باب ٻيو
سومرن ۽ سمن جو دؤر
(ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ)
هيءَ جنگ سومرن حاڪمن جي زوال ۽ سمن زميندارن جي
اُڀرندڙ طاقت واري دؤر ۾ لڳي. سومرن جو آخري حاڪم
دودي جو پٽ همير هو، جنهن غالبا= ٺٽي طرف سمن جي
وڌندڙ طاقت سببان عمرڪوٽ کي اچي پنهنجي گاديءَ جو
هنڌ مقرر ڪيو هو. ڄام هالو - ساند جو پٽ هو. ڄام
هالي جي ڌيءُ ٻاگهي، سندس گهر ۾ هئي. شاديءَ وقت
ڄام هالي، ”سـَـڪيري“ نالي پنهنجي خاص خدمتگار کي
ٻاگهيءَ سان گڏ موڪليو هو. ٻاگهيءَ جي شاديءَ کان
پوءِ ڀاڻس هوٿي ساڻس ملڻ ايندو هو، تنهن هڪ ڏينهن
همير جي ڌيءُ ”جيجڙي“ کي ڏٺو ۽ پنهنجي پيءُ ڄام
هالي کي چيائينءَ ته مون کي جيجڙيءَ جو سڱ وٺي ڏي.
ڄام هالي، همير کان سڱ گهريو، پر همير انڪار ڪيو.
پوءِ، ٻاگهي، همير کي بار بار چوڻ لڳي، جنهن تي
همير ڪاوڙجي، ٻاگهيءَ کي ڪوٽ مان ڪڍائي ڇڏيو. هيءَ
مائي مرداڻي دل رکندڙ هئي، سا مائٽين موٽي ڪانه
وئي پر پنهنجي خادم سـَـڪيري کي ساڻ ڪري، شهر کان
ٻاهر ڪنهن آباد ايراضيءَ ۾ وڃي جدا حويلي ٺاهي
ويٺي. همير جا ماڻهو کيس اتي به ستائڻ لڳا، جن سان
سـَـڪيرو سامهون ٿيو پر کيس ماري وڌائون. انهيءَ
تي ٻاگهي پنهنجي پيءُ ڏانهن پيغام موڪليو ته: آءٌ
ڪوٽ کان ٻاهر نڪتي ويٺي آهيان ۽ ”سـَـڪيرو“ به
مارجي ويو آهي:
ٻل ٻاٻل ٻانهو مئو، هئو سوان مڙسان رو ٻن
هـِـيري رتاس ڏندڙا، هوس ڪاتي سونو ڳن
مولهيو موتين ڇانئيو، هوس پـُـر پـُـر پوت موتين
انهيءَ تي ڄام هالي جا پٽ: هوٿي، علي، پلي ۽ ٻيا
لشڪر ساڻ ڪري چڙهيا:
پلي پاڻي نه پئي، علي ان نه کاءِ
هميراڻي ڪوٽ سان، جان جان جنگ نه ڪياءِ
انهيءَ جنگ ۾ فتح ڄام هالي جي طرف جي ٿي،
همير مارجي ويو ۽ سومرن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي. ڄام
هالي جو پٽ هوٿي پڻ هن جنگ ۾ مارجي ويو، جنهن تي
ٻاگهيءَ پار ڪڍيو ته:
هوٿي جي ڦڻي کي هو گيوَر گيوَر گـُـل
سڀ مرن سومرا، توءِ ڪونهي ڦڻي - تـُـل.
صابر شر جي روايت
ڄام هالي جي ڌيءُ ٻاگهي همير سومري جي گهر
۾ هئي. ٻاگهيءَ کي ٻانهو به ساڻ ڏنل هو. هالي جو
پٽ هوٿي، اچي همير جي ڀيڻ جيجڙيءَ تي چريو ٿيو.
ٻاگهيءَ کي چيائين ته: ڪنهن به نموني سان همير جي
پلنگ تي سـُـمهار. ٻاگهيءَ سمهاريس ۽ پاڻ ويهي
جيجڙي سان ڍاري راند ڪيائين. جيجڙي ان وقت هوٿيءَ
کي ڏٺو ۽ کيس مٺيان لڳي. اڳ به ڄام هالي، هوٿيءَ
لاءِ جيجڙيءَ جو سڱ گهريو هو، جنهن تان همير کي
ڪاوڙ آئي ۽ چيائين ته:
مان هان سڌر سومرو، تون سمو سڱر ٽوڙ
ڦولي لهه گهڻن ۾، وڃي جـِـيس پنهنجو جوڙ
جڏهن اها ڳالهه کـُـلي پئي، ته همير کي
ٻاگهيءَ تي ڪاوڙ آئي ۽ کيس مائٽن ڏي موڪليائين. پر
ٻاگهيءَ چيو ته: آءٌ مائٽين موٽي ڪانه وينديس.
