6. شادي خان کوسي جون انگريزن سان جنگيون
ٽالپور اميرن پنهنجي حڪومت واري دؤر ۾ سنڌ
جي سرحد تي مختلف قومن ۽ قبيلن کي ويهاريو ۽
وسايو، يا جيڪي اڳ ويٺل هئا تن جي پٺڀرائي ڪئي، ته
جيئن سرحدن کي سنڀالين. انهيءَ حڪمت عملي سان راڄ
طاقتور ٿيا ۽ سنڌ جي حڪومت جو موجوده بدين ۽
ٿرپارڪر ضلعن کان ڏکڻ طرف توڙي ٿرپارڪر ضلعي کان
اولهه طرف سنڌ جي طاقت وڌي. انگريزن پوءِ اهي سنڌ
جون سرحدي ايراضيون ڇـِـني، ڀر وارين رياستن کي
ڏيئي ڇڏيون. ننگرپارڪر تعلقي جي ڏکڻ اُڀرندي ۽
ڇاڇري تعلقي جي اُڀرندي طرف سنڌ جي سرحد اڳتي هئي.
انهن سرحدن تي کوسا، چانڊيا، سوڍا ۽ سميجا راڄ سنڌ
طرفان طاقتور هئا. اُڀرندي ڏانهن جوڌپور واري سرحد
تي خاص طرح لُڏاڻي، گهمڻاڻي، بليلاڻي کوسا سنڌ جي
فوجي طاقت جو اهم حصو هئا. ڇَهوٽڻ جبل ۽ ان جي
پسگردائي وارو سڄو ملڪ (بعد ۾ تعلقو ٻاهڙ مير،
رياست جيسلمير) سندن سنڀال هيٺ هو. ان جون حدون هي
هيون: ”ٻَڌي ٻَائر“ کان وٺي ڏکڻ - اوڀر رامسر جي
ڏونگري تائين، رامسر جي ڏونگري کان ڏکڻ - اوڀر طرف
ڇَهوٽڻ جبل تائين، ۽ ڇهوٽڻ جي جبل کان اوڀر طرف
”ڌوري مَنُو جبل“ تائين. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو
ڪيو، ته ننگرپارڪر طرف راڻپور جي راڻن ۽ اوڀر طرف
ڇهوٽڻ ڏانهن کوسن جي طاقت ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروايون
ڪيائون.
ڇهوٽڻ واري پاسي کوسو شادي خان سنڌ جو سڄڻ
۽ سورهيه مڙس هو. عزت خان جو پٽ ۽ کوسن جي گهمڻاڻي
پاڙي مان هو. هن مڙس انگريزن جي پلٽڻن سان مقابلا
ڪيا، ۽ انهن کي ماري ڦٽي ڀڄايو. ان وقت ”سوڀاري“
(تعلقو مٺي، ضلعو ٿرپارڪر) جي درويش سيد جهنڊ ولي
شاهه (پٽ فخرالدين شاهه) جي زبان مان شادي خان
لاءِ دعا جا هي لفظ نڪتا جيڪي مشهور ٿي ويا.
سنڌ به شادي هند به شادي
ٿرين شادي برين شادي بحرين شادي
هڻ ڙي شادي هڻ
آخرڪار انگريزن جيسلمير ۽ جوڌپور سان
عهدناما ڪيا ته هو شادي خان جي ڪابه مدد نه ڪندا.
خود شادي خان ڏانهن معتبر ماڻهو موڪليائون ۽ کيس
لالچايئون ته هو هٿيار ڇڏي ته کيس ڇهوٽڻ، ننگر يا
ڇاڇري ۾ جتي چئي اتي جاگير ڏني ويندي. جواب ۾
چيائين ته منهنجي بت تي جيڪي ترارن جا ڌڪ لڳل آهن،
سي اوهان انگريزن جي برخلاف ئي لڳل آهن. انگريزن
وري ماڻهو موڪليس ته ترار ڇڏ! شادي خان وري به
اهوئي جواب ڏنو ته: ترار سر ساڻ آهي ۽ سر سلامت
آهي ته ترار نه ڇڏيندس. پوءِ فرنگي چوڏهن سؤ لشڪر
ساڻ ڪري اچي مُلڪ کي گهيرو ڪيو. شادي خان کي
چيائون ته! ”هاڻي چوٽي ڇوڙي آءُ“ (يعني سر اگهاڙو
ڪري اچي آڻ مڃ ۽ پيش پئو)، پر شادي خان نه آيو ۽
چوائي موڪليائين ته:
”لٽ پٽ لوهُو ساڻ، هوندين گڏ گڙَهي ۾“
ٻڌايائونس ته انگريزن وڏو لشڪر چاڙهيو
آهي. چيائين ته: ”ايڪ سون لڙڻاهي، لاک سون لڙڻا
هي“. پوءِ لڙندي لڙندي شادي خان شهيد ٿيو. کيتو
فقير مڱڻهار ويٺل باکاسرجو، تنهن شادي خان جي
سورهيائي تي ”ڏؤئا“ ۽ شعر چيا ته:(1)
ڏوئا
چلو چلو ڇـُـهٽڻ وڃان، ڏيئي سر سادان
ڏونگر ڏهڪڻ ڇو لڳين، تو ۾ کوسو شادي خان.
