سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 6

صفحو :18

 

باب ڇهون

سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ جنگيون

1. رندن جو مگسين تي حملو

وڏيري عمر ۽ قنبر خان پنهورن جو واهر ٿيڻ ۽ مارجڻ

        مهراڻ خان رند پنجاهن مڙسن سان مگسين مٿان اچي پيو. مگسي به ارڏا هئا، پر حملي وقت اويسلا هئا، انهيءَ ڪري مارجي ويا. شايد انهن مدد لاءِ سڏ ڪيا، جنهن تي وڏيرو عمر پنهور ۽ وڏيرو قنبر پنهور، جيڪي ٻئي سوٽ هئا سي واهر وريا. مهراڻ خان اڳتي نڪري ويو هو پر هي پويان وڃي پهتا. اربع جو ڏينهن هو جو ٻنهي طرفن جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ عمر ۽ قنبر بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويا. جيئن ته ٻين جي سڏ تي مڙس واهر ٿي آيا ۽ ميدان ۾ سر ڏنائون، انهيءَ ڪري ٻيڙي فقير چارڻ(1) کين ڳاتو.

ڏس احسان اٺئي پهر، سگهه سندي سبحان
جنهن ڪيا ظاهر زمين تي، بر بحر بئيبان
سهس اٺارهن عالما، جن و اِنس جوان
اچي ٿيا آهن اوچتا، مانجهي مڳ مزمان
هو ڏهن ٿي هڪل ٿي، هيڏهن ئي ”آيان“
(2)
تڏهن ٻئي سؤٽ ٻيڙو چوي، هليا جذبي منجهون جوان
(3)
تن سان پاڻ محمد مصطفيٰ، ٻيا آگي ڪين احسان
اتي عمر ۽ قنبر ٿي ڪهيا ڪونڌ ڪلام
ونئن ته ممئت تون موٽي، آڏو قلعن جا به ڪمام
(4)
چئي: ادا! مڙئون لڳيهون ميهڻو، آئي اٿئون رضا ڏنهن رحمان
وڙهيو بس بجير کي، ڀڳو چانڊيو مؤن چوگان
اوري اوشو تي پئي، جنهن ڪوڙهئي ٻاري ڪانه
جڏو جيءُ جهان ۾ ناحق کائي نان
اچي وِهو ائٽن تي، آهن جوڙا جوڙ سندان
تن کي، پيرين ميرين محڪمين ٿڪـُـن ٿيليان
ڪوپا وڙهن ڪاهه تي، وري وير وريام
سي پرزا ٿي پيا پڙ ۾، وڃي جنت جاءِ ٿيانِ
تن کي پـُـر پيالا بهشت جا، وڃي حورن هار ڏنانِ
ڪري هوءَ هنگام، وڃي سنگت سان سرها ٿيا.
---
اصلي کئونس خلل جي، ڪا ”مهراڻ“ کي هئي من
(1)
پيو پيل پنجاهن سان، ريلي تي به رَندن
سي ارڏا هئا به اويسلا، ٿا مگسي مارجن
مونهيون مونهن سان گڏيون رُڪين راند رَوَن
جيرا ٻيرا ڦڦڙ ڦڙڪن، ذرا ذرا ڪن
ڏيئي باهه بندوقن کي وڌو آگهاري اَٺن
هيڏهن هڻي پنجويهه پڙ تي وڌا ماري مـُـغيرن
(2)
رندن ميڙي راڄ کي، ٿا ميڙيون مصلت ڪن
فائق فتح سان هليا، مانجهي موڙ ٻڌن
وَٺيون وک وڃن، ٿا مخفي پنهنجي ملڪ تي.
---
اچي اربع ڏينهن پرهه جي آرڻ ٿي اڻکليل
ڪاهي قنبر خان پيو آ رؤجان ڪري اتي ريل
وڙهيو ورنهه ويرن سامهون ڪري خان کني جي کيل
ارڏي عمر نيليون واريون واهه تکي تنهن ويل
ڪوميون ڪاريون، وجهن ڏاريون، ناميانسنگ ڀڃن نيل:
---