پوءِ همير ٻاگهيءَ کي ڪوٽ مان ڪڍي ڇڏيو، ته هوءَ
ڪوٽ کان پري، ٻانهي کان ڇپر جوڙائي اتي وڃي رهي.
ٻاگهي، ٻانهي کي چيو ته تون پاڻي ڇوڙ ته ٻني ٽڪر
آباد ڪريون. ٻانهي پاڻي ڇڏيو. همير اُتان اچي
لنگهيو ۽ ٻانهي کي چيائين ته: ڇو منهنجي ٻنيءَ ۾
پاڻي ڇڏيو اٿئي؟ ٻانهي جواب ڏنو ته: ”منهنجي سانئڻ
جو حڪم آهي“. انهي تي همير مٿس حملو ڪرايو ۽ ٻانهو
وڙهندي مارجي ويو. انهيءَ تي مائي ٻاگهيءَ پار
ڪڍيو:
ٻل ٻاٻل ٻانهو نه مري، سـَـوان مڙسان رو ٻـَـن
هيري رتاس ڏندڙا، هوس ڪاتيءَ سونو ڳن
مولهيو موتين ڇانئيو، هوس پـُـر پـُـر موتين پوت.
سومرين جڏهن اهو پار سـُـئو، تڏهن چوائي
موڪليائونس ته: اڙي! ٻانهي لاءِ ايڏو پار ڪڍيو
اٿئي، جي پڻهين هالو مئو ته ڇا چوندئين؟ تڏهن
ٻاگهيءَ چيو ته: اُن لاءِ به سڀو ڪجهه پيو آهي:
اُڀ مـُـنرو، زمين جهانوَري، منجهه هالو مانڌاڻ(1)
هـِـڪا ڇـِـڪي لـُـڙ ڪري، دِلي خراساڻ
ڄام هالي ۽ سندس پٽن علي(2)
، پلي، هوٿي ۽ ٻين کي سڄي خبر پئي ته ٻاگهي
ڪوٽ کان ٻاهر نڪتي ويٺي آهي ۽ ٻانهو به مارجي ويو
آهي، اُتي سخن ڪري چڙهيا:
علي اَن نه کاءُ، پلي پاڻي نه پيئي
هميراڻي ڪوٽ سان جان جان جنگ نه ڪياءِ
1. جـُـوڻو، جهـِـو، جکرو، هوٿي، هڱورو
پلي پاڻي نه پئي، ڏمريو ڏيرو
اتي ڏيون ديرو، جتي ٻاگهي لڌو مـِـهڻو.
2. هوٿي ڇوڙي ڪنڍيون، هڱورو دربار
جيجا ڪوٽ نهار، ته ٻاگهي ڀائرن جا ڪـِـي.
مائي ٻاگهيءَ چيو ته: سومرا گهڻا آهن، نه
چڙهو. ڀلا جي وڃو ته اهو جوان وڃي جنهن جي ڏاڙهيءَ
۾ ڦڻي نه اٽڪي: ڀانيائين ته هوٿي نه وڃي. هوٿي
لوهي ڦڻي ڄاڙي ۾ زور سان هڻي اٽڪائي، تڏهن جنگ تي
چڙهڻ جي موڪل مليس. نيٺ جنگ لڳي ته ٻاگهي ۽ جيجڙي
اچي نديءَ جي ڪناري تي ويٺيون پـَـٽ ۽ کٿا پاڻيءَ
۾ اُڇلايائون ۽ چيائون ته جي پـَـٽ ٻـُـڏو، ته
سومرا ماربا ۽ جي کٿا ٻـُـڏا ته سما ماريا. ڏٺائون
ته پٽ وڃي پيو ٻـُـڏندو ۽ کٿا پيا تـَـرن. پوءِ
سومرا مارجي ويا ۽ هوٿي، جيجڙي پرڻيو، جنهن مان
ڄام جکرو ڄائو.
محمد فقير مڱڻهار جي روايت(1)
هالي جي ڌيءُ ٻاگهي، همير پرڻيو. هالي
پنهنجو ٻانهون ٻٻر نالي ٻاگهيءَ کي ڏاج ۾ ڏنو ۽ ان
سان گڏ موڪلي ڏنو. ٻاگهيءَ سان ٻيا ڪاريگر به آيا.
