دودي زنگيجي جي روايت(1)
ان وقت جت، ديهه ”ڇڇ درس“ تپو مڙهو بولا
خان، تعلقو جاتي ۾ ويٺل هئا. اتي جتن جي هڪ مائي
گيهه کڻي هٽ تي وڪڻڻ آئي. مائي ۽ واڻيو تکا مٺا
ٿيا. هٽ تي هڪڙو چانگ کٽ تي ستو پيو هو، تنهن
واڻيي کي چيو ته: ”ڪهڙو نه حسن وارو ماