لاشاري قبيلا:
نائين صدي هجري (پندرهين عيسوي) ۾ بلوچن جي رند ۽
لاشاري قبيلن جي وڏي جنگ سالن جا سال هلي. رندن جو
سردار مير چاڪر هو، جنهن جي حڪومت سبي ۽ فتحپور ۾
هئي ۽ لاشارين جو سردار مير گهرام هو، جنهن جي
حڪومت گنداوا ۾ هئي. دريا خان لاشاري قبيلي جو هڪ
ذهين ۽ بهادر نوجوان هو، جنهن ٺٽي ۾ اچي نوڪري ڪئي
هئي، جتي هو بالآخر سلطان ڄام نظام الدين جو وڏو
وزير ۽ سپـه سالار ٿيو ۽ ”مبارڪ خان“ جي لقب سان
مشهور ٿيو.(1)
دريا خان جي صلاح مشوري سان ئي سنڌ جي حڪومت
لاشارين ۽ ساڻن شامل قبيلن جي پٺڀرائي ڪئي، ٻئي
طرف رندن ۽ ساڻن شامل قبيلن ارغونن کان مدد ورتي.
سن 898هه (1492ع) ۾ دريا خان جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ
جي لشڪر، جنهن ۾ لاشاري، چانڊيا، مگسي ۽ ٻيا قبيلا
شامل هئا، ارغونن جي لشڪر کي شڪست ڏني، جنهن ۾
شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ محمد بيگ مارجي ويو. ان
کان پوءِ سلطان ڄام نظام الدين جي باقي دور (898-
914ع) ۾ لاشارين، چانڊين، مگسين ۽ ٻين قبلين کي،
جن ارغونن کي شڪست ڏني هئي ۽ جيڪي پوءِ به سنڌ جي
فوجي طاقت جا مکيه سرواڻ رهيا، سلطان ڄام نظام
الدين طرفان جاگيرون ۽ انعام اڪرام مليا. لاشاري
قبيلي جي سربراهن کي گاديءَ جي شهر ٺٽي جي آسپاس
وارن علائقن ۾ جاگيرون مليون. نسبنامي جي روايتن،
تاريخي اهڃاڻن، آثارن (قبرستانن) ۽ جنگنامن جي ڪن
روايتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته لاشاري سردار
سونڊا، حب - ملير ۽ پير پٺي وارن ماڳن تي آباد
ٿيا. سردار مير گهرام لاشاري جو پوٽو مير اسحاق
(وڏو) غالباً دريا خان جي لشڪر سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽
سلطان ڄام نظام الدين طرفان کيس ”ملڪ“ جو خطاب
مليو. هن رجيرن ڪرمتين مان شادي ڪئي ۽ حب - ملير ۾
رهيو. ڄام نظام الدين جي وفات بعد، ڄام فيروز جي
دور ۾ سمن جي حڪومت جو زوال شروع ٿيو ۽ 927هه
(1520ع) ۾ دريا خان جي شهادت بعد ارغونن جو سنڌ تي
غلبو ٿيو ۽ ان سان گڏ لاشارين ۽ ٻين ساڻن شامل
قبيلن تي ارغونن جي لشڪر چڙهايون ڪيون. ان وقت مير
گهرام جو پٽ مير راميڻ سنڌ ۾ هو. پير پٺي وٽ
ارغونن جي لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿيو ۽ پير پٺي تي
دفن ٿيو.(1)
ٻيءَ روايت موجب انهن حملن کان اڳ هو گجرات
طرف هليو ويو هو، ۽ لاشارين سندس پٽ ملڪ اسحاق جي
اڳواڻي هيٺ سونڊن وٽ ارغونن جي لشڪر جو مقابلو
ڪيو، جنهن ۾ ملڪ اسحاق ۽ ٻيا وڏا سربراهه شهيد
ٿيا، جن جون چٽسالي ۽ تصويرن سان اُڪريل وڏيون
شاهي قبرون سونڊن جي مقام ۾ موجود آهن. حب ۽ ملير
۾ لاشاري قبيلن مان ڪي بچي ويا، جن مان مغلن جي
اوائلي دور ۾ مير عالي سردار هو، جنهن جو اولاد
موجوده ”عالياڻي“ لاشاري آهن. ٻئي مکيه قبيلي
”سلطاناڻي“ بابت هڪ روايت ائين آهي ته سندن وڏا
دريا خان جي دور ۾ ”سلطان“ ڄام نظام الدين جي
محافظ دستي جا خاص ماڻهو هئا ۽ انهيءَ ڪري
”سلطاناڻي“ سڏيا ويا. مير عالي جي وقت ۾ ڪرمتي
قبيلا هيٺين ملير واري اراضي ۾ پهتا، ۽ مير عالي
سندن مدد ڪئي. ”سلطاناڻي“ ۽ ”عالياڻي“ لاشارين جا
رئيس پاڙا ٿيا. اهي توڙي ٻيا لاشاري پاڙا جن جو
سلسلو مٿان سمن جي دور کان شروع ٿيو، سي پوءِ
مقامي عرف عام ۾ ”منڌير“ سڏجڻ لڳا. جڏهن ڀڙجن جي
ڪرمتين ۽ لاشارين سان جنگ ٿي، تڏهن لاشاري اُتر
طرف ملير، حب ۽ گڏاپ ۾ سؤنگل واري علائقي ۾ آباد
هئا. ۽ عمرخان سندن سردار هو. مغلن جي زوال واري
دور ۾ لاشارين جو سردار ”عالياڻي“ پاڙي مان بنگي
خان هو، جنهن سان بجار جي سربراهيءَ هيٺ جوکين جو
راڄ ڀيڙو ٿيو، ۽ بنگي خان انهن جي حب واري علائقي
۾ آباد ٿيڻ ۾ مدد ڪئي.
