ڄام بجار جڏهن ڏٺو ته چاڪر جي ماءُ جو زور
آهي ته هو پرڻجي، تڏهن شادي جا ڏينهن ٻڌائون. پوءِ
هتان مائي پاڻ سان چڱو اٽالو وٺي نڪتي ته حيدرآباد
مان چاڪر کي ساڻ ڪري ڀوتاڻين ۾ وڃي کيس پرڻائي.
چاڪر کي مير صاحبن حيدرآباد ۾ رهائي ڇڏيو هو ته
فيصلي کان پوءِ راڄداري صلح ٿئي ۽ پوءِ وڃي، پر
چاڪر تڪڙو ٿي ”وڃان وڃان“ پئي ڪئي. جڏهن سندس ماءُ
مائي حيدرآباد پهتي ته مير صاحب، چاڪر کي موڪل ڏني
۽ فيصلو ملتوي ٿيو. انهيءَ تڪڙ سببان چاڪر مارجي
ويو ۽ ڪن ڀانيو ته کيس مير مارايو آهي. جڏهن روانا
ٿيڻ وارا هئا ته مائي چاڪر کي ٻڌايو ته: ابا!
ڪرمتي لانگهو ڏنو باقي برفتن نه ڏنو ۽ ميڙ موٽائي
ڇڏيائون. تڏهن چاڪر چيو ته: امان، تون ٿي چوين
شادي، پر شادي واسطي هلڻ لاءِ واٽ ته برفتن مان
آهي. شادي جي ڳالهه اوهان اڳ هـُـلائي ڇڏي آهي. جي
نه هلندس ته به ماڻهو چوندا ته چاڪر ڪنوار ڇڏي
ويهي رهيو، سو امان! تو ته مارايو. پر هاڻي هل ته
هلون.
چاڪر سان ان وقت ڄڃ ۾ جهجها ماڻهو گڏ هئا.
الهداد ڀنڊ (جوکيو پاڙو ڀنڊ) ۽ ان جاماڻهو، گودڙ
جوکيو ۽ سندس پنجاهه کن ماڻهو. اقبال شيدي،
هـَـسـُـو لنگهو، گلاب لنگهو ۽ ٻيا نوڪر چاڪر گڏ
هئا. حيدرآباد مان روانا ٿيا ته چاڪر، الهداد کي
چيو ته: فلاڻي واٽ سان هلنداسون جيئن رات هلي
”راهيجي“ تي ٿيون. اها کڙڪ گودڙ جي ڪـَـن تي پئجي
وئي. هن جي من ۾ مدي هئي، جو چاڪر ساڻس جٺيون ڪري
کيس رنڀايو هو. جي گودڙ دغا نه ڪري ته چاڪر سلامتي
سان نڪري وڃي ها:
چؤ وَٽ ۾ چاڪر جي، گانڊو گودڙ هو
چور کان چڱي نه ٿئي توڙي سـَـر سکر هوءِ
گودڙ ڏاڍو مڙس چور هو، ۽ ڪو وقت حملاڻين
مان عارب ۽ موٽيي سان گڏجي مال ڪاهيا هئائين. جڏهن
حيدرآباد ٿي ويا، تڏهن عارب ۽ موٽيي، گودڙ کي چيو
هو ته: ”پاڻ هڪ ٿانءَ ۾ کاڌو آهي. اسان کي رڳو
ايتري خبر ڏجئين ته چاڪر اسان وٽان ڪڏهن ۽ ڪٿان ٿو
مـَـٽي.“ عارب شيرو هو يعني ته برفتن جي
”شـِـيرو“ پاڙي مان هو ۽ موٽيو ”ڇورو“ هو، يعني ته
برفتن جي ”ڇورو“ پاڙي مان هو.
چاڪر حيدرآباد مان روانو ٿيو ته گودڙ
اڳواٽ عارب ۽ موٽيي کي چوائي موڪليو ته چاڪر رات
راهيجي تي اچي رهندو. راهيجي جي جـُـوءِ بارڻ ۾
”اُٺ پلاڻ“ مڪان جي مٿان آهي، جتي چؤکنڊيون آهن.
