سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 4

صفحو :10

 

3. لـُـنڊي پاڏي واري جنگ(1)

        هيءَ جنگ آريسر ۽ راڄڙ قبيلن جي وچ ۾ لڳي. ان وقت سمن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي. مٿوڙ جي ڍنڍ، کپري شهر لڳ، اتي آريسر ويٺل هئا. اتي ”جيسرو“ ۽ ٻيا تڙ آريسرن جا هئا، ۽ پريان اڳتي چاليهه تڙ راڄڙن جا هئا. وچ واري سيم ۾ بعضي ٻنهي پاسن جو مال اچي گڏبو هو.

        هڪ ڏينهن ٻنهي طرفن جا ڌراڙ وڙهيا. راڄڙن جي ڌراڙ ڌڪ هنيو ۽ آريسرن جي پاڏي جو پڇ وڍجي پيو. اهو لنڊو پاڏو مال سان گڏ وٿاڻ تي آيو، ۽ آريسرن جي ڌراڙ اچي دانهن ڏني ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. انهيءَ تي وڏيرن چيس ته: ”تون جي سمو هجين ها ته هوند ماري وجهينس ها“. آريسر سما هئا ۽ پاڻ کي سمن جو وڏو گهر ڪري سمجهندا هئا. راڄڙ، سمي جي اولاد کان ٻاهر هئا، انهيءَ ڪري ڌراڙ کي ائين ويڻ ڏنائون.

        اهو ويڻ سڻي، هي ڌراڙ سنڀري ويو، ۽ ٻئي ڏينهن وڃي راڄڙن جي انهيءَ ڌراڙ کي ماريائين جنهن ڌڪ هڻي پاڏو لنڊو ڪيو هو.

        راڄڙ قوم گهڻي ۽ طاقتور هئي. ان وقت به راڄڙ جي لک ڪهاڙي هئي. راڄڙن کي کار لڳي ته آريسرن ڄاڻي واڻي وير وڌو آهي، سو جنگ جي تياري ڪيائون.

        آريسر ٿورا هئا، تن سان ٻيا سما قبيلا مددو ٿيا، پر تڏهن به راڄڙن کان ٿورا هئا. انهيءَ ڪري آريسرن ۽ سمن اچي سوڍن کان مدد گهري، جيڪي ان وقت طاقت وارا هئا. سوڍن چيو ته: جيڪڏهن اوهين اسان جا تابع ٿي رهو، ۽ لڳي ڀڳي اسان سان ڀيڙا ٿيو ۽ اسان جي اڳواڻي قبول ڪريو، ته پوءِ اوهان سان مدد ڪريون. هنن اها ڳالهه قبول ڪئي.

        پوءِ آريسرن ۽ سمن، سوڍن جي لشڪر جي مدد سان راڄڙن سان جنگ ڪئي. وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ راڄڙن کي هٽايائون. انهيءَ جنگ تان پوءِ پهاڪو پيو ته:

”پاڏو پيوڙي يار!“

”پاڏو پيوڙي يار!“

يعني نفاق جو نالو ئي ”پاڏو“ ٿي ويو.

2. تڻوٽ واري جنگ(1)

        ماڙيچن ۽ هوٿي اُنڙ جي جنگ تـَـڻوٽ جي تـَـڙ تي لڳي، جنهن بابت ڪنهن سگهڙ چيو ته:

اڳي اُنڙ کي چيو هو ماڙيچي مذڪور
سنگ ڍڍي ۾ سال ٿي، جهلي ٻهڳڻ ٻور
پاهڻ پاڻي ۾ ڳري، تڏ وڃي وير ضرور.

        يعني ته: ماڙيچي سامهون اُنڙ کي هيئن چوائي موڪليو ته: ”جيڪڏهن ڍڍي واريءَ حالت ۾ سنگ پيدا ٿئي، ۽ ٻـُـور جهلي، يا پٿر پاڻيءَ ۾ ڳري پوي،ته پوءِ وير ويندو (نه ته قائم رهندو).“

-------

3. ٻڌي - ٻاڻي گهٽ واري جنگ(1)

        مائي ”ست – ڀائي“ گڊي، تنهن جو ڀاڻيجو ”قنبر گڊو“ لس ٻيلي جي ”شاهه غاصي“ (فوجي سپهه سالار) جو ڪماني هو. شاهه غاصي هتان چڙهيو ته ٻرن جي راڄ کي اُڊڪو ٿيو. مائي ست - ڀائي چيو ته: ”اوهين اُلڪو نه ڪريو، جو منهنجو ڀاڻيجو قنبر فوج جو ڪماني آهي ۽ هن راڄ کي ڪابه تڪليف نه رسندي.“ مگر ائين ٿيو ڪونه، قنبر راڄ کي ڪم نه آيو.

