سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 7

صفحو :25

 

 

3. کرڙي واري جنگ(1)

        کرڙي واري جنگ سن 1149هه / 1834ع ۾ سنڌ جي اميرن ٽالپورن جي لشڪر ۽ شاهه شجاع طرفان چاڙهيل فوج جي وچ ۾ کرڙيءَ واري ميدان ۾ لڳي. درياءَ کان لاڳيتو اُتر ۽ پراڻي سکر شهر کان ڏکڻ اولهه واري ايراضي سڄو جنگ جو ميدان هو. موجوده جيل جي اُتران پوليس جو ٿاڻو اڃا تائين ”کرڙيءَ وارو ٿاڻو“ سڏجي ٿو، جو اڳين کرڙي واري ميدان جي نالي جو يادگار آهي. هن وقت اها ايراضي جا کرڙي جي نالي سان سڏجي ٿي ان جون حدون هي آهن: ڏکڻ کان درياءَ، اوڀر طرفان دنگ شاهه جو اوتارو ۽ ڀائي ٻالي جو مندر، اولهه طرف جي حد ”واٽر ڪورس“ کان قدري اولهه، ۽ اتر طرفان پراڻي ۽ نئين سکر واري وڏي رستي ۽ کرڙي پوليس ٿاڻي کان به قدري اُتر - اولهه وارو ڀاڱو.

        کرڙيءَ جي جنگ بابت جن مصنفن لکيو آهي تن مان منشي عطا محمد (جو ان وقت شڪارپور ۾ هو) پنهنجي تاريخ ”تازه نواي معارک“ ۾ تفصيلي بيان ڏنو آهي(2) جو هن ريت آهي:

        ٽالپر اميرن سنڌ ۾ حڪومت جي نظام کي پختي ڪرڻ بعد ڪابل جي ڪاڻ ڪانه ٿي ڪڍي، انهيءَ ڪري سن 1248هه ۾ افغانن طرفان سنڌ جي اُترين سرحد تي زور پيو ۽ اميرن جي حاڪم نواب عالم خان مري شڪارپور جي بدران اچي سکر ۾ پنهنجو محاذ پختو ڪيو. افغانن جي طرفان هدايت الله اچي گوسڙجي ۾ پنهنجو اڏو ڄمايو ۽ وجهه وٺي اڳرائي ڪري، نواب عالم خان مري تي حملو ڪيائين ۽ عالم خان شهيد ٿي ويو. عالم خان جو پٽ جهان خان مري هڪ وڏو بهادر ۽ باهمت جوان هو، جنهن پوءِ هدايت الله تي چڙهائي ڪئي ۽ هدايت الله مارجي ويو. انهي تي ڪابل طرفان سمندر خان فوج ساڻ ڪري اچي شڪارپور پهتو. نواب عالم خان مري جي بيگناهه قتل تي سنڌ ۾ ڪافي شورش ٿي ۽ ويتر جو سمندر خان چڙهي آيو ته سنڌ جي اميرن سندس مقابلي لاءِ فوج تيار ڪئي. مير رستم خان طرفان محبت خان مري، ڌڱاڻو خان مري، جلال خان مري، فضل محمد خان مري ۽ نظاماڻين، جلباڻين ۽ باگراڻين جا دستا روانا ٿيا. مير علي مراد جي طرفان گولي شاهه قهيري جو پٽ سورهيه سپهه سالار غلام مرتضيٰ شاهه فوراَ روهڙي مان درياءَ اُڪري اچي سکر پهتو. حيدرآباد طرفان آغا اسماعيل شاهه جو فرزند سيد محمد ڪاظم شاهه ان کان اڳ خيرپور آيل هو ۽ کيس حڪم مليو هو ته هو لاڙڪاڻي وڃي بهادر خان کوکر سان ملي. هو ٽنڊي لقمان خان مان لاڙڪاڻي ڏانهن روانو ٿيڻ وارو هو جو کيس نواب عالم خان مري جي شهادت جي خبر پهتي ۽ هن لاڙڪاڻي جو خيال لاهي موٽي اچي مير رستم خان سان مشورو ڪيو ۽ پوءِ اتان پاڻ ۽ سندس ڀاءُ محمد تقي شاهه پنهنجن سپاهين سميت روهڙي آيا ۽ اتان فوراً  درياء  اڪري سکر پهتا.

