سنڌ جي سورهين جون انگريزن سان جنگيون:
آزادي جي جدوجهد وارا اهي جنگناما ’باب نائين‘ هيٺ
بيان ٿيل آهن. سنڌ جي سورهين پنهنجي ملڪي آزادي
برقرار رکڻ خاطر انگريزن سان جيڪي مقابلا ڪيا، تن
جو مثال ملڻ مشڪل آهي. انگريزن پنهنجا ڪيل عهد
ناما ٽوڙيا، ۽
سر چارلس نيپيئر فريب ۽ ڌوڪي سان مياڻي جي ميدان ۾
ڪامياب ٿيو، پر سنڌ جي سرويچ سورهين انگريزن جي
غلامي نه قبولي. سال 1843ع کان وٺي ايندڙ هڪ سؤ
سالن تائين انگريزن سان وري وري مقابلا ٿيندا رهيا
۽ آخري مقابلو ٻي حـُـر تحريڪ دوران 1942-1943ع
ٿيو ۽ پير پاڳاري صبغت الله شاهه جي اڳواڻي هيٺ
سوين سورهيه سر ڏيئي سرها ٿيا، پر انگريزن خلاف
جنگ جاري رکيائون، تان جو 1947ع ۾ انگريزن پنهنجا
ٽپڙ ٻڌا ۽ ملڪ خالي ڪيائون. آزادي جي جدوجهد وارن
انهن جنگنامن مان هرهڪ جي مهاڳ ۾ وضاحتون ڪيل آهن.
(ب) سنڌ اندر ڪن قومن قبيلن جون تاريخي رياستون
سنڌ ۾ ڪن قومن ۽ قبيلن، پنهنجن سربراهن جي اڳواڻي
هيٺ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٿوري يا گهڻي عرصي
لاءِ پنهنجيون حڪومتون، رياستون، سرداريون يا
راڄداريون قائم ڪيون، ۽ سنڌ جي تاريخ جي لاهن
چاڙهن ۾ ڪافي اهم ڪردار ادا ڪيو. هنن ’جنگنامن‘ ۾
انهن قومن قبيلن جي رياستن ۽ سردارين بابت ڪي اهڙا
تفصيل ملن ٿا، جيڪي تاريخي ڪتابن ۾ ناهن ۽ جي آهن
ته به رڳو ڪن نالن ۽ جملن تائين محدود آهن. انهن
قومن قبيلن جي پنهنجن ماڳن تي طاقت ۽ توانائي، سنڌ
جي مجموعي طاقت جو سرچشمو هئي. جڏهن سنڌ جي ڪن
مدبر ۽ دور انديش حڪمرانن، باوجود پنهنجي وڏي طاقت
جي، انهن قومن قبيلن ۽ سندن رياستن ۽ راڄدارين کي
سنڌ جو ۽ پنهنجو ڪري سمجهيو ته سنڌ جي سياسي ۽
فوجي طاقت به اوج کي پهتي، پر جڏهن حڪمرانن پنهنجي
طاقت جي نشي ۾ اڳرائي ڪري يا پنهنجي هيڻائي سببان
خوفزده ٿي، انهن تي حملا ڪيا ۽ انهن کي هيسائي ختم
ڪيو، ته سندن پنهنجي حڪومت ۽ طاقت جا بنياد به
ڪمزور ٿي ويا. ڪن تاريخي حوالن، هن ڪتاب جي مواد ۾
سمايل تاريخي اهڃاڻن، ۽ لوڪ ادب جي روايتن جي
روشني ۾ چئي سگهجي ٿو ته اڳئين دور ۾ سلطان ڄام
نظام الدين ۽ پوئين دور ۾ مير فتح علي خان، اهڙا
عالي دماغ، وڏي دل وارا دور انديش ۽ عادل حڪمران
هئا، جن سنڌ جي قومن ۽ قبيلن کي ملائي هڪ ڪيو. هنن
باوجود پنهنجي وڏي طاقت جي ڪنهن به قوم ۽ قبيلي کي
ڪونه هيسايو، هنن پنهنجي ملڪ جي لائق سربراهن،
راڄن ۽ راڄدارن کي عزت ڏني ۽ سندن همت افزائي ڪئي،
جنهن ڪري سنڌ جي طاقت اوج کي پهتي.
جنگنامن جي اهڃاڻن، تاريخي حوالن ۽ ٻين روايتن مان
معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي هيٺين قومن قبيلن جون
پنهنجون ننڍيون مقامي رياستون يا سرداريون قائم
هيون: ٻـُـڌن، ڪاڪن، چنن ۽ ٻين هم- شريڪ قبيلن جي
رياست، سوڍن جي رياست، نڱامڙن جي رياست، پڻهيارن
جي سرداري، پنهورن جي رياست، ڪيهرن جي رياست، ڀڙجن
جي سرداري، لاشارين جي سرداري، ڪرمتين جي سرداري،
برفتن جي سرداري ۽ آخر ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ جوکين جي
ڄامائي. انهن مقامي رياستن ۽ سردارين کان سواءِ
سنڌ اندر مختلف تاريخي دورن ۾ ٻيون به ڪي اهڙيون
رياستون يا سرداريون هيون- جيئن ته گـُـجرن جي
رياست، آگرن جي رياست، سهتن جي رياست، پڻهيارن جي
سرداري- پر جيئن ته جنگنامن جي موجوده مواد ۾ انهن
جو ڪو خاص ذڪر نه آيو آهي، انهيءَ ڪري في الحال
فقط مٿي ڄاڻايل قبائلي رياستن ۽ سردارين جو مختصر
طور روايتي انداز ۾ ذڪر ڪنداسون، ۽ وڌيڪ مواد ملڻ
بعد انهن تي آئنده تحقيقي بحث ڪنداسون.
