2. سنڌ جي لشڪر جي انگريزن جي ڪامپ تي ڪاهه
ڏکڻ هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ٿيڻ کان
پوءِ، انگريزن اُتر هندستان تي قبضي ڪرڻ جا گهاٽ
گهڙيا ۽ سڀ کان پهريائين سنڌ ۾ اکيون وڌيون.
پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اميرن کي هڪٻئي
پٺيان نَوَنَ عهدنامن تي دستخط ڪرڻ لاءِ مجبور
ڪيائون. 1830ع کان حيدرآباد ۾ پنهنجو سفير
رهايائون، پنهنجي لشڪر جي سنڌ ۾ حد دخلي ڪرايائون.
پهريائين پنهنجي خاص ايجنٽ ”پاٽنجر“ ۽ پوءِ
”اوٽرم“ کي موڪليائون ته حڪمرانن کي هر قسم سان
مجبور ڪري هر قسم جا شرط شروط مڃائين. آخر ۾ سنڌ
تي قبضي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري هر قسم جا بهانا
ڳوليائون. چارلس نيپيئر فوج وٺي مٿان سکر طرفان
اچي پهتو. باوجود انهيءَ جي حيدرآباد جي حڪمران
مير محمد نصير خان، انگريزن سان ڪيل معاهدن جي
شرطن مطابق سرڪاري طور ڪوبه اهڙو قدم کڻڻ نٿي
چاهيو، جنهن سان انگريزن کي حملي ڪرڻ جو بهانو هٿ
اچي. ٻئي طرف وزير نواب احمد خان لغاري، خاص
صلاحڪار مير شهداد خان ۽ ٻيا امير اُمراءَ انگريزن
جي منافقي ۽ ان سان گڏ دٻاءُ کان تنگ ٿي چڪا هئا،
پر مير محمد نصير خان بهرحال عهدنامن کي ٽوڙڻ نٿي
چاهيو، انهيءَ ڪري کليو کلايو ڪنهن به قدم کڻڻ کان
مجبور هئا.
حيدرآباد ۾ موجود سنڌ جي لشڪر جيڪي ڪجهه
پئي ڏٺو، سو کانئن سٺو نه ٿيو. جڏهن کين معلوم ٿيو
ته نواب احمد خان ۽ مير شهداد خان انگريزن جي
اُرهه زورائيءَ جي برخلاف آهن، تڏهن حڪومت طرفان
اختيار ڪيل خاموشي واري پاليسيءَ جي پرواهه نه
ڪري، درياءَ جي ڪنڌيءَ تي انگريزن جي ڪامپ تي حملو
ڪيائون. وڏي همت سان ڪامپ جو بنياد اُکيڙي ڇڏيائون
۽ اوٽرم ڀڄي جند ڇڏائي، ۽ سڌو وڃي نيپيئر وٽ ساهه
کنيائين. انهيءَ ڪاهه جو ڪجهه بيان انهن بيتن ۾
آهي جيڪي علي مڱڻهار جي نالي سان پوءِ انگريزن جي
قبضي بعد ٻين جُڙتو بيتن سان گڏ ڇپائي پڌرا ڪيا
ويا. انهن مان هيٺيان اسان سگهڙن جي ڪچهرين ۾ ٻڌا.
الله جل جلاله ماهيون ئيون ملڪن(1)
جنگيون، جهيڙا، جهڳڙا ڪيا اڳ اميرن
هيلوڪي هن جنگ جون ٿا شاعر سٽون ڪن
ڀُلڪارون جرنيل جون، پڙها ٿا به پوَن(2)
ورنه وڪيل پنهنجا پيو نندو حمال هَلائي(3)
پهيو پاٽينجر سان نندو ڳالهه وڃيو ڳالهائي(4)
جو ڪامپ وجهيو ڪوٽڙي ۾، ٿو بنگلا خوب بنائي(5)
وجهي بنگلا ويٺو ساري سنڌ چتائي(6)
دُرس پنهنجا درياهه ۾ ٿو آگبوٽ آڻائي
”سِگها ٽَڪا سنڌ جا مون کي پئسا ڏيو پوڄائي“.(7)
سورهيه مير شهداد کي ٿو خبرون سڻائي(8)
اَٿوَ انگريزن اهڙو، جنهن سان هيڻي ڪومَ هلائي
گهڻيون ولاتون ورتيون فلنگيءَ دڙڪي ساڻ دٻائي
سنڌ نه ڏجو سورهيه! پنهنجا مرد ڏجو مارائي
تنهن تي مڙي ميرن مصلحت ڪي، صوبا سڀ سڏائي.
