مهاڳ
سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز،
سن1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي ويئي،
جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي
نگراني ۽ تڪميل بندي جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو
ڪم شروع ڪيو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان
مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت
آفيس“ سان گڏ ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس ۾ قائم ڪئي
ويئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل
توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي،
ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد
سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
ڳوٺن ۾ گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي
ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو ۽ بنده
ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن
سان ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي
سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري
ايترو مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب
جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري
سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع
کان شروع ڪيو ويو.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻولي جي عام ادب
جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ
جي عوام ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“
جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهي ذخيري ۾ سنڌي
ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره. مگر جيئن ته
اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾
شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ
گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ کي بعينه ”فوڪ لور“
(Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها عام ملڪي تمدن جو يا
”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگي جو مرڪزي
دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي ۽ سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو
اهوئي آهي، جيڪو عوام جي زندگي جو آئينو آهي.
انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻولي جي ”لوڪ ادب“ ۽
”معياري ادب“ جي وچ ّ۾ حدِ فاصل قائم ڪري نٿي
سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ
نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي ڪشالي ۽
ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو گڏ
ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي
ميڙڻ برابر ٿيندو، جو ٿوري وقت اندر ناممڪن آهي.
البت جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر
جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن
تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئنده ڪوششن
لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.
”لوڪ ادب“ تجويز جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي،
مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي
مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته سنڌي ادبي بورڊ
جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سن1956ع ۾
منظور ڪيو. ان بعد مواد ڳولي هٿ ڪرڻ، سهيڙيل مواد
کي صاف ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس
ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڪيترائي
ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. هن تجويز کي ڪامياب
بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت
فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ خاص طور انهن مڙني
دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ
ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد
ڪئي.
هيءُ ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو اٺون ڪتاب آهي. هن
ڪتاب جو مواد راقم سنڌ بابت تاريخي تحقيق جي ذوق
سان 1950ع کان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کي پوءِ لوڪ
ادب تجويز هيٺ مرتب ڪري ڪتابي صورت ڏني وئي، ۽ ان
بعد وڌيڪ مواد جو اضافو ڪري، پريس ڪاپي تيار ڪئي
وئي آهي.
هيءُ ڪتاب هن کان گهڻو اڳ تيار ٿي ڇپجي وڃي ها،
مگر بدقسمتيءَ سان لوڪ ادب جي تجويز جي تڪميل ۾
وقت بوقت ڪي نه ڪي رنڊڪون پئي پيون آهن، جن جو ذڪر
هن کان اڳ ڇپيل مهاڳن ۾ اچي چڪو آهي. هن کان اڳيون
ڪتاب ”رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ“ پنج سال اڳ سنه1978ع
۾ ڇپيو، ۽ اهڙي طرح باقي رهيل پنجن ڪتابن مان به
جيڪڏهن هرهڪ ڪتاب ايتري وقفي بعد ڇپيو ته راقم جي
حياتي ۾ اهو ڪم پورو ٿي نه سگهندو. جڏهن محترم
غلام رباني آگري ٻيهر بورڊ جي سيڪريٽري جو عهدو
سنڀاليو، تڏهن کيس يادگيري ڏياريم ته بنده باوجود
تڪليف جي، لوڪ ادب تجويز جي تڪميل جو ڳرو بار
پنهنجي ذمي ڪيو هو، انهيءَ لاءِ ته سنڌي لوڪ ادب
جي قيمتي سرمايي کي، جيترو ٿي سگهي اوچتو سهيڙي ان
کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ
ادب“ جي چاليهن جلدن کان مڪمل ڪجي. اهو ڪم رات
ڏينهن محنت سان پورو ڪيو ويو، پر جيڪڏهن ڇپائيءَ ۾
دير ٿي ته حياتي پوري ٿي ويندي ۽ ڪم رهجي ويندو.
هن وقت تائين لوڪ ادب تجويز هيٺ رٿيل ڪتابن مان
جملي ڇٽيهه جـُـلد ڇپجي چڪا آهن ۽ هيءُ ستٽيهون
جـُـلد آهي، جيڪو شايع ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن حياتي
وفا ڪئي ته باقي رهيل ڪتابن جي ڇپائي مڪمل ڪرائي
ڪم از ڪم چاليهن جـُـلدن جي هن تحقيقي ڪارنامي کي
توڙ تائين پهچايو ويندو.