ڀڙج قبيلا:
ڀڙجن جي هڪ ننڍي قوم غالباً سومرن جي دؤر کان وٺي
حب ملير کان هيٺ گهاري تائين ۽ گهاري کان ڏکڻ
اولهه کيراڻي واري علائقي ۾ آباد هئي. ان وقت سنڌو
نديءَ جو هڪ هيٺيون ڇوڙ ڦٽو دريا ِّ هو، جيڪو
گهاري کان ڏکڻ اولهه طرف وهندو هو. موجوده ”کيراڻي
ديهه“ ڀڙجن جو ٻيلو هو. ”ماڙي مورڙو“ جنهن جا کنڊر
کيراڻي ديهه ۾ آهن ۽ ٻيو ٿنڀن واري مسجد جي شهر جا
کنڊر ڀڙجن جي وقت جا يادگار آهن. مٿان دريا ِّ جي
رخ بدلڻ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سببان ڀڙجن وارو اهو
علائقو ويران ٿيو، انهيءَ ڪري ڪي قبيلا هيٺ ساڪري
۽ گهوڙا ٻاري طرف ويا ۽ ٻيا سندن مٿئين حب ۽ ملير
واري ماڳ ڏانهن ويا، جتي هو پنهنجي لاءِ وڌيڪ
علائقو هٿ ڪرڻ لڳا، انهيءَ ڪري ڀڙجن جو، اتي جي
لاشارين ۽ ڪرمتين قبيلن سان ٽڪر ٿيو، جنهن ۾ سندن
زور ٽٽو ۽ کين حب ۽ ملير واري علائقي مان بي دخل
ٿيڻو پيو. اهو مغلن وارو اوائلي دؤر هو. ان وقت
ڪرمتين جو سردار ملڪ حاجي هو، جنهن ڀڙجن کان ملير
وارو علائقو هٿ ڪيو. ڪي هڪ ٻه راڄ ڀڙجن جا حب واري
پاسي رهيا، ۽ جڏهن جوکيا راڄ ”ڪنگوري“ واري پاسي
کان سندن سربراهه بجار جي اڳواڻيءَ هيٺ حب واري
علائقي ۾ آيا ته ڀڙجن جي راڄدارن ۾ اڃا ايتري همت
هئي، جو جوکين کي پنهنجي اراضي طرف وڌڻ نه ڏنائون
۽ پٿر (روهي) کوڙي دنگ ڪڍيائون ته جئن جوکيا اڳتي
نه وڌن. هڪ راويت موجب تڏهن بنگي خان جوکين جي مدد
ڪئي.
ڪرمتي قبيلا:
”ڪرمتي“ هوت بلوچ آهن، جيڪي ڪنهن آڳاٽي وقت کان
مڪران ۾ سامونڊي ڪناري لڳ ”ڪلمت“ واري علائقي ۾
آباد ٿيا، ”ڪلماتي“ يا ”ڪلمتي“ سڏجڻ لڳا. سنڌ ۾
آيا ته (سنڌي اچارموجب) ”ڪرمتي“ مشهور ٿيا. نائين
ڏهين صدي هجري (15-16 عيسوي) ۾ هوت قبيلن جي ڪلمت
۾ پنهنجي خود مختيار رياست قائم هئي. ڏهين صدي
هجري (16- صدي عيسوي) ۾ هن رياست جو حڪمران حمل
خان پٽ جيئند هو، جنهن پورچوگيزن جي سامونڊي حملن
جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو هو. ان کان الڳ غالباً
9- صدي هجريءَ ۾ ڪي ڪرمتي قبيلا هنگلاج ۽ هڱور
نديءَ واري واٽ سان سنڌ ڏانهن وڌيا ۽ پهريائين هو
لس ٻيلي جي کارڙي ۽ ڀواني وارن علائقن ۾ رهيا، جتي
سندن قديم قبرستان موجود آهن پوءِ حب ندي ڏانهن
وڌيا، سندن سردار تڏهن ”راڌا“ گهراڻي مان هئا.
راڌي سردار حاجي (بن نوتڪ بن عالي بن عمر بن بجار
بن هوت بن جلال خان) پهريائين حب وارو علائقو
ٻـُـرن کان هٿ ڪيو ۽ پوءِ ملير ڀڙجن کان هٿ ڪيو.
پڻ مغلن کان وڌيڪ وڏي اراضي مال لاءِ مقاطعي تي
ورتائين، جنهن ۾ کارڙي جو لڪ، پٻوڻي، لوهار جو
لنگهه، سورينگ، بولاڙي (ڪؤنڪر وٽ)، جرندو ۽ گوربان
شامل هئا. حاجي غالباً مغلن جي اوائلي دؤر ۾ ٿيو.
مـَـلڪ حاجي کان پوءِ ملڪ براهم، ملڪ اسحاق، ملڪ
طوطا، ملڪ حسن ۽ ملڪ زردار سردار ٿيا. راڌن جو اثر
رسوخ حب ۽ ملير کان اڳتي گهگهر نئن تائين وڌيو.
سندن آخري پڊ ’وٽيجي‘ کان چار ميل کن اولهه طرف
هو، جو سندن سرداري ختم ٿي. ان بعد پڳ راڌن مان
ڦري ٻئي قبيلي ۾ آئي، جن مان ملڪ براهم (بن شيهڪ
بن ڊگار بن براهم بن ببر بن نوت) ٿيو. ملڪ حاجي جا
ٻه ٻيا ڀائر: نوز بندغ ۽ بلوچ هئا. نوز بندغ کي ٻه
پٽ ٿيا، هڪ نوت ۽ ٻيو گياندار. نوت جا پٽ هديـه ۽
ببر، جيڪي سردار ٿيا. گياندار جو اولاد ”ڀوا“ ٿيا(1).
سنڌ جي ساڪري واري علائقي ۾ سمن جن دؤر کان وٺي
”نڱامڙن جي رياست“ قائم هئي. نڱامڙا ٻيڙياتا يا
ناکئا هئا ۽ مٿي مڪران تائين ايندڙ ويندڙ هئا.
ڪلمتي به سامونڊي ٻيڙن وارا هئا ۽ غالباً انهيءَ
وقت کان وٺي ڪي ڪلمتي ساڪري ۽ نڱامڙن جي راڻي جي
رياست ۾ آباد ٿيا. بعد ۾ جڏهن ڪي ڪرمتي قبيلا حب ۽
ملير کان سڌا ساڪري ۾ آيا ته انهن جو به راڻي سان
رس رهيو، بلڪ هو راڻي جي لشڪر جا سپهه سالار ٿيا،
۽ رياست سان لاڳيتو بگهياڙ جي پاڻيءَ تي پنهنجون
آباديون وڌايائون ۽ بستيون قائم ڪيائون، جنهن ڪري
”بگهياڙ“ سڏجڻ لڳا.
