سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 5

صفحو :16

16. بجار جوکيي ۽ راڻي ارجن جي جنگ

روايت-1

        جڏهن ٺٽي جي حاڪم شڪرالله، بجار جوکيي کي گهرائي مٿس زور رکيو ته راڻي کي ڪنهن طرح ماري پورو ڪري، ته بجار پنهنجا ماڻهو تيار ڪيا ۽ رات جو ٻيڙين ۾ چڙهي، راڻي جي ڪوٽ لڳ ڪناري تي لٿا.

شڪرالله بجار کي ڪوٺيو سڏائي
ته آڻ سـِـسـِـي ارجن جي يا تون پنهنجي ڏي
هڻندو سئين هٿن سين، جوکيا! جنگ نه ڪندين جي.
---
سو وير ُ انهيءَ وڪڙُ ۾ ٿو ورنـه وِماسي(1)
مٺي، بنگل، بيگ، مراد، پنڻ سان ٿو ڳوڌو ڳالهائي
ته اوهين ڀائر منهنجا هيڏي اچو سي
ميار جا مڪلي جي سا اچون لاهي(2)
مرنداسين ته موچارا ٿينداسين ويريءَ سان وڙهندي
بتاسين بجار چئي ته اينداسين مـُـنهن اُوچي.(3)
---
سو جوکيو چڙهيو جنگ تي پنج سؤ ٻيڙين هاڪاري
تڏهن ماڙهـُـو ڪريمداد جا رميا راڻي ڏي(4)
ته بجار چڙهيو آهي بحر ۾، راڻا اوريان ٿو اچي
سي اچي آڌيءَ اُلٿا سـُـڪي جوکيا سي(1)
چـُـون: پونداسين پرهه جو مـَـر پئي سماءُ سڀني کي.

        جوکين جي قومي پڳ اڃا مريداڻين تي هئي، سو ڄام ڪريمداد پاڙي جو لحاظ رکندي، راڻي کي بجار جي حملي جو ڄاڻ ڏنو. راڻو ارجن، نڱامرن راڻن جي پيڙهيءَ مان ”اِجمالين“ جي سردار گهر مان هو. کانئس اڳ سندس ڏاڏو راڻو عـُـبيد هو. مغلن جي دؤر تائين راڻن جي رياست قائم رهي. جڏهن ٺٽي وارو ڀاڱو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي مليو، ته نئين حڪومت اڳئين دؤر جي سردارن کي مڃائڻ ۽ پنهنجو مطيع ڪرڻ شروع ڪيو، پر راڻي جو ڪرمتي بلوچ سردارن سان دوستيءَ جو ناتو هو ۽ پڻ راڻي جو لشڪر ڪرمتين جو هو، انهيءَ ڪري ميان نور محمد پهريائين ڪرمتين خلاف لشڪر چاڙهيو. ميان غلام شاهه جوکين جي پٺڀرائي ڪئي ته جيئن ڪرمتي هيڻا ٿين ۽ راڻي جو به زور ڀڄي.

ملير ۾ ڪرمتين جو سردار ”مـَـلڪ طوطا“ هو. ملير تي خداآباد طرفان موڪليل لشڪر جو حملو به ٿي چڪو هو. هاڻي بجار دانائي ڪري ملڪ طوطا وٽ لنگهي ويو ۽ چيائين ته: مون تي ميان جي حاڪم جو بار آهي، انهيءَ ڪري آءٌ راڻي تي حملو ڪندس. اوهان راڻي جي پاران ٻيو ڪو قدم نه کڻجو ۽ نڪي کيس مدد ڪجو. ملڪ طوطا اها ڳالهه مڃي. هوڏانهن راڻي ۽ سندس ماسات رحمت الله مـَـلين پوٽي کي جڏهن ڄام ڪريمداد جو پيغام پهتو ته هنن پرواهه ئي ڪانه ڪئي، جو ڀانيائون ته جڏهن مـَـلڪ طوطا اسان جو ڀرجهلو آهي ته بجار ڇا ڪندو.