---
گهمراڻي گهوڙي چڙهي، فوجن پاڙي ڦير
اڙٻنگ عزت خان رو، شادي بَـنَڪو شير.
---
شادي ڙي شمشير، عزت ري ٻانڌي اَڏَڳ
هَڻِئَل ٻاهڙ مير، ڪلڪتي تعريفان ڪري.
شعر
اول نام علي شير
سيسهر آب ڌرتي سور
مردون بڙا هـئي ايـمـان |
محمد نبي اڏڳ مير
ردون بڙا هئي مذڪور
جنـگان ڪري بَنـڪا جوان |
کاڳان هڻي شادي خان.
ڀورامار ڪافر گهير
آيا فضل ڪي ڦيري
حاڪم حڪم هلائيا
اوتاري خان دي آيا |
صاحب چڙهي آيا شير
چلو انگريز ڪي ڏيري
نَنهندِل ڪري تيڙايا(1)
گوڙها اَمل گلايا(2) |
پهلوان پيلايا(3)
”زاري“ پوڇئا جواب
شادي حق مرڻا هئي
ايڪ سون ئي لڙڻا هئي
جيسا آرابا پستول
اميد علي چانديا هئي ايم
گڻن گڍ گجرات
شادي ڇوڙ ڏي تلوار
مير صاحب ڪي تلـوار |
شادي مرڻ ڪا شباب(4)
ڪسي ڪا ڊپ نه ڪرڻا هئي
لاک سون ڀي لڙڻا هئي
ٻاوَل ٻلوچين را ٻول(5)
جائي لڙيا شينهان جيم(1)
ڏاڍي بلوچين ري ذات(2)
”ڇوڙون لڄي سڀ سنسار
ڌرتي نهين جهلي بار“(3) |
ڳاوي کيتلا مڱڻهار.
------
7. حـُـرن جون انگريزن خلاف بغاوتون ۽ جنگيون
سنڌ ۾ ”پير صاحب پاڳارن“ جي قادري سلسلي
جي اسلامي تبليغ ۽ تحريڪ جو بنياد پير صاحب محمد
راشد رحه عرف ”روضي ڌڻي“ (1170 - 1233هه) ٻارهين
صدي هجري جي آخر ۽ تيرهين صدي جي پهرين ٽيهن سالن
واري عرصي ۾ وڌو. توحيد، ذڪر الاهي، تقويٰ
(پرهيزگاري)، نيت ۽ عمل جي سچائي ۽ صفائي، سعيي ۽
ڪوشش سان حق حلال جي ڪمائي ۽ همت ۽ مردانگيءَ سان
دنيا ۾ ڪاميابي سندن تبليغ ۽ تلقين جا مکيه اصول
هئا: يعني ته ذڪر الاهي، رياضت ۽ عبادت سان دين جي
سر بلندي ۽ آخرت جي نجات سان گڏوگڏ سعيي ۽ ڪوشش،
همت ۽ مردانگيءَ سان دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي
آهي. پير صاحب محمد راشد رحه کان پوءِ سندن سجاده
نشين پير صاحب صبغت الله شاهه اول، جماعت ۾ همت ۽
مردانگي واري جذبي کي جهاد واري منزل تائين پهچايو
۽ ڌارين جي غلبي ۽ قبضي خلاف جنگ جوٽي آزادي
برقرار رکڻ جو سبق سمجهايو. ان وقت سکن پنجاب تي
قبضو ڪري اُتر طرف سرحد جي پٺاڻن واري پرڳڻي تي
غلبو حاصل ڪيو هو ۽ سندن آئنده رخ هيٺ ڏکڻ ڏانهن
سنڌ طرف ٿيڻ وارو هو. هندوستان مان سيد احمد
بريلوي سکن جي وڌندڙ طاقت ۽ مسلمانن تي سندن حڪومت
خلاف جهاد جو جهنڊو بُلند ڪري سنڌ ۾ پهتو ته پير
صاحب صبغت الله شاهه سندس پوري پٺڀرائي ڪئي ۽ سڄي
سنڌ ۾ تحريڪ هلائي مسلمانن کي جهاد جي ترغيب ڏني،
۽ مجاهدن جو چڱو تعداد سندن سڏ تي اچي حاضر ٿيو.
