باب ٽيون
ارغونن - ترخانن جو دؤر
(مريد خان بلوچ جو مرزا محمد صالح ترخان کي مارڻ)
مرزا شاهه حسن ارغون جي وفات بعد، سنڌ جي هيٺين
حصي جو حڪمران مرزا عيسيٰ ترخان ٿيو. ٺٽو سندس
گاديءَ جو هنڌ هو. هو پاڻ مدبر هو، پر سندس چار پٽ
- مرزا محمد صالح، مرزا محمد باقي، مرزا جان بابا
۽ مرزا غالب - جڏهن وڏا ٿيا ته وڏيون ڳالهيون ڪرڻ
لڳا. مرزا محمد صالح چوڻ لڳو ته: ”ڪڏهن اڪبر
بادشاهه شڪار تي چڙهيو ۽ شڪارگاهه ۾ هوندو ته کيس
جهلي هت وٺي ايندس.“ مرزا محمد صالح پوءِ پنهنجن
ڀائرن محمد باقي ۽ جان بابا کي به ڏنجهه ڏيئي ٺٽي
مان ڀڄائي ڇڏيو، ۽ پنهنجي پوڙهي پيءُ کي بلڪل بيوس
ڪري پاڻ وڏي هٺ ۽ زور سان حڪمران ڪرڻ لڳو.
ارغون - ترخانن کان اڳ سمن جي دؤر کان وٺي
سنڌ جي قبيلن مان جيڪي ڪجهه طاقتور قبيلا هئا ۽
ساڳئي وقت ارغونن - ترخانن جي خلاف هئا، تن مان
بلوچن کي ڪافي اهميت هئي، ڇاڪاڻ جو فوجي طاقت کي
مضبوط ڪرڻ لاءِ سپهه سالار درياء خان، جن بلوچ
قبيلن کي ٺٽي جي آسپاس وسايو هو، انهن مان
”لاشاري“ ۽ ”ڪلمتي“ قبيلا خاص نالي وارا هئا ۽ ڄام
نظام الدين جي فوج ۾ کين وڏي اهميت هئي. عام مشهور
زباني روايت ائين آهي، ته مرزا محمد صالح پنهنجي
طاقت کي مضبوط ڪرڻ واري گمان هيٺ بلوچن مان شادي
ڪرڻ جو خيال ڪيو ۽ ”ڪلمتين“ جي ”رَجيري“ قبيلي کان
سڱ گهريائين. جڏهن هنن انڪار ڪيو ته هن انهن تي
قيد و بند جون سختيون شروع ڪيون. اُن وقت ڪَلمتين
جو سردار مير مريد خان رجيرو گجرات طرف ويل هو، ان
کي جڏهن خبر پهتي ته يڪدم سنڌ موٽي آيو ۽ سڄو
احوال معلوم ڪري، قول ڪيائين ته: ”جيستائين مرزا
صالح کي نه ماريندس، تيستائين پـَـٽڪو نه ٻڌندس.“
سندس قول اڃا تائين هن طرح مشهور آهي ته:
گهگهيلي جي گار تان، ڪريان ڪٽاري گها
مرزا صالح ماريان، ٻي نه ڪريان ڪا.
پوءِ هن مڙس اهو پنهنجو قول پورو ڪيو ۽
ٺٽي ۾ اچي، مرزا صالح کي ماريائين. اهو ڇنڇر جو
ڏينهن، تاريخ 23 (؟) شعبان، سن 970 (نو سؤ
ستر هجري) هو جو مرزا صالح کي ماريائين. مڪليءَ ۾
مرزا صالح جي قبر تي اها ئي تاريخ لڳل آهي ۽
فارسيءَ ۾ لکيل آهي ته:
”دريا تاريخ روز شنبه بيست (؟) و سيوم ماه
شعبان 970هه زخم ڪاري خورده وفات يافت“.
سنڌ جي تاريخ ۾ اهو واقعو مشهور آهي. مير
معصوم پنهنجي ”تاريخ سنڌ“ ۾، مير طاهر محمد نسياني
پنهنجي ”ٺٽي شهر جي تاريخ“ يا ”تاريخ طاهري“ ۾ ۽
سيد جمال ”ترخان نامه“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. مير
معصوم لکيو آهي ته ”مرزا صالح، مريد نالي بلوچ جي
هٿان، جنهن جي پيءُ کي هن مارايو هو، شهيد ٿيو“.