        خيرپور جي اميرن طرفان سندن سپهه سالار پنهنجن فوجي دستن سميت موجود هئا، مگر حيدرآباد طرفان فقط سيد ڪاظم شاهه ۽ سيد محمد تقي شاهه پنهنجن ساٿي سپاهين سان بر وقت پهتا. وقت جي تنگي سببان حيدرآباد طرفان پوري اهتمام سان ڪو وڏو لشڪر ڪونه پهتو. هوڏانهن سمندر خان پوري تياري سان آيو هو ۽ شڪارپورمان ست توپ گاڏيون ۽ ٽي هزار سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري چڙهيو ۽ اچي سکر جي پريان چئن ميلن تي ڳوٺ جعفر آباد ۾ ڇانوڻي هنيائين. سنڌ جي لشڪر جو هڪ حصو آڏو لال واهه جي پيٽ ۾ اڙ ڪري ويٺو. سمندر خان سامهون ميل کن تي ڏيکائي ڏيئي، جنگ جو جهنڊو وڻ تي چاڙهي، ٿورڙو لشڪر اتي بيهاري کين جنگ جو طبل وڄائڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ چال سان سنڌ جي لشڪر کي دوکي ۾ رکي، پنهنجي ٻي فوج ڦيرائي پوئين پاسي کان آهستي آهستي ٿي ٻه توبون آڻي ٽڪري تي چاڙهيائين. سنڌ جي لشڪر جي مکيه ڇانوڻي اُتان توبن جي مار ۾ هئي، ۽ افغانن بنان دهل دمامي جي اُتان مٿن توبون وسائڻ شروع ڪيون.

        باوجود انهيءَ اوچتي بمباري جي، سنڌ جو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿيڻ يا پوئتي هٽڻ جي بدران مقابلي لاءِ تيار ٿيو. غلام مرتضيٰ شاهه سنڌ جي فوج کي سورهيائي جو سبق سيکارڻ لاءِ سڌو ٽڪري طرف حملو ڪيو. حيدرآباد جي دستن جو سپهه سالار سيد محمد ڪاظم شاهه، جو غلام مرتضيٰ شاهه جو دوست هو، تنهن گهوڙي جون واڳون ڇڪي اڳواٽ وڏي دليريءَ سان حملو ڪيو، ۽ دشمن جي پيادل فوج جون پتيون ڪڍي ڇڏيائين ۽ اخر دم تائين وڙهندي ميدان ملهايائين. سيد محمد ڪاظم شاهه جي ڪرڻ تي، غلام مرتضيٰ شاهه پڻ مست هاٿي واري حالت ۾ تلوار هٿ ۾ ڪري ميدان ۾ اڳتي گهوڙو ڪـُـڏايو، پر اتفاق سان توب جي نيشاني جو شڪار ٿي شهيد ٿيو. سندس ڪـِـرڻ تي حيدرآباد جي اميرن جي وزيرن مان خاص ملازم دريا خان نظاماڻي اڳواڻ ٿي اڳتي وڌيو ۽ آخر سمندر خان جي ڀائٽي هٿان شهيد ٿيو. ان بعد جهان خان مري پنجاهه سٺ جنگجو جوانن جي دستي سان اڳتي وڌيو. هنن سورهين هڪٻئي جي پهراڻن جا پلؤ ٻڌي ڇڏيا هئا ته صف بنجي آخر دم تائين مقابلو ڪن. مردن ترارين هڻڻ سان انصاف ڪري ڇڏيو ۽ روهيلن جون پتيون ڪڍي ڇڏيائون. جهان خان جنهن مردانگي سان وڙهيو ان جو مثال ڪونه هو. باوجود دشمن جي وڏي تعداد جي هي مڙس ڪين مڙيا ۽ آخر دم تائين وڙهندي ميدان کي پنهنجي رت سان رڱيائون.

