سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 2

صفحو :5

 

جنگيون ۽ سماجي قدر:

سنڌ جي راڄن ۽ راڄدارن، آڳاٽي وقت کان وٺي سندن سماجي قدرن جي روشني ۾ جهيڙن جنگين ۽ مرڻ مارڻ لاءِ به ڪي ڳالهيون ڳڻيون، ۽ ”ريت“ ”ڪريت“ جو سنڌو ڪيو. چيائون ته، نه وڙهجي، پر جي وڙهجي ته ڪنهن ڳالهه تان وڙهجي، ۽ مرجي ته به ڪنهن ڳالهه لاءِ مرجي. وڙهجي ته ٻولائي وڙهجي ۽ سامهون ڌُر کي جنگ جو ڄاڻ ڏجي، جنگ جي ڏاهي ڏجي. ويري ٿجي ته به سرهو ويري ٿجي، ساڃاهه ڪجي، ڪريت نه ڪجي. ساڪري ۽ ملير طرف ”ڪرمتيءَ ۽ جوکيا سرها ويري هئا“ جو پاڻ ۾ وڙهيا ته به شانائتا وڙهيا. رڳو هڪڙي ڪچي ڄام بجار جي پٽ چاڪر کان ٿي جو مخالف ڌر جا ڪانڌي ماري وير وڌائين. پر اهو به انهيءَ ڪري، جو ڀنڊ پاڙي جي هڪ جوکيئي کيس ڀلائي انهيءَ ڳالهه تي آندو. باوجود انهيءَ جي، راڄن ۽ چڱن چاڪر تي ميار رکي ۽ چيائون ته:

”جک ماري جوکيي، ته به چوندو سڀڪو چاڪر کي“

اهو ميار وارو اکر پوءِ پهاڪو بنجي ويو. بدين ۽ جاتي طرف جتن ۽ چانگن واري جنگ ۾ چانگن تي ميار آئي، جو هنن لڄـن جي ساڃاهه نه ڪئي. سرها ويري اهي، جي لوءِ نه لڄين ۽ گهر ٻار نه ڦرين. انهيءَ جنگ ۾ جڏهن چانگن جا چڱا ۽ اڳواڻ مارجي پيا، ته ٻين کي پوءِ اها ساڃاهه نه رهي جو جتن جي مارجڻ کان پوءِ لڄون نه لٽين:

”ڪپرُ ڪيائون، جو نيائون پڙڇ پنڊا پاڻ سان“

ٻه سورهيه به جڏهن هڪ ٻئي کي سامهان ٿين ته هڪ ٻئي سان وارو ٻولائين ته ڪهڙو اڳ ۾ وارو وٺندو ۽ ڌڪ هڻندو، ڌڪ سان مڙس ڪري ته وري ٻيو وار نه ڪجي. ڪن سورهين اها ساڃاه رکي جو اڳين دوستي ۽ ناتي جو ننگ سڃاتائون، ننڍ وڏائي جو لحاظ رکيائون. هاڙهي احمداڻي (ڪرمتي) ۽ ميراڻ جاکري پر پٺ هڪ ٻئي جي ياري مڃي هئي. مقابلي ۾ جڏهن مڙس هڪ ٻئي کي سامهون ٿيا ۽ هاڙهي ميراڻ تي ترار واري ته قنبر گڊي، ميراڻ کي سڃاتو ۽ هاڙهي کي هڪل ڪيائين ته: متان هڻين جو سامهون ميراڻ اٿئي. اهو ٻڌي هاڙهي کڻي ترار جهلي، پر آڏو ميراڻ جو ترار واري سو هاڙهي جو نالو ٻڌائين ته به جهليائين ڪانه. ميراڻ ســُـرهو نه ٿيو پر ملامي ٿيو:

”متان هاڙها هڻين، مهندان ميراڻ اٿئي“ اي قنبر! هاڪ هنئي تنهن واسينگ واري جهلي، اکر ايءُ لهي.

