سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 8

صفحو :34

 

ديمي درس ٿيا دود ستا، کليون کڙڳ وهاون خستا
ماريوَمٽ وهاوَن مَستا، راوت رُڪ ٻڌا تت رستا

ڪُڙها ڪلِي پون ڪاهيُون

طاهر خان ڪيون به طفيلان، کوسي کڙڳ هڻي ڪيون کيلان
زنگ وڌي پيو زرهان زيلان، پڙ ۾ پتنگ پيون ڪن پيلان

ماري اُت وڃي مُنهن ڪايون

طاهر تيز وڙهيو تت تائوُ، غازي گڏ ڪري تت گهائو
وير وساڻ صَقيلَن سائو، بير بهادر جنگ جُنبائُو

اَرڏو اڌ ڪري اُٿلايون.

واهه وڙهڻ جا جنهن ڪيا وارا، چهڪا چاهه وڌا تن چارا
سندس سپاهي سي سوڀارا، ڪڙڪي ڪـُـونڌ ڪٽن ڪپارا

وهندو وڍ وجهن وهايون.

دانهه درس هڻن دو دستي، ڪوپو ڪپي ڪيهر ڪَستي
هُوڪ هنئي تنهن هاڙهي هستي، ماري مـَـٽ مناون مستي

تائو تيز وڙهيو هو تايون.

گوهر گنوهر چڙهيو غازي، سَٽ ڪُٽ سيف صقيلن سازي
بير بندوقن سان ڪئي بازي، اَرڏو اُلٽ وڙهيو اغمازي

عارف اڙٻنگ پيو اٺايون.

جسوَت جلد وڙهيو تت جائي، کنا کڙڳ ويس تت کائي
سر شهيدن موت لکائي، وڙهي ورنهه وک وڌائي

رڻ ۾ رِڏ رهي ڪن رايـُـون.

جوان وڙهيو تت جهڙڪا لائي، اڳ ۾ اڙٻنگ ويو اُٺائي
پيو پتنگ جان پاڻ جلائي، بانڪو هشت بهشت سڏائي

ناميو نيڪي ويو نباهيُون.

غازي خان مري موچارو، وڃن ساڻ وڙهي ڪيائين وارو
سر صقيلن جو سٽڪارو، چهڪو چست ٿيو چوڌارو
ورنهه واهه وڙهيو وک وارو، غازي گـڏي تني کي گهايو

ڪونڌ مڙئي اُت چهه چهڪايُون

عارف عقل ساڻ اَلايون، مري مرد وڙهيو مرڪايون
غازي خان تنهن تي گهايون، سهڻو شير شهادت پايون
جعفر خان ڪليريءَ ڪاهيو، نمڪ جو جنهن ننگ ملهايو
پرتئون پير اڳيئون ٿي پايو، چَهڪو چُست هڻي چهڪايو

ورنهه واهه وڙهي وڌ گهايون.
ڪيهر ڪونڌ اُتي ٿي ڪُٺا، ٻارا ٻهل وجهون تنهن ٻٽا
نامئي نسنگ هٿئون لک لٽيا، چستئون چست اٿي ٿي ڇٽا

مڙي ڪليري پاڻ ملهايون.

ميهر شاهه مهايون مارو، ڏوڪن ڏار وجهيو تن ڏارو
ناميي نيڪيءَ ننگ نهاريو، اڳ ۾ اڙٻنگ ويو اٺايون.
کوکر خان وڙهيا تت خاصا، سورهيه شير کـَٽن شاباس
رڻ ۾ رت ڀريا تن پاسا، جن مقابل هنيو مُهايون.
بيڙو ٻول وڙهيو ٻولائي، نهرو ناميو نسنگ نوائي
بهادر بان نشان بڇائي، ميل وڙهيا ات مچ مچائي

رڻ ۾ ريلا پاڻ رچايُون.

رتو راض وڙهيو رنگ لائي، ڪيهر ڪست منجهئون پيو ڪاهي
فوجون ڦاڙ وجهي ڦهڪائي، ڇَتو ڇوهه هليو ڇمڪائي

مڳ وڙهيا سي پاڻ مرڪايُـون.

فتح خان اُتي ڦهڪايون، ڪوپي ڪونڌ اتي ڪڙڪايون
مصريون مڳ هنيون ٻه - مُنهايون، لاشا لال وجهن ليٽايون

ستا شير شهادت پايُون.