مٺيان لڳي مير کي، ڪاوڙ قصد ڪمايا(1)
”جنگ ڪريسون ملڪ نه ڏيسون“ وائي مير ورايا.
ڪاهي پيڙا ڪامپ ۾، غازين ڪين گهٽايو
ڀڄائي اُترام کي، غازين غوراب لٽايو.
اُترام ڀڄي اُتهون پيو ٻيڙين ۾ ڪاهي
اچيو تنهن جرنيل کي ٿو ڳالهيون ٻڌائي
اٿي سنڀر ساڄو ٿيءُ، تنهنجي ڪامپ لُٽي آهي.
اها ڪاهه جيتوڻيڪ وزير نواب احمد خان
لغاري جي پوري پٺڀرائيءَ سان ٿي هئي، مگر سرڪاري
طور مير محمد نصير خان جي اجازت کان سواءِ ٿي هئي.
انهيءَ ڪري ئي مير صاحب طرفان خسرو بيگ ۽ محمد
يوسف خدمتگار خاص طور تي چارلس نيپيئر ڏانهن سفير
ڪري موڪليا ويا ته وڃي حڪومت جي پاليسي جي وضاحت
ڪن ۽ هو ڪامپ تي لشڪر جي ڪاهه بابت غلط فهمي دور
ڪن. مگر چارلس نيپيئر اڳيئي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو
پڪو ارادو ڪري چڪو هو، تنهن کي هڪ بهانو ملي ويو.
باوجود انهيءَ جي منافقيءَ کان ڪم وٺي، ٻاهرين طور
هنن ايلچين کي ڪوڙا وعدا ڏيئي چيائين ته: اسان جو
لشڪر سنڌ مان لنگهي رهيو آهي ۽ اسان کي جنگ جو
ڪوبه خيال ناهي.
”مياڻي جي جنگ“ کان پوءِ نواب احمد خان
وڃي مير شير محمد خان سان گڏيو ۽ گڏجي انگريزن
خلاف جنگ جاري رکيائون، پر مير شهداد خان پنهنجي
چاچي مير محمد نصير خان ۽ ٻين سان گڏ انگريزن جو
قيدي ٿي پيو. جيئن ته صلاحڪار جي حيثيت ۾ هو ۽
انگريزن جو مخالف رهيو هو، انهيءَ ڪري هاڻي
انگريزن ساڻس سختي وارو برتاءَ ڪيو ۽ هن وطن جي
آزادي جي حامي نوجوان مير کي ٻين ميرن صاحبن کان
جدا ڪري سورت ۾ قيد ڪري رکيو ويو، جو نيپيئر کي
چيو ويو هو ته حيدرآباد ۾ انگريزن جي ڪامپ کي باهه
ڏيڻ ۽ ڪپتان انيس کي قتل ڪرڻ ۾ مير صاحب جو هٿ هو.
آخر پنجن سالن کان پوءِ 20 مئي 1848ع ۾ هڪ عدالت
قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ مير صاحب تي ڪيس هليو، پر
مٿس ڪابه ثابتي ڪانه بيٺي. باقي هڪ سورهيه محمد پٽ
ڏتو لغاري تنهن کليو اقرار ڪيو ته هن ۽ ٻئي لشڪر
حملو ڪيو هو. انهيءَ تي هن کي حيدرآباد قلعي جي
دروازي تي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو. باقي ٻين کي،
جن ۾ لغاري، نظاماڻي، کٽياڻ ۽ کوکر هئا، تن کي
قلعي جي ٽڪري هيٺان ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو. مير
صاحب کي عدالت جتوڻيڪ بي ڏوهه ٺهرايو، تڏهن به
انگريزن کيس وطن وڃڻ بدران وري به ڪلڪتي ۾ نظربند
رکيو، جتي 8 محرم 1284هه ۾ وفات ڪيائين. مير شهداد
خان وڏو ديرينو، داناءَ، شاعر ۽ اديب هو. سندس
تخلص ”حيدري“ هو. سندس ديوان موجود آهي.