پنهنجن مريدن ۽ محبن مان هڪ مضبوط لشڪر تيار ڪري،
کين حريت ۽ آزادي جو علمبردار بنائي جهاد لاءِ
روانو ڪيو.
جماعت ۾ اهو حريت ۽ حـُـرائيءَ وارو جذبو،
سندن پوٽي پير صاحب حزب الله شاهه (تخت ڌڻي) جي
دور ۾ وڌي وڻ ٿيو، جڏهن سورهيه سرويچن جي ”فرق
جماعت“ جو بنياد پيو. پير صاحب حزب الله شاهه سن
1262هه (1847ع) ۾ سجاده نشين ٿيو. ان وقت سندن عمر
پنجن سالن کان به گهٽ هئي. ان کان ٽي چار سال اڳ
مهيني محرم سن 1259هه (فيبروري 1843ع) ۾ انگريزن
سنڌ تي غاصاباڻو قبضو ڪري سنڌ جي آزاد حڪومت جو
خاتمو آندو هو ۽ سندن طرفدار مير علي مراد نئين
رياست (خيرپور) جو والي ٿيو هو. سنڌ جي اڳين
حڪمرانن ٽالپور اميرن کي انگريزن قيدي بنائي ٻاهر
هندوستان موڪلي ڇڏيو، ۽ سنڌ ۾ ٻئي هر همت ۽ حوصلي
واري سنڌ جي خيرخواه ۽ آزادي جي خواهان کي سازشن ۽
مالي مشڪلاتن جو شڪار بنائي ڇڏيو هو. پير صاحب حزب
الله شاهه جيئن ئي عاقل بالغ ٿي درگاهه ۽ جماعت جي
واڳ سنڀالي ته کيس سنڌ ۾ مسلمانن جي خسته حالي ۽
انگريزن جي غاصباڻي قبضي جو احساس ٿيو. جڏهن
انگريزن جي خير خواه مير علي مراد، قير صاحب
پاڳاري، درگاهه ۽ جماعت خلاف قدم کنيا، ته پير
صاحب حزب الله شاهه وڏي دروانديشيءَ سان جماعت کي
وڌايو ۽ پڻ سنگت جي تڪن يا ”چؤڪين“ ذريعي جماعت کي
منظم ڪيو. ساڳئي وقت پير صاحب ۽ درگاهه جي مخالفن،
۽ انگريزن ۽ سندن حامين حمايتين خلاف مقابلن لاءِ
خليفي غلام نبي لغاري ”فرق“ فِرقي جو بنياد وڌو.
هيءَ شروع ۾ ٿورن سورهيه سرويچن فقيرن جو ٽولو هو،
جيڪو پوءِ آهستي وڌڻ لڳو. مخالفن سان قابلا ڪرڻ ۽
سر گهوري قربان ٿيڻ هنن جو هڪ بنيادي اصول هو.