راڻي ۽ رحمت الله جو مور نه اُڊڪيو من
هوجي توري رهن طوطا جي، سي مانجهي منهنجي من.(1)

        ساڪري طرف وارا ڪرمتي، راڻي کي وڌيڪ ويجها هئا. هنن کي جڏهن خبر پئي ته راڻي تي حملو ٿيڻ وارو آهي ته هنن پاڻ ۾ مصلحت ڪئي:

مريد، مدعار، دُورو، فتح چارئي ساڀـِـهه هئا سردار
تن ڪرمتي ڪوٺائيا، مصلحتي مهندار
ته وڃي عيسب ڪيڪـُـو آڻيو،جي آهن دُوجا دعويدار.

هنن سردارن پنهنجا ٻه وزير سڏيا: هڪ عيسب، جو ”بگهياڙن“ جي پاڙي مان مک هو (۽ جيڪو پوءِ مڪليءَ واري جنگ ۾ ماريو) ۽ ٻيو ڪيڪو جيڪو ”هـَـديهه“ پاڙي مان مک هو. هنن راءِ ڏني ته اسين ساڪري واري راڻي جا ويجها پاڙيسري ۽ اصل کان وٺي راڻي سان ڀيڙا آهيون. اسين هر حال ۾ راڻي سان مدد ڪنداسون. مگر نوتڪ اها ڳالهه قبول نه ڪئي، جو بجار سان سندس دوستي هئي ۽ بجار ان کي پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ٻه رايون ٿي پيون ته ساڪري جي مـَـلڪ مريد به نڪو نوتڪ جو طرف ورتو ته نڪو راڻي جي ئي مدد ڪيائين. نوتڪ تي پوءِ اها ميار لڳي:

نوتڪ ناميائي نه ڪـَـيـُـئي ڳوڌا ڳالهه ڳڻي
ٻيلي ٿئين بجار سان، وڌئي ڀائر مارائي.

        پوءِ عيسب ۽ ڪيڪو جي اڳواڻيءَ هيٺ بگهياڙ ۽ هديهه پاڙن جا چونڊ بهادر مڙس راڻي جو طرف وٺي بيٺا ۽ گهڻا بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويا.

        راڻي ارجن کي ڄام ڪريمداد جوکيي اڳواٽ ڄاڻ ڏنو هو. جڏهن کيس اها خبر پئي ته ملير ۽ ساڪري وارا مـَـلڪ به شايد سندس مدد نه ڪن، تڏهن البت دل لوڙهيائين ۽ پنهنجو سڄو سامان پنهنجن ٻيڙين ۾ ڀرائي، حاجي بگهياڙ جي حوالي ڪيائين ته صبح جو سوير ”اوکا بندر“ (ڪڇ ۾) ڏانهن هاڪاري هلي. پر جڏهن بجار جي ڪٽڪ جي خبر پيس، تڏهن سمجهيائين ته پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي، تڏهن پاڻ به ٻيڙين ۾ چڙهي، ڪوٽ کي ڇڏڻ جو ارادوڪيائين. ٻيڙين جي بيهڻ لاءِ حڪم ڏنائين، پر ان کان اڳ ٻيڙيون پوري وقت تي هاڪارجي ويون هيون ۽ جيڪي اڳ هاڪاريون، سي هاڻي نه ترسيون. تڏهن چيائون ته:

”هاڪاريون راڻي ارجن لاءِ به نه بيٺيون
جنهن جون هيون اباڻيون.“

        ڪيڪو هديهه، عيسب بگهياڙ ۽ راڻي ارجن جو ماسات رحمت الله مـُـلين - پوٽو پنهنجن ماڻهن سميت راڻي سان ڀيڙا ٿي بيٺا ۽ کيس همٿايائون. مڙدن مقابلو ڪيو، پر حملو وڏو هو ۽ راڻو، رحمت الله، ڪيڪو هديهه نوتياڻي ۽ سندس ٻيا گهڻا ساٿي مارجي ويا.