ونگ ونگارو وهنگ وهائي، شير شمشيرون ڪوپو ڪاهي
تنهن کي ٺپ ڪيا تنهن ٺاهي، کنا کوکر پيا کِنوائي

واهه وجهن سي جلد جلايُون.

ڪو پر کڙڳ جتان اُت ڪٽن، ٻارا ٻهل وجهون جت پٽن
ناميا نسنگ هنيو لک لٽن، چورنگ چست اتي ٿا چُٽن

دُهرا دست هڻن دٻايون.

ڪمال خان ڪليري ڪڙڪيو، سورهيه سيفن سان ٿي سرڪيو
اٽکيون اڌ ڪيون ٿي اڙڪيو، غلام الله ملوتت مَرڪيو
جهور جهڪور ڪنگور ڪڙڪيو، تائو تيز وڙهيو تت تايون.
جهان خان جوان لغاري، جلمل جن کنيا جونجهاري
چهڪا چؤڪس ڪري چوڌاري، ڪپي هول ڪنگول هزاري

ڪُوپو ڪُرهه ڪلِي ۾ ڪاهيون.

خيري خان ڪيا تت سٽڪا، لغاري لايا چؤڪس چٽڪا
ڦهه تي ڦهه وڌا تنهن ڦٽڪا، لوهُو لعل ڪيا تت لٽڪا

شير شهيد ڪيو سر سهيون.

وهه وهه واهه وڙهي ڪن وارا، کَٽن سَٽن ڪونڌ قرارا
ماريو وڄن موت نقارا، ڪونڌ ڪُٺا تت قرب قرار

جودئون جود وڙهيا جنگ لايون.

واهه ولي محمد جت وڙهيو، جنگ ۾ جوان غازي تت گهڙيو
ڦهه ڦهه ڦيهه وجهي وڏ - ڦڙيو، مَٽومَـٽ مَٽن کي مڙيو
بيحد باز بندوقين لڙيو، ناميي لحظي ڪيون لڙايون.
لائي لغاري ڪيا وهه وارا، غلام الله وڌا گلزارا
وڌا شير تتي سٽڪارا، دتگ ڪپي ڪيا تنهن ڌڌڪارا

غازي گهوٽ وڃي تت گهايُون.

شير وڙهيو سهراب سوائي، جنهين جوهر خوب کنوائي
راوت رِڏ ٿيا رڻ وائي، واهه بُوهڙن خوب بَڇايون.
عالم شاهه سيد سوڀارو، وڃڻ ساڻ ڪيو جنهن وارو
سورهيه صقيلن سان ڪيو وارو، محب مري ٿيو مڳ متارو

جنهن جواني جس جُڳايُون.

وڌو ڪرم علي رند ور وڌائي، ڪيهر ڪست منجهئون پيو ڪاهي
مهرا مَٽ ڪيون کڳ کائي، ستو شير شهادت پائي

پيو پتنگ جان پاڻ جلايُون.

غلام علي مرزو رند حيدر، هڻي هٿيار سچا ٿيا سَٻر
ڪُهن ڪونڌ اتي ٿا ڪيهر، ونگا وير وجهن ٿا ويهر
چهڪا چهڪ وجهن چهڪارو، گل محمد، محمد خان مارو
تائن تيز هنيو تڪرارو، وڌئون وَڌو کائن وارو
ڪڙڪيو ڪونڌ ڪٽن ڪاپارو، دانهن درس هڻن دل لايون.
خيرو خان جمالي جنگي، ناهر نسنگ وڙهيو تت ننگي
راوت رت منجهئون ٿيو رنگي، ترت ترارن جي ڪئي تنگي

ڦٽڪا ڦاڙ وجهن ڦهڪايون.

اميد علي اتي اچي اٽڪيو، قابل ڪونڌ ڪپر جان ڪڙڪيو
سورهيه سيفن سان جئن سرڪيو، هيبت ملهه وڙهي ٿي مرڪيو

مصريون مرد هڻن مُونهايون.

حيات خان هئو حَميلان، کوسي کڙڳ هڻي ڪيون ڪيلان
بهادر پٽ اتي ڪيون ٻيلان، محمد خان ٻڌا تت ميلان

ناميا نسنگ وجهن نر نايُون.

جنگ جمالي جودئون جوڙن، مصريون ماڳ مُنهايون موڙن
ٽيڪان مار تتان اُت ٽوڙن، کنان خان اتان اُت کوڙن

واهه جمالي ڪن جلدايُون.

