شاعر چڱي جت جا بيت(1)
چڱو جت شاعر ۽ پنهنجي راڄ ۾ سـَـريال هو.
ڪڇ جي ابڙاسيي واري علائقي ۾ ”سنڌيارا“ تلاءَ تي
رهندڙ هئا. جڏهن خبر پهتس ته جاتي ۾ جتن تي ڏکيو
وقت آيو آهي ته ماڻهو وٺي چڙهيو ۽ ”ڇاڻي واري جنگ“
وقت اچي پهتو ۽ پاڻ جنگ ۾ وڙهيو. پوءِ هن جنگ بابت
بيت چيائين جيڪي هيٺ ڏنل آهن.
انهن بيتن ۾، جنگ کان اڳ وارا ڪي ٽاڻا ۽
جنگ جو سندس اکين ڏٺو احوال ڏنل آهي. چڱو پنهنجي
طرف جي ڳالهه ٿو ڪري، جنهن موجب سنڌ جي حڪومت ۽ ان
طرف وارن کي جتن سان وڙهڻ جو ويچار هو. ان جو سبب
اهو هو جو پهريائين ڪنهن چانگ هلي اچي چـُـرچ
جاڳائي ۽ جتڻ مائي ”ڪؤنر ٻائي“ کي اجايو اکر
ڳالهايو، جيڪا هٽ تي گيهه وڪڻڻ آئي هئي. مائي همت
واري هئي، جنهن اهو گيهه وارو ٿانءَ هن کي اهڙو ته
زور سان مٿي ۾ هنيو، جو ان جا ڪـَـنا اندر گهڙي
ويا ۽ اهو مڙس مري ويو. انهيءَ تي فتح علي چانگ،
جيڪو شايد حڪومت طرفان هتي ڪنهن عهدي تي هو، تنهن
ڳالهه کي وڏو ڪري وڌائي حيدرآباد لکي موڪليو ته
قومن ۾ فساد ٿيو آهي ۽ اهي وڙهي ولٽي ڌارو ڌار ٿيا
آهن ۽ جتن ڏاڍائي ڪئي آهي.
اڳتي بيتن ۾ ڏنل ڪن ٽاڻن، جنگ بابت ٻين
روايتن ۾ آيل اهڃاڻن ۽ فقير مالڪڏني جت جي وضاحتن
مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته مير فتح علي خان راڄن ۾
صلح ڪرائڻ ۽ اندروني طور ملڪ کي مضبوط ڪرڻ واري
رٿا موجب، شير خان جت، شير خان چانگ ۽ ٻين چڱن کي
گهرايو ۽ سمجهايو. ملڪ شير خان جت، سنڌ ۽ ڪڇ جي
جتن جي وڏي طاقت کي خيال ۾ آڻيندي، مير صاحب جي
ڳالهه تي ڪن نه ڏنو ۽ سامهان سوال جواب ڪيا.
مالڪڏني فقير چيو ته: شير خان وڏو دلير هو ۽ ڪنڌ ۾
گهنڊي وجهندو هو (ڪا ڳالهه نه وڻندي هيس ته منهن ۾
گهنڊ وجهي ڪنڌ ورائيندو هو) اها سندس عادت هئي.
مير صاحب جي ڪچهري ۾ به ائين ڪيائين، جنهن تي مير
صاحب چيس ته: شير خان، گهنڊي ڪڍي ڳالهه سمجهه.
انهيءَ تي شير خان جواب ڏنو ته ”مير اها گهنڊي
مصريون ڪڍنديون يا ڪنواريون لاهينديون، باقي ٻئي
جي لاهڻ جي ڪانهي.“ مصريون يعني تراريون، يعني جنگ
۾ تراريون لڳنديون ۽ پوءِ جي اها گهنڊي نڪري ته
نڪري. ڇاڻي واري جنگ ۾ شيرخان تراريون هنيون ۽
جهليون ۽ مير صاحب سان پنهنجي ڪيل قول کي پورو
ڪيائين. چڱي پنهنجي بيت ۾ چيو آهي ته:
”جو مهندان ڪيائين مير کي سو ٿو پنجاهيو پاري“
ملڪ شير خان اِهو جواب ڏنو ۽ في الحال
فيصلو نه ٿيو. تڏهن شير خان چانگ لشڪر گڏ ڪيو،
هتان مـَـلڪ کي پنهنجن سمجهايو ته صلح واري ڳالهه
چڱي آهي ۽ چانگن ڏانهن ميڙ موڪلجي. اهو مڃيائين.