سيد جمال لکيو آهي ته: ”مرزا صالح، مريد بلوچ جي
عيال ۽ قبيلي کي ڌاڙي جي سازش ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو.
پوءِ مريد بلوچ، درخواست ڏيڻ جي بهاني سان رستي تي
ٿي بيٺو. مرزا صالح جيڪو پريان چڙهيو پئي آيو،
تنهن کيس ڏسي سڏيو ۽ پاڻ به هيٺ لٿو ته سندس
درخواست وٺي. ان وقت مريد، پنهنجو خنجر سندس سيني
۾ هنيو ۽ مرزا کي قتل ڪري ڇڏيائين.“ مير طاهرمحمد
پنهنجي ”تاريخ طاهري“ ۾ هيءُ واقعو وڌيڪ تفصيل سان
(مرزا صالح جي ڀائٽي مرزا مظفر جي زباني) هن طرح
لکيو آهي ته:
مريد جت بلوچ، پنهنجي عزيزن جي وير وٺڻ لا”، جن تي
مرزا صالح حملو ڪري کين قيد ڪيو هو، پنهنجي قوم
قبيلي ۾ دعويٰ سان اهو قول ڪيو ته: ”جيستائين ڀري
ڪچهريءَ ۾ سڀني جي اکين آڏو مرزا کي نه ماريندس،
تيسين تائين مٿي تي پٽڪو نه ٻڌندس.“ انهيءَ ارادي
سان، پوءِ هو صحرا مان شهر ٺٽي ۾ آيو. اتي هو چرين
وانگي ڳلي بازار ۾ پنهنجي خنجر کي هر دڪان تي تکو
ڪري پيو چمڪائي ۽ چئي ته: ”هان اي خنجر، ڪم ڪندين
يا نه؟ هان اي دل، تون به مضبوط ۽ وڌيڪ دلير ٿيءُ،
بي دلي ٿي ڪري، همت نه هارجان“، جو تنهنجي آسري تي
ئي اهڙو ڏکيو ۽ ڳرو بار مجلس مارڪي ۾ کنيم!”شهر جا
سپاهي ۽ ٻيا ننڍا وڏا سندس اها وائي ٻڌي ان کي
بڪواس سمجهڻ لڳا. شهر جا ٻارڙا به تماشي طور سندس
پٺيان اهي ساڳيا لفظ پئي چوندا ويا. سڀني ائين پئي
ڀانيو ته هي ڪو چريو ديوانو آهي، مگر کين ڪهڙي خبر
ته ڪو هي ديوانو پنهنجي ڪم تي پورو هوشيار آهي!
تان جو هن وجهه وٺي، پنهنجي ڪم پوري ڪرڻ لاءِ
موقعو تاڙيو. جڏهن مرزا صالح سوار ٿي، پنهنجي محل
ڏانهن ٿي ويو تڏهن خنجر ڪاغذ ۾ ويڙهي، عريضي طور
جهلي، ”داد فرياد! داد فرياد!“ پڪارڻ لڳو. ان تي
جڏهن پيادا سپاهي کانئس ڪاغذ وٺڻ لاءِ ڊوڙي وٽس
پهتا ته انهن کي نه ڏنائين ۽ چيائين ته: ”آءٌ پاڻ
مرزا کي ڏيندس ۽ زباني به عرض ڪندس.“ مرزا عالي
دماغ هو، پر اجل جو آيس، سو پنهنجي قاتل کي پاڻ
پنهنجي طرف سڏيائين ته ڀل ويجهو اچي ۽ پنهنجو حال
بيان ڪري. هو جڏهن ويجهو ٿيو، تڏهن خنجر ڪاغذ مان
ڪڍي، اندر مان وڏي آهه سان رڙ ڪري، انهيءَ وير
واري غصي مان خنجر اهڙو ته زور سان مرزا جي پيٽ ۾
هنيائين جو سندس آنڊا لـَـڙڪي لـُـڏڻ لڳا ۽ صبح جو
جيڪا آش (آڇ يا پٽڙي رٻ) پي آيو هو، سا هيٺ زمين
تي هارجي وئي. تڏهن هن مرداڻي مڙس کي، جيڪو وير
واريندڙ مڙسن مان هو، مرزا جي ماڻهن ذرا ڦونڌا ڪري
اُڏائي ڇڏيو. |