دستين جڏهن حملو ڪيو تڏهن شر هٽي ويا ۽ دستين اچي
ٻگهي خان کي ماريو. ٻگهي خان ان وقت احمد خان کي
وڏا سڏ ڪيا ته دروازو کولاءِ، پر ڪو کولڻ وارو ئي
ڪونه هو، احمد خان تي اِها ميار رهجي وئي. تڏهن
پارو سگهڙ احمد خان ڏي بيت چوائي موڪليو ته:
احمد خان ارڏي کي ڏيو پارو جا پيغام،
ته دستي ڪري مستي تنهنجي ماري وئڙا سام،
ٻَـگهي پئي ٻولاوا ڪيا اُتي سڱ اٽڪايو سانهه،
هاڻ تون گانڊو ڀري گام، هلاءِ وڃي هٽي کي.
احمد خان ان جو جواب موڪليو ته:
احمد خان ارڏي جا ڏيو پاروءَ کي پيغام،
ته دستي ڪري مستي منهنجي ماري وئڙا سام،
کڻندس هاڻي کاهوڙي ٿي، تن جو پاڻيءَ منجهان پير،
ورائي وٺندس وير، ٻـَگهي خان ٻروچ جو.
پر پوءِ اها هام به پوري ڪانه ڪيائين، ۽ ٻگهي خان
جي طرفدارن پنهنجي ٽـِـڪي لاهڻ لاءِ اچي احمد خان
کي به ماريو.
ماڙيجن ۽ هوٿي انڙ جي جنگ:
هيءَ جنگ اوٻاوڙي طرف تڻوٽ جي تڙ تي لڳي. 8- جون
1962ع ۾ ڳوٺ فتح علي خان پتافي (تعلقو
ميرپورماٿيلو) ۾ ڪيل ڪچهري ۾ سگهڙ شاعر غمٽار مهر
هن جنگ جا بيت ٻڌايا. جن مان هيٺيون هڪ بيت لکيم ۽
پوءِ وچ ۾ ٻي ڪا اهڙي ڳالهه ٿي جو سڄو احوال ۽ بيت
لکڻ رهجي ويا. هيٺيون بيت پهاڪي طور ماڙيچي ٻولائي
چيو ته: وير وٺندس، وير نه ويندو! وير تڏهن وڃي
جڏهن جوئر جو سنگ ڊڍي مان نڪري پر ٻـُـور نه آڻي،
يا پاهڻ پاڻيءَ ۾ ڳري وڃي.
اڳي انڙ کي چيو ماڙيچي مذڪور،
سنگ ڊڍي ۾ سال ٿئي جهلي نه ٻهڳڻ ٻور،
پاهڻ پاڻيءَ ۾ ڳري، تڏ وڃي وير ضرور.
ڀوُتاڻين ۽ براهين جي جنگ:
بروهي، ڇـُـٽن جون ٻنيون ڪندا هئا، چيائون ته اَنُ
ڪونه ڏينداسون. مقابلي جي تياري ڪيائون. صديق ۽
وريل لشڪر جا اڳواڻ هئا! جـُمڪي ۽ اُپڪ ڍورن اتي
لشڪر گڏ ٿيو. ڇٽن جي سردار اميد علي ڀوتاڻي وڏو
لشڪر گڏ ڪيو ۽ جنگ لاءِ چڙهيو ته بروهي مقابلي جي
طاقت نه ساري سگهيا. شاعر علي محمد پٽ زرب باراڻي
بِڪڪ، ويٺل ديهه موئيدان ڳوٺ عطر خان بِڪڪ، هن جنگ
بابت هيٺيون بيت چيو:
بروهي ڀوتاڻي پاڻ ۾ لايو وير وڏيرن،
صديق لشڪر لانچيو هوٿا وريل واهر ڪن،
بروهين وڏا بهنش ڪيا تڪبر توبچن،
نيت کوٽي، ميزل ڇوٽي، ڪي مصلحت هئي موڙهن،
ڏينداسين جنگ جُـمڪي ۾ اُپڪ پاسي تن(1)،
ايها ڳالهه اميد عليءَ کي ڪڙڪي پيئي ڪن،
تنهن ڀوتاڻي ٿي ڀار جتايا جيڪي ماچا ٿا مرڪن(1)