واگهه ته بيٺا، پاڻ ته ونگي
آيا سر آرڻ جي انگي
مارن چوٽيان، وجهن چنبي
ڪن پتنگن وانگي پيل.
---
جي اُٿ ڪونڌ ڪلام نه ڪـَـهندي
سي اٿ تـُـنڪا مور نه سـَـهندي
ماريون مـَـٽ مـَـٽان ڪـُـون مهندي
لاهيون ڀرڳل گهتـَـن ڀيل.
---
سانچي سورهه، اعليٰ آکن
مصريان رت اُٿائين چکن
ٻٽين ٻانهين اُٿان ٻکن
ڪرن مرد اٿاهون ميل.
---
آک ٻيڙا، انصاف انهان دي
جي ڪلمي نال کـُـليون ڪن کيل.
------

2. رندن ۽ مگسين جو بـُـنگاهه (جنگ)(1)

        هيءَ جنگ مير صاحبن جي اوائلي دور ۾ لڳي، جنهن ۾ رندن سان جلباڻي، جتوئي، جمالي، عمراڻي، بڙدي، گڙد، گبول، گاڏهي، ديناري، لاشاري ۽ ٻيا قبيلا گڏجي ويا، ته ٻئي پاسي مگسين پنهنجي پاڙيسري قبيلي چانڊين کان مدد ورتي، ۽ اهي ٻئي سورهيه قبيلا، ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي، مرد ٿي، ٻين مڙني قبيلن کي منهن ڏئي بيٺا.

        هيءَ جنگ هن سببان ٿي جو مغيري قوم جا ماڻهو مگسين جا پاڙيسري هئا ۽ ڀاڳيا ماڻهو هئا. جمالين کي اچي جوش جاڳيو ته مغيرين ۽ مگسين جو مال هڻي اچون. نيٺ اُهي حملو ڪري ويا ۽ مغيرين جو مال ڪاهيائون ۽ مقابلي ۾ انهن جا ٻه - ٽي ماڻهو به مري پيا. ان وقت سردار احمد خان مگسي ”شاديهڙ“ شهر ۾ لٿل هو، جنهن کي ڏاهين وڃي انهيءَ گهل جي ڏاهه ڏني. احمد خان بهادر ۽ ارڏو هو، سو ڪوڏ ڪري اچي جمالين سان جنبي مارو ڪرڻ لڳو. هاڻو مال ڇڏي وٺي ڀڳا ۽ جيڪي احمد خان جي سامهون ٿيا، سي مارجي ويا.

        انهيءَ تي غلام محمد خان جمالي پنهنجي ڳوٺ ڳڙهيءَ مان چڙهيو ۽ سردار شير محمد خان رند (جو ان وقت حيدرآباد ۾ ميرن وٽ رهندو هو) وٽ حيدرآباد ۾ ويو ۽ شير محمد خان رندآڏو پـَـڳون اڇلائيندي احمد خان مگسيءَ جي حملي جي خبر ٻڌايائين ۽ چيائينس ته ”مگسي پاڻ کي جنگ دوست“ ٿو سڏائي، هن جي ڪنهن تي نگاهه ئي نٿي پئي! سنجهه صباح اوهان جي ڳوٺ ”شورڻ“ تي ٿو حملو ڪري!“. اهو احوال ٻڌي، سردار شير محمد خان چيو ته مان مير صاحبن کان ستن ڏينهن اندر رخصت وٺندس ۽ پوري مدد ڪندس. پوءِ سردار شير محمد خان ميرن صاحبن جي سلام تي ويو ۽ سمورو احوال ٻڌائي موڪل گهريائين. مير صاحبن سمجهايس ته اوهان سردار گڏجي ويهي فيصلو ڪريو ته خير ٿئي، جو جنگ وارڻ خلل کان خالي ناهي. مگر سردار رند نه مڙيو ۽ جمالين سان گڏ لشڪر چاڙهي اچي پهتو.

        احمد خان کي به خبر پئي، تنهن به پنهنجن مگسي ڀائرن کي ڪٺو ڪيو ۽ چيو ته جيئن جمالين وڃي رند تمندار کي چاڙهيو آهي، ته اسين به چانڊيي سردار وڏيري ولي محمد خان جي مدد وٺون. پوءِ سندس پٽ ۽ ڀائٽيو ميهان خان ۽ گهرام خان سپاهه ساڻ ڪري ديري پهتا. ولي محمد خان کين مان ڏنو ۽ چيائين ته راڄداري جون ڳالهيون ڪنداسون، پر جي رند سردار نه مڙيو ته جنگ ڪنداسون، پوءِ پنهنجي پٽ ڪـُـنڍي خان سان چانڊين جو لشڪر چاڙهي موڪليائين، ۽ کين چيائين ته ”جنگ جي سوڙهه ڏسو ته مون ڏانهن ڏاهي ڏياري موڪلجو ته مان به اچي نڪرندس“. نيٺ چانڊڪو لشڪر جهـُـلي وڃي ”جهل“ شهر ۾ رسيو.