پر ملامي ميراڻ ٿيو، جنهن هاڙهي کي هنئي(1)

سنڌ جي سماجي قدرن موجب هيڻن ۽ بيواهن جي حمايت ۾ ڏاڍائي ڪندڙن سان جنگ ڪرڻ لائق ڀرين بهادرن جو ڪم آهي. جيڪي راڄدار هيڻن راڄن پاران وڙهي سر ڏين ۽ ”راڄ – ڳهو“ ٿين، سي وڏا لائق آهن. سامَ سـَـرڻ، اول يا بانئٺ کي مانُ ڏڻ لازمي آهي، جيڪي بائٺ ٿي اچن، سرڻ ٿين ۽ سام پون تن کي پناهه ڏيڻ فرض آهي. سامون ۽ سرڻيون جهلڻ ۽ سر ڏيڻ سورهين جو شان آهي، ۽ ڌڻي طرفان سوڀ به انهن کي ملندي:

”ساراهيان سچو ڌڻي جو سرڻين جو سوڀار“

”سام جهلڻ“ وارو نيڪ ارادو سماج ۾ ايترو ته عام ۽ اٽل هو، جو وڏا ڇڏيو پر ٻارن جي دلين ۾ به ان جو پڪو يقين هو. ڪي جنگيون انهيءَ تان ٿيون جو هڪ ڌُر جي ٻارن سانڊو يا ڪرئون ڊوڙايو جيڪو وڃي ٻيءَ ڌُر جي پاسي ڪنهن ڪنڊي ڪرڙي يا لوڙهي ۾ پيو. اتان جي ٻارن چيو ته سانڊو ماڙڻ نه ڏينداسون جو ”بانئٺ“ ٿي آيو آهي ۽ اچي سام پيو آهي. انهيءَ پناهه واري جذبي تان ٻه ڄنگيون لڳيون(1)، ۽ اهو پهاڪو مشهور ٿيو ته ”ڪرئين خان وڙهيا“، يعني سانڊي تان مڙس وڙهيا. ظاهري طرح اها معمولي ڳالهه هئي پر سماجي قدرن جي لحاظ سان اها هڪ وڏي ڳالهه هئي.

جنگ ۾ ڀڄڻ مڙسن لاءِ عيب هو.

”الله اوءِ مَ ڀڄن، هوءِ پڙ ۾ پچار جن جي.“

جنگ هلندي، پنهنجي پاسي وارن کي ميدان ۾ ڇڏي، ڀڄڻ وڏو عيب هو. جتن ۽ چانگن جي ”ڇاڻي واري جنگ“ ۾ شير خان ۽ ٻين راڌن جتن جي راڄ کي وڙهندي ڇڏي، لاکاڻي جتن جو اڳواڻ لاکو ڀڳو هو:

”اهو لائق نه هو لاکي جو، ويو ڇاڻيءَ وير ڇڏي،
راڌا راڄ اڏي، جوان گهڙيا آهن جنگ ۾“.

جنگ ۾ جنهن ڌر سان واسطو هجي ۽ جنهن سان مدد جو واعدو ڪيل هجي تنهن سان پڇاڙي تائين بيهجي. ”مڪلي واري پهرين جنگ“ ۾ جيڪا ڪرمتين ۽ جوکين جي وچ ۾ لڳي، تنهن ۾ برفتن مان آري جو گهر، ڪرمتين سان لاڳاپيل هو ۽ جنگ ۾ مير مزار سان گڏجي وڙهڻ جا واعدا ڪيا هئائون، پر اهي ڪين پاڙيائون:

هين ڳالهيون پاڻ ۾، ڏنائون ڏاڙهيون کي مزار،
سي پرسن پاڙيون ڪينڪي، نه آيون منجهه نيسار.

پر حماتين مان قيصر خان حماتي قول پاڙيو ۽ جنگ ۾ ڪرمتين جي طرفان وڙهندي ماريو:

ڏيئي ٻول ٻروچ کي ٻڌا هئا حمايتي هٿيار،
چئي: موٽان لڳي ميهڻو، بنا مير مزار،
پٽئون ڍٽ پچار، هئي ڪڪي قيصر خان جي.

جنگ ۾ سامهون جي ڪنهن ڪو ويڻ ڪڍيو ۽ مهڻو ڏنو ته اهو مڙسن لاءِ تير ۽ ترار کان به وڌيڪ تکو ۽ ڏکيو هوندو هو، ۽ پوءِ ”ويڻ ورائي“ (ويڻ جو زباني جواب ڏيئي) اچي مرڻ مارڻ لاءِ سامهان ٿيندا هئا. ”ناڙا ٿر“ واري جنگ ۾، عاقيل کي ڪنهن ويڻ ڏنو:

اُني منجهان عاقيل کي ڪنهن ڏنو ويڻ وڏو وانڌار،
ته گار ورائي گهڙي پيو، هوتي ڪئي هاڪار.

