4. مير شير محمد خان ”شير سنڌ“ جون انگريزن سان
جنگيون
1. ”دو – آبي“ واري جنگ
مياڻي جي جنگ کان ڏيڍ مهينو پوءِ (24 مارچ
1843ع، جمعي ڏينهن) مياڻيءَ وارو ٽڙيل پکڙيل لشڪر،
مير صوبدار جي ماڻهن سان هوش محمد شيدي ۽ ڪي ٻيا،
مير شير محمد خان جي جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيا. مير
شير محمد خان ميرپور کان لشڪر وٺي چڙهيو ۽
حيدرآباد شهر کان اٺ ميل کن اوڀر طرف ناريجن جي
ڳوٺ وٽ اچي جنگ جا جهنڊا کوڙيائين. انگريزن جو
لشڪر حيدرآباد مان آيو ۽ اچي سامهون ڪئمپ هنئي.
جيئن ته ناريجن جو ڳوٺ ”ڦليلي جي دو – آبي“ ۾ هو،
انهي ڪري هيءَ ”دو - آبي واري جنگ“ هئي. ”دو –
آبي“ کي انگريزي ۾ غلط نموني سان ”دٻي واري جنگ“
ڪري لکيو ويو. ٻئي نالي سان هيءَ ”ناريجن جي ڳوٺ“
واري جنگ هئي. هن جنگ کي ”حيدرآباد جي جنگ“ يا
”ناريجن واري جنگ“ به چون.
”مياڻي جي جنگ“ وانگر هن جنگ ۾ به انگريزن
جي فوج جي مقابلي ۾ مير شير محمد خان جو لشڪر ٿورو
هو، پر هن ”شير سنڌ“ پنهنجي لشڪر ۾ سنڌ تان سر
گهورڻ جو جذبو جاڳايو. مير شير محمد خان جو
توبخانو ۽ ان سان گڏ گولي انداز تيار هئا. بندوقن
۽ ترارين سان گڏ توبخاني دشمن تي گولا وسايا ۽
آخرڪار سنڌ جي سورهين انگريزن جي فوج کي گهڻو
پوئتي هٽائي ڇڏيو. پر حيدرآباد تي قبضي بعد نيپيئر
سان ڪيئي چغل ۽ جاسوس اچي مليا هئا. هاڻي نيپيئر
انهن کان ڪم ورتو ۽ مير شير محمد خان جي بارود
خاني کي باهه ڏياري، جنهن تي گوله اندازن جو
توبخاني وارو عملو بيڪار ٿي ويو.
مير شير محمد خان هاڻي يڪ وقت سڄي لشڪر
سان حملي ڪرڻ جي رٿ رٿي، جو هاڻي يا ته مري ميدان
ملهائڻو هو يا ته هن آخري ڀرپور حملي سان دشمن کي
ماري مات ڪرڻو هو. سندس سپهه سالارن دورانديشي ڪري
چيو ته: اها رٿ قبول آهي پر انهيءَ شرط سان ته مير
شير محمد خان پاڻ جنگ ۾ نه پوي ۽ سلامت رهي، جو
دشمن سان اڳتي لاءِ مقابلن جي اڳواڻي ڪري. اهو
انهيءَ ڪري جو ٻيا حڪمران قيد ٿي چڪا هئا ۽ باقي
ٻيو ڪوبه ڪونه آهي جو جنگ جاري رکي. اهومڃائي، مير
غلام علي خان ماڻڪاڻي، هوش محمد شيدي، احمد خان
لغاري، مير غلام نبي خاناڻي، گوهر خان مري ۽ ڪن
ٻين، مير صاحب کي سلامتيءَ واري جاءِ تي پهچايو ۽
احمد خان لغاريءَ کي به مير شير محمد خان جي وزير
۽ صلاحڪار طور ساڻس گڏ رهڻ تي زور رکيائون. پوءِ
سلام ڪري موڪلائي اچي هن آخري ۽ ڀرپور حملي جي
اڳواڻي لاءِ بيٺا. هنن سورهيه سپهه سالارن سڄي
لشڪر سان وڌي وڏا حملا ڪيا پر انگريزن جو توبخانو
سلامت هو، جنهنڪري سڄي انگريزن جي فوج جي مرڪز
تائين پهچي ان کي ڇڙوڇڙ ڪري نه سگهيا.