پوءِ دلدار هالاڻي جيڪو مٺاڻي قبيلي جو هو ۽ چانگن
سان به دوستي جو ناتو هئس، تنهن کي قرآن شريف
کڻائي ميڙ مڪائون. اهو جڏهن ميڙ کڻي شير خان چانگ
وٽ ويو جيڪو جاتيءَ ۾ ”مگر ڀين“ اولياءَ جي ميلي
تي آيل هو، ته ان کي ايندو ڏسي دينار جمالي جو اتي
هو تنهن بندوق هنيس ۽ دلدار مئو. شير خان چانگ کي
اها ڳالهه ڪانه وڻي پر دينار جي اڳرائي صلح جون
واٽون بند ڪري ڇڏيون. چڱي به پنهنجي بيت ۾ دينار
کي ننديو آهي. دلدار جي مارجڻ تي ملڪ شير خان جت
سڀ آسرا لاهي، خود شير خان چانگ کان وير وٺڻ جي رٿ
ڪئي. اها چٽائي ٻين روايتن مان به ٿئي ٿي. غالبا
جڏهن شير خان چانگ پنهنجن ماڻهن سان “مـُـگرڀين”
جي ميلي تان ٿي موٽيو، تڏهن جتن گس جهل کيس سندس
پنجاهه ماڻهن سان گڏ ماريو. اها ايڏي وڏي اڳرائي
ٿي وئي، جو حڪومت طرفان جتن جي خلاف لشڪر چڙهيو،
جنهن جو سپهه سالار مير ٺارو خان هو. هي حڪومت جو
لشڪر هو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ قومن جا
ماڻهو شامل هئا. ٻئي طرف رڳو جت هئا، جيڪي چڱي جي
چوڻ مطابق:
”ٿيا سامهان ساري سنڌ کي.“
جنگ جي ميدان ۾ مڙسن جي مقابلي جا چڱي
جيڪي اکين ڏٺا احوال ڏنا آهن، انهن موجب جتن طرفان
مٺاڻي قبيلي وارا آخر دم تائين وڙهيا. ”ڀـَـلاڻي“
نک مان عبدالله وڏي همت سان وڙهيو. ملڪن سردارن
سان جيڪي راڄ ڀيڙا هئا، تن مان هڪڙا حمراڻي مـَـلڪ
جو راڄ هئا ۽ ٻيا “راڌن” ملڪن جا راڄ هئا. ”ٺٽيار“
جت (ڳائي مال وارا)، جن مان مٺاڻين جو ڏاڏو مٺو هن
جنگ ۾ موجود هو. ”مٺاڻي“ ۽ ٻيا قبيلا حمراڻي
مـَـلڪ طرفان آيا ۽ وڙهيا. ”اوٺاڙي“ جت (اٺن وارا)
راڌي ملڪ جي لٺ ۾ هئا، جن مان ڪي ڀڳا. چڱي انهن کي
نـِـنديو آهي ته اَٺين جي کير جي ڦـِـِيڻ چٽيندڙن
سٽ نه جهلي ۽ دانهون (گئا) ڪري وٺي ميدان مان ڀڳا.
شير خان وڏي بهادريءَ سان پنهنجي لشڪر کي همٿايو ۽
وڏي دليريءَ سان وڙهيو. سنجر چانگ کي للڪاريائين
ته: تون منهنجو مٽ آهين ۽ مقابلي لاءِ اچ. پر
چانگن جي لشڪر مان سنجر به سوڀ ڪانه ڪئي. شير خان
جي سامهون نه آيو ۽ ميدان ڇڏيائين (جيئن ٻين
روايتن ۾ ڄاڻايل آهي). شاعر چڱي پاڻ پنهنجن ساٿين
سان گڏ ميدان ۾ اچڻ ۽ وڙهڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
1. ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار
قادر جي قدرت کي پـَـريون ڪونهي پار
هو اَهل ڪن آڙاه جي پيا انهينِّ پار(1)
هو سؤنچو سـِـرايـَـن کي ڪو وڙهڻ جو ويچار
تن هلي اچي هٽ تي ڪيو کيٽو منجهان کار
منهندان مـَـلـَـڪزادي، حمزي پوٽي، پس تنهين جا
پار(1)
“ڪؤنر ٻائي” ڪـُـر اجاريو، ڀيڻ ملهايا ڀار(2)
تنهن ٻائي ٻولائي هنئي پارِي پهرينءَ وار(3)
گهـَـڙيءَ جا گهـِـڙي ويا ڪنا منجهه ڪپار
پوءِ مردود مري پيو اهڙي سان آچار.