        چانڊين جي اميرن جنگ ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي. شهولي خان چڙهي ويو، جنهن تي سردار رند چار مهينا مهلت ڏني، ۽ چانڊين کي چوڻ لڳو ته ”اوهين پرائيءَ باهه ۾ ڇو اچي پيا آهيو، مان ته اڳيون پويون ڪل قرض مگسيءَ کان اڳاڙيندس.“ اهو چئي، پنهنجيءَ سپاهه کي بـُـڙدين ڏانهن وٺي ويو، ته جيئن چانڊيو ويهي ويهي ڪَڪ ٿي ”ميل“ ڀڃي وڃي، نيٺ ”جهل“ ڇڏي وڃي ”ڪنڌ ڪوٽ“ پهتو. تڏهن چانڊين به مگسين کان موڪلاڻي ڪئي ۽ چيائون ته ”جڏهن ڪا ضورت پئي ته اسان کي سڏ ڏجو.“ تنهن تي مخالف ڌر، چانڊين کان ميدان خالي ڏسي، وري حملي جون تياريون ڪرڻ لڳي.

        وڏيري ولي محمد خان کي خابرن خبر اچي پهچائي، سو پنهنجن ڀائرن کي چيائين ته بروهين جا عذر رهيل آهن، سو هلو انهيءَ بهاني سان هلي سردار شير محمد خان کي ويجها ٿيون، ۽ ساڻس ملي کيس جنگ کان موڙيون. پوءِ اچي بروهين وٽ پهتا، جن ڏاڍي آڌر ڀاءُ ڪئي، پر سردار شير محمد ساڻس ملڻ نه آيو، تنهن تي وڏيري کي عجب لڳو. تنهن هوندي به صلح جو خيال ڪري، علي الصبح چڙهي ويو سردار شير محمد وٽ. ٻنهي سردارن ۽ ڀائرن پاڻ ۾ ويهي ورونهه ڪئي. ولي محمد خان کيس رنج ڪڍڻ لاءِ چيو، جنهن تي غلام
محمد خان جماليءَ چيو ته: ادا ولي محمد، تون اسان جي وچ ۾ نه پئـُـه، اسين مگسيءَ کي ڏسي رهنداسين.“ انهيءَ ”ادا“ چوڻ تي سوني خان ڇتاڻي چانڊيي کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو ته "هوش ڪري ڳالهاءِ، اسين تنهنجا ادا آهيون، تون ٿو اسان جي سردار کي ادا سڏين!“ تنهن تي غلام محمد خان کيس شير محمد خان جو دڙڪو ڏنوته ”اوهين ديري وڃي دانهون ڪندؤ!“ اهو دڙڪو ٻڌي، چانڊين جو وڏو پهلوان محرم ڇتاڻي (جو اڳتي هلي سچل سائين درازيءَ جو خليفو ٿيو ۽ هڪ وڏو شاعر به هو) گجگوڙ ڪري للڪارڻ لڳو. پوءِ ته جمالين، رندن ۽ چانڊين جون تراريون منياڻن مان نڪري ويون، پر بروهين وچ ۾ پئي جنگ ٽاري: چي: ”مهمانن سان جنگ نه جڳائي.“

        سردار ولي محمد خان وري اچي رسيو مير احمد خان وٽ پر تڏهن به صلح جو خيال نه ويس. نيٺ پنهنجي هڪ امير الهه بخش خان ڇتاڻي چانڊيي کي راڻيپور چاڙهي موڪليائين، جو پير صاحب کي چاڙهي آيو، پر رندن جي سردار اهو چئي پير کي واپس ڪيو ته ”مان مگسيءَ کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس. پير فقير اسان کي پنهنجا به گهڻا آهن!“