،
ٻُـڌي جمالي جنگ جو هو لشڪر لانچيو تن(2)
،
بهلول تن سان ڀيڙا هئا ڇـُٽا ڇپرن(3)
،
حقي ڌڻي حب جا ڪي بهدري باريچن،
حملو ٻڌي هليا هئا ڪي دعا دريشن(4)
،
صديقاڻي سنبهيا هئا سي گنجا ڪين گسن(5)،
بـِـڪڪ اڳ ئي بهدر هئا هنيو نعرو نوتاڻين(5)،
هوڪو ٻڌي هليا سي توراڻي ڪين ترسن(5)
،
اوٿماڻي اڳ ۾ جهليو بَجُ بنديچن(6)
،
ڀرجهل ڀائر ڀوتاڻي جا ڇُـٽا ڇيهه ڪن،
بروهين کي بند ڪري جهليا گهٽ گهوٽن،
ڪـِـن جون اڙون آنڌار، ڪي ڌونئر ڌڱ ُ وٺن(7)
،
ڪي هئا ڪڙڪيا ڪؤنڪر تي، ڪي سينهين لڪن سُڄن،
ڪي مرد مٽيا مانڊڙڪي تي، ڪي ڪيلرڙي ڪڏن(8)
،
صبوح مان ڀي سويرو لايو ڀڙڪو بندوقن،
دارونءَ دونهون ڪيو هو، جئن پـَـٻ تي نو پون(9)
،
گولين گس ٻڌا هئا، ڪي ڪـُڏ ڪارتوسن،
نڪو شرو شوري کي، نڪا ڪمي ڪانن(1)،
تانارن جي ترارين تي، سي مانار ٿا مڙهجن(2)،
نڪا هئين سوس سيهي جي، ڀريون دُنگيون داروئن(3)،
پسي جوڙ جنگ جي ڪيو بس بس بروهين،
مرڻ کان ڀي موٽڻ ڀلو، ڪي صلاح سنگتين،
پوءِ ڇپي ڇپرن، هن کي اڀريو سج سارڻ ۾(4)
.
راجسين پوٽن فقيرن ۽ هاليپوٽن جو جهيڙو:
دل قبيلي جي لنجن مان، غوث بهاؤالدين جو خليفو
راڄسين سومراڻي ٿيو، جنهن جي درگاهه ندي شهر کان
ٻه ميل کن اُتر طرف آهي. سندس اولاد مان گهڻن وڃي
ڪڇ وسايو، ٽالپورن جي دور ۾ خليفو صابر وڃي ڪڇ جي
علائقي ٻَني ۾، ڪارنگي ۽ ٺڪريالي جي جهِـلن (تڙن)
تي ويٺو(5)
. سندس چار پٽ جن مان وڏو گل محمد جنهن جي
ڏينهن ۾ اتي هاليپوٽن سان تڪرار ٿيو. خليفي گل
محمد کي سنبت 1907ع ۽ سنبت 1912ع ۾ ٻارنهن جهِل
مليا هئا. هاليپوٽن مان رَبو پٽ پاهڙ جو اڳواڻ هو،
تنهن کي عيوض ۾ ڪڇ جي راءِ ٻيا تڙ ڏنا ربو اڳيان
تڙ نه ڇڏيا. انهي جنگ نامي جو بيت ته:
رَبو! راءُ ٻولائيو، پـُـٽ تون پاهڙ جا،
وٺ تون ’ڀنڊيارو‘، راءِ جي هٿا،
چئي: ڪين ڇڏيندس ڪڏهين ’هوڙڪو‘ هٿا،
سگهيون رسن سيم کي، ويٺيون وَڙ مٿا،
ڪيئن ڇڏيان آءٌ ’ڏومه ڏو‘ ڏاڏاڻو ڏيها،
’اُڏهي‘ اجهور موڪرو، ٺاهڪا ’ٺِڪرياٺا!‘
ڪاري جعفراڻي راڄڙ جو سورج مل کي مارڻ:(1)
سورج مل کپري کان 6 ميل اتر مئو جو هو، ڪارو راڄڙ
به اتي جو جنهن سورج مل جي ماءُ جا ٿڃ پيتي هئي.
ٻئي هڪ جيڏا ڇوڪرا، مَئو جي ڍنڍ ۾ پئي وهتا ته
ڪارو، سورج جي مٿان لنگهي ويو. سورج کي ڏمر ٿيو.