گهڻي عام سپاهه کان سواءِ جيڪي سورهيه ۽
سپهه سالار هن جنگ ۾ آخر دم تائين وڙهندي شهيد
ٿيا، سي هي هئا: مير غلام علي خان ماڻڪاڻي ۽ سندس
فرزند، مير علي خان ماڻڪاڻي، مير عبدالله خان
ماڻڪاڻي، گوهر خان مري ٻيراني وارو، دائود خان ۽
ڪمال خان مري ٽندو آدم، نواب خان ۽ قربان علي خان
علياڻي لغاري، هوش محمد شيدي، جعفر خان ڏاهياڻي
مري، فتح علي خان منڌيراڻي مري، مرزو خان بڊاڻي
مري، شادمان خان ڪپري، مير بلوچ خان خاناڻي
ٽالپور، بالاچ خان ۽ عنايت خان تُرڪ، علي بڊاڻي،
غلام محمد خان ۽ مير صاحب جي ذاتي خذمتگارن مان
قيصر قنبراڻي ۽ ٻيا(1).
مير شير محمد خان جي هن جنگ کي ۽ سنڌ جي
سورهين جي سورهيائي کي ان وقت جي سگهڙن ۽ شاعرن
ڳايو، جن مان ڪي بيت جي اڃا ويندي هن پوئين درو
تائين ڪن سگهڙن کي ياد هئا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:(1)
مرد چڙهيوميرپور مان ڳوري ڳالهه ڳهي(2)
بانڪا باشا شير سان، چڙهيا قول ڪهي(3)
اچي ڪـُـڙهن ڪيڏارو ڪيو، ناريجن لهي(4)
---
شير محمد شير هو، ڏاڍو ڏونگر مير(5)
ايندي ئي انگريز جا ڍِڳ ماري ڪيئين ڍير.
---
جوٽي جنگ فلنگيءَ سان سورهيه شير سَچي
آيس بادل بحر جا مٿان رُڪ رَچي(1)
جنگ ۾ سورهيه شير جي ڪندو ڪونه ڪچي.
---
اَحدي پٽ علي مراد جو سدا سوڀارو(2)
هڻي ٿو هڪلون ڪري ”مارو ڙي مارو“
اٿلائي انگريز جو وڌئين پورو پاسارو(3)
رڱي هليو رت سان ڦليليءَ ڪپ سارو
جاسين جيئرو جڳ ۾ تاسين ڳوڌو ڳاهه ڪندو ڳارو(4)
هلي هوش محمد آئيو، ڪري قنبراڻي ڪاهه
ايندي اُڙدن ۾ تنهن گهوٽ وڄايا گهاءَ
قلو بان ڪڙو ڪيو شيدي پنهنجو ساهه
سئو لشڪر سان شيدي ماريو، ميار مٿس ناهه
سوڀون هٿ صاحب جي جني ڏئي الله
مرد مـُـڙيا ڪينڪي، واهه خانن جي واهه!
2. ڪونهيري يا شهدادپور واري جنگ
مير شير محمد خان ٻيءَ جنگ لاءِ وري لشڪر
گڏ ڪيو. وزير نواب احمد خان لغاري ۽ ٻيا، جن
انگريزن کي ڌاريو ۽ دشمن ڪري ٿي سمجهيو، سي به اچي
مير شير محمد خان سان مليا. جنگ جي حڪمت عملي لاءِ
اها صلاح بيٺي ته جيڪو لشڪر موجود آهي ۽ ميرپور
وارو باقي توبخانو ساڻ ڪري درياهه جي الهندين پاسي
ٿجي، جيڪو سڄو پاسو سلامت هو ۽ ٻئي طاقتور قبيلا
موجود هئا، جن مان وڏو لشڪر تيار ڪري انگريزن تي
زوردار حملو ڪجي. اها صلاح وزير نواب احمد خان
ڏني، جنهن اڳ اها ساڳي صلاح مير محمد نصير خان کي
ڏني هئي. حيدرآباد طرف انگريزن جو قبضو هو ۽ اُتر
طرفان سندن طرفدار مير علي مراد ڪوچ ڪري آيو هو.