---------
3. مياڻيءَ جي جنگ
هيءَ جنگ ماهه محرم سن 1259هه (17-
فيبروري 1843ع) ۾ انگريزن جي سنڀري آيل فوج، ۽ سنڌ
جي تڙتڪڙ ۾ گڏ ڪيل لشڪر جي وچ ۾، ڦليلي جي ”مياڻي“
وٽ لڳي(1).
انگريز ان وقت هندوستان ۾ وڏا طاقتور هئا. ڪڇ کان
وٺي ڪلڪتي تائين سڄي سامونڊي ڪناري، توڙي ملڪ جي
اندروني حصن ۾ اڌ هندوستان تي سندن قبضو هو. سنڌ
هڪ ننڍو ملڪ هو، انهيءَ ڪري ڪلهوڙن توڙي ٽالپورن
جي دور ۾، سنڌ جي حڪومت سياسي حڪمت عملي کان ڪم
ورتو ۽ انگريزن سان سفارتي تعلقات جاري رکيا ۽
سياسي معاهدا ڪيا. انگريزن 18-صدي ۾ تجارتي بهاني
سان هندوستان ۾ حد دخلي ڪري قبضا وڌايا، ۽ 19-صدي
۾ سنئون سڌو طاقت جي زور تي سڄي هندوستان تي حڪومت
قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اتر طرف قبضي وڌائڻ لاءِ
هنن پهريائين سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي سٽ سٽي ۽ سنڌ جي
حڪومت تي زور آڻي پنهنجي فائدي ۾ عهدناما
ڪرايائون.
سنڌي معاشري جي شرافت ۽ صلح جي لاڙن توڙي
دوستي دشمني وارن اصولن موجب، مڙسن جي ڪيل قول ۽
چڱن جي اقرارن ۽ خاص طرح حاڪمن جي عهدنامن کي وڏي
اهميت هئي. سنڌ جي حڪومت انگريزن سان ڪيل عدنامي
جي باوجود ڪن بيجا شرطن جي پوئواري ڪئي ته ٻئي طرف
انگريزن وقت بوقت هڪڙا عهدناما رد ڪري ٻيا پئي
ڪرايا، جنهن تي بالآخر تنگ ٿي بلوچن جي لشڪر
اؤٽرام جي ڪيمپ تي حملو ڪيو ۽ ڪيمپ پٽي کيس ڀڄائي
ڪڍيو. پوءِ چارلس نيپيئر فوج وٺي چڙهيو.
انگريزن جي طرفان تيار ڪيل گهوڙي سوار
توڙي پياده فوج، توبن ۽ هٿيارن سان، سنڌ جهڙي صلح
پسند ملڪ ۽ صلح پسند حاڪمن جي بربادي لاءِ، اُتر
سنڌ کان پنهنجون ڪارروايون شروع ڪيون. هن فوج جو
سپهه سالار چارلس نيپيئر هو، جنهن سنڌ کي انگريزن
جي غلامي مڃائڻ لاءِ چالبازي ۽ ڌوڪي بازيءَ ۾ ڪسر
ڪانه ڇڏي. خيرپور جي گهراڻي مان مير علي مراد ۽
حيدرآباد مان مير صوبدار پنهنجن سان رنجيده هئا،
جن کي نيپيئر لالچون ۽ دلاسا ڏيئي پنهنجن کان پري
ڪيو. ٻنهي گهراڻن جي منشين ۽ دفتري ڪاروبار
هلائيندڙن مان ڪن کي چونڊي پنهنجو ڪيائين. هنن
انگريزن طرفان جاسوسي ڪرڻ، پنهنجن هر دلعزيز حاڪمن
تي چؤڪسي رکڻ ۽ حملي ڪندڙ دشمنن کي مدد ڏيڻ ۽
پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن سان غداري ڪرڻ ۾ جيڪي ڪجهه ڪري
سگهيا، سو ڪيائون.
خيرپور جو والي مير رستم خان پير مرد هو.