        دنيا ۾ اهڙي سورهيائي جا ڪي ٿورا مثال ملن ٿا: سنڌ جا پهلوان ٿورا هئا مگر ان هوندي به حياتين بچائڻ جي ڪٿ ئي ڪانه ڪيائون، ۽ مرد ٿي منهن ڏيئي موت سان مقابلا ڪيائون. ”تازه نواي معارک“ جو مصنف مڃي ٿو ته ميان غلام مرتضيٰ شاهه، عاليجاه سيد محمد ڪاظم شاهه، عالم خان مري ۽ شجاعت نشان جهان خان مري جهڙا دلير ۽ بهادر مڙس هن جنگ ۾ ائين مرڻ جا ڪين هئا پر تقدير ائين هئي.

        روهڙي جي قاضين مان ڪنهن بزرگ جي بياض ۾ ”کرڙي جي جنگ“ جا هيٺيان واقعا تاريخن سميت لکيل مليا، جن مان ظاهر آهي، ته نواب عالم خان مري ۽ سندس ساٿي هفتو اڳ پهرئين حملي ۾ شهيد ٿيا ۽ خاص ”کرڙيءَ واري جنگ“ تاريخ 27 شعبان، اربع ڏينهن، سن 1249هه تي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جا سورهيه سپهه سالار بهادري سان حملو ڪري مٿي ٽڪر تي چڙهي وڃي دشمن تي ڪڙڪيا ۽ اُتي ئي وڙهندي شهيد ٿيا.

        خليفي نبي بخش صاحب کرڙي جي جنگ ۾ سنڌ جي انهن سورهين واري سمان کي سامهون رکندي پنهنجي رسالي ۾ ”سر ڪيڏاري“ ۾ هيٺين ريت ڳايو آهي.

فصل-1

شجاع! نيڪ صلاح، وٺ ته ويري نه پـَـسين
ڄاڻي هيڪ الله، قلم جنهن جي هٿ ۾.
---
شجاع سنڌ مَ ويهه، اوڏا اڏي نجهرا
هيءُ تني جو ڏيهه، حامي حيدر جن جو.
---
شجاع ويهه مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجهرا
هتي راوت رند، وتن قلعي ڪو ڏئا.
---
اچي اڄ امير، کرڙيءَ خيما کوڙيا
ڀيچي ڀيڙا نه ٿيا، مهند نه آيا مير
ڏنو سر سـُـڌير، مرتضيٰ ميدان ۾.
---
کرڙي کائي رت، ڀـَـت نه وجهي وات ۾
پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت
جني نيڻ نـِـستَ، نينهن نه لائي تن سين.
---
کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ جان.
---
کرڙيءَ کـُـپن پير، ته مون وڏو وس ڪئو
ڪوڙين ڀڳا ڪيترا، ٻڌي دنگ دلير
وڏو سڄي وير، ڪنهن پر ڪهي ڪاٽيان.
---
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، نـُـونڌ نچندا پـَـس
ڇڏي تن ترس، پلٽيو شاهه پٺاڻ تي.
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، ڪانئين مور نه ڪن.
ايندي لاٿو آسرو، توڙئون مٿان تن
جوڳ مچائي جن، پوک پچندي تن جي.
---
پـِـره جهـُـلندا پس، علم - طوق امير جا
ڌڙ ڌرتيين گڏيا، لوٿون لڇن لس
حـُـورون پائي هس، اچي ويٺيون اوڏڙيون.
---
ڪري پوه پٺاڻ، اچي پئو اوچتو
دَؤڙئا لک درياه ڏي، تارُو رکي تاڻ
جنهن مرتضيٰ سين ماڻ، سو راه ڀريندو رُڪ جي.
---
مٿي آرڻ اڄ، ڪونڌ ڪڏندي آئيا
پڙ ۾ پهلوانن کي، لڏڻ ڏي نه لـڄ
ڀيٽــُو وڃن ڀـَـڄ، سائوُ ٿين سامهان.
---
پڙ ۾ پـَـوڙيءَ رنگ، مانجهين رتا مولهيا
تريا رت تـُـرنگ، رڻ ۾ راماڻا ڪري.
---
ڪٽاري ۽ ڪات، مـَـن مرادون پـُـنيون
رت ڀريائون وات، مانجهين هڏ مـُـڇائيا.
---
هـَـلو مـَـلهو مانجهيا! ويريين وٺون وير
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، پوءِ ڳڻبا پير
ٿيندو سڏ سوير، صبح شهيدن کي.
---
سـُـڃاتائون سڏ، جيءُ جيءُ ڪري اٿيا
غازي ٿيندا گڏ، اَمل علي شاهه سين.