اورنگزيب بادشاهه جي دؤر ۾ ڪرمتي قبيلا
ميرپورساڪري ۽ بگهياڙ وارن علائقن ۾ طاقتور هئا، ۽
سندن سردارن ببر (ٻٻر) ۽ بجار کي، جيڪي ٻئي سؤٽ
هئا، اورنگزيب بادشاهه کان 14- رجب 1103هه (1691ع)
تي شاهي سند ۽ ساڪري واري اراضي انعام ۽ معاوضي
طور ملي، جنهن جي عيوض هنن ساڪري کان ڀوڏيسر ڏانهن
ويندڙ قافلن جي سلامتي جي ذميداري پاڻ تي ڪئي.
ملير ۽ حب وارن ڪرمتين جو سردار ان وقت يا ان کان
اڳ ملڪ طوطا (وڏو) هو، جنهن جي نالي سان داٻيجي
کان ٻه ميل اتر طرف ”ملڪ طوطا جو تلاءُ“ آهي. ملڪ
طوطا جو شاهي قبرستان، جنهن ۾ وڏي چٽسالي سان
قبرون آهن، سو ٿڌي جي نئن لڳ آهي(1).
ارغونن ۽ ترخانن واري دؤر ۾ لاشارين سان گڏ ڪرمتين
تي به چڙهايون ٿيون، خاص طرح رجيرن جي قبيلي تي،
جنهن مان ملڪ اسحاق لاشاري شادي ڪي هئي. مرزا محمد
صالح، رجيرن کي ئي مارايو هو، جيڪي مريد خان جا
عزيز هئا، جنهن پوءِ مرزا محمد صالح کي ماريو. هڪ
روايت موجب مرزا محمد صالح، مائي گوئي جو سڱ گهريو
هو، جيڪا ڪرمتي ملڪ طوطا جي ڌيءُ هئي. ملڪ طوطا
رجيرو (ڪرمتي) هو ۽ هو ان وقت فوت ٿي ويو هو.
ارغون - ترخان ۽ مغل هڪٻئي جا مخالف هئا ۽ انهيءَ
ڪري سن 1000هه/1591ع کان پوءِ مغلن واري دؤر ۾
ڪرمتي قبيلا ملير ۽ حب کان وٺي ساڪري تائين طاقتور
ٿيا. ان وقت برفت - نومڙين قبيلن جي گائيچن - ڇڇرن
خلاف مدد ڪيائون(2)
. مغلن جي زوال واري دؤر ۾ برفت - نومڙيا قبيلا
نئن بارڻ کان اولهه طرف سڄي ڪوهستان ۾ طاقتور ٿيا.
سن 1115هه ۾ هنن قبيلن جي سرواڻ پاهڙ خان لس ٻيلي
جي حڪومت هٿ ڪئي، ۽ نومڙيا محال ڪوهستان مان حب
تائين وڌي اچي ڪرمتين سان منهن مقابل ٿيا.
پوءِ ڪرمتين جوابي حملا ڪيا ۽ سورهيه گندٻي منداڻي
وڃي لس ٻيلي جي حد ۾ نومڙين جون لوڙهيون هنيون(3)
. مغلن جي زوال وقت سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي طاقت اوڀري
رهي هئي. ميان يار محمد ڪلهوڙي سن 1117هه ۾ پاهڙ
خان کي شڪست ڏني پر ان بعد سندن صلح ٿيو. نومڙيا
جڏهن ڪرمتين سان پڄي نه سگهيا، ته پاهڙ خان، ميان
نور محمد کي ڪرمتين خلاف لشڪر چاڙهڻ جي صلاح ڏني.
پر ميان نور محمد پهريائين ڌاراجه جي راڻي تي حملي
ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ خداداد خان کي چاڙهي موڪليو،
جنهن حرفت سان ان علائقي تي قبضو ڪيو، جيتوڻيڪ
سامهون لشڪر ۽ ڪرمتين وڏو مقابلو ڪيو. ڪرمتين کي
راءِ کان ڇني ڌار ڪرڻ خاطر، ميان نور محمد جي حڪم
موجب مير محمد عرف الهيار خان ڪلهوڙي 27 - ربيع
الاول 1162هه ۾ ملڪ مريد پٽ ملڪ ابراهم کي جاگير
پڪي ڪري ڏني. انهيءَ ڪري جڏهن ميان غلام شاهه،
جوکين جي سربراهه بجار کي راڻي جي مارڻ لاءِ
موڪليو ته ملڪ مريد، راڻي جي ڪابه مدد ڪانه ڪئي.
راڻي ۽ سندس رياست جي خاتمي کان پوءِ ميان غلام
شاهه ڪرمتين خلاف خدا آباد مان وڏو لشڪر چاڙهي
موڪليو، جنهنڪري ڪرمتين کي وڏو نقصان پهتو(1)
. ميان غلام شاهه کان پوءِ جوکين جي سربراهه بجار
کي زور وٺارايو، جنهن ڪرمتين خلاف جنگيون جوٽيون،
جنهن ۾ ملير حب واري پاسي کان ڪڙمين توڙي لاشارين
کي بي دخل ڪيائين ۽ ساڪري وارن ڪرمتين تي به سوڙهه
ڪيائين.
بلوچڪي ۽ هڪ شعر جي روايت موجب ملير واري ڪرمتي
قبيلا جڏهن اتان نڪتا ته اچي ڀٽاڻي واري ڀٽ تي
ويٺا. ڀٽاڻو، وٽيجي کان ڏکڻ، گهاري واري دريا ِّ
کان اُتر، ۽ ”شاهه حسڻ اولياءَ“ جي لڳ ڏکڻ طرف
آهي. ان وقت سندن سربراهه ملڪ عثمان هو. طوطا ۽
اسحاق به سندس ويجها عزيز هئا.