انهن ٻنهين جي وچان سڪرنڊ وٽان درياهه اُڪرڻ جي رٿ
بيٺي. مير شير محمد جا قاصد سيوهڻ طرف ويا ۽ ٻين
راڄن ڏي ويا. ڪن روايتن موجب سڪرنڊ طرف جي انڙ
سردارن ۽ سن جي ساداتن طرفان اهڙا پيغام مير شير
محمد کي پهتا هئا ته انهي رستي سان اچي ته سندن
مدد ساڻس ٿئي. جيئن انگريزن کي انهيءَ نئين جنگي
رٿا جو پتو نه پوي، سو مير شير محمد خان ميرپور
کان اوڀر طرف ڪوچ ڪيو جو ڄڻ سنڌ ڇڏي ٿو وڃي. پوءِ
پريان ور ڪري سانگهڙ ۽ اڀپور (لڳ جهول) کان شاهپور
(شاهپور چاڪر) پهتو. انهيءَ عرصي ۾ شهدادپور کان
سانگهڙ تائين لغارين جي راڄن مان گهڻا مڙس اچي مير
شير محمد سان شامل ٿيا. هيڏانهن انگريزن پنهنجن
جاسوسن ذريعي مير شير محمد خان جي گسن پنڌن ۽ رٿن
ارادن تي چوڪسي رکي. جڏهن سنڌ جو لشڪر شاهپور پهچڻ
وارو هو ته انگريزن کي ڄاڻ مليو ۽ نيپيئر گهوڙي
سوار فوج شهدادپور موڪلي ڏني ته اها مخفي طرح اڳ
جهلي رستو روڪي حملو ڪري. سنڌ جو لشڪر شاهپور کان
ڪوچ ڪري ”ڪُونهيري“ واري پٽ يا پوٺي(1)
مان لنگهي رهيو هو جو انگريزن جي گهوڙي سوار رسالي
کي مِٽي ۽ رئي نظر آئي ۽ هنن آڙ جهلي اوچتو حملو
ڪيو(2)
. ٿوري وقت لاءِ، مگر گهمسان جي جنگ لڳي، جنهن ۾
مير شير محمد جي پيدل سپاهه جا ڳچ ماڻهو شهيد ٿيا.
بالآخر ٻئي لشڪر پوئتي هٽيا.
3. اڀپور وارو مقابلو
انگريزن جي گهوڙي سوارن، مير شير محمد خان
جي لشڪر جو رخ معلوم ڪري پوئتي شهدادپور رخ رکيو
ته وڌيڪ فوج موڪلڻ لاءِ حيدرآباد ڄاڻ ڏين. ميرشير
محمد خان ۽ سندس ساٿين جڏهن ڏٺو ته انگريزن کي
سندس گس ۽ رُخ جو پتو پئجي ويو آهي، تڏهن پوئتي
موٽي سانگهڙ کان پوءِ نارو ٽپي ”راولي بند“ يا
”راورو“ وٺي مير علي مراد جي قبضي ۽ اثر واري
علائقي کان مٿان ميرپور ماٿيلي وٽان وڃي درياهه
ٽپي، انهيءَ رٿ سان لشڪر پوئتي موٽيو. هوڏانهن
نيپيئر کي حيدرآباد ۾ خبر پهتي، تنهن وڏي فوج
موڪلڻ جو انتظام ڪيو ۽ ان سان گڏ شهدادپور واري
گهوڙي سوار فوج کي مير شير محمد خان ۽ سنڌ جي لشڪر
جي پٺيان پوڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جي لشڪر موٽ تي
اڀپور (موجوده شهر جهول کان چار ميل کن اولهه طرف)
۾ رات جو منزل ڪئي(3).
صبوح جو سنڀري ڪوچ ڪرڻ تي هئا جو انگريزن جي گهوڙي
سوار فوج اچي پهتي. هن مقابلي ۾ انگريزن جا چار
پنج گهوڙي سوار مارجي ويا ۽ مير شير محمد خان جي
طرفان فقط ٻه گهوڙي سوار (دريا خان لغاري ۽ غلام
حسين لغاري) مئا(1).
انگريزن جي فوج کي وڌيڪ همت نه ٿي جو سنڌ جي
لشڪر سان جنگ جاري رکن.