تڏهن فند فتح علي گهڙي ورتو انهينءَ وار(4)
ته معلوم پهچن مير کي وڃي سوڌا سماچار:
ته پٿـَـر وِلٽي پاڻ ۾ ٿيا ڌارو ڌار(5)
پيا وير وڏاندرا، خاصا خريدار.
ڌُومي ديميون چڙهيون ڪٽڪ ڪارونڀار
تني ليکو ناه ڪو، بيحد بي شمار
سي جـُـنبي آيا جنگ تي سندي ڀينءَ بازار(6)
اول ڪانئر مان ڪين ٿئو جنهن دُکائي دينار(7)
ڏني باهه بندوق کي انڌي منجهه اَهنڪار(8)
هو منهندان مـِـٺاڻين مان ڪو ساهوُ سلحدار
تنهن اول تان عيسب جهلي جنگ جـَـت جهونجهار(9)
گڏ تنهين سان گاگن هو، جيڏا هئا يار(1)
گهڻو ملوڪن مڃيا تيجي جا توار(2)
بنڪي بازيون کيڏيون مٺـِـي مڻيادار(3)
ڪڏي پيا ڪٽڪ ۾ ورنهه ڇوڙي وار
پوءِ سـِـراين جي سار، سـُـوڌي لڌي ساهـُـئين(4)
2. پنڌرهن پٿر آئيا سنڀري سراين ساٿ
هتان هئي هيڪڙي سندي جتن جات
سي ٺينڪي ٺٽيار اٿيا تن ماري ڪيا مات(5)
هئن هينئين جي حـَـمات، ٿيا سـَـمـُـهان ساريءَ
سنڌ کي(6).
3. ٿيا سـُـمهان ساريءَ سنڌ کي جنبي جت
جونجهار
هلي هالاڻي آئيو تنهن ڪـِـي پنجاهيي پڪار(7)
ته صبر ڪـِـجا ساهـُـئا آهي اسان جي وار
مري لاهيون ميهڻو سندو جيڏن جار
سو مرڪي مصحافن سان، هليو وري هٿيار
کيڙو خنجر خان سين ڪاتي نه ڪاٽار
وسوڙو ويساه گهڻي ڀانيائين ڪانه ڀلڪار
پر مدي مـَـسـُـو من ۾ هئي شومت بي شمار(1)
تنهن ڪاڻي ڪوجهو ڪم ڪيو گيدي گلادار
هي وڃي گهڙيو گهوٽ گهڻن ۾ الله جي آڌار
ته مصريون تنهن ملوڪ تي وٺيون انهيءَ وار
سامهان سراين کي دست هنيا دلدار
پوءِ پـَـٽـَـڻ پئي پڪار، ته راوت راڄ - ڳهو ٿيو(2).
4. راوت راڄ - ڳهو ٿيو تنهن تي ويرا ايءَ
وَهي(3)
جيڪا چانگن چـِـتـَـئـِـي سا جي ڪيائين سهي(4)
مرڻ جي ملوڪ سان تن جي پـَـرنديئي ڳالهه پهي(5)
ته مصري مير ملوڪ جي جيڪر خان کنئي(6)
ته هنيائين هٿ کڻي هوند چيتاري چئي(7)
ويئي ريک رهي، دليءَ سين دلدار جي(8)
5. دليءَ سين دلدار جي رکي پت پرور
دٻايائين دستن سان جو هو جمالي جـَـبر
موڙاٽي مسوءَ جو تنهن ڪـُـونئر جهوريو ڪر(9)
رڻ ۾ راماڻو ڪيو، هالاڻيءَ حشر
تڏ سردار سڀ سڏائيا ته ڀائرا ڪريو ڀر(1)
واريون ويرُ ورنهه جو، ونڪا ڪريو وَر(2)
بيٺو مرد ميدان ۾ وجهي هوڏ حمر(3)
ڪڙي ۽ قاتل جو هو ساهـُـن ساڻ ثمر(4)
هيءُ ست پيڙهيو سردار هـُـو، هو نسورو نوڪر(5)
هن ميڙي ميلهي ڪار جو پٿر ڪيو پرڏر(6)
هت سنڌ، سـِـرارو، ساڪرو، ڪاڇو، ڪارونجهر(7)
اُچ سرو ۽ عمر ڪوٽ، پڇم پار ڪر
ڀيڙو ٿيو ڀـَـڙَن تي، ٿيلي سڀوئي ٿر
پر ساهـُـن سراسر، هئي موران ڳالهه مرڻ جي.