جمن چارڻ جي چيل ”جنگنامي“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪلهوڙن جي سپهه سالارن پنهنجن ماڻهن کي مخالف لشڪر تي بڇڻ ۽ وڏي زور سان ويڙهائڻ خاطر  ”ويڻن“ کان ڪم ورتو هو. جمن چارڻ ٿو چوي (پر مراد ڪيلري جي زباني) ته:

ويڻ، وئنس، ونداه ۽ وڪا ويڻن ساڻ ويڙهايون،
سي هڻن هٿيار تڪار تٿي ئي هلڪا هٿين هلايون(1)

چوڻي هئي ته ”جئن ويڻ وڻاهه تئن وير وڌ.“

جنگ جون رٿائون ۽ سٽائون:

”جنگنامن“ جي بيتن ۽ بيانن مان، جنگ جي تيارين ۽ تجويزن، رٿائن ۽ سٽائن بابت ڪي اهڃاڻ ملن ٿا، جن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته جنگ جي تياري، ميدان جهلڻ ۽ وڙهڻ، فتح ۽ شڪست يا صلح واري فيصلي بابت ڪي رواج ۽ اصول مقرر ٿيل ۽ مڃيل هئا. مثلاً:

*      - جڏهن صلح ۽ فيصلي کان ڳالهه مٿي چڙهي ويندي هئي يا پڪو وير پئجي ويندو هو ته جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندا هئا. پوءِ هڪ ٻئي کي جتائيندا هئا، ۽ جنگ جي ڏاه يا ڏاهي ڏيندا       هئا، يعني پيغام موڪلي خبردار ڪندا هئا. اڳواڻ هڪ ٻئي     کي ٻولائي جنگ جي جاءِ ۽ تاريخ مقرر ڪندا هئا.

*      - هر ڌر پنهنجن راڄن ۽ طرفدارن کي ڄاڻ ڏيئي مدد لاءِ  سڏيندي هئي.

*      - تياري وقت ڀيرون ڀڀڪنديون هيون. چڙهي هلندا هئا ته دهل  دماما، نفيلون نغارا وڄندا هئا.

*      - بعضي جنگ جي ڏينهن ۽ وقت لاءِ يا ميدان جي رخ ۽ طرف  جهلڻ لاءِ ســَـوڻ ڳڻيندا هئا.

*      - وڏا لشڪر ”جنگ نماز“ پڙهي چڙهندا هئا. (ص 125)

*      - شروع واري تياري کان وٺي جنگ ٿيڻ تائين لشڪر کي سٺو کاڌو کارائيندا هئا.

*      - ڪي جنگ جا جهونجهار جن کي نشي جي هير هئي، سي        جنگ ۾ گهڙڻ کان اڳ نسو پي پـُـر ٿيندا هئا. اڪثر آفيم جو    ڪسونبو ڳاريندا يا ڪڍندا هئا، يا آفيم جو ڪورو ڪشيندا هئا. پنهنجي ڌر وارا کين کير ۽ امل جو ڳاڙ پياريندا هئا.      (335). ڪي ديسي دارون پيئندا هئا، قرڦل ۽ پان    سوپاريون کائيندا هئا.

*      - جيڪي فتح کان پوءِ مخالف ڌر جي مال جي ورهاڱي ۾ وڏيون پتيون کڻندا هئا، سي سورهيائي سان وڙهڻ ۽ ميدان   ملهائڻ جا ذميوار هوندا هئا.

*      - لشڪر هڪ ٻئي کي اچي ويجها ٿيندا هئا ته دهل نغارا  وڄائي ڄاڻ ڏيندا هئا (298).

*      - مقرر ميدان بدران ڪٿي ڪا هڪ ڌر حملو ڪري ڪاهي  ايندي هئي ته ٻي ڌر وارا آڏو ”آڙ“ ڪري وهندا هئا، يعني مورچا ٺاهي وهندا هئا.

*      - دشمن ڌر جي جنگ جي تياري يا لشڪر جي چڙهائي جي جانچ واسطي اڳواٽ ”چاري“ يا ”واسو“ يعني جاسوس اماڻيندا هئا، جيڪي پنهنجي فن ۾ نهايت هوشيار هوندا هئا.