هن ڪتاب ۾ شامل ستن جنگنامن(2)
۾ جوکين ۽ ڪرمتين جي مقابلن ۽ جنگين بابت ڪافي
تفصيلي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏنل آهن. مڪلي واري ٻي جنگ سن
1203هه ۾ ٽالپورن جي اوائلي دور ۾ لڳي، جنهن ۾
ڪرمتين جي هار ٿي ۽ سندن سورهيه سپـه سالار مير
مزار ميدان ۾ ماريو. مير فتح علي خان جي وقت ۾
ساڪري جي ڪرمتين جي سردار ملڪ مريد هو ۽ سندس
ڀائر: الله بندو، فتح خان ۽ مزار هئا، جن مان مزار
مڪلي تي ماريو. جڏهن مير فتح علي خان جو ملڪ تي
پورو قبضو ٿي ويو، ته جوکين ۽ ڪرمتين ۽ برفتن جي
سردارن مان هر هڪ کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏنائين، ۽
سندن وچ ۾ پڪو صلح ڪرائي کين هڪٻئي سان وڙهڻ کان
هميشـه لاءِ روڪي ڇڏيائين.
برفت - نومڙيا:
برفت ۽ نومڙيا قبيلا آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي
ڪوهستان ۾ طاقتور رهيا. اوائلي دور ۾ هنن جو
بلوچستان - لس ٻيلي وارن قومن قبيلن سان وڌيڪ تعلق
رهيو ۽ منجهن بلوچي رسم رواج رائج رهيو. انهيءَ
ڪري ڪن آڳاٽين تاريخن ۾ انهن کي ”بلوچي قبائل“ ڪري
ڄاڻايو ويو آهي. نسبنامي جي روايتن موجب، آڳاٽي
(سومرن يا سمن واري) دور ۾ سندن قبائلي سردار
ابوالفتح بلوچ هو،(1)
جنهن جي نالي بپويان پوءِ انهي قبيلي وارا ۽ ٻيا
جيڪي ساڻن راهه، رواج ۽ لٺ ۾ شريڪ ٿيا سي ”بلفت“
(= ابوالفتح) يا (سنڌي اچار جي لحاظ سان) ”برفت“
سڏجڻ لڳا. ڪن روايتن موجب برفت مڪران ۽ بلوچستان
کان آيا. بهرحال ڪوهستان ۾ منڍ کان ئي ”برفتن“ ۽
”نومڙين“ قبيلن جو راڄداري ۽ شراڪت وارو ناتو ٿيو،
جنهن ڪري برفت - نومڙيا قبيلا ڪوهستان جي هڪ يڪمشت
قبائلي طاقت بنجي ويا. مغلن جي دور ۾ هي الهندين
ڪوهستان کان هيٺ لٿا ۽ اتر ۾ لڪي کان وٺي ڏکڻ ۾
نئن بارڻ تائين سڄي ڪاڇي ۾ هنن پنهنجو ڏاڪو ڄمايو،
پر مغلن جي پوئين ۽ زوال واري دور ۾ انهيءَ اراضي
۾ کوسن، گانئچن ۽ ڇڇرن جي زور وٺڻ سان هي قبيلا
بارڻ تائين هٽي ويا. گانئچن، ڇڇرن ۽ سورن گڏجي اڃا
به کين پوئتي هٽايو ۽ بارڻ ٽپي ڪجهه ڏاکڻي علائقي
تي به قبضو ڪيو. برفت قبيلن پوءِ حب ۽ ملير جي
ڪرمتين کان مدد وٺي، گانئچن ۽ ڇڇرن کي بارڻ وارن
علائقن مان بي دخل ڪيو(1).
ٻارهين صدي هجري جي شروع ۾ برفتن بارڻ وارن علائقن
۾ گڏجي زور ورتو، ۽ سردار پاهڙ خان جي اڳواڻي هيٺ
هنن قبيلن سن 1115هه ۾ سڄي ڪوهستان ۽ اڳتي لس ٻيلي
واري ملڪ تي قبضو ڪري ٻيلي ۾ پنهنجي حڪومت قائم
ڪئي. پاهڙ خان پوءِ غالباً سڄي ڪاڇي ۾، پنهنجي
قبائلي طاقت کي قائم ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ لس ٻيلي مان
شايد سيوهڻ - دادو - جوهي واري پاسي کان چڙهائي
ڪئي، پر ميان يار محمد ڪلهوڙي کيس 1117هه ۾ شڪست
ڏني. ان بعد هن قبائلي طاقت جو رخ ڦري هيٺ ڏکڻ -
اولهه طرف بارڻ کان وٺي حب واري علائقي طرف ٿيو ۽
انهي سڄي ملڪ ۾ هنن پنهنجا قدم ڄمايا. گڏاپ ۽ حب
واري مٿئين علاقي ۾ هنن لاشارين تي دٻاءُ وڌو،
جنهنڪري لاشارين پاڻ سان جوکين کي ڀيڙو ڪيو.
لسٻيلي واري طرف کان ٻـُـرن جو ملير جي ڪرمتين تي
دٻاءُ پيو، ۽ ڪرمتين جوابي حملا ڪيا جن ۾ ٻرا
ڪرمتين سان پڄي نه سگهيا.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾، پاهڙ خان سنڌ جي
ڪاڇي جو سانگو پليو، خاص طرح جڏهن ميان نور محمد
قلات جي خان عبدالله خان کي شڪست ڏني. شايد پاهڙ
خان جو ميان نور محمد سان ڪو عهد نامو ٿيو، ۽ پاهڙ
خان، ميان نور محمد کي ڪرمتين خلاف چڙهائي جي صلاح
ڏني. اها صلاح اڳتي هلي برفتن - نومڙين قبيلن کي
مهانگي پئي. ڪرمتين سان سندن کـُـلي مخالفت سببان،
برفتن - نومڙين ۽ ڪرمتين جي وچ ۾ آڳاٽي وقت کان
وٺي، جيڪو اتفاق هو سو ختم ٿي ويو ۽ هاڻي هو اڪيلا
رهجي ويا. مگر جيئن ته سندن قبائلي طاقت قائم هئي،
انهيءَ ڪري ميان نور محمد پنهنجي سياسي دور انديشي
سان ساڻن صلح جا ناتا قائم رکيا ۽ ڪوشش ڪئي ته سنڌ
جي ڪوهستاني علائقن وارن برفت - نومڙين قبيلن جي
سردارن کي پنهنجي طرفان جاگيرن جا پروانا ڏيئي،
کين لس ٻيلي وارن قبيلن کان جدا ڪري. اهڙي طرح سن
1741ع/ 1154هه ۾ ميان نور محمد محال ڪوهستان وارن
سردارن کي جاگير ڏني، ۽ ان بعد محمد مرادياب کين
1753/1167هه ۾ ٻي جاگير ڏني ته جيئن هو ميان غلام
شاهه جي خلاف سندس مدد ڪن.