        پوءِ سردار رند جو لشڪر اچي ”جهل“ کان اَٺ ڪوهه پري روهيلن ۾ رسيو. اُتي ڪي سيداڻيون بيبيون به وٽس ميڙ ڪري آيون، پر مـُـڙيو ڪونه. پوءِ ته اچي جنگ لڳي. ڇهه سؤ چانڊيا هئا، ۽ هڪ هزار مگسي. سردار شير محمد خان پنهنجيءَ فوج کي هن طرح هدايت ڪئي: ”گڙد، گبول، گاڏهي، ديناري، جلب، جتوئي ۽ لاشاري، وڃو چانڊين تي ڪاهي، باقي ٻيا مگسيءَ تي مارو ڪن.“ ٻئي پاسي احمد خان ۽ ولي محمد خان پنهنجي لشڪر جون صفون سڌيون ڪيون، مگسي اوڀارو ٿيو ۽ چانڊين اولاهين ٻانهين جهلي. شير محمد خان شير خود هڪلون ڏيندو جنگ ۾ ڪـُـڏي پيو، ۽ ڪٽڪ ۾ ڪاهي پيو. جيڪو سورهيه پئي سندس سامهون آيو، سو پهرئين ڌڪ سان ختم ٿي پئي ويو. نيٺ سراج نالي ڪاتير سان وڃي ٻـَـکيو. ايتري ۾ خول مٿي کان ٿڙي ويس، ۽ مٿي تي سرواهي جهلي، ڪونڌر وڃي زمين تي ڪريو ۽ سندس پساهه پورا ٿيا. جيڪي ساڻس همراهه هئا، سي به ماهو ٿي ويا. سردار شير محمد شڪست کائڻ وارو نه هو، پر غرور مڙس کي ماري وڌو.

        هن ”بنگاهه“ تي گهڻن شاعرن ”بلوچڪي“ ۾ ”شعر“ چيا، جن کي ٻڌي شاعر قادربخش پڻ پنهنجن بيتن ۾ جنگ کي بيان ڪيو.

”ٻاروچي ٻوليءَ ۾ سوين شعر چيا سگهڙن
آءٌ ڀي منجهان تن، ڪيرائي ڪـُـڍي ڪٿي.“

سندس تفصيلي بيت هن طرح آهن.

تون صاحب صفتن جو ڌڻي، تون مالڪ مـُـلڪ جهان
ڪهڙيون تعريفون ڪجن، ڪيئن ظاهر ساڻ زبانَ
حڪمت ڏس حڪيمَ جي، اونهان بحر بيانَ
ڪير پروڙي پرور کي، ڪنهن کي طاقت ڪانَ
شان شفيع اڳرو ٿيو، درماندن درمانَ
چارئي يار رسول جا افضل عاليشانَ
اُچي قرب ابوبڪر،عمر ۽ عثمانَ
علي مير امير کي، ساراهيو سبحانَ
حسن مير حسين جون ڪيون تعريفون قرآن
ٻئي دُلهه دادلا گوهر گلستان
مڙيئي ٿيا مادتـُـو، سڀيئي سلطان
ڪـُـوپي ڪوهستان، احمد خان امير جا.

 

احمد خان امير هو، مگسي مڳ مٿيرُ
هر مـُـنهن هڪل تي چڙهي، دودو ڌم دلير
رند مگسيءَ جو پاڻ ۾، هو اصلؤن وڏو وير
شور مچايو شير، ٿو هاتڪ هيئن هاڃا ڪري!

 

گانءُ ته غازي شير جو، جوڙ وڏي سان ”جهل“
وڄن نغارا ويڙهه جا تنهين منجهه طبل
پري ٻجهي پرڌانَ جي هيبت ساڻ هڪل
ڪاهيو ڪٽڪن سان وڙهي، پوي اڙدن منجهه اڇل
ديوَ نوايا دَل، جي جوان بهادر جنگ جا.

 

ٻيا ڀي ڪونڌَ ٻروچ هئا، سنگَ صوبا سردارَ
حاڪم پنهنجيءَ حد جا دانههَ دعويدارَ
هيڻا هاڙهن کؤن ڊڄن، ويٺا جي ويچارَ
ماڻهو تن ملاحظي، ڏڪن سڀ ڏهڪارَ
ڪريو ڌاڙا ڌاڙ، هڪٻئي مالُ هنيو وڃن.