4. مير شير محمد خان جو گهوٽڪي جي قلعي تي حملو
ميان محمد خان ولد رستم خان احمداڻي لغاري
(مولوي عبدالله جو ڏاڏو) مير شير محمد خان جو گوله
انداز هو. اڀپور وٽ انگريزن سان جنگ ۾ ٻيهر شڪست
بعد مير صاحب وارا جهول طرف روانا ٿيا، پر انگريزن
سندن پيڇو نه ڇڏيو. آڏو ناري جي اُٿل سببان هميشه
پاڻي هوندو هو. مقامي ماڻهن کي اتي جي زمين جي
نشيب و فراز معلوم هئي، تنهنڪري گهوڙا پاڻي ۾
هنيائون ۽ انگريزن جو لشڪر پويان بيهي رهيو. مير
شير محمد وارا سانگهڙ آيا يعني ”سانگڙو“ اهو
”ناري“ جو سانگ هو، جنهن جا نيشان سانگهڙ جي
اُڀرندي طرف موجود آهن. ساڻن چار پنج توبون هيون.
ٻن ٻن خچرن تي هڪ هڪ توب رکي کڻي آيا هئا. باروت
ساڻن هو. پوءِ انهيءَ سانگ سان چوٽيارين ۾ ويا،
اتان وري ”راولو بند“ ورتائون (يعني ناري جي پريان
ڀٽن ۽ ريتي واري مٿين زمين، ”رائي وارو بند“).
ملتان وارا فقير به اڳي راوَلي واري بند سان ويندا
هئا، جو سڌو ميرپور ماٿيلي ويندو هو. مير شير محمد
خان وارن داد لغاري جي ڳوٺ ۽ ”ڇاندَڻ“ (جيڪا داد
لغاري کان هڪ ميل اوڀر طرف آهي. اصل ڇانوَ جو ڇنو
جيڪو لغارين ٺاهيو هو ۽ سڀ بلوچ اتي اچي گڏ ٿيندا
هئا. ان بعد اتي ڳوٺ ٿي ويو جو اڃا تائين موجود
آهي) جي وچ تي اچي طنبو هنيا. سڀني بلوچن کي
سڏيائون: لغاري، خشڪ، پتافي، گڏاڻي ويندي مسو واهه
۽ ڏهر واهه جا بلوچ به آيا (اهي واهه ميرن انهيءَ
لاءِ کوٽايا هئا ته مارواڙي ڦورن جو رستو بند ٿئي
۽ ماڻهو به واهين ته آبادي به ٿئي. ماڻهن کي
چيائون ته جيڪو جيترو واهه کوٽيندو اوتري زمين
انهي جي. پوءِ بلوچن توڙي ٻين واهه. جا حصا کوٽيا
۽ مارواڙي ڦورو بند ٿي ويا). بلوچن، گهـِـٽا،
ڳئون، جانور ۽ اَن وغيره مير صاحب جي مهماني لاءِ
آندا. انگريزن گهوٽڪي جي قلعي بندي ڪري ڇڏي هئي.
مير علي مراد خيرپور واري جو انگريزن سان تعاون
هو، جو اهو علائقو کيس ڏيڻو ڪيو هئائون (پر پوءِ
ڪونه ڏنائون)، پڻ پٺاڻن جو لشڪر انگريزن کيس حفاظت
لاءِ ڏنو هو. ست سئو لشڪر گهوٽڪي ۾ هو. انگريزن جو
خيال هو ته مير شير محمد جيسلمير يا بهاولپور
ڏانهن وڃي. مير شير محمد گهوٽڪي جي قلعي تي حملو
ڪيو. صبح کان شام تائين مير جون توبون هليون. آڏو
هنن وٽ ٻه توبون هيون (اول مير صاحب هنن کي چيو ته
قلعو ڇڏي وڃو، پر هنن چيو ته جنگ ڪنداسين). آخر ٻن
پهرن بعد هنن آڻ مڃي. فيصلو ٿيو ته ٻيا هٿيار ڇڏي
ٻه ٻه ماڻهو هڪ گهوڙي تي سوار ٿي فقط تير ڪمان کڻي
نڪري وڃن. ٻئي ڏينهن صبح جو انهيءَ طرح لشڪر نڪري
ويو ۽ خوشيون ٿيون. مائي صاحبه چيو ته: جهول کان
ميرپور ماٿيلي تائين ويندي اسان تي هڪ اهڙو به وقت
آيو جو فقط هڪ لپ اٽي جي ورهاست ۾ ملي، اُن سان لپ
چيڪي مٽيءَ جي ملائي پچائي کاڌي سون.(1)
5. مير شير محمد جو شڪارپور تي قبضي جو ارادو
مير شير محمد شڪارپور تي حملي جي رٿ ڪئي. خيال هو
ته ٻيڙين ذريعي درياءَ اُڪري فوج شڪارپور تي حملو
ڪندي. پر انهيءَ رات سنڌ جي طرف جا ڪي ماڻهو آيا،
جن سان رات جو ڪي ڳالهيون ٿيون. هنن مير شير محمد
کي ٻڌايو ته مير علي مراد کي انگريزن اطلاع ڏنو
آهي ۽ هو لشڪر وٺي چڙهيو آهي. ٻئي طرف شڪارپور ۾
انگريزن جو بندوبست آهي ۽ شايد حملو ڪامياب نه
ٿئي. انهيءَ ڳالهه جو اثر اهو ٿيو جو مير شير محمد
کي شڪارپور تي قبضي ڪرڻ جو خيال ترڪ ڪرڻو پيو ۽
رات ئي رات درياءَ ٽپي مزاري علائقي ۾ هليو ويو.