انهن جي واکاڻ سبب ٻاگهيءَ جي به واکاڻ ٿي، جيڪا
سومرا سهي نه سگهيا. انهيءَ تي ٻاگهيءَ کي همير
طرفان ڏهاڳ مليو. ٻاگهي اها خبر پنهنجي ٻانهي
ٻٻر هٿان سمن ڏانهن ٿي موڪلي، جو ٻانهي کي همير
مارائي ڇڏيو. انهي تي ٻاگهيءَ پار ڪڍيو ته:
ور ٻاٻل! ٻانهو مئو، آڏين سمونڊين ٻن
سون ڪٽوري پيئندو هو، جنهن جي ڪاتي سونو ڳـَـن
انهيءَ تي چيائونس ته پيءُ جو پار به ڪڍ، پار
ڪڍيائين ته:
ڌر گــَـجي، اُڀ مـَـنڌِي، مون ٻاٻو مهراڻ
ايـَـڪ ڌوس(1)
سي گيهه ڪڍي، مون ٻاٻل دِلي خريساڻ
هالي کي ست پٽ هئا، جن همير جي ڏينهن ۾ ئي
ساموئي کي آباد ڪيو: (1) جهو، جنهن مان جهيجا ٿيا
(2) جـُـوڻو، جنهن مان جوڻيجا ٿيا (3) جکرو، جنهن
مان جکرا ٿيا (4) هوٿي (5) هڱورو، جنهن مان هڱورجا
ٿيا (6) پلي ۽ (7) ڏيرو. اٺين ڌيءُ ٻاگهي ٿيس.
ٻٻر جي مارجڻ تي هالي جا سڀ پٽ چڙهيا.
هڱورو اچي ٺـَـڪـُـرن ۾ پيو. پوءِ ٻيا آيا جن اچي
همير کي قيد ڪيو ۽ نيٺ ماريائونس. موٽيا پئي ته
آڏو هڱوري جو لشڪر گڏين. اتي هڪڙو فقير هو تنهن
هڱوري کي چيو ته:
آ هڱورل پوڇڙيارا(2)،
توکي ٻئي ڪاڄ سـُـڌا
پـَـٽڻ مـــاريــا سومـــرا، تـکان ٿر ڪوڏيا
مـُـٺا.
يعني: ”پـَـٽڻ“ جي شهر ۾ سومرا مارجي ويا، باقي ٿر
وارن کي تو ماريو.
آ هڱورل پوڇڙيارا، اڄ گهرجين هت
سومرن ماري سما، ڪنرن ِ ڀريـَـا رت.
انهيءَ تي هڱوري کي غصو آيو. تڏهن فقير بيت واريو
ته:
هوءَ ٻٻڻ، هوءَ ٻاٻڻي، هوءِ هڱورل ڄار
ڦاٿيءَ مڇ رت وهي، تون ڏوهه ڏمر ڍار.
يعني ته: تنهنجي ڀائرن جي فتح آهي، انهي
ڪري غصي جو ضرور ڪونهي. پوءِ پڳ هوٿيءَ کي ڏنائون.
طالب فقير ڀان جي روايت
هالي ۽ همير هرڻ ماريو. ٻنهي مان هر هڪ
چيو ته: هرڻ منهنجي ملڪ جو آهي. انهي تي هالي چيو
ته: جي هرڻ جي پيٽ مان مڱ نڪتا ته هرڻ منهنجي
بادشاهي جو، ۽ جي جوَ نڪتا ته تنهنجو. سومرن طرف
جوَ ٿيندا هئا. هرڻ ڪٺائون ته ان جي پيٽ مان جوَ
نڪتا. انهي تي همير سومري، ڄام هالي کان سڱ گهريو.
ڄام هالي سڱ ته ڏنو پر آهه نڪري ويس. تڏهن همير
چيس ته: آءٌ توکي پنهنجي ڌيءُ ٿو ڏيان. ڄام هالي
چيو ته: جي تون مون کي سڱ ٿو ڏين، ته آءٌ به
مسلمان ٿو ٿيان. پوءِ ڪڇ جي بزرگ محمد شاهه (ولد
اسماعيل شاهه) مسلمان ڪيس.