ملڪ پاهڙ خان جي وفات کان پوءِ برفتن - نومڙين جي
طاقت گهٽجڻ لڳي. ڪجهه وقت لاءِ پاهڙ خان جي بيدار
مغز ۽ با همت بيگم مائي چاڳلي حڪومت سنڀالي، پر
ڪؤنريجن ڄامن جي گهراڻي مان ڄام عالي کٿوربي سن
1155/1742ع ۾ ملڪـه چاڳلي(1)
کي بيدخل ڪري لس ٻيلي جي حڪومت تي قبضو ڪيو.
لس ٻيلي ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي وچ ۾ اڳ عهدنامو ٿي
چڪو هو، جيڪو لس ٻيلي جي ڄامن به قبوليو. پوءِ
ٻنهي حڪومتن يڪ صلاح ٿي هڪ طرف برفتن - نومڙين
قبيلن جي ته ٻئي طرف ڪرمتين قبيلن جي زور ڀڃڻ جو
ارادو ڪيو. ان جي تصديق ”سيري يا اؤنگر واري جنگ)
(باب پنجون) مان ٿئي ٿي، جنهن ۾ جڏهن ڄام بجار
جوکيي برفتن تي چڙهائي ڪئي ته لس ٻيلي مان ڄام
عالي کٿوريو به سندس مدد ۾ لشڪر وٺي چڙهي آيو.
هيءَ جنگ جيتوڻيڪ سنڌ جي حد اندر جهرڪن جي ويجهو
اؤنگر ۾ لڳي، ته به ڪلهوڙن طرفان برفتن ملڪن جي
ڪابه مدد ڪانه ٿي، بلڪ ميان غلام شاهه طرفان
مخالفن کي اهڙي مام مليل هئي ته ڀل برفتن تي حملو
ڪن:
هڪڙو نوازيا نصير خان ٿي، ٻيو ميان ڏنن مام
----------
تڏ ”ميان“ کي مشاهدو ٿيو، ٻئين پڻ پاٿارن
ڄام بجار ان کان اڳ برفتن - نومڙين کي مٿئين حب
واري علائقي مان بيدخل ڪيو هو. انهيءَ جنگ کان
پوءِ برفتن - نومڙين قبلين جي اڳين طاقت ٽـُـٽي
ويئي.
جوکيا:
ڪن ٻين قومن وانگر جوکين کي به انگريزن جي دور
وارين سرڪاري لکيتن ۾ بنا ڪنهن به سبب ۽ ثبوت جي
”راجپوت“ ڪري ڄاڻايو ويو، مگر جوکيا خالص سنڌ جو
هڪ قبيلو هو جيڪو ڪنهن آڳاٽي وقت کان وٺي، سنڌ ۽
لس ٻيلي جي سرحد تي، شاهه بلاول واري لڪ کان مٿي
اتر طرف ”ڪنگوري“ واري ڪوهستان ۾ رهندڙ هو. جڏهن
کان وٺي سندن وڏا ٺٽي جي ولي ۽ بزرگ سيد ميين علي
شيرازي (وفات 981هه) جا مريد ٿيا، ته هيٺ سنڌ طرف
سندن اچڻ وڃڻ ٿيو، ۽ پڻ حب ۽ ملير جي لاشارين
سربراهن ۽ ڪرمتي ملڪن سان سندن لاڳاپو ٿيو. شاهه
جهان بادشاهه جي دور ۾ جڏهن شهزادو اورنگزيب سنڌ
جو صوبـدار هو (1051 - 1062هه) تڏهن وڏيرو مريد
جوکين جو ڄام ٿيو.
ڄام مريد همت وارو ۽ راڄائتو هو. لاشارين ۽ ڪرمتين
سردارن سان سندس دوستي جو ناتو هو، جنهن ڪري اُتر
طرف حب واري علائقي ۾ به رهيو. کانئس پوءِ سؤ کن
سالن تائين پيڙهي به پيڙهي ڄام مريد جي اولاد مان
”مريداڻي ڄام“ ٿيندا آيا. هن گهراڻي مان ڄام
ڪريمداد (پٽ ڄام مريد) آخري ڄام ٿيو، جنهن سن
1188هه ۾ وفات ڪئي. سندس قبر مڪليءَ تي ميين سيد
علي شيرازي جي قبي ويجهو اُتر طرفان آهي.
سنڌ جي هيٺين حب - ملير واري آباد علائقي ۾ جوکين
جي طاقت تڏهن وڌي جڏهن جوکين جي نک ٽيڀرن مان بجار
(ميرڻ پوٽو) ساماڻو، جنهن جي حرفت ۽ همت سان پوءِ
جوکين جا راڄ طاقت ۾ آيا. جئن ته هو ڪيترن ئي
جنگنامن جو مرڪزي ڪردار آهي ۽ جوکين جي تاريخ به
ڄام بجار جي سوانح جو هڪ باب آهي، انهيءَ ڪري ان
جو تفصيلي بيان ضروري آهي.
ڄام بجار جو ڪٽنب ڪنگوري طرف رهندڙ هو، جتي هو
1125هه ڌاري ڄائو ۽ ويهن پنجويهن ورهين جي عمر ۾
وڏو ڏاڍو مڙس ۽ هاڻو ٿيو. حب ۽ گڏاپ ۾ ان وقت بنگي
خان لاشاري سردار هو ۽ جئن ته جوکين جو ڄام مريد
واري وقت کان وٺي لاشارين ۽ ڪرمتين سان لاڳاپو هو،
بنگي خان پڻ نوجوان بجار تي هٿ رکيو ۽ هو ڪنگوري
مان حب واري علائقي ۾ آيو. ان وقت جوکين جو ڄام
مريد (ننڍو) هو. لس ٻيلي جي ملڪ پاهڙ خان جي وفات
بعد سنڌ ۽ لس ٻيلي واري علائقي ۾ ڪنهن جو به حڪم
ڪونه ٿي هليو، ۽ راڄن ۽ راڄدارن پنهنجون پنهنجون
حدون جهليون. بجار پنهنجن ڏاڍن مڙسن واري ٽولي سان
گڏ ٻين کي به ساڻ ڪري پهريائين ڀڙجن سان مقابلا
ڪري کين بي دخل ڪيو ۽ پوءِ برفتن سان هٿ ڳنڍيا.