پير صاحب حزب الله شاهه سياسي بصيرت رکندڙ
۽ نهايت داناءَ ۽ دورانديش هو. جماعت ۾ انگريزن ۽
سندن طرفدارن خلاف نفرت جو جذبو پيدا ٿي چڪو هو،
پر هند ۽ سنڌ ۾ انگريزن جي تسلط کي ختم ڪرڻ لاءِ
ضروري هو ته ٻين ٻاهرين طاقتن سان ڪو سلسلو قائم
ڪجي ۽ کين انگريزن جي دور ۾ ملڪ جي اندروني حالت
کان آگاهه ڪجي. پير صاحب جن ترڪي جي سلطان
عبدالحميد ڏانهن اهڙو هڪ خط موڪليو(1)
جنهن لکيائون ته:
۽ هن وقت جڏهن هندوستان چوڌاري بي دين نصارن جي
قبضي ۾ اچي ويو آهي: جڏهن دين ايمان مٽجي خلط ملط
ٿي چڪا آهن ته بگهڙ ڌڻ جا رکوال آهن، شريف ۽ ذليل
ٻنهي کي هڪجهڙو سمجهيو وڃي ٿو، هندو زوران زور ته
مسلمان ڪمزور آهن. مفلسي گهڻي ۽ بيحد ته سرڪاري
مطالبا وڌا وڌ
..................................... اهي صليب
جي نشان کي ايمان جي تعويذ کان وڌيڪ اثرائتو سمجهن
ٿا ۽ ناقوس جي آواز کي اذان ڪري ڀائين ٿا
.............. نه حڪمرانن کي رعيت جي تباهي تي
فڪر ۽ غور، ته نه وري رعيت جي هٿ ڪرائيءَ ۾ زور.
هڪ طرف زراعت بي برڪت ته ٻئي طرف ڍل وصول ڪندڙن جي
ڪثرت. باوجود انهيءَ جي، قلم ۽ زبانون، انگريزن ۽
سندن طرفدار تابعن ۽ نوابن جا ٻول ٻولي ۽ ڳڻ ڳائي
رهيا آهن.(2)
هيءَ نهايت مخفي قسم جو خط هو ۽ اها ڳالهه
راز ۾ رهي ته پير صاحب جن ڪيئن ۽ ڪڏهن اهو سلطان
عبدالحميد ڏانهن موڪليو. سن 1308هه (1890ع) ۾ پير
صاحب جن جي وفات بعد شايد هن خط جي ٻاڦ ٻاهر نڪتي
هجي ۽ انگريزن جي خير خواه جاسوسن اهڙي خبر حڪومت
کي پهچائي هجي پر جيئن ته ڪوبه ثبوت موجود ڪونه
هو، تنهنڪري هي ڳالهه زباني رهي ۽ لکيت ۾ ڪانه
آئي. البت اڳتي لاءِ انگريزن پير صاحب جي اثر رسوخ
کي گهٽائڻ بلڪ ختم ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي ۽
جماعت جي همت ۽ حوصلي وارن ماڻهن خلاف عام طرح ۽
حـُـرن خلاف خاص طرح ڪارروايون شروع ڪيون. انگريزن
کان اهو ڳجهو ڪونه هو ته سنڌ تي سندن قبضي (1843ع)
کان تيرهن سال اڳ سن 1829 - 1830ع ۾ پير صاحب
پاڳاري جن سيد احمد شهيد کي فوجي امداد ڏني هئي.
انهيءَ ڪري جيئن پوءِ تيئن پير صاحب پاڳاري،
درگاهه ۽ جماعت تي ڪڙي نظر رکيائون.
پهرين حُر تحريڪ ۽ بغاوت
سن 1896ع ۾ پهرين حُر تحريڪ ۽ انگريزن
خلاف بغاوت شروع ٿي، ۽ انگريزن جي پوليس ۽ ڪامورن
طرفان پير صاحب جي جماعت ۽ حرن خلاف سازشون ۽
ڪارروايون شروع ٿيون(1).
جواب ۾ حرن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو انگريزن
جا قاعدا قانون ٽوڙيائون ۽ سانگهڙ لڳ ”مکي جي ڍنڍ“
کي پنهنجو جنگي مرڪز بنايائون، انگريزي حڪومت خلاف
ڪاررواين خاطر، ٻارهن ڄڻن جي ”پنهنجي سنگت“ قائم
ڪيائون، جيڪا هڪ ”جنگي ڪؤنسل“ هئي. ساڳئي وقت اها
انگريزن جي حڪومت جي بجاءِ هڪ متبادل حڪومت هئي،
جنهن ۾ ”بادشاهه“، ”وزير“، ”ڪوٽوال“ ”منشي“
(مُراسلات جو سيڪريٽري) ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا. اها
ٻارهن - رُڪني ڪؤنسل هيٺين سورهين تي مشتمل هئي،
جن کي انگريزن ڌاڙيل، باغي ۽ قانون کان ٻاهر (Out
Laws)قرار ڏنو ۽ انهيءَ ڪري هو ”ٻهروَٽيا“ پڻ سڏيا ويا.