ٻي روايت موجب گودڙ اڳواٽ چوائي ڪونه موڪليو، پر
مقابلي وقت چاڪر کي ڇڏي ويو.
چاڪر وارا راهيجي تي اچي رهيا، چيائون ته
رات جو هتان نڪرنداسون. سفر لاءِ الهداد ڀنڊ پاڻي
کڻڻ لاءِ ويو ته هڪڙي هنڌ تماڪ جو دکايل پتو
ڏٺائين. موٽي اچي ٻڌايائين ته برفتن جا مڙس هتان
مـَـٽي ويا آهن، سي ڄاڻ ته پهتا. اتي برفت به اڙ
ڪريو ويٺا هئا، سي اچي سامهون ٿيا. چاڪر جي ماءُ
وڌي وڃي کين شرمايو ته ”هينئر موٽي وڃو ته آءٌ
چاڪر پرڻايان، باقي پوءِ آءٌ چاڪر کي سـُـونگيءَ ۾
ڪانه سانڍينديس.“ مائي جو اهو گفتو ٻڌي هو مڙس
مڙيا ۽ چاڪر وارا به اتان اڳتي روانا ٿيا. پر
برفتن مان ڪنهن کريل پويان بندوق ڇوڙي. اتي چاڪر
بيهي رهيو ۽ ماءُ کي چيائين ته: امان! هاڻي پـُـٺ
۾ بندوق جهلي اڳتي ڪونه هلندس. پوءِ جنگ لڳي جنهن
۾ ٻيا سڀ ڀڄي ويا، باقي رڳو الهداد ڀنڊ سندس ماڻهن
ساڻ چاڪر سان ڀيڙو رهيو.
ٻي هڪ روايت موجب، چاڪر جي ڄڃ جڏهن ”مول“
کان ڪاڇيل ۾ اٽڪل ڇهن ستن ميلن پنڌ تي ”اُٺ پلاڻ“
مڪان تي پهتي ته هوڏانهن برفت جيڪي سنڀريل هئا، سي
به بندوقن سان چڙهيا. اوباهيو ۽ عارب شـِـيرو سندن
اڳواڻ هئا. لنگها ساڻن گڏ هئا، جيڪي دهل وڄائيندا
پري کان چـِـتاڻي (اطلاع) ڪندا آيا. چاڪر کي آواز
ڪن تي پيا ته بيهي رهيو. اتي گودڙ جوکيي چيس ته تو
مون کي گابو ڪري رنڀايو هو، اڄ آءٌ توکي رڻ ۾ ڇڏي
ٿو وڃان، سو پنهنجا ساٿي وٺي هليو ويو(1).
چاڪر سان باقي الهداد ڀنڊ ۽ سندس ماڻهو، اقبال
شيدي، لنگها ۽ نوڪر چاڪر وڃي رهيا.
جڏهن برفت سامهان نڪتا ته مائي ماءَ چاڪر
کي چيو ته: تون ترس ته آءٌ وڃي ٿي برفتن کي
موٽايان. چاڪر چيس ته: ”ٿورو نه کڻجان، باقي چوين
ته وير ٻئي دفعي وٺن. مائي وڃي سامهين ٿي، جنهن تي
برفتن چيو ته: ”مائي، وير پراڻو نه ٿئي. اسان
هينئر مڙون ٿا.“ پر اڳتي ڍوري ”سنهڙي راهيجي“ تي
وڃي هوا ۾ بندوق ڇوڙيائون ۽ چيائون ته بندوق ٻڌي
چاڪر ڪونه مڙندو. پوءِ چاڪر موٽ کاڌي ۽ جڏهن
مقابلو ٿيو ته:
دنگ الهداد دست ۾ ٿو ڏئي ويـُـرون وريامن
حبو، گلاب جهڳ مڳ جهومڪ پيتو پياڪن
چاڪر پيو وڙهي ته الهداد ڀنڊ (جوکيو) چاڪر
کي بچاءُ ڏيڻ لاءِ سندس پاسو نه پيو ڇڏي، تڏهن
چاڪر چيس ته:
چاڪر چيو ڀنڊ کي نه هڻ مون مهنداءَ
هڻ آڏي، هڻ جيڻي، هڻ هڻندو آءَ
الهداد جواب ۾ چيوته آءٌ اڳئي رئيسن
مهندان وڙهندو هوس ۽ اڙجهل ڪندو هئس. بٺ جون
لڪڙيون بٺ تي ٻرن، هاڻي آءٌ به تنهنجي بٺ جي لڪڙي
آهيان. ائين چئي الهداد ڌڪ هڻندو ڌڪ جهليندو چاڪر
جي آڙ ڪندو آيو، تان جو وڃي ڪريو. اقبال شيدي
وڙهيو پئي ته پاسي ۾ ترار لڳس. گهاءُ وڏو هو ۽ چم
لڙڪيس پئي، جنهن کي ڏسي چيائين ته اِهي مير چاڪر
جا جهنڊا آهن.
