀڳا هئا، تن جي ڪـُـوار ڪيائين:
ماڻهو مڙيو چـُـون ته تون بيت ڏي بجار!
مور جي هئا مڪلي جا، تن جي مٿئه ساک بجار
ڪندا شاعر سچيون، ڏيندا پورا پار
پر شاعرين سندي سچ ۾، ٿو ڏسان لب لغار
اَڇي پـَـٽـِـي آئيا، ڪرمتي ڪاٽار(1)
مورين مـُـڇون مڪڙيون، ڏاڙهيين ڀنڀا وار
بيزارون پيرن ۾، کيڙا کڙيءَ ڍار
رات هئي ڪانڪا، ٻوڙا هئا ٻپهار
”ڍيلا“ ڀڳا ”ڍاڳڙا“ ”بنديچا“ ”سالار“
(2)
”ڄام“ ڇڏيائون پڙ ۾، ٿيا الاهي تـُـهار(3)
ٻارهن جوکيا هڪڙو ٻروچ، ٿي وڙهڻ سندي وار
ميڙهي مير مزار، مڪلي سڀ ملهائي.
انهيءَ تي جوکيا اچي ڪاوڙيا. تڏهن بجار
نالا کڻي ٻڌايا ته اوهان مان فلاڻن فلاڻن کي
ٺـَـپَ ڪنهن جا آهن؟ سڀني چيوته اسان کي ڪـَـڪـَـي
مـُـڇَ واري (يعني سوڍي ڪلاڻي) جا ڌڪ آهن.
ٻارهن تراريون ٻروچ جون مڃيون ٿي مردن
جهڙي سوڍي هڪڙي ڪي، تهڙي جي ٻيا ڪن
ته مزار مٿانهون ٿئي، هوند ميرمنجهه مردن.
سالارن جوکين به مڪلي واري لڙائيءَ ۾ مڙسي
ڪانه ڏيکاري، تڏهن ڪنهن چيو ته:
سالارن کان سڃ ڀلي، ان کان ڀلو ويرو
ٽڪر ۾ ٽيرُو، پنهنجو کڻجان پاڻ سين.
ڪنهن سـُـڄاڻ، مـَـلڪ ننگر برفت تي حرف رکيو ته:
”مزار مارائي، وڃي ڪوٽڙي ۾ قراريو“
باقي برفتن جي راڄدارن مان قيصر خان حـَـماتي نه
ڦريو:
”ڪـَـڪي قيصر خان جون، هيون پچارون پاٿارين“
قيصر خان توڙي سندس پٽ بهادري سان وڙهندي
ماريا:
ڪـَـڪا پٽ قيصر جا، هئا بهرام ٻئي بانڪا
وڙهندي ويرين سامهون، واري ڏين وَڪا
لائي تؤ تراريين، سر واهين جا سٽڪا
ڪري لوهـُـوسين لٽڪا، وڃي گڏيا جوان جنت ۾.
قيصر خان حـَـماتي جنهن قول ڪيا هئا، تنهن
پنهنجا پورا ڪيا ۽ مڙس مير مزار جي پاسي وڙهندي
ماريو.
ڏيئي ٻول ٻروچ کي، ٻڌا هئا حماتي هٿيار
چئي: موٽان لڳي ميهڻو، بنا مير مزار
پـَـٽئون ڍٽ پچار، هئي ڪـَـڪـَـي قيصر خان جي.