(1) بچو پٽ وريام ذات خاصخيلي ويٺل مٺڙائو
تعلقو سانگهڙ. کيس ”بادشاهه“ بنايائون ۽ هو پوءِ
بچو بادشاهه جي نالي سان مشهور ٿيو. پير صاحب جن
جي نظربنديءَ بعد، سندن اعلان تي سردار محمد يعقوب
وٽ سن 1898ع (؟) ۾ پيش پيو، جتان کيس گرفتار ڪري
”عيسي ڏاهريءَ“ سان گڏ ميرپور خاص ڏياري
موڪليائون، جتي انگريز جج مقدمو هلائي کين ڦاسي جي
سزا ڏني.
(2) پيرو پٽ صالح فقير وساڻ ويٺل ڪنڌو تعلقو
سنجهورو، ”جهوڙي لئي“ وٽ سن 1898ع ۾ ليوڪس جي لشڪر
سان وڙهندي شهيد ٿيو.
(3) تڳيو چانگ پٽ دوسو چانگ ويٺل سماٿري تعلقو
سانگهڙ، ”جهوڙي لئي“ وٽ 1898ع ۾ ليوڪس سان وڙهندي
سر ڏنائين.
(4) گلو پٽ پريو موچي ويٺل ڳوٺ نظاماڻي تعلقو
سانگهڙ، ”جهوڙي لئي“ وٽ 1898ع ۾ ليوڪس سان وڙهندي
سر ڏنائين.
(5) قـَـَلوُ پٽ گلو ڳاهو ويٺل موجن، تعلقو
خيرپور. ”مکي“ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان ٽڪنبي
(ٽڪنڊي) وٽ، پنهنجن ٻن ساٿين مصري ڳاهي ۽ عثمان
هڱوري سان گڏ ميدان ۾ آيو. ”بچو“ جي سهري دينو کي
ليوڪس وٽ موڪليائون ته هاڻي اچي مقابلو ڪر. ليوڪس
آيو ۽ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٽيئي ڄڻا ليوڪس سان
وڙهندي شهيد ٿيا.
(6) مصري ڳاهو پٽ خانڻ ويٺل بجر واهه تعلقو
شهدادپور، مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان
ٽڪنبي وٽ ليوڪس سان وڙهندي مارجي ويو.
(7) عثمان هڱورجو پٽ ملوڪ ويٺل ڇرائو تعلقو
ٽنڊوالهيار، مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان
ٽڪنبي وٽ ليوڪس سان وڙهندي مارجي ويو.
(8) عيسو ڏاهري هالن واري ٿاڻي تي پيش پيو، جتان
گرفتار ڪري، بچو بادشاهه سان گڏ مٿس مقدمو هلائي
کيس ڦاسي ڏني وئي.
(9) خميسو وساڻ پٽ سچل، ويٺل باکوڙو تعلقو سانگهڙ،
گم ٿي ويو: غالباَ ڪنهن مقابلي ۾ مارجي ويو.
(10) سومار ڳاهو، پير صاحب جي انهيءَ نوڪر کي مارڻ
ويو، جنهن کي پير صاحب طرفان حرن کي انگريزن جي
پيش پوڻ جو اعلان ڪيو هو، پر پاڻ مارجي ويو.
(11) فتلو قاضي، سومار ڳاهي سان گڏ مارجي ويو.
(12) راڻو وساڻ ويٺل باکوڙو، مرشد جي حڪم موجب پيش
پيو، جنهن بعد کيس ست سال ٽيپ ڏيئي کاري پاڻي
موڪليو ويو.
بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ۽ ان جي ساٿين جي
ڏهڪاءَ سبب پوليس سرڪاري ٿاڻا ڇڏي ڀڄي ويئي. سڀني
ڀڄي وڃي وڏن شهرن ۾ پناهه ورتي. هڪ طرف حرن جو
ڏهڪاءَ ٻئي طرف پوليس ۽ فوجي سپاهين جي مسڪينن تي
مار، سو ملڪ ۾ هيڪاري هراس پئجي ويو. جوالاسنگهه
نالي سانگهڙ جو دفعدار هو، جنهن حـُـرن کي پڪڙڻ
لاءِ ڪوشش ڪئي پر کيس ڪوبه حر هٿ نه آيو. سانگهڙ
ضلعي ۾ هر سال مانگهه مهيني ۾ ”بهرم بري“ جو ميلو
لڳندو آهي. جوالاسنگهه به حرن جي ڳولا سانگي اچي
ميڙي ۾ پهتو، جتي گـُـلي موچي جي بندوق لڳس ۽
مارجي ويو.