 

هو هاتڪ حيدرآباد ۾، شير محمد رندُ
شهر ته ”شورَڻ“ جاءِ هئس، نرَ جو ”ناڙي“ هنڌُ
مانجهي ميرن وٽ رهي، بانڪو بخت بلندُ
رانوَل ُ رندستان جو، صوبو هو سرمندُ
ڪين نوايئـِـين ڪنڌُ، هو جيسين جوان جهانَ ۾.

 

مغيري، مگسين وٽ هئا ڀـَـر ڪـُـلهي ڀاڳيا
پهـُـون پوياڙيءَ کي، تن ٿي سنڀاليون ساڳيا
جمالي جاڳيا، ته مگسين مال ڻي اچون.

 

مگسين مال هڻي اچون، آ وير تنين سر وِڳَ
هلي هونگن سان ڪيون، کــَـني راند کڙڳَ
پيادا سوارن کؤن اڳي، دَوڙيا مٿي دڳَ
جنهن پيچ ورايو پڳَ، سي سڀئي چڙهيا گهلَ تي.

 

مال مخيرين جو هڻي، واهَ ڪيئون وارو
ٻه ٽي مڙس مري پيا، ٿيو ڌڻن سان ڌاڙو
شير ته ”شاديهڙ“ سندو، اَرڏو اَڻيارو
ڏاههَ پئـِـي ڏَسُ گهل جو، ڪيو ناميءَ نغارو
”احمد خان“ اچي پين، نر ُ هڻي نعرو
جـُـنبي جمالين سان قـِنهن هو مرد ڪيو مارو
پيادا پوکن ۾ لڪا، متان پوي مٿن پسارو
ٿيو لشڪر لهوارو، ڀوَ کؤن مال ڇڏي ڀڳا.

 

ٿيا جيڪي سورهيه سامهون، سي ماريا مرد مڻيارَ
جنين کؤن توفيق وئي، تن تي ناهه ميار
پيادا پوکن مؤن ڀڳا، پير چمي پيزار
وري ويا هئا تن تي مگسي ملغذار
پيادا پوين کي پڳا، رڻ رهيا ريڍار
دنوي دعويدار، جنهن پيـِـلي ڪونڌ پڻي ڪيا.

 

هڪ آيو هو گهـَـل تي، ناتوان نادانُ
جڏهن ڏٺائين جنگ کي، بيٺو ٿي حيران
پيش وڏيري جي پيو، اچي عاجز ٿي انسان
ٿيءُ ميان مهربان، ڏيئي هٿ پناهه جو.

 

نيچو ٿي نادانَ ڪيو، اوچوآدر ڀاءُ
مون کي هيڏي موڪليو، ڏئي ڏس جيجل ماءُ
ڪونهي ڍڳو در تي، وڃي نـَـرَ کؤن وٺي آءُ
جوڙي هيءُ جڙاءُ، جـُـنگَ رسيس هن جاءِ تي.

 

ڏياريس ڏاند وڏيري، هو ڪڏندو قداور
ڀري ٻوري اَن جي، مٿؤن وجهي آٿر ُ
باغ لنگهائي بـَـر ُ، هي نيئي ويجهو وسئن کي رسيو.

 

جـِـيئن منجهه جهان، اهڙا راجا راوَ
همت هيڻن کي ڏين، آڙين ڪن اُپاءُ
صاحبَ سخا جا ڌڻي، ناميارا نرَ ناءَ
شيرن جا شعاع، ملڪن ۾مشهور ٿيا.

 

بيهي نه سگهيا برَ ۾، جنگ تي جمالي
ڳوٺ وڃي ڳالهيون ڪن، خبرون ڏين خالي
هٿ نه مگسين کي لڳو،مالُ نه ٻي مالي
هادي بچائي هنن کؤن، آندو ورائي والي
جي ساڻ هليا سوالي، سي ماهو ٿيا ميدان ۾.

 

پيـَـڙو شور شهر ۾، اوٿيڙو اندوههُ
مـَـٿي مگسيءَ جي لڳو، هو رُڪ مثل روهه
پيادا مـَـرايوَ پڙ ۾، ڊوهڙ ڪري ڊوهه
جڏهن ڇنڊايوَ ڇوهه، تڏهن البت ٿيو آرام ۾.