        هن جنگ بابت تفصيلي بيان ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ ڇپيل آهي، هتي فقط وڌيڪ مليل بيت ڏنا ويا آهن.

”جاڙاڻي“ جون جنگ ۾ لٺيون لوڏون ڪن
لٺ ڀڳائين لـَـئيءَ مان، ٿي موت رکيائين من
ري هٿيارين رس ڪيو، سـُـنبڪ ڳاءُ سـَـٿين
(2)
اوطاقين تي اُن جي، آهي رُڻ جهڻ ربابن
اوطاقين تي اُن جي آهي ڪـُـڻ ڪـُـن ِ ڪـُـنڍڙين
(3)
مـَـنهـَـن هو ”موٽاڻي“ جو، تنهن تي ٻيا مـَـرٿا وَرا وير وجهن
(4)
”لئڌو“ لاکيڻو ٿيو، منجهه ٿوپاڪن
(5)
---
”لـُـڌي“ ڪورا ڪپڙا، لاکي رڱ ڪيائين
گوڙ ”گـُـنگاڻي“ من ۾، ٿي بوڙيون ڏنائين
(6)

هو ڀڄي پٺيرا ٿيا، هن ٿي بيهو کليائين
(1)
هاٿي - مل هڪل سين، ٿي ڪٽڪ لوڌيائين
(2)
ناريان ناريان نه لهان، قلندر ڪـُـٺائين
سوڍي ڀائي سوڀ کٽي، مصري موڪ هنيائين
(3)
ڄڻ ٿن ماريو، ”موٽيو“ ڪـَـلاڻي.
(4)

-----

4. لاشارين جي ڀڙجن سان جنگ(1)

        مـَـلڪ ڪرمتي جي ڪچهريءَ ۾ پيراڻي احمداڻي ڪرمتيءَ چيو ته، ”لاشاري اسان جو توبري جهل آهي“. ملڪ کي اها ڳالهه نه وڻي. اُن ڪچهريءَ ۾ نٿو فقير بنديچو جوکيو به ويٺو هو، تنهن پيراڻي احمداڻي کي چيو ته: ”لاشاري وڏا لائق، پاڙي پتيءَ جي ننگ وارا ۽ سورهيه مڙس آهن ۽ ڪرمتين کي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئائون. اهو هن طرح جو جڏهن ”ڀڙجن“، ”ڪرمتين“ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو هو، تڏهن لاشاري حب ڍور تي آباد هئا ۽ ڇڊا پاڍا هئا، پر تنهن هوندي به گڏ ٿي، ڪرمتين جي مدد لاءِ چڙهيا ۽ ڀڙجن کي ماري ڪرمتين جو وير ورتائون.“

        لاشاري هن پٽ ۾ گهڻو آڳاٽا ويٺل هئا. ڪرمتي بعد ۾ ملڪ مير عالي لاشاري جي وقت ۾ آيا.

        اهو سمورو احوال نٿو فقير بنديچي جوکيي، پنهنجي هيٺئين بيت ۾ بيان ڪيو. بيت پوءِ جو چيل آهي ۽ ڳالهه اڳ جي آهي:

تون گلا ڪرين ٿو غازين جي، آهين پيراڻا پـُـئار(2)
مانجهي موڏا جنگ جا هئا منڌير مڻيادار
---
لاشارين جي لـڄ جا پـُـڇ ته ڏيئين پار
لاشارين جي لائق جا پـُـڇ ته ڏيئين پار
ڍُنگين رهيا هئا ڍور تي، مانجهي مير متار
(3)
سڀني پـَـرين سونهڻا هئا غازي غم گذار
ڪٿي ڏٺياسين ڪانه ڪا اهڙي ٺڪراڻي ٺهار
پاڙي پـِـرج پنهنجي تي ٿي رکيائون هٿ هزار
هلي آيا حـَـب مان ڪي ڀائين وٽ ڀار(1)
جهجهيون آڌرون اُن سين ٿي ڪيون سپت ڀريي سردار(2)
بحري باز بنديچو چئي، ويري ڏين نه وار
ننگ ڀريا نٿو چئي، هئا سرها سڀ ڄمار
مـَـرڪي منڌير چڙهيا مٿي جنگ جهونجهار
ڇيڙون ڇـُـٽي پيئيون بورون بيشمار(3)
هلي آيا حب تي، ڪري ڪٽڪ ڪارونڀار
ڀـَـڙج ماريائون ڀيم سين، ڏنين سوڀ ستار(4)
اچي کنيو لائق لـڄ جو، ڪري بـَـرن مٿان
بار
مير عالي اجهيدار، راهيا راڄ ملير ۾
        ڪرمتي مـَـلڪ کان لاشاري مـَـلڪ مير عالي پڇيو ته: ”اوهان ڪهڙي ڀيڻي رهندؤ“ تڏهن چيائون ته:

”ملڪ ملير ٿڌو

ميرين عالي اجهو.“

        لاشاري قبيلا، ڄام نظام الدين جي وقت ۾ سپهه سالار دريا خان سان ڀيڙا هئا ۽ ٺٽي جي آسپاس سونڊن، پـِـير پـَـٺي ۽ ٻين ماڳن تي کين جاگيرون مليل هيون.ڪي قبيلا ساڪري، ڪراچي ۽ حب طرف آباد هئا، جن مان پوءِ ”مـُـنڌير“ قبيلي وارا لاشاري ڪو وقت ڪراچي ۽ حب واري ايراضيءَ ۾ طاقتور هئا. عمر خان سندن اڳواڻ هو ۽ گڏاپ لڳ ”سونگل“ واري سيم سندس هئي:

سونگل ڌڻي سـِـيڱ جو هو عهدي عمر خان
پـِـني ٿو پاکر، بهرو بنگي خان
ڀائر تنهن ڀيڙا ڪيا، ميران ڏنس مانُ
گڏجي چڙهيا گشت تي هندو ڪري حيران
ساجهي ڪپ سمونڊ جي ڪڍيائون ڪراچي تي ڪانَ
حب ورتئون هٿن سان، ملهه ڏنائون مان
اهڙي سان ارڪان، هئا طالع وند تخت تي.

5. برفتن جو گائيچن ۽ ڇڇرن کان وير وٺڻ

        ٻارهين صدي هجريءَ ۾ (مڪليءَ جي جنگ کان اڳ) برفتن جو سردار ”دائيد“ هو، جو ڇپر ۾ ويٺل هو، تنهن کي گائيچن ۽ ڇـَـڇرن ماريو. پوءِ سندس پٽ ”ٻڍو“ ڳالهه ٻڌي مدد لاءِ ڪرمتي سردار وٽ آيو. ان وقت ابراهيم وڏو مـَـلڪ هو ۽ ڪرمتي جو ان وقت زور هو. ٻڍو اچي ٽڪيو. ڇهه راتيون خدمت چاڪري ۽ مهماني ڪيائونس. سو چيائين ته مـَـلڪ اڃا مون کان خبرون ڪين پڇيون آهن، تڏهن چيائين ته منهنجو هنڌ مـَـلڪ جي ڀر ۾ وجهو. پوءِ اتي ملڪ خبرون پڇيس. چيائين ته: ”ٻانهوٽ (ٻانهن جي واسطي) ٿي آيو آهيان. گائيچا ۽ ڇڇر مون کي ڇپر ٿا ڇڏائين، مدد لاءِ آيو آهيان.“ مبارڪ ڪرمتي ان وقت ننگر جي حاڪم وٽ سپهه سالار هو، تنهن کي مـَـلڪ گهرائي چيو ته: ”مون وعدو ڪيو آهي ته گائيچن ۽ ڇڇرن کي ”هيڪ بريي“ جبل (بارڻ لڳ) لڳ مارائيندس، جو ناحق ٿا ڪن، هاڻي وڃو.” مبارڪ پوءِ ٻڍي سان گڏ لشڪر وٺي چڙهيو. آڏو ٻـُـڍي جو سؤٽ ماسات ۽ ٻيو ڪو سندس ڳولا ۾ ٿي آيا. مبارڪ پڇيو ته: ڪير؟ چيائين ته: دشمن! تڏهن انهن کي ماريائون ته ٻڍي روئي ڏنو. پڇيائونس ته: ڇو؟ تڏهن چيائين ته عزيز آهن، پر مون چيو ته: ڀل رت مان تراريون رڱجن. پوءِ ڪرمتين کي هيڪاري جوش آيو ۽ گائيچن ۽ ڇـَـڇرن کي ماري، ”سيري“ ”ڍاڍر“ تان دنگ ڪڍي، بارڻ سڄي برفتن کي وٺي ڏنائون. پوءِ برفتن ڪرمتين کي ڏاڙهيون ڏنيون ته اڳتي اوهان سان گڏوگڏ هونداسون ۽ اوهان کان جدا نه ٿينداسون.

