ضميمو - 1
(هيٺ ”اُوڌاپر جي جنگ“ جو احوال ڏجي ٿو، جيڪو هن
کان اڳ متن ۾ نه آيو آهي. شايد هيءَ جنگ مغلن جي
دور جي آخر ۾ لڳي ۽ اُن کي ”باب چوٿين“ ۾ شمار ڪرڻ
گهرجي. ان کان پوءِ ”جنگو خان جمالي ۽ بُلي بڊاڻي
جي جنگ“ بابت ٻه وڌيڪ روايتون ڏجن ٿيون، جيڪي اڳ
متن ۾ نه آيون. انهن کي ”باب پنجين“ ۾ 66 - 74
صفحن تي ڇپيل روايتن سان گڏي پڙهڻ گهرجي.)
اُوڌاقُر جي جنگ
(1)
گجرات طرف ڪرمتي بلوچ ويا. بگهياڙن جي
پاڙي مان جمعدار گياندار ۽ پيروز ٻئي ڀائر ڪنهن
راجا وٽ هئا. ٻيا به ساڻن پنهنجا ماڻهو هئا،
جنهنڪري اُتي سندن زور هو. انهيءَ تي راجا کي سندس
ماڻهن چيو ته هنن کي رياست مان ڪڍ. تنهن تي راجا
کين رياست مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪرمتين انهي تي
جنگ نه ڪئي، پر پگهارن جي عيوض راجا جو ڇوڪرو
جهليائون. پوءِ راجا وارا پڄي نه سگهيا. نيٺ
عهدنامو ٿيو، جنهن ۾ راجا وري کين نوڪريءَ ۾ رکيو.
اُنهي صلح ۾ اهو شرط به هو ته اسين اوهان جي ڪوٽ
لڳ پنهنجو ڪوٽ وجهائينداسون ۽ بانگ صلوات به
ڪنداسون. انهي شرط موجب پوءِ دين ڳڙهه ٻڌائون.
پلٽڻ هڙَ پيروز جي پُٺ ۾ هئي. راڻِي پوءِ راجا کي
مجبور ڪيو ته ٻروچن سان رهاءِ.
”راڻي سُمهي نه ڍوليي، پيروز ئي پَڙاءَ(2)
پيروز ۽ گياندار، بگهياڙن جي ”رودراڻي“
پاڙي مان هئا. پيروز پوءِ راجا کي چيو ته: جهڙو
تون راجا آهين، ائين اسان جو به ”ملڪ“آهي، جو هتي
رياست ۾ آيل آهي، تنهن سان جيڪر تون ملين ته سُٺو
ٿيندو. راجا چيو ته: چڱو، اُن کي دعوت ڏيئي آڻ.
پوءِ پيروز، مَلڪ کي راجا طرفان دعوت ڏني. راجا
انهي موقعي تي وڏا انتظام ڪرايا ۽ مَلڪ جي وڏي عزت
ٿي.
هتان (سنڌ مان) نندو خان رجيرو بگهياڙ،
ٻين ٻروچن (خود جمعدار گياندار ۽ پيروز کي اوڌاپور
۾، يا ٻين ٻروچن کي جهونا ڳڙهه طرف) سان ملڻ ويو.
چون ٿا ته جيئو نوتياڻي هديو، نندي جو مامو اُت هو
يا وري نِندو ۽ جِيئو ٻئي هتان گڏجي ٻيءَ رياست ۾
اُتي جي ٻروچن کي ملڻ ويا. اُتي پهتا ته هنن بلوچن
سان اڳئي ڪا جنگ هئي، هي به وڃي ساڻن ڀيڙا ٿيا.