ٻـُـڌن، ڪاڪن، چنن جي رياست:
اسلام کان اڳ واري دور ۾ سيوهڻ کان وٺي گنداوا
تائين ٻـُـڌيا جو مـُـلڪ هو. غالباً ڪنهن وقت
’ٻـُـڌ‘ قوم اتي گهڻائي ۾ هئي ۽ پڻ طاقتور هئي،
انهيءَ ڪري ان ملڪ تي ’ٻڌيا‘ نالو پيو، جيئن ڪي
ٻيا پرڳڻا به قومن قبيلن پويان لوهاڻا، لاکا، سما
يا سهتا سڏبا هئا. اهي سڀ قومون ۽ قبيلا ڪن صدين
کان وٺي ٻڌمت جا پوئلڳ هئا، ۽ انهيءَ ڪري ملڪ تي
چچ برهمڻ جي قبضي جي خلاف هئا. پوءِ چچ حملا ڪري
طاقت جي زور سان انهن سڀني کي مڃايو. ’ٻڌيا‘ طرف
هن پهريائين ملڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي ’سيوستان- ڪاڪا
راڄ‘ (ڪڪڙ) تي حملو ڪيو ۽ بعد ۾ اترئين ’ڪڇي-
گنداوا‘ واري ڀاڱي تي ڪاهيو. برهمڻ حڪومت جي خاتمي
خاطر سنڌ جي مکيه قومن قبيلن محمد بن قاسم جي
آجيان ڪئي ۽ مدد ڪئي. ان وقت ’ٻـُـڌيا‘ جي ڏاکڻي
ڀاڱي (سيوستان ۽ ڪاڪا راڄ) ۾ ڪاڪا ۽ چنا مکيه
قبيلا هئا، جن محمد بن قاسم سان صلح ۽ معاهدا ڪيا
۽ پڻ اسلام قبوليو.(1)
نسل جي اعتبار سان، ڪاڪا ۽ چنا ساڳي برادري جا
پاڙا هئا. اڄ کان ٻه سؤ سال اڳ نسبنامي جي اهڙي ڪا
روايت موجود هئي، جو مير علي شير قانع
’تحفـتهِ الڪرام‘ ۾ ڄاڻايو ته محمد بن قاسم جي وقت
جو سربراهه، جنهن جو نالو ’ڪاڪو‘ هو، سو به چنو
هو. محمد بن قاسم پوءِ ’ٻـُـڌيا‘ جي اُترئين ڀاڱي
تائين ويو، جتي گنداوا (قندابيل) ۾ سندس دؤر کان
اڳ، عرب فوج پهچي چڪي هئي. جڏهن ’ٻـُـڌيا‘ جو سڄو
ملڪ، سنڌ جي نئين عرب- اسلامي حڪومت ۾ اچي ويو ۽
سڀ قبيلا پڻ اسلام ۾ داخل ٿيا، ته به انتظامي لحاظ
سان ’ٻڌيا‘ جي سڄي اُلهندي ڀاڱي تي، جيڪو جبلن سان
لاڳو هو، ’ٻـُـڌيا‘ جي قبيلن جي رياست قائم رهي.
عرب- اسلامي حڪومت جي زوال ۽ پوءِ سومرن واري دؤر
۾ اها رياست غالباً هڪ جدا حڪومت بنجي وئي. سمن جي
دؤر ۾، خاص طرح ڄام نظام الدين جي وقت ۾، سنڌ
حڪومت جي مرڪزي طاقت ’ٻـُـڌيا‘ طرف وڌي ۽ پڻ بلوچ
قبيلن جو ان طرف غلبو ٿيو، جنهن ڪري ٻـُـڌيا جي
قبيلن واري ’حڪومت‘ گهٽجي، هڪ ماتحت رياست بنجي
وئي. سمن جي دؤر کان پوءِ اهي قبيلا ويتر وڌيڪ
ڪمزور ٿيا.
تاريخي اعتبار سان، انهن قبيلن ۾ ’ٻـُـڌ‘ قبيلو
وڌيڪ آڳاٽو ۽ وڌيڪ طاقتور هو. ڪڇي ضلعي (بلوچستان)
جي ناڙي واري ملڪ تي، سندن سرداري قائم رهي. هن
وقت پڻ اُتي ’مَٽُ‘ ٻـُـڌن جو مرڪزي شهر آهي. ڪجهه
اڳ هيٺ ’هاشم ٻـُُـڌ جي ڳوٺ‘ تائين ٻـُـڌن جي زمين
هئي، پر ٻـُـڌن ۽ ٻـُـرڙن واريءَ جنگ ۾، جڏهن هاشم
ٻـُـڌ ماريو ته ٻـُـرڙن اتي قبضو ڪيو. محمد بن
قاسم جي وقت ۾ ڪاڪا ۽ چنا قبيلا، هيٺ سنڌ ۾،
سيوستان ۽ ڪاڪا راڄ طرف مکيه قبيلا هئا. ان ساڳئي
دؤر ۾ ۽ پڻ پوءِ، سومرن جي دؤر تائين، مٿي ڪَـڇي
جي ناڙي واري پرڳڻي ۾ گنداوا ۽ مـُـولهه (موره) جي
پاڻيءَ وارو علائقو چنا برادريءَ جي چنن، وَڌن ۽
ماڻڪن قبيلن جي حڪمراني ۾ هو. آڳاٽي هڪ ڳاهه آهي
ته:
چنا، وَڌا، مـاڻڪا، مـُـوره مـَـڳ ڌڻي(1)
سمن بعد، انهن جي حڪمراني ختم ٿي، پر سرداريون
غالباً قائم رهيون. سمن کان پوءِ ارغونن- ترخانن ۽