 

فصل-2

سو مـَـر مرڪي مير، مـَـل جنهين جو مرتضيٰ
دٻائي دشمن کي، ڪنڌ ۾ کوڙي ڪيرُ
هادي همـه گير، هڻي ڪـُـند هٿن سان.
---
مرتضيٰ جي من ۾ وڙهڻ جي وائي
شجاع سالم سنگتي، ساڻس سپاهي
قضا الاهي، آئي سر امير جي.
---
سوڀون سر گهـُـرن، سر ري سوڀ نه سپجي
سوڀ برابر سـِـسـِـيون، توريان تان نه ترن
جي هينئڙي منجهه هـُـرن، سي مـُـل مهانگا سپرين.
---
سـِـسـِـي لٿي سوڀ، جي هوند پايان پاند ۾
هي جڳ سوڌو لوڀ، هو پڻ گهوريو گهوريان.
---
سؤ سـِـسين ڏيئي، وک وٺجي هيڪڙي
جنهن نيزي سر نيئي، مرڪايو ميدان ۾.
---
رڻ ۾متي راند، اڄ اگهورِي آئيا
ڪونڌن ڪـُـلها گڏيا، پاسي ٿي پـَـسماند!
چمڪيون چئني پاند،مٿي سـِـر سرواهيون.
---
هيءُ گل گولي شاه، پرکا ڪارڻ پوکئو
ڪندو سنجهه صباح، مقابلو ميدان ۾.
---

مر ڪايائون مير، پت پاريائون پانهنجي
اهڙو مڙد مـُـنير، گهر سڀاڳي سپجي.
---
وڙهه وڙهندن ساڻ، هيڻي هڻ م هٿڙا
ڪڏائي ڪيڪاڻ، غازي! مار غنيم کي.
---
مـُـڇن مٿي هٿڙا، رت ڀڪليا وار
ڇٽا دَس دَيون ڪري، گڙيا گرز غبار
اچي اڙد امير تي، اُلٽيا انڌوڪار
چونڊيو چئني پار، ٿو ڀاڱا ڀيچين کان وٺي.
---
هٿين، چڪين، ڪاتيين، وڙهج ويريءَ ساڻ
پهرين مارج پاڻ، ته سوڀ ملي ئي سٿري.
---
ڪٽارو م ڪڍ، ويريءَ جي وجود مان
وڍئو ويٺو وڍ، اُنڊو وجهي آڱرا.
---
جان جان جهيڙو نه ڪري، تان تان ناهي سک
وڍئو ويريءَ آڱرا، ڀـُـڃئو لاهي بک
راوت هٿان رُڪ، رت ۾ راماڻا ڪري.
---
هڻ ڪٽارو ڪات، ويري ويرم نه سهي
مڇڻ ڪا مصلحات، ڪانئر وجهيئي ڪن تي.
---
ڪانئر سندي، ڪن تي ٻولي هڏ م ٻـُـنڌ
مر ته موچارو ٿئين، هيءَ نه موٽڻ مـُـند
ڪـَـڇن منجهان ڪـُـند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي.
---
ڀڄ مَ ڀيچين کاءَ، پاءِ پانجاري اُن سان
مڇڻ تنهنجي ماءَ، منهن مٿاهون نه کڻي.
---
ڀڄي بچُ مَ ڪانڌ! مر ته مانائتي ٿيان
تو سيڱا تو سڃا، رڻ ۾ رمن راند
تو سـِـر سوَڙ پاند، آءٌ ڪيئن اوڍي سمهان.
---
جي تون ڀڄي آئيين، ته اوڏو مون مَ اچ
تو ڳل ڏيان ٻانهڙي، ڪـُـر کي لايان ڪچ
مون سهائي سچ، ڪوڙيون ڪانڌن ڪوڏيون.
---
جي تون ڀڄي آئيين، ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ
نٿ تنهنجي نڪ ۾ وجهان ڏيئي ويڻ
تو ڏي کڻان نيڻ، ته ڪر پـَـسان پـُـٽ ڏي.
---
جي تون ڀڄي آئيين، تان تون ڪانڌ مَ ڪـُـڇُ
ويهه ڪـُـوڙائي ڪوڏ سين، مادر جهوليءَ مـُـڇ
جا ڏاڙهي پکيءَ پڇ، ساکونڌ ته کاڏي اُجري.
---
کاڏي کـُـٿي صاف ٿي، چٽ چٽائي مانگ
تو سر چڙهي نانگ، ته مون منهن مٿاهون ٿئي.