*      - جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ هر ڌر طرفان ڪو جوان اچي سامهون پنهنجي طرف جو ”جنگ جو جهنڊو“ کوڙيندو هو. اهو ڄڻ آخري ڄاڻ ۽ اعلان هو ته هاڻي هن ڌر جو لشڪر جنگ لاءِ تيار آهي. اهو جهنڊو پوءِ کڻي وڃي لشڪر جي مهندار يا   اڳواڻ وٽ لشڪر جو نشان ڪري جهليندا هئا.

*      - جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابي لاءِ ڪن خاص سٽائن، حيلن ۽  حرفتن کي وڏي اهميت هئي. مثلاً وچ لشڪر ۾ آڏو پهرين   صف وارا دوبدو هڪ ٻئي تي حملو ڪن ۽ پوئين صف وارا درجي بدرجي پهرين صف جون وٿيون ڀريندا اچن. آڻي يا آڄ يعني لشڪر جي ڪنڊ، ۽ آڻين وارا اهي جيڪي آڙا ڪري   بيهن ۽ آڻين (ڪنڊن) تان اُسري زوردار حملا ڪن، ٿيا آڻين تان حملن کي منهن ڏيڻ وارا، ”اڻي پوش“ جيڪي انهن حملن       کي هٽائين يا پاڻ هلان ڪري وڃي ”اڙن“ تي ڪڙڪن. وچ لشڪر وارا ٽولا ٻڌي، مچ ٿي ”جـُـنبهه“ ڪري حملا ڪن، ميدان کان ٻاهر آمهون سامهون چڙهاين وقت هڪڙا ”سامهان“ يا ”سمهلا“ جيڪي آڏو منهن ڏين، ٻيا ”آڏ“ يا پاسي وارا، جيڪي آڏ جهلي حملا ڪن. جنگ جي سوڙهه وقت، اڳواڻ جي حفاظت وارا پهلوان جيڪي آڏو وڙهن ۽ اڙ-جهل ڪن.

*      - جنگ جا خاص نعرا اڳواٽ مقرر ٿيندا هئا. مياڻي جي جنگ جو نعرو مير شهداد خان ڪڍيو ته:

”جنگ ڪريسون، سنڌ نه ڏيسون“

        دو - آبي واري جنگ جو نعرو مير شير محمد خان ڪڍيو ته:

”مر ويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“

- راڄن جي ننڍن نفاقن کي راڄدارن ڪوشش ڪري جنگ کان اڳ نبيرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ٻنهي ٽولن کي وهاري ”گرڙو سـُـکُ“ ڪندا هئا، يعني گڏجي ويهي ڪسونبا ڳاريندا هئا ۽ پيالا پيئندا هئا.

جنگنامي جا جنسار:

جنگنامن ۾ جنگ جي مختلف اسمن ۽ رسمن، لشڪر جي وصفن، هٿيارن جي قسمن، جنگ جي گهمسان ۽ سمان، سورهين جي صفتن، سندن قولن ڪلامن، ۽ سندن ”چلتن“ ۽ ”چالين“ جا جنسار سمايل آهن.

*       ”پـِـڙُ“، ”ميدان“ ۽ ”ڪـِـلو“ (قلعو) جنگ جي ماڳ جا نالا آهن.

*       جهيڙو ۽ جهڳڙو جنگ جي بنيادي مرحلن وارا نالا آهن، پر  ”جهونجهارڪو جهڳڙو“ معنيٰ جنگ جي وڏن پهلوانن جو مقابلو يا وڏي شاهي جنگ:

”ڳائيندا ڳاڻو، جهونجهارڪو جهڳڙو“

                        (ص 158)

*      - ”لڙائي“، ”ڪيڏارو“ ۽ ”جنگ“ ٽيئي ساڳي ڳالهه آهي. ”جنگنامن“ ۾ ”ڪيڏاري“ جو نالو کنيل آهي:

جئن ڪيهر شينهن ڪيڏارو ڪري، تئن ڪيا مانجي مير مزار

(ص 318)

ـــــــــــ

ته ڪو مرد چڙهي وڃي قابل ڪيڏاري

(ص 321)

ـــــــــــ

ڪهڳل ڪوچ ٿيو ڪيڏارو، دارون ڌنڌ ڪيو ڌنڌڪارو

(ص 364)

*      - ”ڀڙ“ غالباً جنگ جي ڀيڙ ۽ سختي، ”رهاڻ“ اصطلاحي طور سورهين جي ترارين جي وارو وار واري ڏي وٺ.