مغلن جي حڪومت ٿي. ارغون بولان مان لنگهي، سبي ۽
ڪڇي وارن پرڳڻن مان ۽ پوءِ سنڌ جي ڪاڇي (جيڪب
آباد، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جو الهندو ڀاڱو، جيڪو
جبل سان لاڳو آهي) مان ٿيندا، هيٺ سيوهڻ ڏانهن
آيا، جنهن ڪري ارغونن ۽ چنا برادريءَ وارن قبيلن
جو هڪ ٻئي سان منهن مقابل ٿيڻ، قرين قياس نظر اچي
ٿو. ’بڊاماڻي پنري واري ڳالهه‘(2)
توڙي ”چنن ۽ مغلن جي جنگ“(3)
۾ ’مغلن‘ جو ذڪر اچي ٿو، جن مان مراد ’ارغون‘ ٿي
سگهن ٿا. چنا ۽ ٻيا جيڪي قديم ’ٻـُـڌيا‘ جا قبيلا
هئا، سي سنڌ جي سمن کان الڳ هئا. سمن جي حڪومت ۾
سندن زور ڀڳو هو. ارغونن سنڌ جي سمن جي حڪومت تي
ڪاهيو، انهيءَ ڪري ڪڇي ۽ ڪاڇي جي قبيلن ۽ ارغونن
جي وچ ۾ صلح ۽ عهدناما ٿيڻ ممڪن هو. ان وقت جا
مکيه برادر قبيلا پنج هئا: چنا، مورڙا، بدوا، ليبا
۽ بڊام(4)
سورهيه پـُـنري جي پيءُ جو نالو ’بڊام‘ هو ۽
سندس نڪاح ۾ هڪ ’مغلياڻي‘ به هئي، جيڪا پنري جي
ماٽيجي ماءُ هئي، يعني ته مغلن سان هتان جي سردار
گهر جو رشتو هو. اهو سرداري گهر ’راءِ ڪنوچ‘ جو هو
۽ ارجڻ ان وقت گاديءَ تي هو. ٻئي گهراڻي جو وڏو
حيدر هو. اهو وقت شاهه حسن ارغون جي دؤر وارو ٿو
ڀانئجي، جڏهن ارغونن جي سنڌ ۾ حڪومت قائم ٿي چڪي
هئي ۽ هو هتي وسي رسي چڪا هئا. ڳاهن ۾ البت دهليءَ
جي بادشاهه جي چڙهائيءَ جو ٽاڻو ڏنل آهي، جيڪو پڻ
غور طلب آهي. سنڌ جي روايتن ۾، مغلن کان اڳ،
دهليءَ جي ترڪ سلطانن کي پڻ ’مغل‘ سڏيو ويو آهي.
راءِ ڪنوچ واري وقت ۾ يا ان کان پوءِ چنا برادريءَ
وارن قبيلن جا پاڻ ۾ وڏا نفاق ٿيا. ڪاڇي ۾ سندن
ڪوٽ، ڳڙهه ۽ ڳڙهيون هيون، پر جڏهن پاڻ ۾ ڦـِـٽا،
تڏهن مغلن جي ترارين جو کاڄ ٿيا.(1)
چنن چوراسي ورهئين ڪيو اوچل راڄ
جڏهن پيين پاڻ ۾، تڏهن ٿيا تهارين کاڄ
ٻيءَ روايت موجب:
چنا چوراسي راڄ، هئا ڪاڇي ڪنڌيين،
جڏهن پيين پاڻ ۾، تڏهن ٿيا ترارين کاج.
مٿين ٻنهي ڳاهن مان ’چوراسي راڄ‘ واري روايت وڌيڪ
وزندار آهي ۽ اسان ڪچهرين ۾ سگهڙن کان اڪثر ائين
ئي ٻڌو آهي. قبيلن جي گهڻائي وارو اهڃاڻ، شروع
وارين ڳاهن ۾ به موجود آهي، جتي چئن قبيلن جا نالا
ڳڻيل آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ پوئين دؤر جي
قبائلي برادري واري رياست، جنهن جو سربراه ’راءِ
ڪنوچ‘ جو گهراڻو هو، چوراسي سال هلي هجي ۽
’چوراسي‘ وارو اشارو ان ڏانهن هجي، پر مجموعي طور
سان اڳوڻي ’ٻـُـڌيا‘ ملڪ جي قبيلن يعني ٻـُـڌن،
ڪاڪن، چنن جي حڪومت ۽ رياست اسلام واري دؤر کان اڳ
شروع ٿي ۽ عرب اسلامي دور ۾، اها رياست طور قائم
رهي. سومرن جو ان طرف تسلط قائم ڪونه ٿيو ۽ اها
رياست خود مختار رهي. البت سمن جي دور ۾، ڄام نظام
الدين جي وقت، سنڌ جي حڪومت نهايت مضبوط ٿي، جنهن
ڪري ڪـَـڇي- ڪاڇي واري قبائلي رياست جو اڳوڻو اوج
ختم ٿيو. ان بعد چنا برادري وارن قبيلن (چنن،
بـَـدون، ليبن، ماڻڪن ۽ بڊامن) جي زمينداريءَ ۽
سرداريءَ وارو دور شروع ٿيو، جيڪو ارغونن- ترخانن-
مغلن وارو دور هو.