ساڻس فقط هڪ ٻيڙيءَ جيترا ماڻهو هئا.
پويان جلد ئي مير علي مراد جو لشڪر اچي
پهتو. مير علي مراد چيو ته جن به بلوچن مير شير
محمد سان مدد ڪئي آهي، تن کي قتل ڪيو وڃي. انهيءَ
تي سڄي علائقي جا بلوچ لڏا کڻي جيسلمير طرف روانا
ٿيا. ساندارا پاڻيءَ جا کين ساڻ هئا. سماتري ديهه
(جا نوَ لک ايڪڙ ميرپور ماٿيلي ۽ جيسلمير جي وچ
تي) ۾ ئي هئا ته پاڻي کپي ويو. موت اکين سان پئي
ڏٺائون. اوچتو صبح جو ڏکڻ طرف جهڙ ٿيو، مينهن پيو
۽ تلاءَ ڀرجي ويا، اڃا اتي ئي منزل هئي ته انگريزن
طرفان ماڻهو اڇو جهنڊو کڻي ”خيرخير“ ڪندا اچي پهتا
۽ چيائون ته موٽي هلو، اوهان کي ڪوبه هٿ نه
لائيندو. بلوچن چيو ته اهو علائقو انگريزن علي
مراد کي ڏنو آهي، ڪهڙو اعتبار؟ شرط اهو ته مسو
واهه ۽ ڏهر واهه وارو بلوچي علائقو انگريز پنهنجي
هٿ هيٺ رکن ته موٽي هلون. اهو شرط قبول ٿيو. ان
بعد روهڙي ڊويزن وارو سڄو علائقو انگريزن مير علي
مراد کان کسي ڇڏيو. جڏهن بلوچ موٽي آيا ته خبر ملي
ته مير شير محمد خان ديرو غازي خان فتح ڪيو آهي،
جنهن تي ميان محمد خان لغاري سڀ بلوچ وٺي ديري
غازي خان ويو. مگر اها ڳالهه ڪوڙي هئي. پوءِ اتي
ئي رهي پيا، جو چارلس نيقيئر جو خط آيو ته اوهين
موٽي اچو. اوهان جي جاگير قائم آهي. محمد خان پٽن
کي سڏايو ته ڪهڙي صلاح آهي؟ چيائون ته مصلحت
انهيءَ ۾ آهي ته موٽي هلجي. آخر هاڻي هو سنڌ جو
حڪمران آهي. انهيءَ تي محمد خان خط ڦاڙي باهه ۾
وڌو ۽ چيائين ته: ”سنڌ فتح ڪرڻي آهي“.
------
5. راڻپور جي سوڍن جون انگريز تروٽ سان جنگيون
انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان پوءِ تر وٽ
(Captian Trywhitt) ٿرپارڪر جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. ٿرپارڪر مان اڃا راڻپور جي
سوڍن راڻن ۽ کوسن بلوچن انگريزن جي آڻ ڪانه مڃي
هئي. ان وقت راڻپور جي پونجاڻي سوڍن مان ڪرڻجي ۽
اڌيسنگ انگريزن جي مقرر ڪيل ڪامورن جا حڪم رد ڪري
پنهنجي علائقي ۾ پنهنجا حڪم جاري ڪيا ۽ پاڻ
وصوليون پئي ڪيائون. کوسن به ساڳيو ڪم ڪيو، جنهن
تي ٻيا زميندار به سَتيا ۽ انگريزن جي احڪامن کان
انڪاري ٿي ويا.