اُتي بلوچ نوڪريءَ ۾ هئا، پر جنهن راجا وٽ نوڪريءَ
۾ هئا، ان سان جنگ هئي. پوءِ جنگ ۾ ٻروچن واري طرف
جي هار ٿي. بندوق لڳي ته گهوڙي جي تنگ مان مَٽي
نِندي کي دُڏ ۾ لڳي ۽ مڙس ميدان ۾ ڪري پيو. مير
عالي پاڙو (مَلڪاڻين مان) محمداڻي وٽانئس اچي
لنگهيو. نِندي کي نه کنيائين، پر وڏي جيئي کي
ٻڌايائين ته نندو ڪريو پيو آهي. پوءِ جِيئو آيو.
اُٺ هُشايائين. اُٺ اڃا پهريان گوڏا مس کوڙيا ته
پويان دشمن اچي ڪڙڪيا. هي لٿوئي ڪونه ۽ اُتان ئي
اُٺ اُٿاري هليو ويو. نِندو اُتي ئي رهيو، جنهن کي
پوءِ دشمنن ماريو.
نِندي عالي تواريو، اِيءَ اول اهڃاڻي
ته متان مون کي ڇڏيين مَيا محمداڻي
سا مير نه لائي من سين، گوشو ڪيائين
نوتياڻي کي نِگههَ ۾ وڃي سگهو سَليائين
ته جِيا! ”نَندو“ جنگ ۾ ڏس اکين اڳيائين
سو مَرڪي مامو آئيو، ڀڙ ڀيڻج تائين
پر نڪي نيائينس پاڻ سين، نڪي نباهيائين
ساه ڏيڻ نه سُٿرو، جيڪس ڏاڍي ڏٺائين.
پوءِ نِندي جي لوٿ کڻڻ لاءِ همراهن کي
چيائين، پر سڀني عذر ڏنو ته اسان جا وهٽ ٿڪل آهن،
ٻيلهه کڻي ڪين سگهندا. انهيءَ تي ”هارڻ“ گڊي چيو
ته: منهنجي گهوڙي نڪا اڀري نڪا بيمار، ٻيلهه به
کڻندي، سو آءٌ ٿو مڙس کي کڻان.
سَميجو سکر ٿيو، جنهن ”هارڻ“ هاڪ هنئي
ته هلو نندو آڻيون، پاڻ رڻ مان خاڪ کڻي.
پوءِ نِندي کي کڻي اچي راجا واري طرف جي
ٻروچن جي ڳوٺ ۾ کيس دفن ڪيائين.
چون ٿا ته (1) ٺڪر (2) سرماڻ (3) نندو،
ٽيئي پُٽ وڏي خليفي عيسب جا هئا. خليفي نـِـندي کي
جهليو هو ته پاڻ پير آدم جي پاڙي جا ويٺل آهيون.
پاڻ وٽ سڀڪجهه آهي، تون اوڏانهين نه وڃ. پر نِندو
اوڏانهين (اوڌاپور) ويو جو اُتي ماريو. هتان پوءِ
نندي جي ماءُ، پُٽ جي قبر ڏسڻ ۽ مائٽن کي ملڻ لاءِ
اُتي ويئي. موڪلائڻ وقت جيئي ڀيڻ کي چيو ته: ادي!
هٿ ڏي ته توکي اُٺ تي چاڙهيان (جو اُٺ تي بار وڏو
لَڏيل هو). مائي جواب ڏنو ته: ادا! تو نِندي کي هٿ
ڏيئي ڪونه چاڙهيو، سو تنهنجو هٿ مون کي ڪهڙي ڪم
جو؟ مائيءَ هٿ ڪونه ورتو. جِيئو به پوءِ موٽي هِـت
آيو ۽ هتي ئي مُئو.
نِندي جي ماءُ جو نالو ”مَلِي“ هو، نِندو
اُتي امانت ڪري دفنايل هو، تنهنڪري مائي مَلي
اوڏانهن وئي. مائي ۽ سندس ٻانهي گڊِي اُتي ڍنگرڍار
ڪري ويٺا، تان جو نندي جو لاش ڪڍائي، کڻائي اچي هت
”قدمن واري مقام“ (ڳوٺ راڄ ملڪ لڳ گهارو) ۾
دفنايائين.
------
|