هن نيپيئر جي فوجي مظاهري ۽ بد ارادي، توڙي علي
مراد کي لالچائي پنهنجي پاسي ڪرڻ واري چال کي ڏٺو،
پر پاڻ کي بيوس ڏسي حيدرآباد جو رُخ ڪيائين ته
نيپيئر به پويان ڪوچ ڪندو لڳو آهيو. مگر وڏي حرفت
سان جنگ يا حملي واري ارادي کي مخفي رکيائين. مير
رستم خان جي حيدرآباد پهچڻ تي مير محمد نصير خان
پنهنجن صلاحڪارن کي سڏايو. هڪ طرف هي ظاهر هو ته
نيپيئر فوج سان چڙهي آيو هو، ٻئي طرف هي ڳالهه هئي
ته حڪومت جا انگريزن سان صلح ۽ دوستي جا عهدناما
ٿيل هئا، جن جي حيدرآباد طرفان ڪابه ڀڃڪڙي ڪانه ٿي
هئي. انهيءَ ڪري هڪ انگريز جرنيل کي ڪهڙو اختيار
هو، جو هو خواه مخواه حملو ڪري! مير محمد نصير خان
طرفان موڪليل ايلچين انهن عهدنامن ڏانهن نيپيئر جو
ڌيان به ڇڪايو هو.
جڏهن مير محمد نصيرخان وٽ امير ۽ اڳواڻ
حاضر ٿيا ته ٻه رايون ٿيون: هڪ اها ته عهدنامن تي
اعتبار ڪجي ۽ ڪوبه تڪڙو قدم نه کڻجي، ٻيو ته هي
جرنيل جيڪو چڙهيو پيو اچي، تنهن تي اعتبار نه ڪجي
۽ پنهنجي طرفان حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪجي.
وڌيڪ سڄاڻ صلاحڪارن انهيءَ پوئين راءِ تي زور ڏنو،
۽ جڏهن نيپيئر جي بد ارادن بابت پڪيون خبرون
پهتيون ته اهو فيصلو قائم ٿيو. پر هاڻي وقت تمام
ٿورو هو. حيدرآباد ۾ جيڪو لشڪر موجود هو يا جيڪو
لشڪر حيدرآباد کان اوڀر طرف ۽ ڏکڻ طرف وارن راڄن
مان گڏ ٿي سگهيو، تن کي وڏي همت سان گڏ ڪيو ويو.
ٻي رٿ اها بيٺي ته حيدرآباد ۾ قلعي بند ٿي ويهڻ
ڪمزوري ڏيکارڻ جي برابر ٿيندو، انهيءَ ڪري ضروري
آهي ته وڌي وڃي دشمن جو اڳ جهلجي. ٽيون ته قلعي
کان ٻاهر اهو ضروري آهي ته اهڙي جاءِ جهلجي جو جنگ
لاءِ آڙ ٿي سگهي. انهيءَ جنگي تدبير مطابق سنڌ جي
سڄاڻ سپهه سالارن، حيدرآباد جي قلعي کي 8 ميل اُتر
طرف، پريان ايندڙ دشمن واري گس کي سامهون، مياڻي
لڳ ڦليلي جي پيٽ ۽ پسگردائي ۾ وڃي مورچا ۽ آڙون
ڪري پنهنجي لشڪر کي بيهاريو.
نيپيئر چپ چاپ ۾ ڌوڪي سان حيدرآباد تي
قبضي ڪرڻ جو جيڪو منصوبو رٿيو هو، سو رُلي ويو.
سنڌ جي لشڪر کي آڏو مقابلي لاءِ بيٺل ڏسي ويتر
ششدر ٿيو. اڳتي وڌڻ وارو خيال لاهي ڪيمپ هنيائين.