*      - ”رؤنسو“ ۽ ”مارو“ ٻئي ”مارڻ“ واري مفهوم مان ورتل آهن.  ”رؤنسڻ“ يعني ماري وجهڻ:

روات رؤنسي وڌائون، جنهن جي نڙي ناڏ ڪيا

(ص 325)

*      - ”ماهو“، ”مرڻ ۽ مارڻ“ جي انتها وارو نالو آهي: مري ماهو   ٿيڻ، يعني مرندي گهڙيءَ تائين وڙهڻ ۽ مارڻ، پر جنگ مان   جئرو نه بچڻ.

*      - ”دوداڻي“ (دودن واري) ۽ ”جاڙيجي“ (جاڙيجن واري)، معنيٰ وڏي جنگ اهڙي جهڙي دودن (سومرن سورهين) ڪئي يا جهڙي جاڙيجن ڪئي.

- ”رڻ“ ۽ ”آرڻ“ ٻئي نالا جنگ جي ڀيانڪ منظر جا آهن. ”آرڻ“ معنيٰ واڙي جنهن ۾ گدرا ميها هجن، جنگ کان پوءِ مڙسن جا مٿا به ميدان ۾ ائين پکڙيا پيا هوندا آهن جئن ”آرڻ“ ۾ گدار ميها. ”رڻ“ معنيٰ صفا سڃ، ڪوبه نه بچي ۽ سڀ قتل ٿي وڃن.

*      جنگ جي لشڪر جا به گهڻي يا ٿوري، پيادي ۽ سوار جي لحاظ سان جدا جدا نالا، جيئن ته: گهلـُـون، ڇـَـلون، ڇـَـليون، ڇـُـلنگيون، ديميـُـون، نـَـئيگون.

*      جنگ جي هٿيارن ۾ نيزا ۽ ڀالا، هاسا ۽ سڪيلا، کيڙي ۽ چڪر، ترارون ۽ بندوقون (جامڪيون، شش ڪانيون) اچي ٿي ويون. پر جيئن ته سنڌ ۾ صدين کان وٺي جنگ ترار جي هئي، انهيءَ ڪري ترارين جو ذڪر وڌيڪ آهي، ۽ ان سان گڏ ترار جي مياڻ ۽ تهنار (ترار جو قبضو، مٺيو يا ڪرڙيو)، ترار جون ”طرفون“ (چوٽيون)، توڙي جن لوهارن تراريون ٺاهيون، تن مان ڪن جا نالا:

*      ”واهه والينا لهار، جو تو گهڙيو شڪيلو شير خان جو.“

باقي ترارن جا جدا جدا ڪيئي نالا، جيئن ته کنا، کڙڳ، سيفون، تيغون، سانگيون، ڪرماڻيون، اصفهانيون، ڪوميون، سرواهيون، هميلون (؟)، اواريون، ڇڳاريون، رُپيريون ۽ سونهريون.

*      جنگيون جوانن ۽ سورهين جا جدا جدا معنائن وارا ڪيئي    صفاتي نالا جيڪي جنگ جي جنسار سان گڏ سنڌي ٻوليءَ   جي لغت ۽ ان ۾ بيان جي وسعت تي شاهد آهن:

   ارڏا ۽ اڻموٽ، ڪونڌ ۽ ڪونڌر، ونڪا ۽ بانڪا، طريل طرا، ڇڳير ڇڳيرا، انگيرا ۽ اڻيارا، اڻي پوش ۽ اڻي جهل، ڪوپا ۽ ڪنڌار، مانجهي ۽ نيهي، اَيڌ ۽ سانهه، سيڱر ۽ مٿير، ڌڳ ۽ رڏ، جهونجهار ۽ رؤنسيدار، ميلهي ڪار ۽ پرڏر، جوڌا ۽ ڏهيسر، ”اڍائي ونگ ورنهه“ ۽ چؤڙي - پـَـٽ، پاوَنگ ۽ اڻگيل، ڪـُـڙها ۽ سارڌوُ، سائوُ ۽ ساهوُ، پنجاهيا ۽ احدي، ميراٿي ۽ مهائين.