شير خان اَٽڪيو شير بهارو، فتح خان وڌو ڦهڪارو
چاڪر دودي وڌو چهڪارو، سونو عرضي جيئو جهونجهارو

چاڳ وڙهيو تت چهڪا لايُون.

پيا کٽياڻ اتي جنگ جوڙي، کنان خانن وڌا کوڙي
موسو مُنهين مور نه موڙي، واهه اسماعيل وڌو ولوڙي

قابل ڪونڌ وجهن ڪيرايون.

جوان خضر پيو جنگ ۾ جائي، جيري جوان وڙهي جنگ لائي
قوس کٽياڻ خوب کِنوائي، جن سُتوڻا ڪيون سرسايُون.
کهاوڙ کيل ڪيون ات ڪيلان، زنگ چنان ۽ زرهان زيلان
پڙ ۾ پتنگ پئي ڪيون پيلان، تائو ترت ڪيون به تفيلان

لائق لڌيون رڻ ۾ لانئون.

بهادر پيل ڪئي تنهن پيلي، هنيون تراريون مڳ جان ميلي
رڻ ۾ تڙڦي پيو طفيلي، وڌو بندقن رڻ ۾ ريلي

جوان وڙهيا هوند جند جلايون.

عزت خان آيو ات اُسري، دانهه دُرس وهائي دُسري
ناميي نسنگ هنئي ات نسري، ماري موک هنئي ات مصري

مري موت پنهنجو مرڪايَون.

آدم خان ڪوپو پيو ڪاهي، اڙن ۾ اڙٻنگ اُٺائي
مري محراب وڙهيو مرڪائي، ستو شير شهادت پائي

سانچن ثابت هنيون سرواهيون.

مري مڳ هئا مردانا، خاني خان وڙهيا وچ خانا
جن لائق سرناما، مريد پٽ پيا پروانا

ڏوکي ڏار وجهن تت ڏايُون.

ڪاهه فقيرو پيو واهه واري، سنگت منجهه هيو سو باري
مصريون مڳ هنيون تنهن ماري، دانهه درس هيو دلداري

بانڪو ڀڙ وڙهيو ڀڙڪايُون.

ڪوپو ڪاهه وڙهيو تت ڪاهي، اڙن ۾ اڻ موٽ اُٺائي
قابل ڪونڌ هنيو ڪڙڪائي، جنهن ستوڻا ڪيون سرسايون.
ڀٽي آهه ڏتو ڀڙ بانڪو، دولهه دست وڌو تنهن ڌاڪو
سٽ ڦٽ شير وڌو واهه واڪو، جهڳ مڳ جوڙ جهڳوڙ جهڙاڪو

وهندو وجهي هن به وهايُون.

گل محمد مگسي مارو، ڏاتو ڏار وجهي تت ڏارو
ناميي نمڪ جو ننگ پاريو، پتنگ وڙهيا پهچي پٽ پايُون.
جعفر خان ڪلوئي آيو، باگي ڀائن کي ڀڙڪايو
سنگت فقيري ساڻ سوايو، سورهيه سرند ڪيون سرسايون.
سوين سپاهه وڙهي ڪن وارا، چهڪا چاهه وڌا تن چارا
شير وڙهيا سي سخن سچارا، رڻ رهيا سي رت وهايون.
ٻيا جي پوءِ آيا لڳي لاڻي، سڀڪو پنهنجو قدر سڃاڻي
پير پنهنجا ٿو هرڪوئي ڄاڻي، ڪهڙي ڳالهه ڪيان واکاڻي

لڪامورن منهن لڪايُون.

ٺاري ٺاهه وڌا تنهن ٺهڪا، ڦٽي ڦٽ وڌا تنهن ڦهڪا
چورنگ چست وڌا تنهن چهڪا، آگي اڌ ڪين اُٿلايون.
ڦهه ڦهه ڦاهه جٿان ات ڦهڪن، لاون لحظي دي وچ لهڪن
چقمق چست چوڌاري چهڪن، دلمل دست دٻايون دهڪن

ڪڙهه ڪلي ۾ پون ڪاهيُون.

چهڪا ڦڪا ٿيا چوڌاري، ڪڙڪيون ڪان لڳن تت ڪاري
ڪونڌ ڪرن ات هفت هزاري، ڇُٽڪيا بانَ اتي ڀڙڪاري

دُهرا دست هڻن دٻايُون.