اتي مخفي طور مير صوبدار جو خاص منشي آوتراءِ وٽس
پهتو ۽ اُن جي معرفت پوءِ حيدرآباد جي طرف جا سڀ
احوال نيپيئر تائين پهچڻ لڳا. نيپيئر جي اها ڪوشش
هئي ته خيرپور جي مير علي مراد وانگر مير صوبدار
به سنئون سڌو اچي سندس ساٿ ڏئي، پر سنڌ جي سورهين
۽ سرويچن جي مرڻ ۽ مارڻ واري ماحول ۾ مير صوبدار
اهڙي جرئت ڪري نٿي سگهيو. نيپيئر جڏهن ڏٺو ته ٻئي
طرفان ڪوبه ساڻس اچي ملڻ لاءِ تيار ناهي ته جنگ
شروع ڪيائين، پر پهرئين حملي ۾ شڪست کائي هٽيو. ان
بعد جاسوسن کان ڪم ورتائين، جن جنگ هلندي لشڪر کي
برغلايو ته انگريز ڀڄي ويو. انهيءَ لاءِ ته هو
پنهنجا مضبوط مورچا ڇڏين، جن کي ٽوڙڻ مشڪل هو ۽
آڙُن مان اُٿي ٻاهر نروار ٿين ته انگريزن جي
توبخاني جو شڪار ٿين. نيپيئر جو اهو ڌوڪو ڪامياب
ٿيو. ڦليلي جي پيٽ وارن مورچن ۽ اَڙن ڇڏڻ سان سنڌ
جي لشڪر جا پير اُکڙي ويا، پر ان هوندي به سرَ جي
سٽ ڏنائون ۽ بيهي مقابلو ڪيائون، ۽ جڏهن فتح جي
باقي ذري جيتري به اُميد نه رهي، تڏهن باقي بچيل
لشڪر لاچار ٿي ميدان ڇڏيو.
”مياڻي جي جنگ“ جو احوال انگريزن لکيو، جن
پنهنجي ساراهه ۽ سورهيائي بيان ڪئي ته اسين تمام
ٿورڙا هئاسون ۽ ٻئي طرف ٻيڻو ٽيڻو لشڪر اسان تي
حملي ڪرڻ لاءِ سنڀري آيو هو. حقيقت ۾ سنڌ جو لشڪر
نه فقط ٿورو هو پر تڙتڪڙ ۾ گڏ ڪيو ويو هو ۽ ان جو
خاص مقصد بچاءُ هو. نيپيئر شروع کان آخر تائين -
جنگين کان اڳ، جنگين ۾، توڙي جنگين کان پوءِ - ڪوڙ
۽ فريب، جاسوسي ۽ فتني، دلبي ۽ ڌوڪي سان صلح پسند
سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو، جو پاڻ جيڪا خبر پوئتي
موڪليائين، تنهن ۾ چيائين ته: مون گناهه ذريعي سنڌ
قبضي ڪئي آهي.
سنڌ جي طرفان ”مياڻي جي جنگ“ جو صحيح
احوال بروقت ڪونه لکيو ويو ۽ پوءِ جيڪي لکيو ويو
سو انگريزن جي بيانن مطابق هو. جيڪي سورهيه
مياڻيءَ جي ميدان ۾ شهيد ٿيا هئا (جن مان ڪي
”شهيدن جي مقام“ ۾ دفن ٿيل آهن، جيڪو مياڻي واري
ماڳ تي آهي)، تن جي پوين مان ڪن وٽ زباني خبرون
هيون، جن مان پوري تصديق ٿي ٿئي ته انگريزن جي ڀيٽ
۾ سنڌ جو لشڪر ٿورو هو، تڙ تڪڙ ۾ حيدرآباد ۽ ان جي
آسپاس مان گڏ ٿيو ۽ جنگ ۾ وڏي همت سان وڙهيو ۽ جنگ
هلندي ڪوبه ڪونه ڀڳو. اهي ڳالهيون پوءِ انگريزن ۽
سندن خير خواهن هلايون. ان جي تصديق انهيءَ مان
ٿئي ٿي جو مياڻي توڙي دو - آبي وارين جنگين ۾، سنڌ
جي سورهين جي بهادريءَ تي ڪن سگهڙن بيت چيا هئا،
جيڪي ڪن ماڻهن کي ياد هئا. پر پوءِ حيدرآباد جي ڪن
عامل هندو آفيسرن (جن جا وڏا اڳ ميرن جا منشي هئا
۽ پوءِ انگريزن جا خيرخواهه ٿيا) جي ذريعي جڏهن
انگريزن جي ساراهه ۽ پنهنجن وڏن جي ڪوتاهين کي ڍڪڻ
لاءِ "ميرن جي حڪومت" خلاف ننڍا وڏا ڪتاب لکجڻ ۽
ڇپجڻ شروع ٿيا(1)،
تڏهن اصلوڪن بيتن ۾ انگريزن جي شان، ڪن هندو
سورمن جي واکاڻ ۽ ميرن ۽ سنڌ جي لشڪر جي گلا جا
بيت علي مڱڻهار جي نالي سان شامل ڪري ڇپايا ويا.