 

جيڏو جماليءَ کي ٿيو، غلام محمد غم
وير ته ويريءَ کؤن وٺان، وڏو آهه وَهم
هاتڪ حيدرآباد ۾ بانڪو سو بهرم،
جيڪو آڻيون جنگ تي، رندُ چاڙهي رستم
اسان جي ايذاءَ جو، ٿيندو شيرَ شرم
وٺي وير اسان جا، ميل ڪري محڪم
تنهن کي جالَ ڏياريون جـَـم، جنهن مگسيءَ ڪالهه مذاق ڪئي.

 

مڙي جمالين پاڻ ۾، مردن ڪئي مصلحت
جن جا جگر ڇڄي پيا، ريلا وهندي رَت
وڃي تنهن وَرنههَ سان هيءَ ڪر حقيقت
آڻي وجهه ويريءَ تي، ڪا ازعيبي آفت
بلڪ نه ڪر فرحت، رات چڙهي وڃ رندَ ڏي.

 

غلام محمد غم ۾، ڇڏيو ڳوٺ ڳڙهي
سانجهي کي سنبري هليو، چانگي تي به چڙهي
ٻيا ڀي ٻه ٽي تنهن ساڻ هليا مرد مـِـڙي
رانوَل تـِـت رڙهي، ٿيا رات روانا رند ڏي.

 

ٿيا رات روانا رند ڏي، ڏوري کنيائون ڏُکَ
هوري جهوري هيانوَ ۾، جـِـيئڙي اندر جـُـکَ
نڪي کائن خوشيءَ کؤن، باهه اندر منجهه بـُـکَ
سـُـور وڃاين سـُـکَ، هليا ديس ڇڏي پرديس تي

 

هتؤن حيدرآباد اَٿوَ، پنڌ پري سؤ ڪوهه
سـَـليون سـُـورَ اندر جا، گـَـنوَ سان سڀ گروهه
ايندو اسان سان چڙهي، جي طالع وريو توهه
جيئن لوهر ڦــُـوڪي لوهه، تيئن مدعي کي ماءُ ڪندو.

 

ساهي واڳَ سـَـٽيون، باز بڇيون بانڪا وڃن
عاقل ڪاهـِـن اڳتي، پويان ماڳَ مٽيون
دل ۾ درد فراق جون، سنديون زهرَ وَٽيون
نر وڃي نروار ٿيا، رهبر راههَ وَٺيون
هيون سي حيدرآباد جون، گهاٽا سير گهٽيون
پوءِ پـِـيلي پنڌَ پٽيوُن، وڃي دُرس مليا داناءُ کي.

 

پاڻوَ لاهي پـَـڳَ، اُڇليائون ارغونَ ڏي:
مگسيءَ هـُـت مارو ڪيو، اسين ڀڄي ٿياسين ڀـَـڳَ
هـِـڻي نـِـي هيٺؤن ڪيا اٿس واهه اسان جا وَڳَ
جاڙ اُهائي جـَـڳَ، ساري ملڪ سڄي ٻڌي.

 

آياسون اسين ڪهي، دانهن وٺي داناهه
ويري وَڳ ُ هڻي ويو، نر ُ چڙهي ناگاهه
”ميرو“ ميڙ وٺي وياسين، چاڙهي منجهؤن چاهه
ڪين مڃيائين تنهن کي، هو پـُـٽ سندو بادشاهه
پوءِ وياسين مالُ هڻڻ، جـُـنگ َ اُنهيءَ جا ڳاهه
وڃي مال هنيوسين تن جو، ڪَستؤن ڪري ڪاهه
احمد خان اڳي لٿل هو، ڏاڍي پشت پناهه
هي مگسي حملو ڪري پيو، جاري منجهه جنگاهه
ماري مال ڇڏايائين، رکي سيف سلاح
پيادا ماريا پـِـڙ ۾، هئا جيڪي همراهه
مگسيءَ جي ڪنهن مرد تي، ناهي نر نگاهه
ڏس، ٿو سنجهه صباح، شهر ته ”شورڻ“ جو هڻي!

 

نانءُ رکايو پانهنجو، جنهن مگسيءَ ”جنگ دوسُ“
لاهي ٿو لـُـڙ ڪينڪي، وتي کنيو شر شروسُ
آهي آڳ اندر ۾، ڏيلؤن ڏاڍو ڏوسُ
ڪونڌ! وڏو ڪر ڪوسُ، ويرَ! چڙهي هل ويريءُ تي.