وڏا ٿيا ته ٻئي پهلوان ڌاڙا هڻڻ لڳا. ميرن ٽالپورن
جو وقت هو، ڪارو، رحيم يار خان ۽ بهاولپور واري
پاسي نڪري ويو. هيڏانهن سورج مل شاهه ڳڙهه کي ڦريو
۽ لڌيو واڻيو راڄڙن جو تنهن کي به کڻي آيو. لڌيي
چيو ته: ڪارو جعفراڻي جيئرو آهي ته منهنجي واهر
ٿيندو.
مُهيون ڌاريجو راڄڙ زميندار هو، سو وير وارڻ لاءِ
نه چڙهيو. جڏهن ڪارو آيو ته چڙهيو. سارين جو کرو
پئي ونڊيائون ۽ سورج مل اُتي هو، پويان ڪارو اچي
مئو ۾ پيو ۽ شهر ڦريائين. ٺڪرياڻي مائي ٿڃ هٿ ۾
کڻي چيو ته: مون توکي کير پياريو هو! ڪاري ڪاتي
ڪڍي ٿڃ ڪپي چيو ته: مون وارو ٿڻ مون وڍي ڇڏيو.
اتان پهاڪو ته: راڄڙ ماءُ جي ٿڃ وڍڻ وارا!
سورج مل پوءِ ڪاري جي پويان پيو ۽ ٻن ڪوهن تي اچي
رسيو. ٻئي طرف لهي پيا. آخرڪار چيو ته: ٻين کي نه
مارايو باقي پنهنجو فيصلو آهي. انهي مقابلي ۾ سورج
مل ماريو. سندس ماڻڪي ترار نه وڙهي، اها ڪاري کنئي
جا اڃا تائين ڪاري جي پوين وٽ آهي.
مُهيون ڪنڊي جي موڙ ۾ ويٺو ڪري ويچار،
نڪا ڪري هلڻ جي، نڪا ڪري پچار،
سوڀ ڏجئين سچا ڌڻي، ڪاري کي ڪلتار،
ڀڙ ڀائٽيا ڪاري جا سانوڻ، صمند، آري ٽئي مرد متار،
آري هڻي آواريون ڏئي نه ويريءَ وار،
سي سورج مل جي ڪيائون ڌڙ کان ڌار،
هـُـن جي ڳورئين ڳانا لاٿا هيڪوٽا ۽ هار،
سي سائو سڀ ڄمار، وير وساري ويهي رهيا.
سيري يا اونگر واري جنگ:(1)
هن جنگ جو بيان اڳ تفصيل سان موجود آهي. هيٺيان
وڌيڪ ٽاڻا معلوم ٿيا:
- هن ۾ سٺ امير ماريا جن ۾ هڪ جمعو خان هو جيڪو
عارب خان براهماڻي جو ڀاءُ هو.
- دريا خان پٽ نورمحمد حملاڻي جو مول وارو، سو
سنڀال تي هو.
- ڄام عالي آيو ۽ مينگل لشڪر وٺي آيو.
- صلح جون ڳالهيون، اهو بهانو، پوءِ جڏهن لشڪر ويو
ته بجار جنگ جوٽي.
- گهوڙيون دريا خان وارن جون: ”تازڻيون جبلين ۾
ٿيون راڻيون رت رئن.“
- عزت خان قلات مان آيو، تنهن بجار کي خون بخشي
ڇڏيو. پر عارب خان براهماڻي (بلوچ) ڄام بجار کي
چيو ته: آءٌ تنهنجو لڪڻ ڪٽيو ڀاءُ ڪونه آهيان، پر
سيال آهيان، آءٌ پنهنجو وير ڪونه ڇڏيندس. پوءِ اهو
وير راهيجي واري جنگ ۾ ورتائين جو چاڪر کي
ماريائون.
- سيدي ذات جو ڇورو، ۽ موسو لهاراڻي واٽ تي گڏيا
جن کي به عارف خان کنيو. (دادا ڀائي جي سيمنٽ
فيڪٽري وٽ حيات هوٽل، اها راهيجي آهي).
- مرڻ وقت چاڪر سوپاري ڪڍي ڏني ۽ چيائين ته: سنائي
سيدن کي سلام ڏجانءِ ته ست ٿوٻاڪون جهلي پوءِ مٽ
کي ماري مئو آهيان.