------

6. جهوڪ واري جنگ ۽ شاهه عنايت الله(1)

صوفيءَ جي شهادت

        ڪلهوڙن جي حڪومت واري دؤر ۾ يار محمد جي آخري زماني ۾ صوفي عنايت الله رحه جهوڪ واري جي شهادت جو غمناڪ واقعو ٿيو. هن شهادت جو سبب اهو هو ته ان وقت شاهه عنايت جي درس تدريس سبب عوام ۾ سندس مقبوليت وڌي رهي هئي، جنهن ڪري بـُـلڙيءَ جي ساداتن ۽ مقامي زميندارن ۾، جن جا هاري شاهه عنايت جي مريدن ۾ شامل ٿي رهيا هئا، شاهه عنايت خلاف بغض ۽ ناراضگي پيدا ٿي. ان زماني ۾ مير لطف علي خان ٺٽي جو صوبيدار هو. جڏهن بلڙي جي ساداتن، نور محمد پليجي ۽ حمل بن لاکي جت زميندارن، شاهه عنايت جي برخلاف سندس ڪن ڀريا ته هن سندن چوڻ ۾ اچي حڪم ڏنو، ته صوفي شاهه عنايت ۽ سندس درويشن سان جيئن وَڻيوَ تيئن وڃي فيصلو ڪريو. صوبيدار جي هن حڪم، مخالفن جا حوصلا وڌائي ڇڏيا ۽ انهن شاهه عنايت جي خانقاهه تي حملو ڪري ڏنو. هن حملي ۾ شاهه عنايت جا ڪيترائي پوئلڳ فقير شهيد ٿيا. جڏهن فوتي فقيرن جي وارثن دهليءَ جي حاڪم وٽ دعويٰ ڪئي ته اعليٰ اختياريءَ وارن کان حڪم پهتو ته انهن بيگناهن جي خون جو معاوضو ڏياريو وڃي، جنهن ڪري قاتلن جون زمينون، مقتول فقيرن جي وارثن جي حوالي ڪيون ويون. حڪومت جي هن فيصلي سبب شاهه عنايت جو وقار اڃا به وڌي ويو. تحفته الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع جي لکڻ موجب: ”اڪثر غريب ۽ عام ماڻهو هندستاني عملدارن جي سختيءَ کان ڏاڍا متاثر ٿي چڪا هئا، جنهن ڪري اهي فقيرن جي پناهه ۾ پهتا ۽ انهن وٽ ئي رهڻ لڳا.“ ان مان ظاهر آهي ته صوفي شاهه عنايت جي خانقاهه غريب هارين ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ هڪ پناهگاهه بنجي چڪي هئي.

        سن 1128هه / 1716ع ۾ جڏهن نواب اعظم خان ٺٽي جو صوبيداربنجي آيو، ته صوفي شاهه عنايت جي مخالفن کي وجهه مليو ۽ وري نواب اعظم خان جا ڪن ڀريائون ته صوفي صاحب حڪومت جي خلاف فقيرن جي هڪ فوج تيار ڪري رهيو آهي. اعظم خان سندس ڳالهين ۾ اچي خانقاهه جي ڀرواري زمين تان معاف ٿيل ڍل جي ٻيهر وصوليءَ جو حڪم ڏنو. صوفي صاحب جواب ڏنو ته: ”اهو ظلم آهي، جڏهن ته بادشاهه پاڻ اهي ڍلون معاف ڪيون آهن، ته توهان کي ان وصوليءَ جو ڪو حق ڪونهي.“ اعظم خان کي هن جواب تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ هن دهليءَ جي حڪومت کي لکي موڪليو ته صوفي شاهه عنايت ۽ سندس فقير حڪومت جون دعوائون ڪري رهيا آهن ۽ ڪوبه حڪم نٿا مڃين. حڪومت کيس اختيار ڏنو ته فتني کي ختم ڪيو وڃي، جنهن ڪري اعظم خان سنڌ جي سرڪاري عملدارن، جاگيردارن ۽ زميندارن جي هڪ زبرست لشڪر سان هاٿين ۽ توبن سميت جهوڪ تي حملو ڪري ڏنو. مقالات الشعرا ءِ جو مصنف لکي ٿو ته: ”اعظم خان هڪ اهڙي فوج تيار ڪري فقيرن تي حملو ڪيو، جا ڳڻپ کان ٻاهر هئي ۽ ماڪڙ ۽ ماڪوڙين کان به وڏي تعداد ۾ هئي. ”سبي“ ۽ ”ڍاڍر“ کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تائين سڀئي سرڪاري عملدار ان ۾ شامل هئا.“ هن زبرست فوج جي باوجود به اعظم خان فقيرن کي زير ڪري نه سگهيو. آخر هن صلح جو ڪوڙو عهد نامو ڪري، شاهه عنايت کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 15- صفر سن 1130هه مطابق 7- جنوري 1718ع تي کيس شهيد ڪيو ويو. سندس گردن مبارڪ تي جڏهن تلوار جو وارو ڪيو ويو ته پاڻ چار تڪبيرون بلند ڪري پنهنجي جان جانِ آفرين جي سپرد ڪيائون.