انهن لاهن چاڙهن ۾ بنگي خان بجار جو طرف کنيو ۽
سندس پٺڀرائي ڪئي. بنگي خان جي وفات بعد، ڪجهه
عرصو بجار تي ڏکيو گذريو، برفت راڄيدارن کيس
سوڙهو ڪيو، جو هو پنهنجن ماڻهن سان ڪجهه وقت لس
ٻيلي واري طرف ۽ ڪجهه وقت بٺي ۽ حب جي وچ واري
علائقي ۾ رهيو، جتي جهل جي ٻج ۽ ٻئي ڏٿ تي گذران
ڪيائون. پر پوءِ ”الله ٻني واري جنگ“ ۾ حرفت حيلي
سان گهٽ جهلي، برفتن نومڙين کي ماريائين ۽ انهن کي
بي دخل ڪري، حب کان وٺي ڪاري جبل تائين سندن
علائقي تي قبضو ڪيائين.
هاڻي بجار قبائلي طاقت جا ڌڻي ٿيو. ”پاڳ“ مريداڻين
ڄامن وٽ هئي پر ”واڳ“ بجار جي هٿ ۾ اچي وئي. سندس
نالو نروار ٿيو، ۽ سنڌ جي ڪلهوڙن توڙي لس ٻيلي جي
ڄامن کيس برفتن - نومڙين توڙي ڌاراجه جي راڻي ۽
ڪرمتين جي زور ڀڃڻ لاءِ ميدان ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيو
ته بجار به پنهنجي طاقت وڌائڻ واري حرص ۾ وقت جي
حاڪمن جو رخ صحيح ڪري، ان مان پوري فائدي حاصل ڪرڻ
جي سٽ سٽي. ميان نور محمد جي وقت ۾ ڌاراجه جي راڻي
خلاف حملا شروع ڪيا ويا هئا، انهيءَ ڪري ڪرمتي
قبيلا ڪلهوڙن جي برخلاف ٿيا. ميان محمد مرادياب
برفتن - نومڙين جي ملڪن کي جاگير ڏيئي پنهنجي پاسي
مائل ڪيو هو. انهيءَ ڪري جيئن ميان غلام شاهه
حڪومت هٿ ڪئي ته هن برفتن- نومڙين توڙي ڪرمتين جي
طاقت ٽوڙڻ جو پڪو پهه ڪيو. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ هن سوچي سمجهي بجار کي پنهنجي هٿ جو باز
بنايو. پهريائين ڌاراجه جي راڻي کي مارڻ جي
ذميداري کيس سؤنپي وئي، ۽ جڏهن حيلي حرفت سان
بجار، رتي ڪوٽ ۾ راڻي کي قتل ڪيو ته ميان غلام
شاهه کيس جوکين جو ڄام مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڄام
ڪريم داد مريداڻي راڄداري ۽ دوستيءَ جو لحاظ ڪندي،
ڪرمتين سربراهن توڙي راڻي ڏانهن پيغام موڪليا هئا،
ته بجار اوچتو حملو ڪندو. راڻي جي قتل کان پوءِ
ڪرمتي پڻ ”ڄام بجار“ جا مخالف ٿي ويا. برفت -
نومڙيا اڳ ۾ ئي سندس خلاف هئا. ڄام بجار پاڻ کي
وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا، جيڪي سندس سياڻپ
۽ سياسي شعور تي شاهد آهن. پهريائين سڀني جوکين
قبيلن کي پنهنجو ڪيائين. هنن به حڪومت ۾ سندس زور
ڏسي ڄام ڪريمداد مريداڻي هوندي، بجار کي ڄامائي جي
پڳ ٻڌائي. ان بعد ڄام بجار، لس ٻيلي جي ڄام عالي
کٿوريي سان سڱابندي جو رشتو ڳنڍي کيس پنهنجو ڪري
ڇڏيو. ميان غلام شاهه جي اڳئي کيس پوري پٺڀرائي
حاصل هئي. هاڻي انهن ٽنهي طاقتن جي زور تي ڄام
بجار هڪ طرف برفتن - نومڙين سان ته ٻئي طرف ڪرمتين
سان ڪڏي وڃي جنگيون جوٽيون.
پهريائين ڪاري جبل کان اتر طرف ويندي بارڻ تائين
سڄي علائقي مان برفتن - نومڙين کي بيدخل ڪرڻ جي سٽ
سٽيائين. اتي جي جاکرن، شورن ۽ ٻين ننڍن قبيلن کي
به برفتن - نومڙين خلاف ڀڙڪايائين. بالاآخر ميان
غلام شاهه جي اشاري تي وڌي اچي برفتن ملڪن جي
”گهگهي واري سيري“ تي قبضو ڪيائين، جنهن تان ”سيري
يا اؤنگر واري جنگ“ لڳي(1)،
جنهن ۾ لس ٻيلي جو ڄام عالي پاڻ پنهنجي سر لشڪر
سوڌو ڄام بجار جي مدد ۾ چڙهي آيو. انهيءَ جنگ ۾
برفتن - نومڙين قبيلن جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا ۽
سندن طاقت کي وڏو ڌڪ لڳو. ملڪن پوءِ به همت ڪئي ۽
ڪجهه عرصي کان پوءِ 1182هه/1868ع ۾ ڏهن ٻارهن
هزارن جو وڏو لشڪر وٺي بارڻ کان ڪاري جبل تائين
جوکين کي بي دخل ڪري قبضا ڇڏايا ۽ پوءِ سڌو سنئون
ڄام بجار جي مقابلي لاءِ اوڏانهن رخ ڪيائيون. ڄام
بجار وڏي سياڻپ سان ميان غلام شاهه کي ذهن نشين
ڪرايو، ته جي منهنجي هار ٿي، ته پوءِ نومڙيا ٺٽي
تي قبضو ڪندا. انهيءَ تي ميان غلام شاهه جا ٻه
هزار سپاهي ٺٽي جي حفاظت لاءِ موڪليا ۽ ڇهه هزار
سپاهين تي مشتمل هڪ لشڪر ڄام بجار جي مدد لاءِ
روانو ڪيو، ساڳئي وقت ملڪن ڏانهن صلح جو پيغام
موڪليائين ته جيڪڏهن هو مڙندا ته اڳتي لاءِ ڄام
بجار مٿن حملو نه ڪندو ۽ پڻ سندن جاگيرون بحال
رهنديون. انهيءَ حڪمت عملي سان اها خوفناڪ جنگ ٽري
ويئي.