 

تون آهين بانڪا بلوچن جو، رند بيشڪ بادشاهه
تون سونهين سڀني وچ ۾، جيئن منجهه ستارن ماههءُ
ويريءَ هت وڻاهه، ڏس جو ڏاڍوئي ڪيو.

 

تڏهن وَرنهـَـه کي ورندي ڏني، شير محمد شيرَ
موڪلَ ميرن کنؤن ڪندس، ستين ڏينهن سويرَ
جلدي هلي جهـَـل تي، پاڻ گهمايان پيرَ
وَرنهـَـه تنهنجا وير، ڏس وٺان ٿو ڏينهن ۾!

 

(غلام محمد خان جماليءَ چيو)

ويٺي ورهيه لنگهي ٿو، ساعت ساعت سال
جيڪا مرضي تو سندي، پر خاوند! رکج خيال
جي مرضي منهنجيءَ تي هلين، چڙهه هڪدم حال في الحال
همه معلم (سعلوم) حال، ٿئي اسان جي اِيذاءَ جو.

 

هليو سنگُ سلام تي، اُتان ميرن تائين
جماليءَ جي جنگ جو، قصو چوريائين:
مگسيءَ هـُـت مارو ڪينِ، هڻي هنڌائين
مان وٽ مـِـڙي آئيا، دانهن وٺي دانهين
ماڳ چڙهي مائين، آءٌ دانهـَـه ويندس ديس تي.

 

قبلا! اڄ اوهان کؤن ٿو مير! گهران موڪل
نيئي جهنڊا نيشان سڀ، جهـُـلايان منجهه ”جهـَـل“
گهوڙا منجهه گهٽين جي، ڪـُـڏايان ڪونتل
جيئن ڪري ڪڙمي دَلِ، سا پر ِ مگسيءَ سان ڪندس.

 

سمجهي وڃج سيال تي، مـِـيرن پايـَـس پـَـل
وَسَ کؤن جنگ نه وارجي، سي ٻـَـن ِ خوفَ خلل
هنئين کؤن اولاريو، ڪثر اها ڳالهئه عقل
مرد، سڃاڻي مهل، جي کيڏي راند کـَـٽـِـي اچن.

 

مير ڏنو هو ميهڻو، ڪر ياد سخن يڪبار
چيو هو چرچي ۾، سو ورنهه ڪين وسار
جا هڻندس هـُـت ترار، سا هـِـت ڳوٺ اچي ڳالهيون ڪندس.


(1)  هيءُ بيت ڦــُـلجي (ضلعو دادو) جي مشهور چارڻن سگهڙن مان ٻيڙي چارڻ چيا، ۽ مکڻ فقير چارڻ کان سن 1957ع ۾ دادو ۾ ميان دين محمد چارڻ سان ڪيل ڪچهريءَ ۾ قلمبند ڪيا ويا.

(2)  واهر لاءِ سڏ ٿيو ته هتان چيو ته آيا.

(3)  ٻئي سؤٽ عمر ۽ قنبر.

(4)  ”ممئت  لفظ سمجهه ۾ نه آيو

(1)  مهراڻ خان رند.

(2)  اصل. مگيرن.

(1)  هن جنگ جو احوال ۽ سگهڙ قادربخش جويي جا بيت پهريائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي رسالي مهراڻ (نمبر 3 - 4 سال 1960ع) ۾ شايع ڪيا، جتان اختصار سان سڄو احوال ۽ بيت کنيا ويا آهن.

 فقير قادربخش جويو، ڳوٺ جويا، تعلقي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو ۽ 85 ورهين جي عمر ۾ سن 1913ع ڌاري وفات ڪيائين. طريقت ۾ قنبر علي خان جي مشهور راشدي خاندان جي پير عبدالله شاهه جو مريد هو ۽ پاڻ پنهنجي مرشد وانگر يوناني علاج ڪندو هو ۽ ڪنهن کان پيسو - پائي نه وٺندو هو. نسخو به اهڙو لکي ڏيندو هو، جو پنجن پيسن کان وڌيڪ قيمت جو نه هوندو هو. عابد ۽ زاهد به هڪ هو. شعر سان سندس ڏاڍو چاهه هو. جڏهن ته فقير جي ٻولي سرائڪي هئي، ان ڪري سندس گهڻو ڪلام سرائڪيءَ ۾ آهي، پر سنڌيءَ ۾به ڪافيون، مولود ۽ بيت گهڻائي چيا اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org