ڪهڳل ڪوچ ٿيو ڪيڏارو، دارون ڌنڌ ڪيو ڌنڌڪارو
رڻ ۾ رڏ وڙهي ڪن وارو، سورهيه سيفن سان سٽڪارو

چهڪا چهڪ وجهن چهڪايُون.

چئو سهراب تني جو وارو، پِڙ ۾ پتنگ ڪرن پوڪارو
ڇُٽڪيا موت نقارا مارو، سورهيه ساک هڻي ڪن سارو

زنگ هڻن تت زور وهايَون.

زابر زهوان چاون زيلان، کـَني کوڙ اتان ڪن ڪِيلان
هاڙهِي مارن تت حميلان، رهه رهه ريج ٿيا تت ريلان

خانا خان وجهن تت کايُون.

ڪوپر ڪَرنگهه جٿان رت ڪٽن، ٻارا ٻهل جٿان ات ٻٽن
ناميا نسنگ هنيو لک لٽن، لٽ پٽ لال لهو ۾ ليٽن

ڪڙهه ڪلي ۾ پون ڪاهيُون.

جهان جهان جهور جهڪور حُنباوَن، ڪهه ڪهه ڪونڌ ڪپيو ڪيرائن
وهه وهه وير اٿان ورکاون، ڪوپر ڪرپ ڪلنگ ڪيرايون.
دهه دهه دس هڻن سي دهرا، مَهه مَهه ملهه ٿيا تت مهرا
لايون لال ليکن لهرا، غازي گل ٻڌن تت گهرا

بيحد بانَ نشان بڇايون.

ڀڙڪيو باز ڏيون ڀلڪاري، ڪٽن سٽن ڪونڌ قراري
سر شهيدن موت پڪاري، مرڪي موڙ ٻڌن مڻياري

جوان وڙهن جت جنگ جُنبايُون.

---

ٺاري ڪئي ٺاهه، سا سيف صلاح، رتا رڻ ۾ راهه
چهڪيو وجهن چاهه، اتي دلخواهه، کيل کيلن اتي خان خماري.
سندس جو سپاهه، وڙهيا اٿي واهه، چهڪي اٿيا چاهه
اتي دلخواهه، کيل ملنگ اٿي امير انباري.
سي پاون هول، اٿان ڪن ٻول، ڪپي ڪنگول
ڪوڏيا ڪن قول، جودئون وڙهيا نت جوان جونجهاري.
رڻ ۾ ڦٽيو رڏ، ٻيو تن سان گڏ، سورهيه ڪن سڏ
ماري ڀڃن هڏ، مير مٿن ڪندو ڪون مياري.
ڪِلي ان ڪبير، چئي تڪبير، وڙهيا تت وير
لکين تقدير، مرن مهمير، جو ڪڙهه ڪلي ۾ پون قهاري.
دلو ڀڳو دت، رڻ ۾ ڏسي رت، اُتان ڇوڙيس ست
ٿيو بي همت، سوئي کائي ڀت، جي ٻاهر ٻٽاڪ هڻندو هو ڪراري.
اتي بچل جي شاهه، گهوڙي ڪئي ڪاهه، سا سيف صلاح
رميو اتي راهه، ميرن جو مياري.
هيڏنهن سڀ شير، جي دل جا دلير، سڀڪو سڌ ڪلير
ڪپيو ڪن ڍير، جو ڦهه ڦهه ڦاهه وجهن ڦهڪاري.
چکاون چوٽ، اٿان اڻ موٽ، ڪراون ڪوٽ
جوڙيو جنگ جوٽ، سي ڪونڌ قزاق هاتڪ هزاري.
وڙهيا جت واگهه، سي ڪونڌ قزاق، هاڙهي وجهن هاڪ
چهڪي وجهن چاڪ، سي سورهيه سخي سخن سچاري.
ڪن سورهن سينگار، گلي گُل هار، کليو ڄڻ انار
جنگي گل جوان آڻن اختياري.
اتي اڙٻنگ، خاطو ته ختنگ، پون پتنگ
وڙهيا پائي ونگ، ڪپن سٽن ڪلي ۾ قهاري.
ڊوڙي وڙهيا ڊوڙ، کني ڪيائون کوڙ
ٻڌائون موڙ، جُتا جنگ جوڙ، کٽي سوڀ ساري.
کٽي جنگ جن، مڻيارا مرڪن، ڪپيا ڪُڻڪن
ڦٽيا ڦڙڪن، ڪلمون ڪهن، ڇٽي سنگت سوڀاري.

-----------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org