جنگو
خان جمالي ۽ بـُـلي بڊاڻي جي جنگ(1)
خليفي محمود نوحاڻيءَ جي روايت
بُلو کوسو، پارو بڊاڻي، ”بُلي جون بٺيون“
جُو ويٺل هو. اِها جوءِ تعلقي سيوهڻ ۾ جهانگارن
کان اٺ ميل اولهه طرف ”ڪوٽ ٻاروچي“ ۽ ”ڪائي“ جي وچ
تي آهي. بُلي جا ست ڀائر هئا (1. ڪوڏو، 2. جهنڊو،
3. علي خان، 4. بُلو ۽ ٻيا)، جن ۾ بُلو وڏو هاڻو ۽
ڏاڍو مڙس هو. ٽنڊي رحيم خان ڏانهن جمالين جو مال
هنيائين، جنهن ۾ راڌو جمالي مارجي ويو. پوءِ راڌي
جي زال جنگو جمالي وٽ آئي ته منهنجي مڙس جو وير
وٺي ڏي. پوءِ جمالين جي فوج چڙهي.
سائينداد نوحاڻي، ويٺل ڪائي جو وڏو پهلوان
هو (نوحاڻي اصل گاج تي ويٺل هئا). بلي ۽ سائينداد
پرپٺ هڪٻئي جون خبرون ٻڌيون هيون. هڪ دفعي گس تي
گڏيا. هڪٻئي کان خبرون پڇيائون. نالي ٻڌڻ سان ٻنهي
هڪٻئي کي چيو ته: مون توکي آسمان تي پئي ڳوليو، اڄ
گس تي گڏيو آهين! پوءِ ٻئي تراريون کڻي وڙهيا، پر
ڪوبه مڙس ڪونه گهايو ۽ ٿڪجي پيا. ساهي کڻي اُٿيا
ته ٻنهي مان ڪهن هڪ، ٻئي کي چيو ته: ”اُٿي يار!“.
اتي ٻئي کڻي ترار ڦٽي ڪئي ۽ چيائين ته: يار تي ڪا
ترار هلندي! پوءِ ٻئي يار بنيا(2)
.
جڏهن جمالين جي فوج چڙهي، سائينداد، بلي
جي مدد لاءِ ميدان ۾ آيو، ميدان ۾ ويٺي جوش مان
حـُـقي جون تڪڙيون تڪڙيون ڦوڪون ڀريائين. بـُـلي
پڇيو ته چيائين ته: ”اهي فراق جون ڦوڪون آهن، جنگ
۾ الائجي ڪهڙا مرن ڪهڙا بچن.“
اُن کان اڳ راڄ، بُلي وٽ آيو ته: جمالين
جو توسان وير آهي، هتان لڏي هل. انڪار ڪيائين.
بالاآخر چيائين ته: چڱو، منهنجون مينهون ڪاهيو.
پوءِ چيائين ته: منهنجي مينهن جيڪي هتي ڇيڻا لاٿا
آهن، اهي چونڊيو. آخر چيائين ته: بُٺي کڻو ته آءٌ
هلان. اتي راڄ بيوس ٿي کڻي بس ڪئي.
جهنڊي کي ڪنهن ٽڪريءَ تي بيهاريائون ته
جمالين جي فوج جي جانچ رک. پر فوج بُٺيءَ جي ڀر
ڏيئي اچي بُلي جي لشڪر ۾ پئي. جهنڊي کي پوءِ خبر
پئي، تڏهن ٽپ ڏيندو اچي ميدان ۾ پيو(1).
پهرئين ڌڪ سان جهندي جا آنڊا نڪري پيا، پر تڏهن به
ترار هٿ ۾ ڪيو دشمن تي ڪاهي آيو. ڪنهن چيس ته:
جهنڊا! آنڊا پيا لڙڪنئي. چيائين ته: ”اِهي ترار جا
عالي بند آهن“. پوءِ هڪ دشمن کي ماري مٽ ڪري، پاڻ
به مُـئو.