جوان بهادر جنگ جا، ارڏا ڪونڌ اموٽ
(ص 157)

ــــــــــــ

ڪوپا وڙهن ڪاهه تي، ويري وير وريام
(ص 211)

انگيرا اهي، جيڪي تلوار جا انگ يا تلوار جي کيڏ ڄاڻن، اڻيارا اُهي جيڪي اڻين (ڪنڊن) تان اُسري حملا ڪن، ايڌ (زوراور گهوڙي جي صفت) ۽ رڏ يعني وڏي پهلوان، رؤنسيدار يعني جنگ جا جهونجهار، پرڏر ۽ ميلهيڪار يعني وڏا بهادر، اڍائي ونگ ورنهه يعني اهي سهڻا طاقتور جوان جيڪي پنهنجن مٿي جي وڏن وارن کي هٿ ۾ ونگي نپوڙي تيل ڪڍن، چؤڙي پٽ، اهي زوراور جيڪي ڪٺل پهروءَ جي ٽنگ ڇڪي پٽي ڪڍن، پاونگ اهي جي پيرن ۾ ونگ وجهي ماڳائتا ٿي مقابلو ڪن، اڻگيل يعني جنگ جا ڪوڏيا، ڪڙها ۽ سارڌو يعني شينهن، سائو اُهي جيڪي وڏي صبر سان بيهي وڙهن ۽ موت قبول ڪن، پر نه مڙن ۽ نه موٽن، ساهو يعني وڏا ڌوپار، پنجاهيا، جيڪي پنجاهه مڙسن جو اڪيلي سر مقابلو ڪن، احدي اهي جي هزار جو مٽ، ميراثي (ميراث وارا) يعني جنگ جا وارث، مهائين اُهي جيڪي مري ماهو ٿيڻ وارن ۾ به گوءِ کڻن ۽ رڻ ملهائين.

* جنگ جا جهونجهار، جن کي موت جو ڊپ ئي ڪونه هوندو هو سي پنهنجن ڀالن، ترارين ۽ بندوقن تي ”ويڻ“ يا ”طلاق“ لکائي ڇڏيندا هئا. هڪ ارڏي اڻموٽ جي ترار تي هيءُ ويڻ لکيل هو ته:

”لعنت انهيءَ تي، جو مون کي نه هڻي،
لعنت مون تي جي آءٌ نه وهان“.

فتح خان گبول جي بندوق تي طلاق لکيل هئي ته: ”هڪ نشان گٿس ته ٻيو نه هڻندس، ٻيو هڻان ته طلاق لازم“. مڪليءَ واري جنگ ۾ پهريون ڪانُ هنيائين، جيڪو ڄام بجار جو ”ڪئينسريو“ (دوشالي جي گهيري سان ڪيمخوابي ٽوپي) کڻي ويو، پر ڄام بچي ويو. وري ٻيو ڪان فتح خان نه هنيو، جو طلاق لکيل هئي، بندوق کڻي ڦٽي ڪيائين ۽ ترار کڻي وڙهيو، تان جو مارجي ويو.

* سورهيه مڙس جنگ جي ميدان ۾ پوشاڪون پائي، طـُـرن جا ڇـُـڳا ڇڏي، ڪـَـر ۽ فر سان ڪڏي ايندا هئا، جو ڄڻ کين موت جي سيج ماڻڻي آهي. دشمنن تي دهشت وجهڻ لاءِ چيلهه تي ”شماري“ (شينهن جي کل) ٻڌندا هئا.

* مير فتح علي خان جي دؤر کان جڏهن ڪابلي افغان سان سنڌ جي سورهين جا مقابلا ٿيا ۽ پريان ڪن کي ڪڏندي ۽ پلٿو ڪندي ڏٺائون ته سنڌ جا سورهيه به ڌمڪن ڌماڪن واري ٽور ۽ ترار جي کيڏ ۾ اڳئين کان اڳرا ٿيا. جنگي جوان پهلوان، جنگ جي ٽور جا تماشا ڪندا هئا، قدم قدم ڀريندا هئا ۽ ٽلندا ۽ ٽيلو ڪندا هئا، دهلن دمامن ۽ شرناين قرناين جو هڪ خاص تار وڄندو هو، جنهن تي ”چلتو“ ۽ ”چالي“ ڪندا هئا، يعني قدم قدم ڌماڪي واري ٽور ۽ لوڏ، توڙي تاري تي ترار جي پلٿي بازي ڪندا هئا.