چنن ۽ ڪؤنريجن سردارن جو نزاع، جنهن جو ذڪر حسين
چارڻ واري تاريخي بيت ۾ آهي، سو غالباً انهيءَ
پوئين دور ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪؤنريجن، جيسر راؤ ماڇي
سردار کان مدد گهري، جنهن اچي چنن جي ملڪ تي قبضو
ڪيو. انهن واقعن جو تاريخي توڙي جغرافيائي پس منظر
پيچيدو آهي، پر غالباً حسين فقير سنڌ جي سـِـري
واري اراضي جو ذڪر ڪيو آهي. جيسر راؤ ماڇي جي
سرداري تعلقي ڪشمور ۽ تعلقي صادق آباد واري ڀاڱي ۾
هئي، جتي (تعلقي صادق آباد ۾) هن پوئين دور تائين،
ماڇي جي سرداريءَ جو مرڪز رهيو آهي. ڪؤنريجا
موجوده جيڪب آباد تعلقي ۽ ان سان لاڳو ڀاڱي ۾ آباد
هئا، جتي ويندي هن وقت تائين ڪؤنريجن جو راڄ ۽ شهر
موجود آهي. چنا اتر طرف، ناڙي ۽ ان سان لاڳو ڀاڱن
۾ آباد هئا. انهيءَ ڀاڱي کان اتر، مٿيون گنداوا
وارو ملڪ توڙي ڪڇي جو مولهه وارو ڀاڱو اڳ ئي
لاشاري قبيلن جي قبضي هيٺ اچي چڪو هو، پر هيٺ ڪڇي
۽ ناڙي وارو ملڪ اڃان چنا قبيلن جي هٿ ۾ هو، جيڪو
پوءِ اچي ماڇي سردار جيسر راؤ هٿ ڪيو ۽ اتي پوءِ
ماڇي قبيلا آباد ٿيا. ان جا آثار اهي آهن، جو
موجوده نصير آباد ضلعي جي ناتال ۽ ديري مراد
جماليءَ کان ڏکڻ- اولهه طرف ’ميرپور بي بي واري‘
تائين، ماڇين جا چار- پنج شهر (مروڙ، لانڍي وغيره)
آباد آهن. اڃان به اڳتي مولوي سعد الله ماڇي نئون
شهر ٻڌايو، جيڪو اڄ تائين ’مولوي‘ سڏجي ۽ آباد
آهي. شهر ’مولوي‘ کان اتران ’پنج وهڻ‘ واري اراضي
آهي، جنهن تي اهو نالو ’پنجن برساتي واهن‘ (مولوي
سعد الله واهه، صابري واهه، رونگها واهه، خان واهه
۽ راڄ واهه) تان پيو، جن مان هڪ مولوي سعد الله
کڻايو، اسان هن سلسلي ۾ تحقيق ڪندي، شهر ’مولوي’ ۾
قلات جي خان نصير خان جي سن14- محرم 1104هه تي ڏنل
هڪ سـَـنـَـد ڏٺي، جنهن ۾ ’مولوي‘ شهر واري سڄي
ديهه ماڇين سربراهن مان ملا آدم، طاهر، خضر، طيب،
قبول ڪرم ۽ صالح کي پڪي ڪري ڏنل هئي،(1)
جنهن جي معنيٰ ته 1104هه (1692ع) کان گهڻو اڳ
جيسر راؤ ماڇي اهو ملڪ چنن قبيلن کان هٿ ڪيو.
سوڍن راڻن جي رياست:
سنڌ جي ڏکڻ- اڀرندين ٿر واري ڀاڱي ۾ ڪنهن آڳاٽي
دور کان وٺي سوڍن جي حڪمراني ۽ رياست قائم هئي.
اصل نسل جي لحاظ سان هي ’پرمار‘ هئا، پر سنڌ ۾ هي
سوڍا سڏجڻ ۾ آيا، سندن مـُـک اڳواڻ ’ٺڪر‘ ۽ راڻا
ٿيا. ’فتح نامي‘ ۾ ٺڪرن اڳواڻن جو ذڪر آهي. عرب
اسلامي دور کان وٺي سوڍا سنڌ جي مرڪزي حڪومت ۽ سنڌ
جي حڪمرانن سان ڀيڙا ۽ شامل رهيا، ۽ مقامي طور
سندن رياست قائم رهي. سومرن جي دور ۾، سوڍو راڻو
مينڌرو، همير سومري جو وزير هو. پوين تاريخي دورن
۾ سوڍن جو ذڪر مسلسل طور اچي ٿو، پر ارغونن-
ترخانن- مغلن واري دور ۾ هنن ۾ قبائلي نفاق وڌيو،
’ويسي ۽ ويرسين‘ وارو وير پيو.(2)
سنڌ جي حڪمرانن به طرفداري ڪري سندن اختلافن کي
وڌايو، جنهن جي ڪري آخرڪار هنن جي جدا جدا نـُـکن
جون جدا جدا ’راڻپون‘ قائم ٿيون. ٽالپورن جي دور ۾
مقامي نظام ۽ انتظام جي مضبوطي جو مدار راڄن جي
رضا ۽ راڄن سان اتفاق تي رکيل هو. حڪومت طرفان هر
مکيه قوم ۽ قبيلي کي سـَـنـَـدون، زمينون ۽ مقامي
اختيار مليا. خاص طرح سرحدن تي ويٺل قومن ۽ قبيلن
کي اندروني طور مڪمل آزادي ڏيئي سرحدن جو محافظ
بنايو ويو. ڏاکڻي سرحد تي راڻپور جي راڻن کي پڻ
اندروني طور هڪ رياست وارا اختيار ڏنا ويا. کين
سندَ ڏني وئي، جنهن موجب هو راڻپور ۽ سوراچند جي
ڳوٺن، اڌ شهر جي واپاري محصول ۽ سنڌ مان ڪڇ ۽
گجرات طرف ويندڙ مال ۽ واپار جي چونگي ۾ ڀاڱي
ڀائيوار ٿيا. اهڙيءَ طرح ويرا واهه جي راڻي کي
مقامي اراضي معافي ۾ ڏني وئي ۽ هو ويرا واهه جي اڌ
شهري محصول جو حقدار ٿيو، سڄي علائقي جي ڍل جو
چوٿون حصو به کيس مليو ۽ موکئي ڍنڍ جي سڄي پيدائش
سندس حوالي ٿي. انهيءَ رواداري ۽ فياضي جي ڪري هو
سرحد جي حفاظت ۾ سنڌ جي حڪومت سان ٻانهن ٻيلي ٿي
بيٺا.
سنڌ تي انگريزن جي غاصبانه قبضي بعد، سنڌ جي
خيرخواهه قومن، قبيلن، سردارن ۽ سربراهن تي سختيون
شروع ٿيون. انگريزن، ٻين سردارن وانگر راڻن کي
مليل رعايتن کي پڻ ڪٽيو، ۽ 1859ع ۾ پارڪر جي راڻي
۽ مک اڳواڻ توڙي ويرا واه جي ٺڪر جا حق ضبط ڪيا،
ڇاڪاڻ جو انگريزن جي ڌاري حڪومت سان هنن تعاون نه
ڪيو. اُن سال انگريزن ڏيئو مل کي ننگرپارڪر جو
ڪاردار (مختيارڪار) مقرر ڪيو هو ته اتي جي راڻن ۽
ٺڪرن جو زور ڀڃي. ڏيئو مل جي زبردستين سببان، راڻن
جا انگريزن سان مقابلا شروع ٿيا، جن جو ذڪر باب
نائين هيٺ ”راڻپور ۽ ويرا واهه جي سوڍن جون
انگريزين سان جنگيون“ واري ’جنگنامي‘ ۾ بيان ٿيل
آهن.