هن ڪتاب جي مواد کي سهيڙڻ ۾ ڪيترن ئي دوستن پنهنجي
هڙان وڙان مدد ڪئي ۽ ڪيترن ئي سڄاڻ سگهڙن پنهنجي
سيني به سيني سانڍيل روايتن جو ذخيرو مهيا ڪيو.
انهن مان گهڻا هن وقت تائين ڌڻيءَ کي پيارا ٿي چڪا
آهن. سندن نالا هر واقعي جي بيان هيٺ آندا ويا آهن
ته جيئن سندن مدد جو حق ادا ٿي سگهي. ان سلسلي ۾
گهڻي ۾ گهڻيون خبرون ساڪري جي سـُـڄاڻ سگهڙ حاجي
محمد سوڍي بگهاڙ کان مليون، جنهن سان اسان جون
گذريل پنجٽيهن سالن کان وٺي قرب ڀريون ڪچهريون پئي
ٿيون آهن.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم
محمد اسماعيل شيخ ۽ محترم ممتاز مرزا هن ڪتاب جي
مواد کي اُتاري يڪجا ڪرڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾
تحسين جوڳو ڪم ڪيو. محترم محمد اسماعيل شيخ پروفن
جي نگراني ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ پريس جي مئنيجر
محترم الله بچائي يوسف زئي هن ڪتاب جي ڇپائي جي
پوري نگراني ڪئي. ڪتاب جي رٿا ۽ آخري سٽاءَ توڙي
ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.
خادم العلم
نبي بخش
اسلام آباد
8- ڊسمبر 1983ع
ام للانسان ما تمنيٰ فــلله الاخرهِ والاوليٰ
مقدمہ
هن ڪتاب جو موضوع ’جنگناما‘ آهي- يعني جنگين،
معرڪن ۽ مقابلن جا اهڙا بيان، جن ۾ ڳاهون، بيت،
نظم ۽ شعر هجن. ڪنهن جنگ جو خالي احوال ”جنگنامو“
ناهي. پر جي اهو احوال سڄو منظوم آهي، يا ان ۾
بيان جي سهڻائي لاءِ ڪي ٿورا گهڻا شعر آهن ته اهو
هن ڪتاب جي موضوع مطابق ’جنگامو‘ آهي. ٻيو ته
’جنگنامي‘ جي اصطلاح ۾ ’جنگ‘ جي معنيٰ فقط حاڪمن ۽
حڪمرانن واري ’جنگ‘ ناهي، پر ان جو مفهوم وڌيڪ
وسيع آهي، يعني ڪن به ٻن ڌرين، قبيلن، راڄن،
راڄدارن، سردارن، حاڪمن ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ جيڪي
مرڻ مارڻ وارا جهيڙا جهڳڙا، معرڪا مقابلا، حملا ۽
لڙايون ٿيون، سي سڀ عام اصطلاح ۾ ’جنگيون‘ آهن.
انهيءَ وسيع معنيٰ ۾ ’جنگ‘ جي برابر ٻيو لفظ
’ڪيڏارو‘ آهي، پر ڪيڏاري ۾ ٻيون معنائون پڻ سمايل
آهن. جنگين ۾ جن سورهين سرسي ڪئي يا سـِـر ڏنا، تن
کي ساراهڻ ۽ نازائڻ خاطر ڳاهون ۽ بيت چيا ويا ۽
پوءِ انهن کي سـُـر سان آلاپيو يا ڳايو ويو:
انهيءَ کي ’جنگ جو سـُـر‘ يا ’ڪيڏارو‘ سڏيو ويو.
وقت گذرڻ سان انهيءَ ’ڪيڏاري سـُـر‘ مان ’سنڌي راڳ
ڪيڏارو‘ اُسريو. اهڙيءَ طرح ’ڪيڏارو‘ ٽن معنائن ۾
استعمال ٿيو: يعني ’جنگ‘، ’جنگ جو سر‘ ۽ ’راڳ
ڪيڏارو‘. ’جنگ نامو‘ معنيٰ جنگ جو سڄو منظوم بيان،
يا اهڙو بيان، جنهن ۾ ڪي ڳاهون، بيت ۽ شعر هجن.