مير فتح علي خان جي دؤر کان وٺي سنڌ جي جنگي جوانن جي ”چالي“ ۽ ”چلتي“ (پهلوانن جي پريڊ) جا سلسلا شروع ٿيا. مير صاحب پاڻ پهلوان هو ۽ پهلوانن کي ”نازائڻ“ (ناز ڪرائڻ ۽ جس شابس ڏيڻ) لاءِ ”چالي“ ۽ ”چلتي“ جي ميدان ۾ اچي بيهندو هو ۽ انعام اڪرام ڏيندو هو. سگهڙن ۽ شاعرن پوءِ ”چلتي“ ۽ ”چالي“ لاءِ تکي تڪڙي وزن وارا ٻول منظوم ڪيا، جن جا ڪي مثال متن ۾ ٻيڙي فقير چارڻ واري نظم (ص 358) ۾ موجود آهن(1). مثلاً:

واگهه ته بيٺا پاڻ ته ونگي،
آيا سر آڙن جي انگي
مارن چوٽيان، وجهن چنبي
ڪن پتنگن وانڳي پيل

                                    (ٻيڙو چارڻ)

”واگهه ته بيٺا“ واري فقري توڙي ”پاڻ تي ونگي“ واري فقري جي لئي ۾ ڄڻ وڄت وارا ٻول سمايل آهن.

دانهه دُرس هڻن دودستي
ڪوپو ڪپي ڪيهر ڪستي
هوڪ هنئي تنهن هاڙهي هستي
ماري مٽ مناون مستي
                                 تائو تيز وڙهيو هو تايون

ڪهڳل ڪوچ ٿيو ڪيڏارو
دارون ڌنڌ ڪيو ڌنڌڪارو
رڻ ۾ رڏ وڙهي ڪن وارو
سورهيه سيفن سان سٽڪارو

چهڪا چهڪ وجهن چهڪايون

                                                (سهراب چارڻ)

ٽالپورن جي دور ۾ اندروني طور راڄن ۽ راڄدارن جي خود اعتمادي ۽ سنڌ جي لشڪر جي ڪاميابي پٺيان ڪاميابي سببان سنڌ جي جوانن پهلوانن جا حوصلا وڌيا، ۽ ”چلتي“ ۽ ”چالي“ جا ميدان متا. ان دور جي سگهڙ شاعرن جنگي نظمن ۽ ”چالي“ ۽ ”چلتي“ جي ٻولن سان سنڌ جي سورهين کي ساراهيو ۽ نازايو. انهيءَ فن ۾ سهراب چارڻ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر عالم خان لنڊ ۽ ٻين به سهڻا ٻول ٻڌا. سهراب جا چيل ”چلتا“ ۽ ”چاليون“ جن ۾ ڀيرن ۽ ڀڀڪن، دهلن دمامن جي دهڪن ڦهڪن، ۽ جنگي جوانن جي قدمن جي ڌمڪن واري لوڏ ۽ لئي سمايل آهي، سي سنڌي رزميه شاعري جا نادر نمونا آهن- جئين ته:

”چلتو جوان مردن جو“

جنگ وچ جوان، ڪرن جت جلوا، دل دلاور، سر دولهه

مصريان مار، مناون مٽ ڪون، چپ چپاتي، چهڪن چهه...

اٽڪن چٽڪن، سٽڪن سيفان، هفت هزاري، دهڪن دهه

چهڪن ڦهڪن، چوٽ چلاون، زهمان مارن، زور زدهه....

”چالي“ جوان مردن جي

جنگي جوان ڪرن جت جلوا، ڪوپا ڪپن ڪرپ

ارڏا ات وڃن سي اٽڪي، جوڌا جوان ڪرن جهڙپ

ٺهڪن ڦهڪن سيفان سٽڪن لڙن ڀڙن سي لال لڙپ

شرطئون سي شمشيرون شاهي، شير هڻي ڪن شپ شڙپ...