هڪ روايت موجب چاڪر خان برفتن کي چيو ته:
بندوق متان هڻو! جنگ ترارين سان ٿيندي. مگر برفتن
مان ڪن چيو ته: ترار جي جهيڙي ۾ چاڪر خان سڀني کي
کڻي ڇڏيندو. انهيءَ ڪري ”سيدي“ کي چيائون ته: گوڏي
تي ڌڪ هڻينس، متان پوئتي موٽي. ”سـَـيدي“ نالي هڪ
برفت ڇوڪرو(1)،
بندوق جو ملوڪ، ساڻن گڏ هو، تنهن بندوق هنئي،
مگر بندوق جهليو چاڪر هليو آيو. ائين ڇهه بندوقون
جهلي وڃي ميڙ کي رسيو. چاڪر خان کي هلڻ وقت ماڻس
چيوهو ته: موٽيو تنهنجو مـَـٽ آهي جو منهنجي ٿڃ
پيتي هئائين. اتي چاڪر موٽيي کي تنواريو. موٽيو
ميڙ مان نڪتو ۽ سامهون ٿيو(2)
پر چاڪر ترار سان ٻانهن کڻي ڇڏيس، مگر پوءِ پاڻ به
وڃي ڪريو.
ٻي روايت موجب چون ٿا ته چاڪر زخمي ٿي
ڪريو، پوءِ موٽيو مٿان آيس. چاڪر کي چيائين ته:
تون مون کي ڌڪ هڻ، پر چاڪر چيو ته: نه، اڃان به
تون هڻ. پوءِ اڳ ۾موٽيي ڌڪ هنيو. چاڪر موٽيي جي ڌڪ
آڏو کيڙي (ڍال) ڪانه ڏني ۽ ڄڻ پنهنجي مٽ ۽ يار جي
هٿان مئو.
ميان امين محمد ڀوتاڻي جي روايت موجب
موٽيو برفت، چاڪر جو يار هو. اهو سامهون آيس، تڏهن
چاڪر چيوته: ”تان ڀي موٽيو“. ائين چئي ڌڪ هنيائينس
۽ ڪلهو کڻي ويس. چاڪر ماريو پر موٽيو به گهائجي
پيو. تڏهن لنگهي چيو ته: اهو گهاءَ ڄڻ گدڙ جي
ڏاڙهه آهي. مڙئي خير آهي. انهيءَ تي موٽيي چيو ته:
متان ائين چئين! هيءَ شينهن جي ڏاڙهه آهي ۽ آءٌ
انهيءَ وگهي ئي مرندس. پوءِ موٽيو انهي زخم وگهي
مئو.
”موٽيو مـَـٽ ٿيو، چاندي چاڪر خان جو“
صفر لنگهي پنهنجي بيت ۾ چاڪر کي ساراهيندي
انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته:
پڇو مرد موٽيي کؤن، جو آيو چاڪر کؤن چـَـکي
هو مـَـٽ سندس، صفر چوي، هونديس روح ۾ ڳالهه رکي
ليکي منجهه لکي، هو جوکيو هزارن ۾ هڻڻو.