        صوفي آسورام(1)  پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي چئي ٿو ته: جڏهن اعظم خان جهوڪ کي گهيرو ڪيو ته صوفي شاهه عنايت پنهنجن فقيرن کي روڪيو، ته اهي جنگ نه ڪن، پر جڏهن شهيدن جي لاشن سان ست کوهه ڀرجي ويا ته پاڻ کين لاچار ڪاٺ جي تلوار سان وڙهڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن مان جنگ ڪرڻ جو نه پر فقط بچاءُ ڪرڻ جو مقصد هو. فقيرن ڪاٺ جي تلوارن سان به ڪيترائي دشمن ماري وڌا، پر آخر خدا جي رضا ائين هئي، جو شاهه عنايت دشمنن جي هٿان شهيد ٿيو. شاعر جي چوڻ موجب ته صوفي شاهه عنايت جي هن خون ناحق آخر رنگ لاتو ۽ يار محمد ڪلهوڙي جي حڪومت جون پاڙون پٽجي ويون. صوفي آسورام جا چيل بيت هيٺ شامل آهن:

1.      ڪلهوڙي ڪاغذ لکيو، وجهي وچ الله
        ان تي ڀائٽي ڀاءُ سان، آيو صوفي عنايت الله
        سجدي تان ڪونڌر ڪـُـٺا، ٿيو وڏو جنگاهه
        هوبهو شهادت ٿي، جهڙي حضرت حسين شاهه
        ”آسو“ ان قضيي جو الله آهي آگاهه
        تنهن واحد کي واهه، پاڻ وڻنديون جو ڪري.
2.      پاڻ وڻنديون جو ڪري، جيڪا سنديس گهر ُ
        مڃيون سڀ مٿي تي، صوفي شاهه سڌر
        نه ته هڪل سان هيڪر، هوند ڪلهوڙو ڪٽجي وڃي.
3.      ست کوهه شهيدن جا، ڀرجي ٿيا ٽمٽار
v       ڪاٺ جي تلوار جي، موڪل ملي لاچار
        جنهن لشڪر ملعون جو، ماري ڪيو مـُـردار
        صوفين سر نثار، صدقي مرشد تان ڪيا.
4.      سر مرشد جو ڌار ڪيو، مـُـنڪر جي تلوار
        دهليءَ تائين سر مبارڪ جي پيئي پوي ڌڌڪار
        هيءَ ٿي قيامت، ٿي تکون تارون تار
        ڪلهوڙي جي ڪار، لعنت لاڳ پرائيو.
5.      منهن مبارڪ مرشد جو، پـَـسـِـي وزير وريا
        عبدالله شاهه، حسن علي شاهه، مريد ماڻ ڀريا
        قتل کان نه ڏريا، ماري وڌائون مرشد کي.
6.      بصر جي ڳنڍ جو، پـِـتو لاٿائون
        گدام ڳنڍين جو پـِـتو لٿو، ائين آکيائون
        مريدن کي ماٺ ڪرڻ جو ڏس ڏنائون
        رضا مڃيائون، سـِـر تي رب پاڪ جو.
7.      سختيون صغيرن تي، ڪيون هچاري حاڪم
        ڪي ڏينهن گيڙو گم ڪيو، ملعوني ماتم
        مولا لاٿا غم، وَسيا وَٿاڻ وَنهين جا.
8      وسيا وٿاڻ ونهين جا، جيئن هو تيئن ٿيو
        ”يار محمد“ ڪلهوڙي جو، ڇوڙو لهي ويو
        ڏاتر جو ڏيو، ٻريو ڏينهن قيام سين.
9.      وسيا وٿاڻ ونهين جا، جيءُ جيءُ جئيڪار
        هر هنڌ ٿيا هـُـٻڪار، کٿوريءَ خوشبوءِ جا.
10.    پنهنجا ڪـُـهائي، دشمن پالي، الله بيپرواهه
        ڪـُـڇڻ ڪانهي جاءِ، حق ۽ ناحق جي.
11.     سعيو تنهنجي وس ۾، سو ڪج نيڪوڪار
        حڪم سڀ هاديءَ جو، پچر اِها پچار
        وس تنهنجو ناهه ڪو، ”آسو“ الله جي اختيار
        صاحب جي سرڪار، توبه زاري تون ڪجانءِ.
12.    شربت شهادت جو، مـِـٺو منجهه ميٺاج
        پيتو جن پريم سان، حاصل ٿين حاج
         ”آسو“ اُن احتياج، لٿا سڀئي لوڪ جا.
13.    شربت شهادت سان، مـَـٽ نه جام جـَـم
        پيتو جن پريم سان، اُلهي ويو الم
        سو سدا خوش خورم، ”آسو“ ٻنهي جهانن ۾.
 