درگاهي فقير ميراثي جي روايت(1)
گجر مينهن سومرن جي ۽ گجر مينهن سمن جي گم
ٿي ويون. ٻئي طرف ڳولڻ نڪتا. ڄام هالي جا پٽ
ڳوليندي ڳوليندي پري نڪري ويا. پويان همير سومرو
پنهنجي لشڪر سان ڳوليندي اچي پهتو. ان کان اڳ گجر
مينهن به هالي جي وٿاڻ تي آئي. همير چيو، منهنجي،
هالي چيو ته: منهنجي.
جهيڙو وڌي ويو ۽ آخرڪار جهيڙي ٽارڻ لاءِ
ائين نبيريائون ته ڪـُـهون ٿا، پوءِ جنهن جي
پـَـٽَ جو گاهه پيٽان نڪتو مينهن انهيءَ جي ٿي ۽
ٻي ڌر ڏن ڀريندي. مينهن ڪـُـٺائون ته گاهه همير جي
پـَـٽَ جو نڪتو. همير انهيءَ ڏن ۾ هالي تي سڱ رکيو
۽ هالي پنهنجي ڌيءَ ٻاگهي همير کي ڏيڻي ڪئي. پر
چيائين ته: هينئر ئي پرڻجي وڃ. منهنجا پـُـٽ ايندا
ته مامرو ڪندا. همير چيو ته: ”اهي ميرڙا ڪوجهڙا ڇا
ڪندا! آءٌ سنڀري اچي شادي ڪندس.“ پوءِ جڏهن همير
چڙهي آيو ته ڄام هالي جي پـُـٽن مقابلو ڪيو ۽ جنگ
لڳي.
چون ٿا ته وڌيڪ صحيح ائين آهي ته همير
بادشاهه هالي جي ڌيءَ سان شادي ڪري ويو. جنگ ان
کان پوءِ لڳي. ڄام هالي جا اَٺ پٽ هئا: ڏيرو، پلي،
جکرو، هوٿي، هڱورو، جيهو، جـُـوڻو ۽ علي. اهي سڀ
وڏي بهادريءَ سان وڙهيا. ان کان اڳ جوڻي کي همير
پنهنجي ڌيءَ ڏني هئي ته جيئن صلح ٿئي، پر صلح پوءِ
به ڪونه ٿيو. ڄام هالي جي پٽن کي پوءِ سندس مڱڻهار
فقيرن ڳاتو.
* پهريون پٽ هالي جو، پلي نانءَ پهلوان
فتح جنهن جي منهن ۾، جنهن وٽ آهي سڀ سامان
شير وڌايس شان، شرا ٻڌي گهر آئيو.
يعني ته پلي پڳ ٻڌي هئي.
* ٻيو پٽ هالي جو، ڏيرو نانءَ سلطان
ورنهه رهي نه ويري ري در مٿي دَيلان
ملهائي ميدان، جنهن سئين ماريا سومرا.
* ٽيون پٽ هالي ڄام جو، جکري نانءَ وريام
جنهن وٽ ٻيڙو جنگ جو، مٿي سر ڪـِـمام
مڙيو ڪين مدام، آيو طريلو تري ترار تي(1)
* چوٿون پـُـٽ هالي ڄام جو، هوٿي نانءَ راوت
ترسيوڪين ترار کؤن، آيو پيـَـل ڪري پـَـربت
مانجهي مڳ مٿير جنهن منهن مٿي مـَـستـَـڪ
هئي هوٿي هٿ، ست سؤ ماريا سومرا
* پنجون پـُـٽ هالي ڄام جو، هڱورو نانءَ امراءَ
دوسي منجهه دشمن، ڪري غنيم سڀ گمراهه
هو بهادر بي پرواهه، جنهن ڪيو غار غنيم کي.
* ڇهون پٽ ڄام آرڻ ۾ هيلهيان حملا وَر
موڪ ماري مصريون، سـَـهس نوائي نر
ڳچ ڳاري لشڪر، آيو دولهه ديري پانهنجي.
* ستون پٽ هالي ڄام جو جـُـوڻو نان اڙٻنگ
مهڻو لڳو مڙد کي، چڙهيو ترت سنڀاري تنگ
ورنهه وجهي ونگ، ڳڌائين سڱ همير کؤن.
* اٺون پٽ هالي ڄام جو علي نانءَ نروار
سهمايائين سومرن کي ڪيائين جنگ جهونجهار
آني چاڙهيائين ڀـِـٽ تي ڏهه ڇليون هڪ هزار(1)
پوءِ تهدل سان تڪرار، سرسي تنهن سالار ڪئي.
اها جنگ سنگرار پڪار طرف لڳي.
--------
|