تڏهن تروٽ، ڏيئومل کي هدايتون ۽ اختيار
ڏيئي ڪاردار (مختيارڪار) ڪري موڪليو، جنهن اچڻ سان
باهه ٻاري ڏني. ڪرڻجي سوڍي پنهنجي يار ڀاراڻي کوسي(1)
کي خبر ڏني جيڪو ڪاردار جي مقابلي لاءِ تيار
ٿيو، جنهن کي ڌيئو مل حرفت سان پڪڙائي جيل ۾ وجهي
ڇڏيو. هڪڙي ڪولهڻ ڪرڻجي ٺڪر وٽ دانهون ڪندي آئي ته
تنهنجي راڄ تي ڏيئومل اچي ڏاڍائي ڪئي آهي ۽ تنهنجو
لشڪر به قيد ڪري ڇڏيو اٿس. اتي ڪرڻجي اٿيو. پوءِ
غريب ڪولهين، رٻارين ۽ سامين سميت سڀني قومن کي گڏ
ڪري انگريزن جي ٿاڻن ۽ آفيسن تي حملو ڪيائين. اتي
ڏيئومل، تروٽ کي لکي موڪليو ته مون کان معاملو زور
ٿي ويو آهي. پوءِ تروٽ گهڻا سيٺ زميندار سڏائي
انهن کان مدد ورتي ۽ سرڪاري سپاهه وٺي وڏي اٽالي
سان پهتو ۽ سوڍن جي لشڪر مقابلو ڪيو. ٻنهي ڌرين جي
وچ ۾ بندوق بازي ٿي، آخرڪار ڪرڻجي ۽ سندس ساٿي ڀاڄ
کائي، ڀوڏيسر ۽ ڪارونجهر کان ٽپي ڪڇ طرف هليا ويا.
هي پهريون مقابلو هو، جنهن کي شاعر تاجي دل ڳاتو(2)
ساراهيان سچو ڌڻي ۽ ساراهيان ستار
واگهن ويرا واه تي ڪيو موڙاڻين مدار(1)
اڙٻنگ اُڌيسنگ هو، ڪرڻجي ڪنڌار(2)
ڀوپت سنگ ڀڙ جوان هو، سائو تيغ سچار
مُرڙي تن ميواسين جو پئي مانجهين کاڌو مال(3)
سٺائون ڪانه، سانئر چئي، ڪنهن حاڪم جي هلڪار
شَرا تورو پنهنجو، ٿي نبيريائون نروار
پيٽ ڀريا پرڌانن جا، ٿيا زورون زميندار(4)
تروَٽ مُڪو هو تاءُ منجهان ڪري مهتو مختيارڪار(5)
ڏيئو مل ڏيهه ۾، اچي ڏاڍو وڌو ڏهڪار
ڪَرڻجي ڪاردار سان، توَ ڏيو منجهه تڪرار
وڃ ڀاراڻي ڀرم سان، هاڙهي هاسيڪار(6)
ڪولهڻ آئي ڪوڪندي، جنهن جي دانهن پڳي درٻار(7)
ته ڪٽڪ تنهنجو ڪرڻجي، سوگهو ڪيو سرڪار
هاڻي وڃي ڏجان ڏيهه ۾، منهنجي پَڙي جي پُڪار
پوءِ ڪوڙي، ناري، رانڪ رٻاري، سامي سُرڙا،
درزي دُرڙا، ڪاوڙيا ڪنڀار(8)
هيڪا ڀيل ڀالوڙن سان، ٻيا لٺين ساڻ لوهار(1)
ڪاهيو اچن ڪئمپن تي، ڪندا مارومار
پروانو ٿي پڇٽيو، تاءَ منجهان تڪڙار(2)
پڙهي پروڙي پروانو اچي ڪاوڙيو قهار(3)
هڪدم آڻايائين امرائن کي، سڏيائين صوبيدار
فوجون آيون فلنگي جون، جن جو انت نه پار
هن جون دم ڀريندي دير نه ڪن، هن کي بلڪ لنگهيو وڃن
پهار(4)
سسڪانين سٽ ڪُـٽ لائي، لَسُون لارولار(5)
برج لوٽين ٿي باهيون ڪيون، سي هـُـيون ڪارونجهر
ڪنار(6)
ڀوڏيسر جي ڀر ۾ هئي، لاهورين جي للڪار(7)
جامڪيون تن جوانن جون، هيون چولي منجهه چوڌار(8)
جوڌي وڌي جنگ جي، ڪلنگي منجهه ڪپار
ميرپور ۾ مردن جي هئي پرسن جي پچار(9)
”تاجا“ ڪو ترس پوئي ته وري ڪر ويچار
اڳيان ڇڏ اڳتي، هاڻي ڏي پوين جا پار.