سندن ٻين ساٿين به جدا جدا جاءِ تي مقابلا
ڪيا ۽ ست سال کن سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت کي ٿرٿلي
۾ وجهي ڇڏيائون. سنڌ جي عوامي شاعرن هنن سورهين جي
سورهيائيءَ کي ڳايو ۽ کين جسون ۽ شابسون ڏنيون.
هيٺ شاعر محمود پلي عرف ”مل“، شاعر شادمان مري، ۽
شاعر تاجي دَل جا بيت ڏجن ٿا جي هنن بهادر حرن جي
تعريف ۾ چيا.
شاعر محمود پـَـلي عرف ”مل“ جا بيت
شاعر ”مل“ حـُـرن جي بغاوت ۽ حملن واري
دور ۾ موجود هو. سندس جملي بيت تفصيل سان اسان لوڪ
ادب سلسلي جي نائين ڪتاب ”واقعاتي بيت“ (صفحا 42 -
63) ۾ ڏنا آهن، جن مان ڪي ٿورا هت مثال خاطر ڏجن
ٿا.
انگريزن جي صاحبيءَ ۾، چوڏهين صدي سير
پـَـرڏَر اچي پيدا ٿيا، بانڪا بي نظير
ٻارهن ڄڻا ٻاهر وَٽيا، مکيءَ پاسي مير
بـَـچو اُن جو بادشاهه، ”پيرو“ اڳيان وزير
ڪري ڌاڪي سان دلگير، تن ڏيهه ڏڪائي ڇڏيا.
---
ڏيهه ڏڪائي ڏَيا سان، ڪيائون زير زبر
اک نه هين انگريز تي، ٻيو ڪنهن نه مٿي ڪَلٽر(1)
ماري سَو سپاهين جا، ٿي لوڙهيائون لشڪر
ڏسي هيبت حُرن جي، ٿي گهڻن ڇڏيا گهر
پوءِ اتي ويا افسر، انهن جي ٿاڻن پئي ٿُڪون
جهليون.
---
مانجهي مرد ”مُکي“ جا، غازي ڪين گُسن
عداوتي اونداهه جو، ٿا ڏِئي تي ڏسن
جت تڪيائون تت هنيائون، تر نه گٿو تن
رڳا چغل چُٽيا، بات مٿي بانڪن(2)
اِني کي انصاف جا، مجرا ٿا ملن
ڳالهيون پيون ڳائجن، تن مردن جون ”مل“ چئي.
---
ڏسو مڻيا مردن جي، ايڏا جن ايمان
ٻارهن سِر سڄي ڏيهه کي، سامهان ٿيا سلطان
حاڪمن مٿن هلائون ڪيون، ٻيا طرحين طرحين طوفان
پَرين سوڌا پيڙجي ويا، اُهي جند ڳاري جوان
ته به اکر هڪڙي انگريز جي، ڪاڻ ڪڍيائون ڪانَ
بانڪن پنهنجي بهادري سين، ڇڏيو توري اُڀ آسمان
آخر خاڪ مڪان، هتان هرڪو ويندو هليو.
هتان هرڪو ويندو هليو، پنهنجو وارو وڄائي
هيڪر دانهن دهليءَ سوڌي، ڇڏيائون نالو ڪڍائي
ميڙي ”بهرم بري“ جي تي آيا ڪٽڪ ساڻ ڪاهي
بندوق جولاسنگ کي، ٻُٽيائون ٻولائي
موڏي گُلي موچيءَ جي، اها ڪڻئي آهي
ڏَهلي ڇڏيائون ڏر تي، ڪتو ڪيرائي
ڏيئي پڙهو سي ويا سڀني سڻائي
متان ڪو ان حساب ۾، صبح غريب گهلائي
ڊڄي ان جي ڊائي، ٿي گهڻن رضائون گهُريون.