’جنگنامو‘ ڪنهن به راڳ ۾ ڳائي سگهجي ٿو، يعني ته
نه فقط ’جنگ جي سـُـر‘ ۾ يا ’ڪيڏاري‘ راڳ ۾، پر
ٻئي ڪنهن راڳ ۾ به ڳائي سگهجي ٿو.
سنڌي ’جنگنامن’ جي روايت ۾ دودي- چنيسر جي ڳالهه
سڀ کان پهريون ۽ وڏو ’جنگنامو‘ يا ’جنگ- ڪيڏارو‘
آهي، جنهن کي هن کان اڳ ٻن وڏن جلدن ۾ تفصيل سان
شايع ڪيو ويو آهي.(1)
هن ڪتاب ۾ سومرن جي دور کان وٺي، ويندي
انگريزن جي دور تائين ’جنگناما‘ شامل آهن ۽ انهن
جي اشاعت سان سنڌي ’جنگنامن‘ جي موضُع بابت بنيادي
تحقيق جي ڪنهن حد تائين تڪميل ٿئي ٿي. لس ٻيلي جي
جنگين جي بيانن کي جيڪي ساڳئي وقت ’جنگناما‘ به
آهن، ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾ تحقيق سان شايع ڪيو
ويو آهي،(1)
۽ اتي اسان چئي آيا آهيون ته ٻيلي جي شاعريءَ جو
جوهر ’جنگنامو‘ آهي. ’ٻيلاين جا ٻول‘ جي اشاعت کان
پوءِ اسان کي ’ٻـَـڌي- ٻاڻي گــَـهٽ واري جنگ‘(2)
جا ڪي وڏيڪ بيت مليا، جن کي اسان هن ڪتاب ۾ شامل
ڪيو آهي.(3)
انهن بيتن کي ’ٻيلاين جا ٻول‘ جي باب ستين هيٺ ڏنل
تفصيل سان ملائي پڙهڻ گهرجي. لوڪ ادب سلسلي جي
ڪتاب ”واقعاتي بيت“(4)
۾ حرن جون انگريزن سان جنگيون ۽ پڻ ڪن ٻين مقابلن
وارا بيان ’جنگنامن‘ جي دفعي ۾ شامل آهن. حرن جي
مقابلي جا ڪي وڌيڪ بيت باب نائين هيٺ شامل ڪيا ويا
آهن.
موضوع توڙي مواد جي لحاظ سان هيءُ ڪتاب ’جنگناما‘
هڪ مثالي ڪتاب آهي، جنهن جي مطالعي سان سنڌ جا
تاريخي ادوار، سماجي اقدار ۽ جنگ جا جنسار سامهون
اچن ٿا. جنگنامن وارو مواد سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم
باب آهي، بلڪ ڪنهن حد تائين وسريل باب، جيڪو لکت ۾
محفوظ ناهي، پر جنهن جا ڪي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ سنڌ جي
سڄاڻ سگهڙن جي سيني به سيني روايتن ذريعي اسان
تائين پهتا آهن. جنگ جي سببن اسبابن، صلح جي شرطن
شروطن، مخالف ڌرين جي وعدن انجامن، مڙسن جي قولن
ڪلامن، سورهين جي ساراهن، ڪانئرن جي ڪـُـوارن،
ويرن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ ميارن ۾ سنڌ جي سماجي قدرن جو
عڪس نمايان طور نظر اچي ٿو. مقابلي لاءِ ڌرين جي
تيارين ۽ هٿيارن، ميدان ۾ صفن ۽ حملن، سورهين جي
سٽن ۽ جـُـلهن مان جنگ جا سمان چٽا پڌرا ٿين ٿا.
’جنگناما‘ سنڌي ادب ۾ پڻ خاص اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ
جو اهي جنگنامي جي رزميه شاعري توڙي لغت جو پڻ
قيمتي سرمايو آهن. هيٺ اسان هن ڪتاب ۾ شامل مواد
جي تاريخي آثارن، جنگنامن ۾ سمايل سماجي قدرن ۽
جنگنامي جي جنسارن تي مختصر طور روشني وجهنداسون.
|