برفتن - نومڙين کان مطمئن ٿي ڄام بجار، لاشارين ۽
ڪرمتين خلاف جنگيون جوٽيون. سردار بنگي خان لاشاري
فوت ٿي چڪو هو، ۽ باقي جيڪي لاشاري حب ۽ گڏاپ واري
علائقي ۾ هئا، تن مان گهڻن سڀني کي بي دخل ڪري،
انهن جي علائقي تي قبضو ڪيائين. ساڳيءَ طرح ڪرمتين
کي ملير مان بي دخل ڪيائين، ۽ ملير کان وٺي گهاري
تائين سڄي علائقي تي قبضو ڪيائين. البت گهاري کان
هيٺ ساڪري طرف ڪرمتي قبيلا طاقتور هئا، ۽ انهن کي
مهٽڻ مڃائڻ مشڪل هو. ڄام بجار جي عمر جا سٺ سال
پورا ٿيڻ وارا هئا پر سندس طبيعت ۾ جو تندي ۽ ارهه
زورائي هئي، سو گهاري کان اڳتي ڏکڻ اولهه طرف ڳچ
آباد علائقي تي قبضو ڪيائين. پوءِ ميان غلام شاهه
سگهوئي سن 1186هه ۾ وفات ڪئي ۽ ان بعد ڄام بجار
ڪرمتين سان وڙهڻ نٿي چاهيو جو هو به وڏي طاقت
رکندڙ هئا، پر هاڻي هو بيوس ٿي پيو جو سندس پٽ
چاڪر اچي جوان ٿيو هو ۽ هو جيترو بهادر هو اوتروئي
ڏنگو ۽ ارڏو هو. هن اڳرائي ڪري پئي جهيڙيا ڳنڍيا ۽
ڄام بجار به کيس روڪي نٿي سگهيو. هاڻي ”قدمن واري
مقام“ ۾ چاڪر، ڪرمتين ۽ لاشارين جا ڪانڌي ماري وير
وڌو، ته متان سندس والد ۽ ڪرمتي ملڪن جي وچ ۾ صلح
ٿي وڃي. جوکين ۽ ڪرمتين جون جنگيون هليون پئي جو
مير فتح علي خان سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي، ۽ هن فوري
طور سنڌ اندر مخالف قبيلن ۾ دشمنيون ختم ڪرائڻ ۽
صلح ۽ دوستي جا ناتا قائم ڪرڻ طرف توجهه ڏنو.
برفتن - نومڙين ملڪن، ڪرمتي ملڪن، ۽ ڄام بجار
ڏانهن هدايتون ويون ته پاڻ ۾ گڏجي ويهي فيصلا ڪن.
چاڪر کي گهرائي حيدرآباد ۾ ويهاري ڇڏيائون ته جئن
ڪو وڌيڪ فتنو نه جاڳائي. پوءِ چاڪر جي امڙ ميڙ ٿي
آئي ۽ چاڪر کي شاديءَ لاءِ وٺي ٿي وئي جو لهاراڻي
قبيلن جي برفتن واٽ جهلي چاڪر کي ماريو، جو ان کان
اڳ ”الله ٻني ۽ جهل واري جنگ“ ۾ جوکين لڪ جهلي
لهاراڻين جا گهڻا ماڻهو ماريا هئا. ميرن جي
حڪمنامي پهچڻ کان اڳ ڪرمتين ۽ جوکين مڪلي تي جنگ
ڪرڻ جا ٻول ٻڌي ڇڏيا هئا، انهيءَ ڪري باوجود مير
مزار ڪرمتي جي ڪوشش جي ته جنگ نه ٿئي (جو مير صاحب
طرفان اهڙو حڪم هو)، اها جنگ ٽري نه سگهي ۽ سن
1203هه ۾ مڪلي تي لڳي. ڄام بجار جي عمر ان وقت
پنجهتر سال کن هئي. کيس چاڪر جي مارجڻ جو غم هو ۽
پڻ پنهنجين ڪيل ارهه زوراين تي افسوس هو. مڪلي جي
جنگ لاءِ لشڪر تيار ٿيو. ۽ ڄام بجار کي چيائون ته:
ڄام! اُٿي ته چڙهون! تڏهن
ڌٻي ڌٻي اٿيو ڀونڊا ڏيئي ڀون:
ماءُ مرادون پنيون، مٿان آئي مون.
يعني ته چاڪر جي ماءُ جون مرادون پنيون، هاڻي
منهنجي وار آهي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ ڄام بجار هيٺ
جنگ جي ميدان ۾ ڪونه لٿو، باقي سيد ميين عالي جي
درگاهه جي ڀر وٺيو بيٺو هو ۽ دعائون پئي گهريائين.
اها سندس آخري جنگ هئي جيڪا ڄام بجار کٽي ۽ آڏو
ڪرمتين جي لشڪر جو سپـه سالار مير مزار مارجي ويو.
ٻنهي طرفن جي لشڪر جا گهڻا ماڻهو هن جنگ ۾ مئا.
ان جنگ کان پوءِ ڄام بجار بنا ڪنهن يارو مددگار جي
اڪيلو رهجي ويو جو سڀني پاڙيسري قبيلن سان ڦٽايو
هئائين. مير فتح علي خان به کيس پاڻ وٽ ڪونه سڏيو،
پر سندس فرزند مراد علي کي گهرائي ڄامائي واري عزت
ڏنائين، ٻين قبيلن جي سربراهن کي گهرائي صلح
ڪرايائين ۽ کين پاڻ ۾ صلح سان رهڻ جو حڪم ڪيائين.