اُنهيءَ جنگ ۾ جمالين جي فوج جو اڳواڻ
جنگوُ هو. ڪنهن شاعر انهيءَ جنگ بابت بـُلي ۽ جنگو
جي سوالن جوابن جا بيت چيا ته:
بلو: آءٌ ڙي حَنگوُ آءُ
سـُـرڪيءَ سُڪيلي جو توکي رت چکايان ساءَ
انهيءَ تَڙ مٿاءَ، ساٿ نه نيندين سنـَـرو.
جنگو: ساٿ به نيدوسانءِ سـَـنرو، تار منجهان تاري
سـِـر صدقو لـڄ تان جا آئي اوتاري
مـَـهائين ماري، وٺندوسانءِ رت ”راڌي“ جو.
بلو: جي وٺندين رت راڌي جو ته هـِـت نه لهندين هنڌ
ڪلهن نه هوُندُءِ ڪنڌ، گهڻو ساريندين سنڌ کي.
رحميداد فقير چانديي جي روايت(2)
”ڇـِـنـِـي" تعلقو جوهي، کوسن جو مرڪز هو.
ڇني کان ڏکڻ طرف ٽڪر تي گولي جي پـُـٽ شهداد کوسي
جو قبو. گولو مٿي جبل ۾ ”لوهي“ ۾ رهندو هو، جنهن
کي پنهورن ماريو. حيدر پنهور ڇـِـني کان اُتر -
اوڀر جي ڪنڊ تي ديهه ”اراڙو“ جو ويٺل هو. سندس
مسجد اڃا تائين بيٺي آهي. قيصر پنهور "سامتاڻي" ۾
("ڀانن" کان پنج ميل اُتر طرف) رهندو هو. سندس
مسجد به اتي بيٺي آهي.
گولي کوسي وارا مال هڻي سنڌ ڏانهن ويندا
هئا. هڪ ڀيري بوبڪن ۽ ڀانن جي وچ تي پنهورن جو مال
هنيائون. منزل اچي ڪيائون علي مراد خان شاهاڻي جي
ڳوٺ جي ڏکڻ طرف ديهه بشام ۾ (بشام کوسي جي نالي
سان ديهه). پويان پنهور به لشڪر وٺي اچي ويٺلن
مٿان پيا ۽ گولي کي ماريائون (سندس قبر به اتي
آهي). پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي وٽ فيصلو ٿيو،
جنهن موجب اولهه طرف جبل کان وٺي ”ناڙي“ تائين،
يعني اوڀر ڏانهن سيوهڻ تعلقي جي دنگ تائين، اهو
مُـلڪ خون جي عيوض کوسن کي ڏنو ويو. اڳ اهو ملڪ
پنهورن جو هو.
پوءِ کوسن زور ورتو ۽ راڄن کي تائي
کنيائون، تنهنڪري خود ميان (غالباً ميان نور محمد)
هنن جي مارائڻ پويان پيو. پڳ وارا روحالاڻي کوسا
(جيڪي هن وقت ”کاٿڙي“ تعلقو ڪَـڪڙ ۾ ويٺل آهن) هئا
جن کي ميان خدا آباد ۾ گهرايو. جڏهن کوسا اندر آيا
ته دروازا بند ٿي ويا ۽ ماڻهو هنن تي اُٿي پيا.
جعفر کوسو ترار لڪايو کنيو آيو هو، تنهن ويٺل مير
بهرام تي حملو ڪيو، پر مير کيڙي آڏو ڏني. پوءِ
ترار کڻي وار ڪيائين ته کيڙي توڙي جعفر منجهان وڃي
ٻاهر پئي. انهيءَ تي شاعر چيو ته:
”بچي ويو بهرام، نه ته دست چڙهيو هُون ديوَ جي“
پوءِ بلوچن جي ستر راڄن گڏجي کوسن کي
لڏائي ڪڍيو.
بـُـلو وڏو بهادر هو. ٻه شاهاڻي راڌو ۽
راوت خان ماريائين. انهن جون مايون ويون جنگو خان
جمالي وٽ ته وير وٺي ڏي. جنگو خان ماين سان ”هائو“
ڪئي. بـُـلي جڏهن اها خبر ٻڌي ته جنگو خان،
شاهاڻين لاءِ چيلهه ٻڌي آهي، تڏهن بيت چوائي
موڪليائين ته:
آ جَنگوُ جنگ تي، مان پهرو ڏيان پيراڻو
ترڪن ۽ ترارين جا توکي چَکايان ساءَ
انهيءَ تڙ مٿاءَ ساٿ نه نِيندين سنرو
جنگجو جواب ڏنو ته:
بُلا، ساٿ به نيندو سانءِ سَنرو، انهيءَ تڙ مٿان
تاري
منهنجو سِر صدقو لڄن تؤن، آيون پيهي اوتاري
هاڻي مهائون ماري، وٺندوسانءِ رت راڌي راوت خان
جو.