”ڪيڪؤ ٻيليئڙا، مڇ مرڪندي ماريا“

        انهن مان گهڻن جي بهادريءَ کي ڳايائون. ٽن مڙسن قول ڪيا ته اسين لشڪر چيري وڃي بجار کي ڌڪ هڻنداسين. انهن قول پاريا، پر بجار جو بخت زور هو، جو هو سلامت رهيو. انهن مان هڪ بنبا بگهياڙ جنهن بندوق هنئي، ٻيو ڇـُـٽو منداڻي هو جنهن ڀالو هنيو. جنگ شروع ٿيڻ واري هئي ته ساٿين سومار کي سجاڳ ڪيو ته:

ساڄو ٿيءُ سومار، آيا جوکيا جنگياڻي
اڳيئي اچن اڻيءَ تان،مرڪي مـَـنداڻي(1)
سومار سائي پاري، جا پر پڃاڻي(2)
بنبا پنهنجا موکيا پيالا ۽ پان.
---
بنبا ڀيري، فوج مان ڦيري، کتيس کار ڪري
گهاءَ گليلي، پؤنس پهرين ڪيو باري بجار کي
غلامياڻي گس مچايو، ڇٽي ڇڳيري.
---
بـَـنبا چيو بجار کي ادا اوري آءُ
تون جوکيو جهجي ڀائرين، ٻيلي مون الله
پاڻ منهن ۾ ڏيئي مصريون گهوٽ وڄايون گهاءُ(1)
آءٌ اُنـِـي جو ڀاءُ، جن انگيرا اڌ ڪيا.
---
انگيرا اڌ ڪري، آ سوائي سومار
توڪـُـرَ وڏائي اِها جئن کني خبردار
جيڏا ڄاڻن يار، ته هي انگيل ماڻ اڳي هئا.
---
هڻن منداڻي مچ ۾، ڇـُـٽو منجهان تن
گينڊا سانڍيل گــُـر ۾ ڪارڻ اُن ڏينهن
مبارڪ مردن جون، ڳالهڙيون ڳڻجن.

 

درياهي ۽ ڪيڪو وڏي همت وارا هئا.

آهينئون ”درياهي“ دل ۾، ساريون ٿا ”سومار“
ڪيڪو ڪنگڻهار، رهيو آهي ني روح ۾.
---
مردن پنهنجيون موکيون، قرڦل سوپاريون
ننگر ناتاريون، وڏيون بگهاڙين “بيگ” چو”.
(4)

روايت-2

        جوکيا اصل ڪنگور علائقي جا هئا، جيڪو شاهه بلاول جي ڀرسان آهي. پوءِ ملير ۾ اچي ٺڪاڻو ڪيائون. انهن مان بجار وڏي همت وارو ساماڻو ۽ وڃي ٺٽي ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي نواب وٽ نوڪر ٿيو. ان وقت ڌاراجا (ميرپور ساڪري ۽ ٻهارن کان اولهه) ۾ راڻو ارجن راڄ ڪندو هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
(1170 - 1186هه - 1756 - 1772ع) ٺٽي جي نواب شيخ شڪرالله کي حڪم ڏنو ته راڻي ارجن کي ماراءِ ته انهيءَ علائقي تي قبضو ڪجي. انهيءَ تي نواب، بجار جوکيي کي سڏيو ۽ تاڪيد ڪيو، جنهن تي بجار، راڻي ارجن کي مارڻ جو ڪم پنهنجي ذمي ڪيو.

شڪرالله بجار کي ٿو ڪوٺيو سڏائي
ته آڻ سـِـسـِـي ارجن جي، يا پانهنجي تون ڏي
نه ته هڻندو سئين هٿن سين، جنگ نه ڪندين جي
سو وير انهيءَ وِڪـُـر ۾ ٿو ورنهه وِماسي.
---
مٺي، بنگل، بيگ،مراد، پنڻ سان ٿو ڳوڌو ڳالهائي
ته اوهين ڀائر مـَـنهنجا، هيڏي اچو سي
ميار جا مڪلي جي، هلو ته اچون لاهي.