چاڪر جت چـَـهٽـُـائي ات ساڻس ستيا ست
ڀيچي ڏاڍا ڀڙ هئا، هـُـو هاڙهي پاڻ همت
الله داد ڪيائون اڳ ۾ جنهن جي مڙيئي مصلحت
ڪـِـي سردارن صفت، جوکيي سندي جنگ جي.
سگهر ڀرئي خان گبول چيو ته هن جنگ ۾
الهداد ڀنڊ ۽ چاڪر جا ٻيا ساٿي ۽ نوڪر چاڪر وڙهيا
۽ ماريا. چاڪر پاڻ ترار سان ڪي مڙس ماريا، پر چاڪر
کي بندوق جو پهريون ڌڪ چڱي برفت جو لڳو ۽ ٻيو
بندوق جو ڌڪ عارب شيري جو لڳو جنهن سان مڙس مئو.
چڱو برفت ڪو ايڏو پهلوان ڪونه هو، پر اتفاق سان ان
جو ڌڪ اڳ ۾ لڳو ۽ چاڪر گهائجي پيو. انهيءَ تي
مشهور بيت آهي ته:
جڏهن جنگ جـُـڙي، تڏهن ڇـَـٻو موجو مـَـٽ ٿئي
نه ته حـَـماتي حمر جي تـَـوري ڪيئن تـُـري
جئين اڳي آدم ماريو هو نؤزڪ ناڏ ڪري
تيئن ”چڱي“ جي ”چاڪر“ تان اچئو ڦـُـڪَ ڍري
قضا ائين ڪري، جيئن چڱي چاڪر ماريو.
آدم حماتي هو، جيڪو دکي ۾ اَڪن جو کير
ڏُهي مينگهواڙن کي ڇوڙن رڱڻ لاءِ ڏيندو هو. هڪ جنگ
۾ اهڙو اتفاق ٿيو جو نالي واري مڙس نوزڪ خان کي
آدم جي ترار جو ڌڪ لڳو ۽ هو مئو. نوزڪ احمداڻي ”پٽ
مڙهو“ مڪان جو ويٺل هو ۽ وڏو پهلوان هو.
آدم دکي کڙڳ کوائي مـَـٽ ٿيو متارن
جنهن هنيو نؤزڪ مير کي تاڻي ۾ توڪن.
چـَـٻو (ڪکن مان ٺهيل جـُـوتو) ڪڏهن به
موجي (موزي) جي مـَـٽ نه ٿيندو، پر جنگ ۾ چاڪر
جهڙي پهلوان تي چڱي جهڙي رواجي ماڻهو جو پـُـکو
اچي پيو، جو چڱي بندوق هنئي جيڪا اچي چاڪر کي ران
۾ لڳي. مٿان وري عارب جي بندوق به بت مان نڪري
ويس، چاڪر ڪري وري اُٿيو ۽ عارب ڏانهن هليو آيو.
چاڪر کي ايندو ڏسي عارب هڪل ڪئي ته: هاڻي ڇڏيوس جو
ڪريل مڙس هليو ٿو اچي، سو ڀلي اچي مون کي ماري.
ڀرئي خان چيو ته: منهنجي ڏاڏي ملوڪ خان
چيو ته ڪريم ڏنو گڊو ”اٺ پلاڻ“ ۾ رهندو هو، آءٌ ان
وٽ مهمان ٿي ويس. اتان گڏجي عارب شيري وٽ وياسون.
ان وقت عارب شيرو جهور پوڙهو هو ۽ ڪنن جون پاپڙيون
پئي لـُـڏيس. عارب کان خبر پڇي سون، تنهن مٿين
حقيقت ٻڌائي ۽ چيائين ته ”چاڪر کي منهنجي بندوق بت
مان نڪري ويئي ۽ ڪري پيو، ته به وري اُٿي هڪ ٽنگ
تي ڪڏندو آيو ۽ ٽپ ڏيئي مون تي اچي تلوار
اُلاريائين. پر ٽپ ۾ ساهه ڇڏيائين ۽ اُٿلي وڃي
پوئتي ڪريو. چاڪر جي تلوار منهنجو ٿورو ڪلهو اچي
وڍيو، جنهن جو نيشان اڃان بيٺو آهي. آءٌ چاڪر جي
سرَ تان ڦري آيس، بت ۾ ساهه ڪونه هئس پر مڙس جي
مـُـڇ پئي ڦـَـري. هـَـسـُـو ۽ گلاب ٻئي چاڪر جا
گڊا ساڻس گڏ هئا ۽ اهي به وڙهيا.