15- اپريل 1859ع تي راڻپور جي راڻي ڪرڻجي ۽ سندس
ڀاءُ ڀوپت سنگ، ويرا واهه جي راڻي لاڌي سنگ،
ٻهراڻي جي ٺڪر ۽ ٻين راجدارن گڏجي انگريزن خلاف
بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. انگريزن جو پوليس ٿاڻو
پـَـٽي اڇلايائون ۽ ڪاردار جي آفيس کي ساڙي
ڇڏيائون. پوءِ انگريزن جون فوجون حيدرآباد توڙي ڪڇ
مان چڙهي آيون. 3- مئي تي مقابلو ٿيو. انگريزم جي
فوجي طاقت گهڻي هئي، انهيءَ ڪري راڻو ڪرڻجي ۽ لاڌو
سنگ ۽ ٻيا گرفتار ٿيا. اهڙي طرح انگريزن جي دور ۾
سنڌ ۾ سوڍن جي انهن سرحدي رياستن ۽ راڻن جو خاتمو
ٿيو.(1)
نڱامڙن جي رياست:
نڱامڙن يا نڱامرن جي قوم سامونڊي ڪناري لڳ آباد
هئي ۽ هو اڪثر ٻيڙياتا ۽ سامونڊي ناکئا هئا.
ماهيگيري ۽ ساحلي واپار سندن خاص پيشو هو ۽ انهيءَ
ڪري هو سکيا ستابا ٿيا. ستين صدي هجري (تيرهين صدي
عيسوي) ۾ هو کاري لڳ ڪناري وارن علائقن ۾ طاقتور
هئا، جو فتح نامي (چچ نامي) جي فارسي ترجمي ۾ علي
ڪوفي سندن نالو کنيو آهي ۽ پنهنجي گمان موجب ائين
ڀانيو آهي ته جن ’ميدن‘ (سامونڊي سرڪشن) مسلمانن
جي ٻيڙين کي ڦـُـريو هو، سي نڱامرا هئا. سومرن جي
آخري دور جي ”اُڍو ۽ هوٿل پري“ واري مشهور عاشقانه
داستان جي ’هوٿل پري’ حقيقت ۾ نڱامري شهزادي هئي ۽
اُڍو ڪڪرالي جو ڪيهر ڄام هو.(2)
اسلام جي اچڻ کان پوءِ نڱامرا اسلام ۾ داخل ٿيا، ۽
اهي سامونڊي ناکئا ۽ واپاري جن جو ذڪر شاهه جي
رسالي جي ’سر سامونڊي‘ ۾ آهي، تن مان غالباً گهڻا
نڱامرن مان ئي هئا. مغلن جي دور ۾ ’نڱامرن جي
رياستن‘ جو حڪمران راڻو عبيد هو. مغلن جي آخري دور
۾ راڻو اجمال ٿيو ۽ ان بعد ويندي ڪلهوڙن جي دور
تائين هن رياست جي حڪمراني راڻي اجمال جي پوين
يعني ’اِجمالين‘ جي هٿ ۾ رهي. اجمالي گهراڻي جي
راڻن جي گادي پهريائين ’ڪـُـٽي ڪوٽ‘ ۾ هئي، پوءِ
’کـُـڏي‘ واري کاري تي (رتي ڪوٽ ۾؟) ٿي، ۽ آخر ۾
سندن گادي ڌاراجا ۾ ٿي:
اول هئا ’ڪٽي ڪوٽ‘ تي، پوءِ وئا ’کـُـڏيءَ‘ پاس
کڻي
الله! اجمالين جي اوچي ڪـِـج آڻي
ڌاراجي ڌڻي، ڏسي مچ نه موٽيا.
ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاهه جي دور ۾ ’نڱامرن
جي رياست‘ ايڏي وڏي ڪانه هئي، ته به هڪ مضبوط ننڍي
رياست هئي ۽ راڻو ارجن ان جو حڪمران هو. ميان نور
محمد محض پنهنجي طاقت ڄمائڻ ۽ پنهنجي حڪومت جي حدن
وڌائڻ خاطر راڻي ارجن کي حملن ذريعي هيسائڻ شروع
ڪيو. ميان غلام شاهه پوءِ بجار جوکئي کي بڇي راڻي
ارجن کي بيدردي سان مارايو. اهڙيءَ طرح نڱامڙن جي
هي آڳاٽي تاريخي رياست ڪلهوڙن جي دور ۾ ختم ٿي.
اهو واقعو باب پنجين هيٺ ’بجار جوکئي ۽ راڻي ارجن
جي جنگ‘ بابت جنگنامي ۾ بيان ٿيل آهي، جنهن جو
تاريخي پس منظر هيٺين ريت آهي:
بجار جوکيو اڃا جوکين جو ڄام ڪونه هو، پر وڏو ڏاڍو
مڙس هو. ميان غلام شاهه جي اشاري تي بجار ۽ سندس
ساٿين راڻي ارجن تي اوچتو حملو ڪيو، جنهن ۾ راڻو
ارجن مارجي ويو. ان وقت ڪي ٿورا مڙس اُتي راڻي وٽ
هئا، جن سامهون بجار تي حملو ڪيو. انهن مان ٽن جا
نالا بيتن ۾ اچن ٿا. ٻيا جيڪي وڙهيا ۽ جن جو ذڪر
ٻين بيتن ۾ آهي، سي غالباً تڏهن جڏهن ان کان اڳ
ڪلهوڙن جي لشڪر راڻي جي ڪوٽ تي حملو ڪيو هو.