اهڙن وڌايل بيتن کي ڇڏي، باقي بيت جن مان ڪي هن
پوئين دور ۾ سگهڙن سان ڪيل ڪچهرين ۾ به ٻڌا ويا،
سي هيٺ ڏجن ٿا:
فلنگي وڏي فڪل سان وڌو ڏيهن ۾ ڏهڪار
پـَـر مير رسـَـتم ڪين قبوليو انگريزن جو اختيار
اتان مير رستم لڏيو ڇڏي محل منار
آيو مير نصير وٽ ٿي بائٺ بي اختيار
تنهن کي ديوَ دلاسو ڏنو تهدليون تڪرار
”سنڌ نه ڏيسون جنگ ڪريسون“ اهڙا قول قرار
فلنگي وڏي فڪل سان ڪيو جنگ سندو جنسار
هتان سورهيه سامهان ٿيا ”سرگهور ڪـَـرن سردار“
محڪم مير نصير هو مانجهي مرد مزار(1)
پر رضا جا رحمــان جي، اچي بند پيو سردار.
گهڻا ماريا جنگ ۾ ڪريان نالا ڇا نروار
مُهڙ ڇڪي ”مَري“ آيا مرد مستاني وار
ڪمال خان، خان محمد هئا جـُـڳ به جانب يار
فتح خان ماريو نامڪٺيو نروار
گوهر خان ملهائيا مڙئي قول قرار
گمن چاڪراڻي ماريو ڪـُـڏ ڪري ڪوڪار
پـِـير ته پٻڻ شهر جو هو مانجهي مرد متار.
فتح محمد سيد تي هو تيز ترارين تاءِ
واگهه وڙهيو سر ويرئين ڏس ورنه سندي واه!
علي اڪبر سيد ماريو، ڳوڌو ٻڌي ڳاهه
ناميا وڙهيا ننگ تي، مر صدقي ٿيڙو ساهه.
مينهن پاڻي پلٽا ڪري پيو اُتر کانءَ اچي
اُت گاجون غلام شاهه جون ٿو نيزي سر نچي(2)
پڙ گهڙي ڪيائون پڌرو، من غلام شاهه اچي.
غلام شاهه شهواڻي جي ڪندو ڪونه ڪچي
ويري ڏسي وهسي گهڻو، وڃي تا نه هچي.
نظاماڻي ننگ ڌڻي هئا پڌرا پاٿاري
اُت کوکر کٽياڻ کيليا، ٻي لاتي لغاري.
جي ڪيهر شينهن ڪلام ڪيا، سي مير جان محمد ملهايا
عملو مير جان محمد سان وک وڌندي آيا.
جان محمد جوانن کي، مير ورنه ڪي واگهـَـر(1)
ٺا ٺا بندوقن جا، هوڏانهن توفن جا ڌڌڪر
لڳا مـَـٽ مـَـٽن سين، سيهي ڪيا سٽڪر
چانگ ٻروچ ماريا، ٻي ڀڳي جهرڪي جهر.
مراد علي آئيو مڳ به شير مٿير
جُلهه ويلي جنگ جي چانگن ڪوپن ڪَئِي اُلير.
اَنڌو مُلو مسيت جو، تنهن سورهيه ڪئي سٽ
”علي علي“ ڪري اُٿيو لاتئين ڏاڍي لٺ
اکين ڌاران آدمي، ناهي انڌي جو وس.
سورهيه مرد ميدان ۾ ٿا سر جا سودا ڪن
اها جنگ اتي ڌريو ٿا ٻيءَ جو سعيو ڪن
اها جنگ اتي ڪريو ٿا ٻيءَ جا ٻول ٻڌن.
|