سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 10

صفحو :44

 

6. علي بخش نظاماڻيءَ جا مير علي مراد جي پهلوانن سان مقابلا(1)

        مير علي مراد خان جي وقت ۾ علي بخش نداماڻي (نظاماڻي) خيرپور رياست جي شوراهه تعلقي ۾ هڪ وڏو سورهيه مڙس هو. مير جي گاهين جي ڪاڻ نه ڪڍندو هو ۽ گاهه توڙي اَن جي اڌ بٽئي کان وڌيڪ هڪ تيلي يا هڪ ڪڻو به کڻڻ نه ڏيندو هو. گاهين پئي اهڙو ڪو وجهه ڳوليو جيئن علي بخش جو گاهه ٻئي مٿا کڻن.

        هڪ سال مير علي مراد ناري جي شڪار تي چڙهيو ۽ اتان موٽيو ته اچي ”ڏاڏر“ ۾ منزل ڪيائين. وهٽن لاءِ گاهه پٺي جي ضرورت هئي. علي بخش جا جوَ پوکيل هئا ۽ اها ٻني ويجهي هئي. گاهي سج لٿي جو اها ٻني جانچي آيا ۽ پوءِ وڏي اسر اچي ان ۾ ڏانٽا وڌائون. علي بخش کي خبر پئجي وئي، تنهن گاهين کي ماري ڪٽي پوئتي روانو ڪيو. هنن مٿا اگهاڙا ڪري اچي مير آڏو فرياد ڪيو ته: سائين! علي بخش نه ڪڏهن گاهه جي بٽئي جو اڌ ڏئي ته نه وري ان جي بٽئي ڏئي. اڄ اسان کي ڪٽيو اٿس، سڀاڻي سرڪار جي ٻئي ڪنهن نوڪر کي ڪٽيندو.

        ان دانهن تي مير صاحب پنهنجي خاص ماڻهو پياري مگسيءَ کي حڪم ڏنو ته وڃي علي بخش جي پيدايش تي ٺپو رکي ۽ علي بخش کي به وٺي آڻي حاضر ڪري. سرڪاري تپيدار شيخو ميمڻ به ساڻس گڏ چڙهيو. مگسي سگهو مڙس هو، سو جڏهن علي بخش جي ڳوٺ آيا ۽ علي بخش کي سڏيائون ته مگسي دڙڪي داٻ سان ڳالهايو ته سرڪاري حڪم آهي ۽ تنهنجي پيدايش ضبط آهي. علي بخش چيو ته: اڌ بٽئي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، باقي پيدايش(1) نڪو ٺپڻ ڏيندس ته نڪو کڻڻ ڏيندس. اتي پياري مگسي زور ڏيکاريو ۽ اڳتي وڌي علي بخش تي جـُـلهه ڪيائين، پر علي بخش جي پهرئين ڌڪ سندس ٻئي ٻانهون وڍي ڇڏيون. اتي شيخو ميمڻ ۽ ٻيا ڀڳا ۽ اچي مير کي ٻڌايائون ته علي بخش حملو ڪري پياري جون ٻئي ٻانهون وڍي وڌيون ۽ پيارو مري ويو هوندو.

        تڏهن مير صاحب، بکر خان لاشاري کي سپاهه ساڻ ڪري حڪم ڏنو ته علي بخش کي ڪنهن به طرح آڻي حاضر ڪري. ان وقت دستور هوندو هو ته جڏهن به ڪو اچي حاضر ٿيندو هو ته فيصلو ٿيندو هو ۽ فيصلي کان اڳ ڪنهن کي به ڪا تڪليف ڪانه پهچندي هئي، پر ان کان اڳ بکر خان مير جي حڪم تي ڪنهن ڪلهوڙي کي حاضر ڪيو هو جيڪو فيصلي کان اڳ مير جي نوڪرن جي هٿان قتل ٿي ويو هو. سو بکر خان مير صاحب کي چيو ته مون کي اهڙو لکيل حڪم ملي ته فيصلي کان اڳ علي بخش کي ڪا تڪليف ڪانه پهچندي. مير اهڙي "لکيي" ڏيڻ جو حڪم ڪيو. مير صاحب ان وقت ڊٻ ۾ شڪار لاءِ لٿل هو.