6. هئي موران ڳالهه مرڻ جي سندي روحَ ريلي
سو نڪي دانهين ويو دليءَ تي، نڪي ويو ٻيلي
مـُـنهن گهـُـنڊي، چپ وات ۾، بيٺو خان کنو کيلي
سارنگ سراين کي مٿان ويو ميلي(8)
عبدالله ائين آئيو، جئن رؤ اچي ريلي
پوءِ ”ڀـَـلاڻي“ ڀيلي، کني ساڻ کٽي ويو(9)
7. کني ساڻ کٽي ويو، تنهن جا ڀاري هئا ڀاءَ
ڀائر، ڀالا، ڀليون، جي هوتن مـُـل هئا(1)
ته هي پاٿارين ۾ پڌرا حمراڻي هئا
ڏاڍو تؤ ترار جو، مٿي پڙ پيا
اومانجهي ماڳ مئا، پر لڳيءَ چاهه نه چـُـريا(2).
8. پر راڌي جي رهاڻ ۾ جي حماتي هئا
تن ڦوڪ نه جهلي ڦـِـيڻ چـَـٽين گيدي ڪن گـُـئا
ڇڏي لـڄ لـَـسا ٿيا کـَـهـُـوُ کـِـير - ڏُها
هي مانجهي ماڳ مئا، لڳي چاهه نه چـُـريا.
9. لڳيءَ چاهه نه چـُـريا، هـُـو هو اَحدي
آڻيارو(3)
راڌي تي رحمت جو ٿيو نرمل نغارو
مـَـلـَـڪ ٿيو مهند ۾، کڻي ڪر ُ ڪارو(4)
ٺان ٺان ڀير ٺڪاءَ ٿي، هڪل هوڪارو
لائي بيٺا لاڏُڪا چـَـڪر چؤنڪارو
جوانن جي جنگ سان ٺهڪيو مير ٺارو(5)
”واروڙي وارو، متان ڪا گگهيري گلا ڪري!“(6)
10. گگلا گهيرين جي ڇڏيو لاڏُڪا لاهي
سڀڪو پنهنجي سر کي سوريءَ سنباهي
تڏ سڀ اُڀي ويا آڙَن ۾ لاڳا پا لاهي
اُتان زنگياڻي آئيو ڪٽڪ سان ڪاهي(1)
تنهن وڌا هٿ ويرين ۾ ”چڱي“ چتائي
تنهن کي وڏيري ورائيو سکر سڏائي(2)
ته مرڻ ڏيو مَ ملوڪ کي مر پوءِ جا پير ڳائي(3)
پر ويرين واجهائي، اچي چئنچل چـُـور ڪيو(4).
11. آڻي چئنچل چور ڪيو، ويرين ڪنهن وَڙڪا(5)
رُڻ جهڻ راڙو رُڪ جو، جت سانگين ڪيا سڙڪا(6)
جوانن جي جنگ جا پيا ات پـَـڙڪا(7)
هڪل هيبت هن جا ڪڇ سـُـئا ڪڙڪا
مانجهي سي مرڪيا، جن ڪٽي ڪٽڪ واريا.
12. ڪـُـٽي ڪٽڪ واريا، سڀئي ساري
شير خان شـَـلين ۾ وڌا هٿ واري(8)
سڏايو سنجر کي ٿو کليو کينڪاري:(9)
”آءُ تون اوڏو اُسري، توکي سـَـرتيو ٿو ساري“
جو مهندان ڪيائين مير کي سو ٿو پنجاهيو پاري(10)
سـَـٽ ڪـُـٽ سراين جي هئي دلاور ڌاري(1)
پوءِ چڱي چيتاري، ڪيائون مزماني مير کي.
----------
|