ڄام بجار پنجاسي - ڇهاسي کن سالن جي عمر ۾ سن
1211هه ۾ وفات ڪئي ۽ کيس چؤکنڊي واري مقام (داٻيجي
کان ويندڙ شاهي رستي جي سڄي طرف، نئين جي ويجهو)
جي ويجهو اوڀر طرف دفن ڪيائون. ٺٽي جي مشهور شاعر
مير غلام علي مائل فارسي ۾ سندس وفات جي تاريخ ڪڍي
ته:
”دادند جام رضوان با جام“ هاتفم گفت
1211
ڄام بجار سنڌ جي اولهه - ڏکڻ ڀاڱا وارن قبيلن ۽
راڄدارن جي تعلقات تي اڌ صدي کن ڇانيل رهيو. انهي
دور جو هو هڪ وڏو واچوڙو هو جنهن وڏا وڻ لوڏي
ڇڏيا. هو جڏهن ويو تڏهن وڃي ملڪ ٺريو. جيڪڏهن راڄن
سان رس رهائڻ وارو رخ اختيار ڪري ها ته سندس وڏي
نيڪي ۽ ناموس ٿئي ها، ڇاڪاڻ جو منجهس خامين سان گڏ
وڏيون خوبيون به هيون: هو وڏو منتظم ۽ موقعي شناس،
سياڻو سچ سمجهندڙ ۽ سچ چوندڙ هو. ان سان گڏ هو وڏو
سگهڙ شاعر هو.
سماجي اقدار، سورهين جا ڪردار ۽ جنگ جا جنسار
”جنگناما“ سنڌ جي سورهين جي قولن ڪلامن ۽ مردانه
وار مقابلن جا داستان آهن. جنگ بابت اهي سنڌ جي
سماجي قدرن قانونن ۽ ريتن رسمن جا دستاويز آهن، ۽
پڻ جنگ جي تيارين، هٿيارن، جنگ جي جنسارن جا باب
بيان آهن.
جنگين بابت نظريو:
انساني سماج ۾ جنگين جهيڙن بابت سنڌ جي دانائن جو
نظريو آفاقي آهي: يعني ته انسان جهڳڙالو پيدا ٿيو
آهي، ۽ جهيڙا جنگيون آدمزاد جي سرشت ۾ سمايل آهن.
اهو اصل قدرتي فيصلو آهي:
”جنگيون جهيڙا جهڳڙا آهن الاهي اختيار“
ـــــــــــــــــ
”جنگيون جهيڙا جهڳڙا اصل الله جي آچار“
(شاعر نم)
انهيءَ ڪري متان ڪو ائين چئي ته جنگيون جهيڙا رڳو
سنڌ جي سربراهن يا راڄدارن ۾ هئا. اهي جتي ڪٿي ٿيا
آهن، پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهي وڏا هاڃيڪار
آهن:
”جنگيون جهيڙا جهڳڙا آهن درخت ۽ دوفان“
جنگ هڪ وڏو طوفان آهي، جيڪو وڏا وڻ پاڙئون پٽي
ڇڏي، جنگ هڪ وڏي باهه ۽ ڏنءُ آهي، جيڪو جهر جهنگ
ساڙي ڇڏي، آڙاهه آهي، جيڪو وڏا ڪاٺ ٻاري ڇڏي،
پهلوان به پورا ڪري ڇڏي ته ٻيا ننڍا وڏا به ماري
ڇڏي. انهيءَ ڪري چڱن جو ڪم آهي ته پاڻ ۾ نه جهيڙين
۽ يڪراءِ ٿي جهيڙو ٽارين، پر جي وڙهيا ته پوءِ چڱا
نه چئبا:
پر چڱا چڱا نه ٿيا، جو پاڻ ۾ جهڙپيا
جي هجن هيڪي ڳالهه تي ته سرهي ٿئي سڀڪا
گهڻو ڪري هر جاءِ جهيڙو جنگ، مڙيئي ڪنهن نه ڪنهن
لالـچ ۽ طمع تان آهي. شاعر نم جي ويچار موجب:
”کؤنس مڙيئي کاڄ تي، جان ڪيم نرت نگاهه“
پر جنگ بي ڀروسي آهي ۽ ڏاڍن جو به ان تي بانور
اجايو آهي، ائين ڪو مَ چئي ته سوڀ ضرور منهنجي ئي
ٿيندي:
ڪو مَ مـَـرڪي مست ٿي، آهن الله جا آچار
سڀڪو لوچي سوڀ کي، آهن سوڀون هٿ ستار.
پر جي سر تي اچي ته پوءِ سورهين جو ڪم آهي ست ٻڌڻ:
ست ٻڌڻ آهي سورهيان، آهن سوڀان هٿ الله
ــــــــــــ
آهن سوڀون وس ستار جي، جنهن کي ڏاتر ڏياري.
اهڙا به ڪئين مثال ٿيا، جو هيڻي مڙس ڏاڍي جوان کي
ماريو، ۽ ڄڻ ”ڇٻو“ ۽ ”موزو“ مٽ ٿيا. حماتي قبيلي
جي هڪ هيڻي مڙس، همت واري جوان ”حمر“ کي ماريو،
”آدم دَکي“ جنهن جو جنگ ڏانهن منهن ئي ڪونه هو ۽
اڪن جو کير دَکي ۾ گڏ ڪري چمارن کي وڪڻندو هو،
تنهن نوزڪ خان احمداڻي جهڙي مڙس کي ماريو، اهڙيءَ
طرح راهيجي واري مڪان تي چاڪر جهڙي پهلوان کي
”چڱي“ ماريو:
جڏهن جنگ جڙي، تڏهن ڇٻو موجود مٽ ٿئي
نه ته ”حماتي“ ”حمر“ جي توري ڪيئن تري
جينءَ اڳي ”آدم“ ماريو هو ”نوزڪ“ تاڏ ڪري
تينءَ ”چڱي“ جي ”چارڪر“ تان اچيو ڦـُـڪ ڍُري
قضا ايئن ڪري، جيئن ”چڱي“ چاڪر ماريو.(1
سورهيتن تي به بعضي ڪا اهڙي سوڙهه اچي ٿي ٿئي، جو
نه ڪا پهر نه ڪا واهر ۽ ائين ئي ويرين جي ور چڙهي
وڃن ٿا:
”اڪين آما جهليا، ٿي قضا ايئن ڪري“
|