---
ٻارهن ڄڻا ٻهروٽيا، سوريه هئا به سڌر
لنڊن سوڌا لکجي ويا زور ڀريا زبر
راڻيءَ ڏاڍو روڄ ڪيو سڻي خوب خبر(1)
وٺيو سنڌ ساري ٿا هاڻي وڃن حـُـر
ڪري ڪؤنسلون پاڻ ۾، پيا منجهه پچر
”دليءَ“ ديباچا ويا، ”ڪلڪتي“ ڪاڳر
”پوني“ دانهن وڃي پُڳي، اُٿي ”امبراسر“(1)
لکنو ۽ لاهور کان، چڙهيا ”گڊ گام“ کان گورنر(2)
بمبئي بندر ”بڙودي“ جا، ڪئين آيا ڪمشنر
اسپيشلون آئيون، کڻي فوج اپر
”اسٽيل“ بيهي رهيو، پنهنجا ويڙهائي ور(3)
”ليوڪس“ اچي لوڪ جا کاڻي کانيا گهر(4)
بي قانوني ڪيترا، تنهن هلايا هُنر
ته به آيا ڪين ڪـَـپـَـرَ، انگريزن جي اَمر ۾(5)
---
ٻارهن ڄڻا ٻَهروٽيا، سورهيه هئا سجان
ڏسي هيبت حرن جي، دڙڪو ۽ دهمان
ڀُوري ڀئو نه جهليو، پيو هائو هندستان(6)
مددون مڱيائين رائن کان، ڏيئي تارن جا طوفان
چئو ڏس چوڪيون بيهي ويون دنگن تي دربان
ڏاڍا مڙس ڏيسي آيا جوڌپور کئون جوان(7)
ڪي جنگي جيسلمير کان، ڪي مانجهي کان ملتان
ڪي ڪوپا ڪراچي کان، آيا پنگجي پهلوان(8)
ڪاپون اچي ڪٺيون ٿيون، ميڙا منجهه ميدان(1)
پر جهلي ڪو ايمان، مور نه لڙي مکيءَ کي.
---
ماري منڪر ڪيترا، ڏَهليا تن ڏڦير
هوند ڪين وٺائن ها ڪنهن کان ڪنهين ڀت ڀير
پر مڃي امر مرشد جو آيا اُني وير
”پيرو“ سندي پادر ۾، ٻيو قدم وجهي ڪير
ڪٿان لڀن ڪوڏيا، ”گُلي“ جهڙا شير
اڙٻنگ ڏيئي اُلير، آيا ملهه ميدان تي.
آيا ملهه ميدان تي، سانگو پلي ساهه
ماڻهو مڪائون مير کي، جو بچُو بادشاهه
ته: لڙائي اٿئون لوئر سين، تون سگهو اچ صباح
تنهان اڳي چغلي هنئي، ”ڪيريي“ ڪري ڪاهه
تنهن تي ڪامپ چڙهي ڪيتري، جنهن جي نه سڌ سماءُ
ڏسي هيبت حُرن جي، دهلي ويا دانا.
منشين مٽ موڙها، سڪي وئڙن ساهه
ته: آهيون اجل سامهان، ڪهڙو ورندو واءَ
اُڀا گوڙيون ۽ گوگاءَ، ڪن ٽيئي ٽِلڻي وچ ۾.
غازي گوءِ کڻي ويا، ٽيئي منجهان ٽيلي
”پيرو“ توکي پيدا ڪيو ڀلي رب ڀلي
وهه واهه تنهن وساڻ جي، بلي ڙي بلي!
ٻروچ وڏي ٻهڪ سين، ٿو هاڏيون ڪيو هلي
ڪوڏئون وڃي ڪلهو هنيو، غازين سان گلي
موڏين هڻي موچي کي، ڪيو ڏار ڏلهي
ته به ڪوڏيو منجهه قلعي، وڙهيو ٿي ويرين سان.
---
ٻارهن ئي ڄڻا ٻهروٽيا، هوند هڪڙي مُٺ هُجن
ته ڪُٽا ڪامپن منجهه سي، اهڙا وڍ وجهن
ته جيئرا هن جنگ جون ڳالهيون ڪيئي ڪن
پر فوجون ڦري آئيون، ڌاروڌار سڀن
اصل انهيءَ ڀت جو، مرڻ مٿيرن
پوءِ مکيءَ جي مردن، وڻ به وڄائي ڇڏيا.
|