------


(1)  سگهڙ هوت ڳاهي سمي (عمر اسي سال کن) جي زباني، ڳوٺ شولو تعلقو ننگر پارڪر ۾ رئيس جيئندي خان کوسي طرفان وڏي ڪچهريءَ ۾، تاريخ 3 سيپٽمبر 1980ع ۾ قلمبند ڪيل. هوت چيو ته هي وڏي جنگ هئي جنهن جون ڳالهيون اڳ هلنديون هيون.

(1)  مرحوم سگهڙ صابر شر، ويٺل تعلقو اُٻاوڙو جي زباني قلمبند ڪيل.

(1)  وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ٻيلاين جا ٻول ڇاپو ٻيو، 1972ع، ص 166 - 170.

(2)  سـُـنبڪ = ٻـُـرو جاڙاڻي. ڳاءُ = واکاڻ (سـُـنبڪ جي واکاڻ سٿن ۾ آهي).

(3) ڪنڍڙين = ترارين.

(4)  موٽاڻي = جنگ جو مـُـنڍ موٽاڻي هئا.

(5)  لـُـڌو = ٻرو جوان. ٿـُـوپاڪن = بندوقن.

(6)  گنگاڻي = گنگي جو پٽ.

(1)  ٿي بيهو کليائين = يعني اڃا مهرو ڪونه مئو هئس.

(2)  هاٿي - مل = هاٿيءَ جهڙي طاقت وارو.

(3)  سوڍو = سوڍو ۽ سايون ٻئي پـُـٽ موٽيي جا، اهي پنج - ڇهه ڀائر جنگ ۾ماريا.

(4)  موٽيو = موٽيو پٽ علي جو.

(1)  راوي طاهر محمد مورياڻي.

(2) پـُـئار = مال جي پڇاڙيءَ ۾ هلندڙ هيڻي ڍڳي.

(3)  ڍَنگين = ڍنگ ڍنگ ٿي ويٺل، ڇڊا پاڍا ويٺل. ڍور = حب ڍرو.

(1)  ڪرمتي هلي آيو لاشاريءَ وٽ ته ڀڙجن اسان جو پاڻي بند ڪيو آهي، تون مدد ڪر.

(2)  سردار اسحاق محمد لاشاري.

(3)  پورون = گهوڙون.

(4)  ڀيهم  = همت.

(1)  هيءَ روايت لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب نمبر 9 واقعاتي بيت ۾ پڻ شامل آهي، پر جيئن ته هن واقعي جو تعلق سنڌ جي اهم جنگين سان آهي، تنهنڪري هتي به شامل ڪئي وئي آهي.

(1)  آسو رام پٽ ڏاندو مل، ويٺل هالا پراڻا، ضلعو حيدرآباد،سن 1271هه / 1854ع ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان وٺي فقيرن جي صحبت ۾ رهندو هو ۽ سندس ڪلام سلوڪن، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي، جن ۾ نبي صلي الله عليه و آله وسلم جي باري ۾ مناجات ۽ انهيءَ قسم جو ٻيو صوفياڻي رنگ جو مواد پڻ ملي ٿو. سن 1361هه/ 15 فيبروري 1941ع ۾ هالن پراڻن ۾ گذاري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org