 

فصل-3

موٽيا مادر زاد، پـُـٽ پين جا رانئيا
وئا وساري نڪري، يار نه ڪيائون ياد
سندو سوڀ سواد، سر فروشن سپجي.
---
هٿان حيدر شاه، سبق شجاعي سکيا
مٿي آئي مامري، ٻي نه ڪندا ڪا
جيڪا رب رضا، سا ڪؤنر قبولي هليا.
---
سورهه سندي سـِـر تي، سـِـسـِـيءَ سندو بار
جي تـُـري تن تـُـرار، ته حق ادا ٿئو ان تان.
---
چٻي تير تـُـرنگ، پڙ ۾ پاهورا ڪري
جهـُـلون رت جهـُـٻليون، ڪيائون سنج سـُـرنگ
دعويٰ - دار دُرنگ، ڪٺا شاه ڪٽار سين.
---
مـَـري ذات مـَـريءَ جي، تنهن ڪوءِ ڊڄي ڪـِـينه
ظاهر بت بشر جو، سيني اندر شينه
تني چاڙهي چينه، ڪلنگيون جن ڪـَـپار ۾.
---
ڪلنگيون جن ڪپار ۾، پائي تن پرک
هڻي هٿ هاٿيءَ کي، ٻي سڀ مـَـهندان مک
ويا اڏامي ڪک، پڙ تان پاهڻ نه چـُـري.
---
مرڻ ٿئو مـَـرڪ، جيئڻ جـُـٺيرو ڪري
جي ڪندا تن تـَـرڪ، سوڀ سـَـرندي تن کي.
---
پاکر اوڍ مَ تن تي، آڏي جهل مَ اوٽ
ڪوڙين آڏا ڪوٽ، ته پڻ ڪانُ قضا جو نه گسي.
---
تن توڪل پاکرئو، پاکر هڏ مَ پا
سينو سپر سامهون، آڏو ڏيندو آ
سندي رب رضا، مڃ ته مٿاهون ٿئين.
رڻ، راوت ۽ رُڪ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾
پيتائون پـُـر ٿيا، منجهان سيف سـُـرڪ
تيموري ترڪ، هاڃو ڪري هليا.
---
هاڃو ڪري هليا، ٿيو شاهه شهيد
روزو ڇٽو رڻ ۾، اڳيئون آين عيد
مرشد ۽ مريد، هر دوئي هيڪ ٿيا.

ڳائو ڳجهه کاءِ، ماهي ماس نه هيرئين
تني کي واجهاءِ، ڪلنگيون جن ڪپار ۾.
---
ڳجهون نه ڳاڙهي وات، مون لمندي ڏٺيون
جيڪس مانجهي ماريا، رڻ ۾ پيين رات
پڪارون پرڀات، ٻڌم ٻانهيارين جون.

----------


(1)  هي مواد خليفي صاحب جو رسالو (ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، 1966) ۾ اسان تفصيل سان ڏنو آهي ۽ اتان ئي کنيل آهي.

(2)  تاريخ تازه نواي معارک مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع ص 388 - 306. منشي عطا محمد پاڻ خود ترين افغان هو. انهيءَ ڪري پنهنجي عبارت آرائي سان ويهي سنڌ جي طرف گهٽتائي ۽ افغانن جي سرسي جو سمان چٽيو اٿس. خليفي صاحب جو رسالي ۾ سندس بيان کي اسان سنواري پيش ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org