جنگو لشڪر وٺي چڙهيو، جن ۾ هڪڙا جمالي ٻيا
بروهي ناناڻا، ۽ ڪنبيرو لُنڊ به ساڻس هئا. سَجُيون
پچايائون. جنگو چيو ته هڪڙو ڀاڱو وڌيڪ ٺاهجو، جو
جيڪو قـُـّلي سان انگ ۾ مَٽ ٿئي، اُهو پنهنجي پتي
توڙي وڌيڪ ڀاڱو کائي. اهو ڀاڱو جمالي ۽ بروهي نه
کاڌو، پر لُنڊ کائي ويو.
جنگ جو چڙهيو، پر بُلي کي ڄاڻ ڪونه ڪيائين
۽ اوچتو وڃي بُلي تي ڪڙڪيا. بُلي کي سندس ماڻهن
چيو ته لشڪر ٿو اچي، وڙهڻ جي واهه ڪانهي، هتان هل.
چيائين ته ”بُـٺي چُري ته بُلو چُري". هوڏانهن
جنگو پنهنجي لشڪر کي چيو ته: بندوقون نه هڻجؤ. جو
بُلي وٽ لشڪر ڪونهي، باقي ترارين جي جنگ ڪجؤ. پوءِ
لُنڊ اڳ ۾ سامهون ٿيو:
آيو لُنڊ لوڙيون ڪندو جنهن کـِنوڻ کـِنوائي
بيهڻ بُلي نه ڏنس، ويس کني سان کائي
سَـرسي سائينداد ڪئي جنهن ڪـُـنڍي ڪڙڪائي.
سائينداد نوحاڻي، بُـلي جو دوست هو. لنڊ
کي اول بُـلي ڌڪ هنيو، مٿان سائينداد هنيس ته
لـُـنڊ چار ٽڪر ٿي ويو. اتي جنگو کي سندس لشڪر چيو
ته: جنهن ٻه ڀاڱا کاڌا سو چار ٽڪر ٿي ويو، هاڻي
ترار ۾ پڄڻ ڀيڻي ڪانهي، موڪل ڏي ته بندوقون هڻون.
جنگو چيو ته: ناموس ڪانه ٿينديوَ جو هـُـو مڙس آهن
ٽي. اُهي ٽي هئا: بـُـلو، سندس ڀاءُ علي خان ۽
ٽيون هو سائينداد نوحاڻي. قَلو ۽ علي خان پـَـٽ
عرضي جا هئا.
اَهدي پٽ عرضي جا سڀ ساماڻا شينهن
هڪڙو اٿن شوق شڪار جو، ٻيو گهمن راتا ڏينهن
بُلي خان بُٺيءَ تي مَهند وسايا مينهن
پوءِ ڪُنڍيون نيندا ڪيئن، جنهن جون وٿون وٿاڻن ۾.
جمالين پئي ڪوشش ڪئي ته بُلي جون مينهون
هڻون، جيڪي سُڃيون چرنديون هيون.
جمالين سندي راڄ ۾ ڪا جا چورپچور
آيا ڄاڃي ڄام بُلي جا سُڃا مَ ڇڏ ڍور
مينهون چرن مور، مانجهي مير بلي جون.
بُلي جي ڀائرن جي ڪندو ڪونه ڪچي
نوحاڻي ننگ تي اچي بيٺو مرد مَچي
لوهو ۾ رچي لال ٿيا، جئن کُـهنبي لاک رَچي
پوءِ جن جي ساک سچي، سي مري مور شهيد ٿيا.
بُلي واري بُٺي تي پنج قبرون آهن: ٽن ٽن
ڀائرن جون، بُلي، علي خان ۽ جهنڊي جون، چوٿين
سائينداد جي ۽ پنجين عرضي جي.
-------
|