        اِها ”ميار“ اُها جو ڪلهوڙن طرفان خداآباد مان گهـَـل چڙهي هئي، تنهن جوکين کي هيسائڻ لاءِ مٿن جـُـلهه ڪئي.

”کنيو خدا آباد مان گهل وڏي گهوڙن“

        اُن وقت بجار ۽ تـُـڳو ٻئي ڀائر ڀڄي ويا، باقي سندن ڀاڻيجو ڪالا مڙس ٿي بيٺو ۽ مارجي ويو هو. جوکيا ان وقت مال وٺي وَس جي سانگي مڪلي تي ويٺا هئا.

تـُـڳي ڇڏيو تار ۾، ڏٺو ٿي بجار
مامن تي ميار، رهي قابل ڪالا خان جي.

        يعني ته مامي تـُـڳي پنهنجي ڀاڻيجي ”ڪالا“ کي وڏي مصيبت (تار پاڻي) ۾ ڇڏيو ۽ پڻ بجار پري کان پئي ڏٺو، پر ڀاڻيجي سان ڀيڙو نه ٿيو.اها ميار مٿن رهيل هئي، سو ڀائرن کي سڏي چيائين ته: هلو ته هلي وڙهون، سـِـر ڏيون ۽ پاڻ تان اها ميار لاهيون.

        بجار پوءِ ملير جا اسي جوکيا ساڻ ڪري، لاهري بندر ڏانهن ڪاهي هليو. راڻو ارجن ان وقت ويهن ماڻهن سان ”رتي ڪوٽ“ ۾، جيڪو هڪ ٻيٽ تي هو، شڪار لاءِ لٿل هو. وِهاڻي رات، جڏهن راڻو ارجن پنهنجي طنبوءَ ۾ ڏيئو ٻاريو ستو پيو هو، تڏهن بجار ۽ سندس ساٿي تراريون وات ۾ ڪري، سيڻاهن تي تري وڃي مٿس ڪڙڪيا ۽ ماري ڇڏيائونس.

        ميان غلام شاهه انهيءَ فتح جي عيوض، بجار جوکيي کي ”ڄام“ جو لقب ڏيئي جوکين جو سردار مقرر ڪيو. ڄام بجار پوءِ زور ورتو ۽ ڪرمتين ۽ برفتن سان جنگيون ڪيائين.

        راڻي ارجن کي بجار ماريو، ان واقعي بابت روايتون هن ريت آهن:

        ميان محمد امين ڀوتاڻي(1)  چيو ته: راڻو ارجن پنجاهه مڙسن سان هلندو هو ۽ سمنڊ ۾ ٻيڙا ڦريندو هو. بجار جوکيو به ڏاڍو مڙس هو، پنهنجن ساٿين جو نوڪر بنجي ميان غلام شاهه جي درٻار ۾ ويو. بجار جو پير وڏو هو، تنهنڪري سڃاپجڻ جي ڊپ کان هاڻوُ به پاڻ سان ڪين نيندا هئس. ميان غلام شاهه جي مٿس نظر پئي ۽ پهلوان ڏسي کيس چيائين ته: تون وڃي راڻي ارجن کي ماري اچ. راڻو ارجن ٻه تراريون ٻڌندو هو. جڏهن بجار مٿس حملو ڪيو، تڏهن راڻي سان گڏ هڪڙو بلوچ هو، تنهن مقابلو ڪيو، پر مارجي ويو. پوءِ بجار ترار جو وار ڪري راڻي کي ماريو.

        سگهڙ عبدالله جوکيي جي روايت موجب ڄام بجار، راڻي کي مارڻ وقت ست ڏاڍا مڙس جوکيا پاڻ سان وٺي ويو هو: (1) سينڌل شهداداڻي (2) ابراهيم سا کاڻي (3) حاصل ساکاڻي (4) لائقڏنو ساکاڻي (5) بچل ساکاڻي (6) نورو ڍاڳرو ۽ (7) ڌڻي ڏنو ساکاڻي، پر مٿي آيل شاهد بيت ۾ مٺي، بنگل، بيگ، مراد ۽ پنڻ جا نالا آهن.

        سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي روايت موجب راڻي ارجن کي ڪلهوڙن مان ڊپ رهندو هو، تنهنڪري هن پنهنجا ٻار ٻچا سامونڊي ٻيڙين رستي روانا ڪري ڇڏيا. ٻيڙيون هليون ته خيال آيس ته هتي وڙهي پورو ڪونه پئبو، تنهنڪري هيءَ ڀيڻي ڇڏجي. اِهو خيال ڪري ٻيڙياتن کي سڏيائين، پر ٻيڙيون ڪين بيٺيون. انهيءَ تان پهاڪو مشهور ٿيو ته: ” هاڪاريون، راڻي ارجن لاءِ به ڪين بيٺيون، جنهن جون پئاڻيون هيون.“ ان بعد راڻي ارجن دستور ڪري ڇڏيو ته رات جو پنهنجي همراهن سميت جدا هڪڙي ٻيٽ ۾ وڃي ٿيندو هو.

        جڏهن ڪلهوڙن جي طرفان، راڻي ارجن تي حملي جي سڻس پئي، تڏهن ڪرمتي بلوچ، جيڪي راڻي ارجن جي علائقي ۾ ويٺل هئا، تن پنهنجي مـَـلڪ طوطا خان کان پڇيو ته ڪنهن جو طرف وٺون. ملڪ چيو ته:

”سدا رهون ساڪري، اجهي راڻي جي“

        يعني ته اسان اصل کان راڻي جي اجهي ۽ راڻي سان ڀيڙا آهيون. تڏهن ڪرمتي راڻي جي طرف ٿيا. جڏهن بجار جوکيي، راڻي ارجن تي حملو ڪيو، تڏهن ڪرمتين جو راڄ سڄو وڙهيو، پر ملڪ جو ڀاءُ ”نوتڪ“ ڪرمتي، جنهن کي بجار ڳالهين ۾ پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيو هو، سو بجار جي طرفان وڙهيو. انهيءَ ڪري ملڪ طوطا خان نڪي راڻي جي طرفان وڙهيو نڪو نوتڪ جي مدد ڪيائين. ان تي ڪنهن شاعر چيو ته:

نوتڪ نامياءِ ڪينڪي، ڳوڌا ڳالهه ڳڻي
ٻيلي ٿي بجار جو، وڌوءِ ڀاءُ مارائي.

        جنگ جون ڳالهيون پئي هليون ته ڪرمتين جو شاعر بيگ گڊو، تنهن پئي اُڻيو ۽ اُڻندي جهونگاريائين ته:

آهينئون درياهي دل ۾، ساريون ٿا سومار
ڪيڪـُـو ڪنگڻهار، رهيو آهيم روح ۾.

        ائين چئي زال کي چيائين ته: الا! تـُـڪ زبان مان نڪري ويئي، مڙس مارائي وڌم.

        پـُـرتوس، نوتڪ ملڪاڻي جي طرف جو هو، تنهن راڻي ارجن جي طرف وٺڻ تي، ڪرمتين کي طعني طور، بيگ گڊي کي چوائي موڪليو ته:

پاراڀو پـُـرتوس جو، نيئي بيگ کي ڏيج
ته تنهنجي ميرن موچاريون ڪيون، هاڻي تون پڻ ڪي چئيج.

بيگ گـَـڊي جواب ۾ چوائي موڪليو ته:

پاراڀو پـُـرتوس جو، سڻي ڪيوسين ڪن
راڻي ۽ رحمت الله جو مور نه اُڊڪو من
اهي طعنا ڏجن تن، جي ملڪ مارڻ آئيا.

        يعني: تون نوتڪ جي راز جو آهين، نوتڪ وارن کي طعنا ڏي، جيڪي ملڪن سان وڙهڻ آيا آهن. رحمت الله مـُـلي - پوٽو ويٺل پير محموداڻي تي، سو راڻي جو ماسات هو ۽ ٻئي سدائين گڏ هوندا هئا.