هيءَ جنگ ڀوڏيسر جي ڀر ۾ لڳي. انگريزن جو
لشڪر ڪارونجهر جبل واري پاسي کان هو ۽ سوڍن جو
لشڪر هيٺ ڀوڏيسر واري طرف کان هو.
راڻپور جي راڻن جي تر وٽ انگريز سان ٻي جنگ(1)
انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد، ننگرپار ڪر
مان راڻپور جي راڻن (اُکاسوڍا، پونجاڻي نُک مان)
ڪلجي ۽ لاڌي انگريزن خلاف جنگ جوٽي. ان تي تروٽ
جيڪو ٿرپارڪر جو ڊيپوٽي ڪمشنر هو، سو حيدرآباد مان
چڙهيو. هن عمرڪوٽ مان راڻو ۽ ٻيا زميندار پاڻ سان
کنيا ۽ اسلام ڪوٽ جي ترَ مان جان محمد خان نون،
جاني لنجو (سخي)، مانجهي مهراڻ پوٽو، ملوڪ لنجو،
ٻائري جو ٺڪر اکيراج، رحم علي وسائي پوٽو، عباس
ٿيٻو ۽ ٻيا پاڻ سان ڪري ننگر پارڪر ويو. ڀوڏيسر
وارا آکا ٺڪر، جي راڻپور وارن جا سئوٽ هئا، سي به
تر وٽ سان شامل ٿيا، جن هلي راڻپور وارن جا گهٽ
گهيڙ ڏيکاريا. ان وقت ننگر پارڪر ۾ مختيارڪاري
هئي.
ڪلجي ۽ لاڌو ٻئي ڀائر هئا. ڪلجي تروٽ جو
مقابلو ڪيو. لاڌي جو پٽ اُڌيسنگ (ڪلجي جو ڀائٽيو)
سو جوڌپور ۾ هو جتي سندس ڀيڻ پرڻيل هئي. ڪلجي وڏو
بهادر هو، تنهن ڪارونجهر سان قول ڪيا هئا ته: توکي
رت سان رڱينداسون مرنداسون پر توکي نه ڇڏينداسون.
انهيءَ ڪري پهاڪو مشهور ٿيو ته:
”ڪارونجهر ري ڪور، مريئين ته به ميلهئين
نهين“(ڪارونجهر جي وٽ مرنداسون ته به نه ڇڏينداسون
) جنگ ۾ ڪلجي زخمي ٿي پيو، تڏهن ڪارونجهر کي رت جا
ڇنڊا هڻي قول پاڙيائين. نيٺ ڪلجي مارجي ويو ۽ سندس
ڀاءَ لاڌو قيد ٿي پيو. اُڌيسنگ ان وقت گجرات ۾ هو.
سندس ڀيڻ اهو واقعو ٻڌي کيس ٻانهيءَ جي هٿان ڪچهري
۾ ويڻ چوائي موڪليو ته: ”پڻهين جيل ۾ پيو آهي، تون
ويٺو آفيم ڳاڙين.“ اهو مهڻو ٻڌي اُڌيسنگ اتان
چڙهيو.
هيڏانهن تروٽ جي فتح ٿي ۽ جيڪي ساڻس گڏ
آيا هئا سي به موڪلائي ويا. گورا پلٽڻ رواني ٿي ۽
”موکئي“ ڌاري اچي پهتي. تروٽ صبح جو چڙهڻو هو ۽
پنهنجي ذاتي اٽالي سان اڃا ننگر پارڪر ۾ هو ته
اُڌيسنگ مٿان اچي ڪڙڪيو. سپاهي ۽ پهريدار ماريائين
۽ آخر اچي تروٽ واري طنبوءَ جون قناتون ڪپيائين.