        بکر خان اهو لکيو به کنيو ۽ قرآن شريف به کنيو. علي بخش اهو ڏسي بکر خان جي ڀليڪار ڪئي. بکر خان چيو ته مير صاحب توکي گهرايو آهي، پر هو توسان ناراض ڪونهي، فيصلو ٿيندو. علي بخش چيو ته: مير مون سان ڪيئن نه ناراض هوندو جو ڪالهه ڪالهوڻي سندس گاهي ماريا اٿم ۽ تازو تازو پياري مگسي کي ماريو اٿم. تڏهن بکر خان کيس لکيو ڏيکاريو ۽ قرآن شريف جو قسم ڏنو. تڏهن علي بخش بوڇڻ کي ڪمربند ڪري ان ۾ شڪليو هنيو ۽ هلڻ لاءِ تيار ٿيو. سندس ماءُ مائي سونڻ جهليس ته: ابا! توتي خون جو مامرو آهي، سو سمجهي قدم کڻ. علي بخش چيو ته: امان، آءٌ سر ٿو ڏيان قرآن شريف تي، جي مران ته منهنجو نالو کڻي پوٽي تي رکجان(1).

        جڏهن بکر خان کيس وٺي آيو ۽ علي بخش اچي ڪچهري ۾ مير صاحب جو سلام ڪيو ته مير سلام نه جهليو ۽ حڪم ڪيائين ته: هٿيار ڇوڙي ڪچهري ۾ آءُ. علي بخش چيو ته: هٿيار، سر ۽ ڏاڙهي سنوان آهن. تڏهن سيد صالح شاهه کي مير حڪم ڪيو ته: ٻروچ کان هٿيار کس. علي بخش چيس ته: سيد تون نه اچ. پر هن حملو ڪيو ۽ علي بخش جي پهرئين ڌڪ کيس کڻي ڇڏيو. اتي ڪو پَلهه هو جو مير جو پهلوان هو. مير ان کي بڇ ڪئي، جنهن علي بخش کي وارو ئي نه ڏنو ۽ يڪا ست وار لاڳيتا ڪيا، جيڪي هن سپر ڏيئي ڇنڊيا، ۽ پوءِ جو پَلهه کي علي بخش پاسيرو ڌڪ هنيو سو چليهه وٽان ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيائينس.

        پوءِ علي بخش سڌو مير علي مراد جي طنبو تي جُلهه ڪئي ۽ هڪ رسي ڪپيائين جو مڙس جي ڪانچ طنبو جي اڳ واري ”جهـَـڳڙ ڪِلي“ ۾ وچڙي وئي. اڃا انهيءَ وچڙ ۾ هو جو گهرام مري اچي پويان ڌڪ هنيس. علي بخش ڏسي چيس ته: تون منهنجو مٽ هئين، توکي ته سامهون ٿي وڙهڻ کپي ها. ائين چئي ڌڪ جهلي گهرام کي ڌڪ هنيائين جو ڪجهه سپر ۾ ۽ ڪجهه پٽڪي ۾ لڳو ۽ گهرام باهڙجي وڃي ڪِريو ۽ ذرا دير کان پوءِ سامت ۾ آيو. پوءِ وڃي مير کي چيائين ته: علي بخش کي ڌڪ لڳو آهي سو ڄاڻ ته مئو، پر هت شڪار گاهه ۾ رڳو شڪار وارا آهن ۽ سپاهه ٿورو آهي. انهيءَ ڪري سرڪار کي هتان منزل ڪوچ ڪرڻ گهرجي جو نظاماڻي ڄاڻ ته علي بخش جي واهر ۾ پهتا. پوءِ مير حڪم ڪيو ته مڏي کڻو، تڏهن قائم شر مير کي دلداري ڏني ۽ عرض ڪيو ته: منهنجي دعوت قبول ڪريو ۽ مون وٽ هلي منزل ڪريو. آءٌ شرن کي چؤڪي تي بيهاريندس ۽ ڪنهن جو به وار ونگو نه ٿيندو. پر مير صاحب جيئن چڙهيو ته مهراڻن واري واٽ سان سڌو اچي ڪوٽ ڏجي پهتو.

        علي بخش جي هن سورهيائيءَ کي ان وقت جي سگهڙ خير محمد نالي پنهنجي هيٺين ”تڪ – بندي“ ۾ بيان ڪيو:

ناري جي به شڪار تي مير صاحب چڙهيو آ
کيڏي شڪار ناري جو، مير ”ڏاڏر“ لٿو آ
هت سج لٿي جو گاهين، جَؤ جانچي ڇڏيو آ
سج اُڀريو ئي ڪينڪي گاهين ڏانٽو کوڙيو آ
خبر پئي علي بخش کي، ڪڍيائين گاهين ڪُٽ چتاءُ
گاهي سڌو مٿي اگهاڙو، مير ڏي ڀڳو آ
چئي: اڄ مارياسي گاهي سائين، سُڀنهه ٻئي جي مٿي آ
مير سڏيو: ڙي پيارا مگسي تنهنجي مهل اڄوڪي آ
شيخُو ميمڻ کوهَڙُ هو سو ٻيل چاڙهيو آ
هڪلي اچي نداماڻي کي ڪَيئَون سڏ وراءُ
نڪري آءُ ڙي نداماڻي، توتي حڪم مير جو آ.