هـَـسـُـو گلاب جهڳ مڳ جهومڪ پيتو پياڪن
دُنگ الله داد دست ۾ ٿو ڏئي وٽيون وريامن.
”راهيجي واري جنگ“ تي سـُـنگر لنگهي، صفر
لنگهي، محراب لنگهي ۽ ٻين سگهڙن بيت ٻڌا ۽ چاڪر کي
ساراهيو.
چاڪر ڳالهه چـَـئي، ته آءٌ ويندس ڀاري ڀوت ڏي
تڏهن ”عارب“ ”فتح“ پاڻ ۾، آهي پـُـرسن ڳالهه
پـَـهـِـي
ته ويري اسان جي وچ تان، ٿووڃي گس گـَـهـِــي
سي مـِـڙي سـِـڙي مـُـچ ٿي، هليا ڪـُـونڌ ڪهي
بجاراڻيءَ بيگ کي، پيئي سـُـڌ سـَـهـِـي(1)
تنهن ٻڌائي ٻيلين کي، چاڪر ڳالهه چئي
ته ”جهـَـل“ برفتين جاد ڪي، تا وڙهن واجهه
لـَـهـِـي(1)
اوهين ائين ماريجا مصريون، جئن ٻڌن پار پئي
ليڪا لاکيڻن جا، تون ”سـُـنگر“ سار سهي
رُونسو راهيجيءَ تي آهي، وڏي وڄ ڳـِـئـَـي
ڪڪـَـرين ڪـَـڙڳهه لائي جنهن ۾ ڌاڌا ڌوڌ ڳـِـئـَـي
ويئي ريک رَهي، چوڏس چاڪر خان جي.(2)
چاڪر ٻيا چـُـون، پر آهي بجاراڻي ڀير ٻيو
عهدي اهڙو اٻـَـڏَو، جنهن جون پلڪـُـون پري
پـُـونِ
مـُـنهرو مـُـڙي مرد جو، توڙي هوڏانهن هزارين
هـُـونَ
جئن پتنگ آڳ پون، تئن پئي ٿو ”ميرڻ پوٽو“ مچ ۾.
رڻ جهڻ راهيجيءَ تي، پکڻ ٿا پون
ڪـَـشي ڪـَـسـُـونبا دست ۾، پياڪ پيالن
اهدي الهداد ليکيان، ڀاري مان ڀـَـنڊن
اقبال الولون ڪيون، لڳي چاه چون
جهيڙي جهونجهارن، ٿي موڪ هنيائون مصريون.
رڻ جهڻ راهيجيءَ تي، پکڻ ٿا پون
”چڱي“ جون چاڪر تي ٿيون سانگيون ساٺ ڪن(3)
چڱي جا چاڪر تي اچيو ڦـُـڪَ ڦـِـرن(4)
تڏهن اِيئن چون، ته ”چڱي“ ”چاڪر“ ماريو.
جيئن ٿي چيو چاڪر مـِـير، ڪيائين آرڻ آئي اونهئين
ستن ساڻ، سـُـنگر چوي، ويو سـَـؤ سين نيئي سير
هوڏانهن به ڪـَـڙهو ڪڏي بيٺو، لوهار پوٽو پـِـير(1)
وجهي وڪڙ ويرن سين، اُت بيٺا جوان جنجيرَ
راهي رُڪ وراهيو، موٽيي چاڪر مير
بجاراڻي بـَـهير، پانجي سر ڏيئي سرهي ڪئي.
چوڏس چاڪر مير جي، هو آڻي اُبتو ڀير
سو پيالين جو پارکو، ڇلين ڌڻي ڇـُـڳير
هئو سنگت سان، سـُـنگر چوي، ڪـِـلي وير ڪـَـنڌير
گجي جيئن گـَـجمير، تيئن جوکيو ڏٺو جنگ ۾.