تحفـته الڪرام جي هڪ بيان موجب 1156هه ۾ ڪجهه وقت
لاءِ ٺٽي جو انتظام مغلن جي شاهي وڪيل، ڌاراجه جي
راڻي ۽ ’ارباب ساجن رانيـه‘ جي حوالي ڪيو ويو هو.(1)
انهيءَ ڪري راڻي جي ماڻهن جو ٺٽي طرف اچڻ ڪا
نئين ڳالهه ڪانه هئي، مگر تحفـته الڪرام ۾ اڳتي
ڄاڻايل آهي ته سن 1160هه ۾ ڌاراجه جي راڻي جي چور
تي جبل جي جنگجو ماڻهن مان ڪي ٻه چار سؤ شهر ٺٽي
جي پسگردائي تي چڙهي آيا. ان وقت مـَـسـُـو فقير،
ميان نور محمد جي پاران ٺٽي جو حاڪم هو. سندس لشڪر
مڪلي جي قبرستان جون قبرون لتاڙي حملي ڪندڙن کي
سامهون ٿيو، پر باوجود گهڻائي جي شڪست کاڌائون.
پوءِ ميان نور محمد جو پٽ محمد خداداد خان وڏي
لشڪر سان چڙهي آيو ۽ مسو فقير کي معزول ڪري بلاول
فقير نائچ کي ٺٽي تي مقرر ڪيائين. راڻو پنهنجو
لشڪر قلعي جي بچاءَ لاءِ ڇڏي پاڻ درياءَ (بگهاڙ)
ٽپي ٻئي طرف هليو ويو. راڻي جي انهيءَ ٿوري لشڪر
اهڙو ته مقابلو ڪيو جو لاچار ٿي
خدا داد خان هڪ ڪوڙو جعلي دستاويز ڏيکاري قلعي تي
قبضو ڪيو. شاعر محسن ٺٽوي ان واقعي جي تاريخ هن
طرح ڪڍي:
دلــــم ازبهر سالـــش فکـرمي کرد
خرد گفتا ”بحق فتح مبين“ است
1161
ان واقعي کان ڪجهه پوءِ، ٺٽي جي نائب شيخ شڪر
الله، بجار جوکئي کي سڏائي راڻي کي مارڻ جو تاڪيد
ڪيو. منصوبو رٿيل هو ته راڻي کي صلح جي بهاني سان
گهرائي، پوءِ حملو ڪري مارجي. پر ان بعد سن 1164هه
۾ شيخ شڪر الله سمنڊ ذريعي مسقط ڏانهن محمد
مرادياب خان کي وٺي اچڻ لاءِ روزانو ٿيو، جو واٽ
تي ٻيڙي ۾ ئي وفات ڪيائين. انهيءَ ڪري اهو منصوبو
رهجي ويو، جيڪو پوءِ ميان غلام شاهه جي دور
(1170-1186هه) ۾ پورو ٿيو.(1)
بهرحال هن حملي ۽ راڻي جي مارجڻ جو جيترو تفصيلي
بيان هن واقعي بابت جنگنامي جي روايتن ۾ آهي،
اوترو ڪنهن به تاريخي ڪتاب ۾ ڪونهي.
پنهوارن جي رياست:
سنڌ جي نسبنامن جي عام روايت مطابق ”پنهوارن“ جا
وڏا اصل ۾ هڪ عرب قبيلي مان هئا ۽ محمد بن قاسم
سان گڏ سنڌ ۾ آيا. ”فتح نامي“ جي بيانن توڙي ٻين
اڳين معتبر تاريخن مان اهو ثابت آهي ته محمد بن
قاسم پنهنجي فوج مان، جدا جدا قبيلن جي ڪن چونڊ
ماڻهن کي جدا جدا جاين تي رهايو، ۽ بعد ۾ خليفي
سليمان هڪ عام حڪم نامو ڪڍيو ته جيڪي به سپاهي سنڌ
۾ آهن، سي اتي ئي رهن، محنت ڪن ۽ زمينون آباد ڪري
پنهنجو گذران ڪن. پنهورن جا وڏا، پنهنجي اصل بدوي
زندگيءَ کي ترجيح ڏيندي، شهرن کان ٻاهر وڃي رهيا ۽
رڍن ٻڪرين جا ڌڻ ڌاري گذران ڪيائون، جنهن ڪري وقت
گذرڻ سان هو ”پنهوار“ (پهون = ٻڪريون. پهون
+ وار = ٻڪرين وارا) يا ”پنهور“ سڏجڻ لڳا. سنڌ جو وڏو
عالم ۽ محقق مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ”پنهور“ هو، پر
وٽس ڪي اهڙيون لکيتون يا پڪيون روايتون هيون، جو
پاڻ کي پنهنجي نسبنامي جي اصليت جي لحاظ سان ”اسدي
قريشي“ ڪري لکيو اٿس.(2)
انهيءَ عرب قبيلي وارا (جيڪي پوءِ ”پنهوار“
سڏيا ويا)غالباً محمد بن قاسم جي دؤر ۾ ”سيوهڻ“ يا
”ڪاڪا راڄ“ (ڪڪڙ) طرف رهايا ويا ۽ انهيءَ علائقي ۾
سندن پوين (پنهوارن) جي مکيه مرڪزي آبادي قائم
رهي. اندازاً سمن جي پوئين دؤر ۾، جڏهن کان ڪاڪن -
چنن واري قبائلي برادريءَ جو زوال شروع ٿيو ته
دادو ۽ ڇني جي ڏکڻ - الهندي ڀاڱي تي پنهوارن جو ۽
دادو - سيوهڻ جي اڀرندين علائقي تي ڪؤنريجن جو
قبصو ٿيو. ميرزا قليچ بيگ جي گمان موجب: ”1725ع
ڌاري يا ان کان اڳ ڪاهري واري ڀاڱي ۾ پنهورن ۽ چنن
جي حڪومت هئي. ڪاهري، سامتاڻي، پرڳڻي جو صدر مقام
هو.“ (يادگيريون، ص 50). مگر غالباً اها ڳالهه
1725ع کان گهڻو اڳ جي آهي.