چون ٿا ته گندٻي منداڻي يا ڪرمتين مان ڪنهن ٻئي
ڏاڍي مڙس اڳ جوکين جو مال هنيو هو. انهن ۾ هڪ
ماٿيءَ جي مينهن به هئي. مائي گندٻي وٽ لنگهي وئي
۽ چيائين ته: هڪ مينهن اٿم جنهن جو کير پـُـٽڙو
قيصر پيئندو آهي. گندٻي چيو ته: امان! تون پنهنجي
مينهن ڪاهي وڃ، ۽ مائيءَ کي گنديءَ جا پئسا به
ڏنائين. پوءِ قيصر جڏهن وڏو ٿيو ته ماءُ چيس ته:
جي منهنجو سپوت پٽ هوندين ته هميشه ٻروچ جي پاران
وڙهندين. قيصر جوکين جي ”حماتي“ پاڙي مان هو. جڏهن
مڪلي جي جنگ لڳي ته قيصر اهو سپوتائي وارو اکر ياد
ڪري ٻروچن جي طرفان وڙهيو ۽ پڇاڙي تائين بيٺو، تان
جو مارجي ويو. پوءِ ملڪ ڪرمتي، انهيءَ انصاف ۾
حماتين کي ساليانو خرار سارين جو ۽ هڪ پاڏو ڏيندو
هو. جيتوڻيڪ هن جنگ کان پوءِ ڄام بجار، حماتين کي
ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪيو:
”بجار بار وجهايا، ٽپ ڇڏيو ٽيڀرن“
مير مزار باقي بچيل ٿورن ماڻهن سان ميدان
جهلي بيٺو، تان جو سڀ وڙهندي مارجي ويا.
اڳ جئن ابڙي ڪيو، ساڻ سٻر ۽ سالار
جئن دودي ديميون ڀيليون هڻي منجهه هزار
جئن عبدالله خان اُٺاڪي، تئن ڪي مانجهي مير مزار
جئن ڪيهر شينهن ڪيڏارا ڪري، تئن ڪيا مانجهي مير
مزار.
هن جنگ ۾ ڪرمتي ٿورا هئا ۽ تڪڙا ٿي آيا
هئا، جو هارايائون. جيڪي پويان رهجي ويا هئا تن
مان ڪنهن چيو ته:
پرهئي جي اسين هيڪاندا هئون، تڏهن تيڏيءَ وار
ته ڪيئن جوکيو جنگ کٽي وڃي، اسان ڪنان ٻيهار!
هن جنگ لاءِ جوکين جو هڪ وڏو لشڪر
”هاليجي“ واري پاسي کان آيو. رُوحا ۽ رحميداد
انهيءَ لشڪر جا اڳواڻ هئا.(1)
رُوها رحميداد، کڻي جنگ جلالي آئيا
هاليجي تان هيٺ پئي، وڃي نميا ننگرپار
هـُـن به پـَـهـِـي ميرين پاڻ ۾، ڪيو آريون
استيمار(2)
“هڻ هڻ” حمزاين جي، وائيءَ ڏين نه وار(3)
آتش مٿي اُسريا، ڪري سيلا سر سينگار
بچي وئين بجار، جو سـَـرڻ پئين وڃي سيدين جي.
مـُـريد ميهي سانههَ جئن، اچي پـُـور پئي(4)
تن سانين سڱ اڙايا، واگهين وَڳنديئي
کوٽ خرارين نه پيئي، ورتا ڏَرِيندي ڏيئي
سانگو ڪن نه ساهه جو، هينو هٺ نيئي
ٻڌن پار ٻيئي، ته ڪا حمزاين هيڏي ڪئي!
خيري خلوت خارجي، ٻي وائي نه واري(1)
بيٺو مير ميدان ۾، بـُـرگـه باهه ٻاري
چوڏس چوڪس ڪيائين، آندائين آڌيءَ اُٺائي
چـُـر پـُـر چاهه چوگان ۾، وِڌئين ڳوڌ ڳاهي
وئڙا ريک راهي، نر پنهنجي ناموس جي.
مڪلي واري اها جنگ 6 جمادي الاول سن 1203هه ۾ لڳي،
جنهن ۾ مير مزار ماريو. مير مزار، مير خيري ۽ مير
ابراهيم ٽنهي جون قبرون هڪ ٻئي سان لڳو لڳ مڪلي تي
آهن. اهي قبرون مرحوم حاجي عبدالرحيم شاهه جي
بنگلي جي لڳ ڏکڻ طرف آهن. مير مزار جي قبر جي
سنگتراش جو نالو ”باد محمد شاهه سنگتراش“ لکيل
آهي. ڄام بجار اٺ سال پوءِ سن 1211هه (1796ع) ۾
وفات ڪئي ۽ ”چؤکنڊي مقام“ ويجهو اوڀر طرف دفن ٿيو.
--------
|