(سهراب چارڻ)

عالم خان لنڊ جو هڪ وڏو گني شاعر هو(1)، تنهن ”چلتي“ جي لئي سان گڏ سنڌ جي سورهين کي عجب انداز ۾ نازايو:

مل مٽ سٽن، سر سٽ گهتن، تل گهٽ نه گهوٽ گهٽاون
هر ڌات سڪيلي، وات ڦٽوڙي، ذات ڪذات ڪنباون
مرد نه ٿيندي زرد آهي، ڪم ڪڙد ڪدار ڪماون
چلڪن ڪلڪن تلڪن تڳيان، تيغ تکيان ڪڙلاون
وڄ وانگ وٿيان، اٿ تجل تتيان، پل پلڪ پتيان چا پاون
جڙ ڪر، گڙ ڪر، گوڙ گموڙ، گروڙ گجوڙ گنواون
فيل ڪفيل سفيلان دي اُٿ، دؤڙ دَ هوڙ اهوڙ ٺهوڙ ٺهاون
پيل شڪيل طويل تونگر، مر ڪر ٻر نر نام رهاون
اڙڪن ڪڙڪن سڙڪن سيفان، ٽوڙ وِلوڙ وڇوڙ وڃاون
هستي مستي دست دُ دستي، ڪستي ڪر ڪڙڪاون
اوٽ نه گهنن گهوٽ کڙو رُڪ روٽ چکن چکاون
لٽن چٽن چمڪن ڌمڪن مار مزار مناون
عالم خان جوان ايماني، نيڪي نام رهاون، بخرا پاون.

پڻ عالم خان سورهين کي نازائڻ سان گڏ، کين جسون ڏيئي جنگ لاءِ هتايو ۽ حرصايو، جيئن ته:

ديک به ديک مهانڊي مٽن
چوتا چاڙهه وڙهڻ ڪاڻ وٽن
سورهيه کڙ سر واهيان سٽن
رت مست مڇان سر چٽن
سر ڪون سٽين، سوڀان کٽن
بازو بازين وانگون جهٽن
ڦهڪي نال ڦڦڙ پئي ڦهڪن
ڪڙڪي نال ڪرايان لڙڪن

آڪي عالم خان جوان سي سورهيه مست نه ٿيون

آکي: سي وت ڪٿان؟

آکي: جٿان هووَن نٿان.

آزاديءَ واري دور ۾ ”جنگ“ جوان مردن جو ناز هو، جنگ مانجهي مڙسن جو ڏاج هو، بلڪ ”جنگ“ بانڪن بهادرن جي راهي پوکي هئي، ٻني ۽ کيتي هئي:

کنو کيٽ سندون، آرڻ اپت ان جي
جين منهن مصريين ڪڍيا، فصل تير پڪون
اهڙو ئي کيٽون، جنهن جي راه وراهن رُڪ سين.

 يعني تلوار سندن کيتي آهي، جنهن جي اُپت جنگ جي ميدان واري واڙي آهي (جنهن ۾ مڙسن جا مٿا گدرن ۽ هنداڻن وانگر پکڙيل آهن)، جيئن ئي تلوارون جنگ جي ميدان ۾ ٿيون اُڀيون ٿين، ته ڄڻ سورهين جو فصل پچي، لڻڻ جي لائق ٿو ٿئي. پهلوان پنهنجي اهڙي کيتيءَ جي راهه به رڪ (ترارين) سان ئي ٿا وراهين.

ن . ب

ــــــــــــــــــــــــ


(1)  ص 161 - 170.

(1) هڪ جنگ ميلر جي نئن کان ڪراچي - ٺٽي واري شاهي رستي لڳ نئين جيل کان ٿورو ڏکڻ - اولهه تي لڳي جيڪا باغاري واري جنگ جي نالي سان سڏي وئي. باغار بلوچڪي ۾ ساندي کي چون. ٻي جنگ اُتر طرف مٿي ملير جي نئن لڳ ڪوهستان ۾ لڳي، جنهن جو ذڪر متن (ص 152) ۾ موجود آهي. اها ڪرئين واري جنگ جي نالي سان سڏي وئي. ڪوهستان ۾ ڪرئون ساندي کي چون.

(1)  اصل روايت ائين.

(1)  صفحا 213، 358- 365.

(1)  عالم خان ولد گنهور خان گنهوراڻي، لنڊ بلوچ، ويٺل ڳوٺ بٺي لڳ جوهي، ٽالپورن جي دؤر ۾ ڪاڇي  جو مشهور شاعر هو. اندازاً 1850ع ڌاري وڏي عمر ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org