 

(علي بخش چيو):

چار گهُرڙيون گهوڙي خاطر مون به پرکيون آ(1)
اچي ڪم سرڪار جي مان کؤن وٺي اڌ وراهه
ٻنهين ڌُرين مير کي ڏيڻ جوڙ به ناه.
---
ڪجهه ڳالهايو پياري مگسي، ڪجهه علي بخش آ
ڇڏ ڇڪليو نداماڻي، وڌئين مگسيءَ جون ٻيئي ٻانهون لاه(1)
هرڻ تکا، ڦاڙها تکا، تن کؤن شيخو تکو آ
ٽين ٽپين سان مير سان وڃي معلوم ٿيو ڳالهاءِ
تَه، نداماڻي مگسي سنديون وڌيون ٻيئي ٻانهون لاهه.
ته مير سڏيو: ڙي بَکو تنهنجي مهل اڄوڪي آ(2)
چئي: ڪَرين ڪار ڪلهوڙي واري ته بکو ڪين به چڙهيو آ(3)
ٻه اکر ”ڀلي تي“ مان کي لکي ڏج وراءَ(4)
بکو لاشاري، سنگت ساري، جُودؤن تياري ڪيڙي آ
اڳ ۾ ”ڪلام رب جو“، پٺيون بکو آ(5)
---
هڪلي اچي نداماڻي کي ڪيائين سڏ وراءَ
نڪري آءُ اي علي بخش، توکي حڪم مير جو آ
”مامو“ ”مامو“ ڪري اچي علي بخش مليو آ
چئي: ماما بکو خير جي تون ورندي ڏي به وراءِ
بکو چئي: مير علي مراد توتي ڏاڍو راضي آ
چئي: ماما بکو، مير اسان تي ڪاڏهون راضي آ.
----

چئي: ابا، تنهنجي منهنجي وچ تي، هيءَ ”ڪلام رب جو“(1)
تڏ جوڙي سندو ٻروچ بوڇڻ ڪمر ويڙهيو آ
(2)
سونڻ نالي مائي ماڻس، ڪمر ڇڪي جهلي آ
چئي: ابا علي بخش! مامرو اٿئي خون جو، تون پرجهي پير به پاءِ
چئي: امان گهڻا اٿئي پٽا، ٿيندءِ گهڻا پوٽا
”علي بخش“ پوٽي تي کڻي رکجانءِ نانءَ وراءِ
سو ٿو ڏيان قرآن تي، جئن ڏوڪڙ گهوريو آ.
---
پوءِ ڇڪيلو ٻروچ ڪـُـرٽَ ۾ وڏو آ
ڳالهين ڪندي سي اچي مير وٽ سلامي ٿيا
(3)
ته نڪو مير سلام موٽايو، نڪا توجهه وڌي آ
ته چَپ وات ۾ ڏيئي، ٻروچ بيهي رهيو آ
چئي: سلام ٿِي اي مير سونهارا، علي بخش ٿيو اوطاقي آ(4)
چئي: هٿيار ڇوڙي ڦٽا ڪري پوءِ ٿي اوطاقي آءُ
چئي: سائين هٿيار پنهوار ڦٽا ڪري، سِر ڏاڙهي ڏيڻ جوڙ به ناه
ته مير صاحب سيد صالح شاهه کي حڪم ڏنو آ
ته حُڪمي هٿيار ٻروچ کؤن کسي تون وراءَ.
علي بخش چئي: سيد سونهارا تون مان تي ڪين به آ.
تنهنجي ڏاڏي منهنجي ڏاڏي ڪلمون پڙهيو آ
ڪنهين ڳالهين سيد سونهارو ڪين به مڙيو آ
ڌڪو ڏنائين ٻروچ کي، قهري ڪو چتاءِ
(1)
ڇڏ ڇڪيلونداماڻي! ڳاٽ - هـِـڏي واري تلوار ابتاڻي مؤن نڪري پئي آ
(2)
تڏ ست تراريون پَلهه بي اتي کوڙيون آ
(3)
سي ستئي تراريون ٻروچ سپر مٿي جهليون آ
ڇڏ ڇڪيلو نداماڻي! پلهه کي وڌئين لڪئون لاهه
پوءِ جُلهه ڪيائين طنبوءَ تي ات مير به مٿي آ
(4)
ڏور ڪپيائين طنبوءَ جي، هي عالم شاهد آ
(5)
تڏ سُٿڻ جهَڳڙ ڪِلي ٻروچ جي وچڙي وئي آ
(6)
اتي پُٺيري تلوار اچي گهرام مري هنئي آ
ڪنڌ کڻي گهرام مري ڏي، مالُم ڪيائين ڳالهاءَ
(7)
”تون ته منهنجو مَٽ هئين، تون اڳيئون اچي هام وَراءَ“
(8)
چوريءَ وڙهڻ پريـَـؤن، اهو ڪم چور جو آ
ڇڏ ڇڪيلو نداماڻي! ڪجهه جهليو هوس پڳ ٻيو سپر لاهيون آ
(9)
---