چئو جيئن چاڪر مور جي، کـُـڙي نه کڙڪي
موٽيو چاڪر مـَـٽ پيا، تن ڪا ڌُران ڳالهه ڌرُڪي
پيتئون پڪون پرت جون، ڪا سـَـر بت جي سـُـرڪي
رُڪ جي گهوٽيا، مس سي موٽيا، اها پنجاهين پـَـرِڪي
بانڪي پٽ بجار تان، رُڪ ڏني رَڙڪي
آيا ڌوڌوڪار ۾، تڏهن لهرو پيا لڙڪي
مور ماريو مـَـرڪي، کڙڳ ويل کني جي.
چئو جيئن چاڪر مير جي، کـُـڙي تان نه کـِـڙياس
گهوٽ گهڻن کي سامهون، سـِـيهي سٽ ڏنياس
سٽ ڪـُـٽ سـَـڪـِـيلن جي، اچي ڪـُـنڍين ڪر رکياس
اها سـُـوڌي ڳالهه سندياس، ملڪن ۾ مشهور ٿي.
چهه ۾ چاڪر خان جي کـُـڙي تان نه کـُـتياس
جا رَه ڳوٺ هياس، سا و ِکَ ويريءَ سامهون.
اُڀو عهدي اڳرو، چهه ۾ چاڪر خان
بيٺو برفتين سين، سڱ اڙائي سان ُ
اَنڊين لڙڪئين آئيو، جنهن جي قدمن تان قربان
هن مامري جو “محراب” چوي، مرد مرندي لڌو مانُ
سو جوکيي پوٽو جوان، ڪڏندو آيو ڪـُـڙيءَ تي.
ڌَر ڌرتي، پڳ پاوڙي، ٿا چاڪر خان چون
ٽـِـين سـَـئين ٽـَـپين آئيو، آنڊا ڳجهڙين
رڻ ۾ راهيجي جي پکڻ ٿا پون
ستن ۾ سرهو ٿيو، چاڪر خان چون.
چون ٿا ته جڏهن ڄام بجار کي چاڪر جي مرڻ
جي خبر ملي، تڏهن ارمان ۾ پئجي ويو. وڏيءَ عمر جو
اڳئي هو، ويتر پٽ جي خبر ٻڌي زمين تي تريون کوڙي
آهستي ٿي اُٿيو، ۽ چيائين ته چاڪر جو وير جوکيا
وٺندا.
ڌُٻي ڌُٻي اٿيو، ڀونڊا ڏيئي ڀون
ماءُ مرادون پنيون، گهنگهرن پيون مون.
ڄام بجار پوءِ پڄي نه سگهيو ۽ برفتن کي
رڳو پٽـُـون ڏنائين ته:
برفت بک ڀـُـڪا ڪيا، بارڻ ٿيو بيرون
چـُـرٽين کي چوريءَ جون، آهن هميشه هيرون
وٺا آهن ويڙ ويرون، جاد ڪري، جوکيو چئي.
نٿالي گبول جي روايت موجب، جڏهن ڄام بجار
برفتن کي پٽيو ۽ بارڻ جي ويران ٿيڻ جو چيو، تڏهن
موٽ ۾ برفتن بيت چوائي موڪليو ته:
جيئن باغ بارڻ جا، ڏين بارڻ تي بوڙيون
صحيح هڻنداسون ساڪرو، ڪڏائي گهوڙيون
ڪٽاريون کوڙيون، ڪاتيون ڄام ڪـَـڇـُـن ۾.
وڏيري علي مراد ٻـُـري جي روايت موجب،
چاڪر جي مارجڻ بعد ڄام بجار هيڻو ٿي لس طرف آيو ۽
ليـَـاري طرف اچي رهيو. عبدالرحمان رونجهي جي چوڻ
موجب ته موجوده لاکڙي جي باب ۾ (لڳ لـَـياري) ”ڄام
بجار جو مامرو“ اڃا موجود آهي، جو شايد ڄام بجار
جي جاگير هو.
------
|