تروٽ جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو. اتي ڪنهن صلاح ڏنس
ته: پاڻ بچائڻو اٿئي ته وڃي ميگهواڙن جي اڌوڙن ۾
لڪ جو انهي پاسي ڪين ايندا. سو هڪڙي ميگهواڙ جي
گهر ۾ وڃي لڪو (جنهن کي پوءِ پنجين رپئين جي معافي
ملي ۽ ڇؤڙي جي قيمت کانئس ڪير به نه وٺندو هو. ان
جي پوين مان ”واگهو“ ميگهواڙ هو جيڪو 1938ع ۾
جيئرو هو) ان کان پوءِ اُڌيسنگ جيل وڃي ڀڳو جتان
تيرهن ڄڻا ٻيا ڪڍيائين، جن جون هٿڪڙيون ڀڳائين. هڪ
ڪولهي جي هٿڪڙي نه ڀڳي، جنهن چيس ته مون کي ماريو
وڃ ۽ جيئرو ڇو ٿو ڇڏيو وڃين؟ اُڌيسنگ ۽ سندس ساٿي
فتح ڪري وڃي ڪنهن مندر ۾ ديويءَ جي پوڄا ۾ ويٺا.
هوڏانهن تروٽ جان بچائي ماڻهو ڀڄايا، جن
وڃي پلٽڻ کي ”موکئي“ مان واريو. پوءِ جنگ لڳي جنهن
۾ اُڌيسنگ گرفتار ٿيو. تروٽ چيو ته بندوق نه
هڻجوس، جيئرو جهلجوس. جڏهن کيس هٿڪڙيون ٿي
هنيائون، تڏهن چيائين ته: آءٌ راجپوت آهيان ڀڄندس
ڪونه. انهيءَ تي هٿڪڙي ڪانه هنيائونس ۽ اُٺ تي
چڙهيو آيو. پوءِ آڻي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ نظربند
ڪيائونس، جتي گذاريائين. ٺڪرن ۽ انگريزن جي انهيءَ
جنگ تي شاعر تاجي دَل، ويٺل اسلام ڪوٽ کان ڪوهه
اُلهندي ”ٻورکي“ جو، تنهن بيت چيو:
سارهه ڪر ڪنهن سورهيه جي رک مردن تي ميار
دل تي چڙهي ويا ”دل“ کي، ڪي پـُـونجاڻين جا پار(1)
وانڪا ويرا واهه تي هئا سائو سلحدار(2)
ڀوڏيسر جي ڀر ۾ هئا مانجهي مل متار
ڪاورنجهر جي ڪور ۾ هئا هندن لک هزار
”ڪلجي“ جهڙو ڪنهن نه ڪيو، تروٽ سان تڪرار
لاشڪ پٽ ”لاڌي“ جو، هو ڪيهر ڪونڌ ڪنڌار(3)
چؤڪس ”چُوڙيو“ ”ٻِهراڻو“ ٿيو ننگر تي نروار(4)
راوت ”راڻي واڙي“ مان، گهنڊ چڙهيو گينوار(5)
ڀيل سڏي ڀيڙا ڪري، ٻڌئين ڪولهين جي به قطار
ڏيئي ٽڪ ٽڪورَين جي، تند وڍيائين تار(6)
وسايائين وڏڦڙو، منجهان تک ترار
هت سڀ ستا هئا ننڊ ۾، تن سَتنَ ڪهڙي سار(7)
در ڀڳائين، دَل چئي، ڏيئي لت لغار
تُرم ڀڳائين، تاجو چئي، هٿن سان هيڪار
باندين جو بند موک ٿيو، ڪڍيائين قيدين جي قطار
ٻيٽو ٻاپ ڪڍي ويو، ثابت مان سرڪار
رکيائين تـِـک طنبو تي، ڏسو اَرڏي جو اختيار
تڏ ”تر وٽ“ سو گهر تڪيو، جو موچين جو مهندار
اُڌيسنگ اُجاريا، پارڪر چارئي پار
ڪلجيءَ ڪارونجهر تي، کٽيا رنگ خرار(1)
سوڍي سڀ ڄمار، ستئي ڀوَ سرها ڪيا(2)
---
لاڏڻ پڻ حاجي فقير (ويٺل کارڙي) ڍاڍي
مڱڻهار، اُڌيسنگ جي جنگ تي هيٺيون ڇند چيو.(3)
تين ڪيڌي نارائڻ تڻا، جوراور سين جنگ
اڌمل سوڍا آپ ني راءِ شُوٻا ڏي رنگ
يعني: اي نارائڻ جا پٽ! تو زوراور سان جنگ
ڪئي، تنهنڪري اي پيارا اڌيسنگ (لاڏ جو نالو)! توکي
سڀئي راءِ ۽ صوبا رنگ ڏين ٿا، يعني آفرين چون ٿا.
------
|