ٽئين گهڙي کان پوءِ مري سامت آيو آ(10)
چئي: ڀڄ ڀڄان اي مير سونهارا
ڊٻ ڊٻان تي ويڙهي ويندءِ، اجهي نداماڻي آيا
”آڻيو ڀلو مهري“، چوڻ مير جو ٿيو آ
ديڳڙا ٻوڙ پلاون جا اتي دميا ڇڏيون آ
تڏ قائم شر مير کي ڏاڍي دلداري ڏني آ
هتئون منزل مان وٽ ڪر تون بالم بي پرواه
ريڍو کير، جواري ماني، جهجهو ڪندس، ڪر دلجاءِ
شرن سندي چؤڪي توتي ٿت بيهاريندس ٿاءِ
(1)
پر ڪنهين ڳالهين مير سونهاروڪين به مڙيوآ
وٺي ڀڪ مهراڻين جي، اچي ”ڏجي“ لٿو آ
(2)
-------


(1)  هن ڳالهه جو بيان اسان ناري، چونڊڪي ۽ سوراهه ۾ ڪيل ڪچهرين ۾ ٻڌو. سوراهه لڳ ويٺل نظاماڻين کان پڇيو جن چيو ته ان وقت جو هڪ بيت آهي پر اهو ماڻهو موجود ناهي. اتفاق سان اهو بيت جيڪو هيٺ ڏنل آهي سو اسان کي مرحوم محمد عالم خان شاهل زئي جمالي (تعقلو اوستو محمد، بلوچستان) جي ڳوٺ سندس اوطاق تي 29 ڊسمبر 1972ع تي ڪيل ڪچهريءَ ۾ اتي جي ڪنهن سگهڙ کان مليو.

(1)  پيدايشي ٺپي، يعني اَنَ ۽ گاهه تي سرڪاري ٺپو هڻي جو ڪوبه کڻي نه سگهي جيستائين فيصلو ٿئي.

(1)  هن مان ظاهر آهي ته علي بخش ان وقت چاليهن - پنجيتاليهن سالن جو هوندو جو سندس پٽن کي به ٻار ٿي ڄاوا.

(1)  گهوڙيون = پاٽيون (ٻج جون).

(1)  ”ڇڏ ڇڪيلو = هڻ شڪيلو، (يعني نداماڻي هڻي جو ترار).

(2)  بکو = بکر خان لاشاري.

(3)  ڪلهوڙي واري ڪار = اڳ ڪلهوڙي کي بکر خان وٺي آيو هو جنهن کي فيصلي کان اڳ ماريو ويو هو.

(4)  ڀلي تي = قرآن شريف تي.

(5)  ڪلام رب جو = ڪلام الله.

(1)  تنهنجي منهنجي وچ ۾ = ٻنهي جي وچ ۾ شاهد ۽ امين.

(2)  جوڙي = جوڙي جو ٿلهو هٿ جو اُڻيل ڪپڙو.

(3)  ڳالهين (هجي زير سان، مقامي ٻولي جو محاورو) = ڳالهيون ڪندي.

(4)  ٿي = اٿئي. اوطاقي ٿيو آ=  تنهنجي هن اوطاق تي آيو آ.

(1)  چتاءِ = چتائي.

(2)  ڳاٽ هڏي = ڳاٽ واري هڏي کان تلوار لڳي ته جسم چيري اچي چيلهه (ابتاڻي) تائين بيٺي.

(3)  ”پلهه ذات جو جيڪو مير صاحب جو پهلوان هو.

(4)  طنبو وارو ٿلهو ٻي زمين کان مٿي هوندو هو.

(5)  عالم شاهد آ = جهان شاهد آ.

(6)  جهَڳڙ ڪلو = طنبوءَ جو اڳ وارو ڪلو.

(7)  مالم ڪيائين ڳالهاءَ = (گهرام مري کي) پنهنجو گفتو معلوم ڪرايائين، کيس چيائين.

(8)  هام وراءِ = ٻولائي ڌڪ هڻ.

(9)  سپر کي لاهي (وڍي) ڇڏيائين.

(10)  سامت آيو = هوش ۾ آيو.

(1)  ٿت = پڪي پوري. ٿاءَ = جاءِ، ان جاتي مقرر.

(2)  مهراڻن جي ڀڪ وٽ = مهراڻن جي ڀر وٺي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org