- چاڪر چيو ته منهنجو مٽ موٽو آهي، چيائين ته:
”پوءِ ڀي موٽيو!“
ڪرمتين، جوکين ۽ راٺوڙن جي جنگ:
بگهياڙ تي، ڊوهڙي واري پتڻ واري ايراضي ۾، راٺوڙن
جي سرداري هئي. 18 صدي جي شروع ۾ تڪرار ٿيو جنهن ۾
ملير ۽ ساڪري جا ڪرمتي ۽ جوکيا هڪ طرف ٿيا ۽ راٺوڙ
ٻئي طرف. ان جنگ ۾ راٺوڙن سرسي ڪئي. ان جنگ جو هڪ
بيت ته:
ٺل ڏسي ٺهڪيا، ڪويو(1)
ڪرمتين،
جوکيا نه وڌيا جنگ تي، جان ڪي ڄام بڇون ڪري تن،
رنگ راٺوڙن لائيو، جن جي گڙ گڙ ڪي گُرزن.
اتمين واريون جنگيون:
ڪراچي تي حملي واري جنگ ۾ جنهن ڏينهن محمد پوٽو
نوتڪ ماريو، ان ڏينهن جوکين مان ڄام مهر علي جي
ٻيڙي پوئتي موٽي، مٿس ميار رکيائون ته:
وڌي وَٽ نه جهلي تو مهمت مهر عالي
جت وَٿون تي ورهائيون، ات تون کس وئين خالي
چيائون ته: ٻيڙيءَ جو سکاڻ جهري پيو انهي ڪري
موٽيا، تڏهن ڪنهن چيو ته:
سُکان جهري، آئي سري، سا ڪراچي پهتي ڪيئن!
ان جنگ ۾ هڪ ٻروچ ترار چڪ ۾ ڪري دشمن جي ٻيڙي تي
حملي لاءِ سمندر ۾ ٽپيو ۽ وچ ۾ ٻڌي ويو. ان کي
ساراهيائون ته:
ڪري مصري منهن ۾، تک مان تري آيو تيئن،
جنهن ڪيو اچڻ سان ايئن، سو ڪو پيو دودو ديمين وچ
۾.
چورڙي واري جنگ:
گبولن دنگ ڪڍيو پر برفتن چيو ته: ٻارڻ جي سير دنگ
آهي، هيڏانهن گبولن کي نه ڇڏينداسين، ٿاڻي جو ملڪ
احمد خان حملاڻي ۽ ٿاڻي عارب خان جا بلوچ هڪ طرف
ٿيا. ملڪ اڳ رندن کي ڪوتراچ ۾ رهايو هو سي به ملڪ
سان ڀيڙا ٿيا.
گبولن ماريو حاجي نالي سونهيري کي، پوءِ سوڻهيرن ۽
سيٺارن گڏجي وڃي ماريو ديرڪ خان گبول کي.
برفتن جو لشڪر چڙهيو: پوءِ، ڇٽو، راڌو، صديق،
مڱيلڌو (چارئي برفت) ۽ ٽـِـلو رند انهن تي گبولن
حملو ڪيو. عيسو گبول ۽ مڱيلڌو براهماڻي يار هئا،
عيسي چيو مڱيلڌي کي ته: وارو اٿئي جو اوهان ٿورا
آهيو ۽ اسين گهاٽا آهيون. مڱيلڌي ترار هنئي ته
عيسو ٻه اڌ ٿي ويو. غازي رند کي گبولن جي گولي لڳي
سو مئو.
لڳو گل غازي کي حاضر منجهه هينئين.
مول وارو لشڪر اچي غيبي تي لٿو ۽ ٿاڻي احمد خان
وارو لشڪر اچي کجوريءَ تي لٿو، پوءِ صلاح ڪيائون
ته ’پوکڻ‘ تي گڏباسون. اتان چڙهيا سو وڃي لئن جي
وڻن ۾ اولاڪ ٻڌائون. چورڙو ڏلهه جي پريان ۽ ٻنڌڻي
جي اوريان، ۽ اتي جي گبولن جو پاڻي جهليائون،
گبولن ڀانيو ته ٻئي طرف کان ايندا، تن کي خبر ئي
ڪانه پئي ته ڪو برفتن پاڻي جهلي ڇڏيو. ڀائي خان
رند وڃي چورڙي جو تڙ جهليو، انهيءَ ڪري گبولن جي
هار ٿي.
_______
|