حسين چارڻ جي تاريخي شعر ۾ مير پنهوار جي سرداري ۽
سندس رياست جو ذڪر آهي، جيڪا سيوهڻ واري علائقي
سان دنگئي هئي. اهو مغلن جو آخري دؤر هو، جو دادو
طرف ميان نصير محمد جي طاقت وڌي رهي هئي ۽ ڪلهوڙن
طرفان مقامي قومن قبيلن جي رياستن تي دٻاءُ پوڻ
شروع ٿيو، پر حسين چارڻ جي شعر جي شاهديءَ موجب
مير پنهوار، ميان نصير محمد جي آڻ نه مڃي. غالباً
اُهوئي سبب هو، جو ميان نصيقر محمد پنهوارن جي
طاقت کي ٽوڙڻ جو پڪو پهه ڪيو. سن 1103هه ۾ ميان
دين محمد پنهورن تي حملو ڪيو ۽ مير پنهوار شڪست
کاڌي، پر وري لشڪر گڏ ڪري لڙائيءَ جي تياري
ڪيائين. مرکپور وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ پنهورن هارايو
۽ ميان جي حڪم سان، پنهورن جي زمين تي قبضو ڪري
کين پوريءَ طرح آڻ مڃائي وئي.
ميان نصير محمد جي فقيري ۽ فيض سان، گهڻا بلوچ
قبيلا ”ميانوال طريقي“ ۾ داخل ٿي چڪا هئا. دادو ۽
جوهي وارن علائقن (تعلقن) ۾ رهندڙ جمالي، شاهاڻي، رند ۽ کوسا سندس سڳي ۾
هئا، جن مان کوسا، جيڪي ارڏا ۽ ڏاڍا هئا، سي ڇني
سان لاڳو ڏکڻ طرف رهندڙ هئا. کوسن، پنهوارن جي حد
۾ لوڙهيون هڻڻ شروع ڪيون. مير پنهوار کان پوءِ
پنهوارن ۾ به شايد ٻه سرداريون ٿي ويون هيون: اصل
مرڪز ”سامتاڻي“ ۾ قيصر پنهوار سردار هو، ۽ مٿي اتر
طرف ”اراڙي“ ۾ حيدر پنهوار سردار هو. باوجود
انهيءَ جي، مقابلي ۾ پنهوارن، کوسن جي سربراهه
گولي کوسي کي ماريو، پر هنن جا به گهڻا ماڻهو مئا
۽ پنهوار وڌيڪ هيڻا ٿي ويا. جئن ته منجهن وڌيڪ
مقابلي جي طاقت نه رهي، انهيءَ ڪري هنن لاچار ميان
نصير محمد جو فيصلو قبول ڪيو، جنهن موجب اولهه طرف
جبل کان وٺي اوڀر طرف ”ناري“ تائين، پنهوارن جو
سڄو علائقو سردار گولي کوسي جي قتل جي عيوض کوسن
کي ڏنو ويو(1).
انهيءَ فيصلي کان پوءِ پنهوارن جو زور ٽٽي ويو
۽ هو ميان جا مڪمل طور مطيع ٿي ويا. باوجود انهيءَ
جي پنهورن کي بالڪل ئي بي دخل ڪرڻ ۽ تڙي ڪڍڻ خاطر
ميان يار محمد مٿن حملو ڪيو. پنهورن پيغام موڪليو
ته اسين ڪين وڙهنداسون ۽ سامهون ترار نه کڻنداسون.
تڏهن ميان يار محمد چيو ته: ”مٿن ڏنڊن ۽ لٺين سان
حملو ڪريو.“ ائين ڏنڊن ۽ لٺين سان قْنهورن کي ماري
ڪڍي، ڪاهري تي قبضو ڪيائيون(2)
. انهيءَ تان ميان يار محمد عام طرح ”يارو ڏنڊئي“
مشهور ٿيو، ۽ اهو ڏنڊو جيڪو ڪاهري تي ڪيل حملي ۾
سندس هٿ ۾ هو، سو پوءِ سندس قبي ۾ سنڀالي رکيو
ويو، جنهن جو بچيل ٽڪر اسان پاڻ وڃي ڏٺو. ميان يار
محمد، ڪاهري لڳ پنهنجو گاديءَ جو نئون شهر ”خدا
آباد“ ٻڌايو. ”پنهوارن جي سامتاڻي رياست“ ائين
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ختم ٿي.
ڪڪرالي جي ڪيهرن جي رياست:
سنڌ ۾ سمن جي حڪومت کان اڳ سنڌ جي سمن جي ڪڇ ۾
پنهنجي حڪومت قائم هئي، جنهن جو مرڪزي علائقو
”ابڙاسيو“ هو. اتان پوءِ ڄام مهڙ سنڌ جي ڪڪرالي
پرڳڻي ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي، جيڪا سمن جي دور ۾
قائم رهي(1).
هيءَ رياست ”اوچتي“ درياءَ جي ڏکڻ، ڪيٽي بندر کان
اوڀر سڄي سامونڊي ڪناري لاڳو علائقي ۾ ويندي،
”بستا بندر“ تائين پکڙيل هئي. شاهه بندر تعلقي
(موجوده ”لاڏيون“) واري اراضي هن رياست جو مرڪز
هئي ۽ جاتي تعلقي جو اولهندو ڀاڱو به هن ۾ شامل
هو. سمن جي حڪومت کان پوءِ ڏهين صدي ۾ ڪڪرالي جو
حڪمران ڄام جراڙ هو ۽ پوءِ ڄام ڏيسر ٿيو، جنهن کان
پوءِ ڄام هالو ٿيو. ترخانن جي دور کان وٺي هن
رياست تي سنڌ جي حاڪمن جا حملا شروع ٿيا، جو اها
نهايت آباد هئي، پر ڪيهرن به آڏو مقابلا ڪيا. مرزا
عيسيٰ جي وقت ۾ ”هالو“ ڪڪرالي جو ڄام هو.