        حاجي سرماڻ خان(1)  چيو ته سومار منڌاڻي، بـَـنبا بگهياڙ ۽ ڇـُـٽو بگهياڙ، انهن ٽنهي وعدا ڪيا هئا ته بجار کي جيڪو ڌڪ نه هڻندو، سو مياري آهي. اهي راڻي جي طرف هئا. جنگ تي هلڻ لاءِ سومار کي سڏيائون ته:

ساڄو ٿي سومار، جوکيا آيا جنگ تي.

        تڏهن سومار اُٿيو ۽ حـُـقو کڻي جنگ تي هليو. چيائونس ته: حقو کنيو ٿو هلين! چيائين ته: پويان هاڻي حـُـقو ڪنهن جي لاءِ ڇڏيان؟ سومار ڍَٻر مڙس هو، پوتي پئي لڙڪندي هيس، پر چوندو هو ته: ”ادا! هنيون ڳڻبيون“. پوءِ جنگ ۾ پهرين مڙس کي حـُـقو هڻي ماريائين.انهن ٽنهي مڙسن قول پاڙيو ۽ بجار کي ڌڪ هنيا، پر ڌڪ ٿورا لڳا. بجار پوءِ چوندو هو ته: ”ٺپ فلاڻي فلاڻي جو آهي.“ ڇـُـٽي بگهياڙ بندوق هنئي جا بجار کي چڏن ۾ لڳي.

بنبا چيو سومار کي، ادا! اوري آءُ
جوکيو جهجهين ڀائرين، ٻيلي مير الله
منهن ۾ جهلي مصريون، گهوٽ وڄايا گهاءَ
تون تني جو ڀاءُ، جن اَنگيرا اڌ ڪيا.
---
انگيرا اڌ ڪيا، آءُ سوائي سومار
تو ڪـُـر وڏائي اِهائي، هـُـئين کني خبردار
جيڏا ڄاڻن يار، ته هي انگيل ماڻ اڳي هئا.

ڪيڪـُـو هـَـديهه نوتياڻي، راڻي ارجن جو وزير هو، سو انهيءَ جنگ ۾ ماريو. سندس قبر قدمن واري مقام ۾ آهي، جنهن تي گهوڙي جي تصوير ٺهيل آهي.

ڪيڪـُـو مير مٺـِي جا، هئا ڳورن ڳورا بار
گـَـري چڙهي گندٻي، تنهن عهدي ڪيا الغار
نــــوزڪ ٿيو نــــروار، تنهن کـان پوءِ ترار ۾.

 

------


(1)  وڪر = فڪر. وماسي = ويچار ڪري.

(2)  مڪليءَ واري جنگ ۾ هن کان اڳ جوکين جي هار ٿي هئي.

(3)  بتاسين = بچياسين.

(4)  ڄام ڪريمداد پٽ ڄام مريد جوکيو.

(1)  سـُـڪي = سـُـڪيءَ تي، ڪناري تي.

(1)  تورو = آڏو، ٽيڪ، طرفداري. ان وقت جو سگهڙ شاعر ٿو چوي ته: اهي بهادر منهنجي دل تي چڙهيل آهن، يعني راڻو ۽ رحمت الله.

(1)  اڻيءَ تان اچڻ = جنگ جي ميدان ۾ ڪنڊ تان ڪاهه ڪري اچڻ.

(2)  پڃاڻي = پيئاڻي، پيءُ - ڏاڏي جي، وڏن جي.

(1)  مصريون = تراريون، آڏو ترارين جا وار ڪري.

(4)  بيگ چوءِ“ يعني بيگ چوي. بيگ گڊو هو، بکراڻي گڊن مان.

(1)  ويٺل دُريجي جو.

(1)  حاجي سرماڻ خان بگهياڙ سان سندس ڳوٺ تعلقي ميرپور ساڪري ۾ تاريخ 22-جون 1956ع تي ڪچهري ٿي. حاجي سرماڻ خان کي گهڻيون خبرون هيون ۽ وڏو داناءُ هو، وڏيءَ عمر جو هو ۽ ٿورو پوءِ گذاري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org