979هه/1571ع ۾ مرزا محمد باقي ڪڪرالي تي حملو ڪري
خان (ڄام ويسر) پٽ ڄام ڏيسر کي، جيڪو ان وقت ڄام
هو، کي شڪست ڏني ۽ هو مارجي ويو. پر اتان جي
راڄدارن جن ۾ ”کوڙ“ قبيلي وارا طاقت ۾ هئا، مقابلا
جاري رکيا. 980هه ۾ وري مرزا محمد باقي پنهنجو
لشڪر چاڙهي موڪليو، جيڪو ڪڪرالي جي قبيلن جي گڏيل
طاقت سان پڄي نه سگهيو ۽ حڪومت وري ڄام ويسر جو
پيءُ ڄام ڏيسر جي حوالي ٿي. مغلن جي دؤر ۾ شهزادو
خرم (شاهه جهان) جڏهن دهلي مان پيءُ سان ڪاوڙجي
سنڌ ۾ آيو ته ٺٽي جي مغل صوبيدار ۽ ڪڪرالي جي ڄام
سندس مخالفت نه ڪئي، جنهن جي معنيٰ ته مغلن جي
حڪومت سان ڪڪرالي جي ڄام جا صلح وارا معاهدا ٿيل
هئا. ڪڪرالي جي گاديءَ جو هنڌ ”ديرو“ هو، جيڪو
ڏهين صدي هجريءَ ۾ اوج تي هو. ٻيو مکيه شهر
”ميليو“ (ابن شاهه جا ٽڪر) هو. غالباً يارهين صدي
۾ ”ڳڙهه آباد“ ٻڌايائون، ۽ اتي پنهنجي گادي
ڪيائون.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڪڪرالي جي ڄامن خلاف وڌيڪ
ڪاروايون شروع ٿيون، پر ميان نور محمد جي حڪومت جي
آخري دؤر ۾ ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر (ثاني) سان صلح جا
معاهدا ٿيا. ڄام ڏيسر (ثاني) جو نالائق پٽ، پيءُ
جي خلاف ميان محمد مرادياب وٽ پهتو ته جي مون کي
”ڄام“ بنايو ته ٽيون حصو ملڪ يا آمدني ڏيندس. ميان
محمد مرادياب پئسي جي لالـچ واري هوس ۾ حڪم ڏنو ته
ڄام ڏيسر (ثاني) تي لشڪر چڙهائي ڪري. وڏن اميرن ۽
صلاحڪارن مان مير بهرام خان ۽ مراد خان ڪيلري ميان
کي سمجهايو پر هن مال ملڪيت جي لالـچ ۾ ڄام ڏيسر
(ثاني) تي حملي جو حڪم بحال رکيو، ميان جي انهيءَ
روش ۽ پئسي جي هوس جو بيان ميرزا محمد علي
”ڪڪرالي“ جي جنگ بابت پنهنجي مثنوي ۾ ڪيو آهي.
محمد مرادياب جي ڪم ظرفي بابت لکي ٿو ته:
نـه از ملک و از لشکرش آگهي
چنين باشد آن روزگارِِ تهي
شدي گر بسويش کسي داد خواه
نمودي ز بيداد کارش تباه
نبودش بجز شغل کين پيشـهِّ
نـه جـُـز فکر بيداد انديشـهِّ
1167هه کان حملا شروع ڪري ڄام ڏيسر (ثاني) کي
پنهنجي گادي (ڳڙهه آباد؟) ڇڏائي ”ديره“ ۾
وهاريائون، مگر محمد مرادياب پوءِ جلدئي معزول ٿيو
۽ ڄام ڏيسر (ثاني) پنهنجي رياست بدستور سنڀالي.
1173هه ۾ وري ميان غلام شاهه، ڄام خلاف لشڪر
چاڙهيو، ڇاڪاڻ جو ميان غلام شاهه جڏهن حڪومت حاصل
ڪرڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي، تڏهن ڄام ڏيسر (ثاني) سندس
پوري مدد نه ڪئي هئي. بالآخر 7- صفر سن
1174هه/1760ع ۾ ڄام ڏيسر (ثاني) جي گادي جي شهر
”آباد“ تي ميان جي لشڪر قبضو ڪيو ۽ ڄام ڀڄي وڃي ڪڇ
۾ پناهه ورتي. ڄام جو پٽ بدستور پنهنجي پيءُ جي
خلاف ميان صاحب جي نوڪري ۾ رهيو. اهڙيءَ طرح
ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان غلام شاهه هٿان ڪيهر سمن جي
قديم رياست ڪڪرالي جو خاتمو ٿيو.
(ج) ڪوهستان، حب، ملير ۽ ساڪري جا مکيه قبيلا
سنڌ جي ڏکڻ - الهندي ڀاڱن ۾ نئن بارڻ کان اولهه -
ڏکڻ واري ڪوهستاني علائقي نئن حب ۽ نئن ملير جي
وادين، ڏکڻ - اوڀر طرف نئن گهگهر جي وادي، وٽيجي،
داٻيجي ۽ اڳتي سڄي ساڪري تائين برفت - نومڙيا،
لاشاري، ڪرمتي (بلوچ) ۽ جوکيا مکيه ۽ طاقتور قبيلا
رهيا آهن، جن جو ذڪر ڪيترن ئي جنگنامن ۾ اچي ٿو.
مختلف وقتن تي، ڪڏهن ڪن قبيلن جو پاڻ ۾ صلح ۽
دوستي وارو ناتو، ته ڪڏهن مخالفت ۽ جنگ وارو سلسلو
رهيو. آثارن ۽ روايتن کي مد نظر رکندي ائين معلوم
ٿئي ٿو، ته سمن جي دور کان وٺي مغلن جي اوائلي دور
تائين، لڪي کان وٺي حب ندي جي ڪوهستان تائين برفت
۽ نومڙيا قبيلا طاقتور رهيا، حب، ملير ۽ ساڪري
واري ڀاڱي ۾ لاشاري ۽ ڪرمتي قبيلا طاقتور رهيا، ۽
آخر ۾ ڪلهوڙڻ جي دور ۾ جوکيا طاقت ۾ آيا. ٻين ننڍن
قبيلن مان ڀڙج، جاکرا، سورا، پالاري، ڇڇر ۽ گانئچا
پنهنجن پنهنجن ماڳن تي ٿوري گهڻي عرصي لاءِ مضبوط
رهيا. هيٺ اسان ڪن مکيه قبيلن جي طاقت ۾ اچڻ جي
تاريخوار سلسلي ۽ سندن هڪٻئي سان تعلقات تي مختصر
طور روشني وجهنداسون.
|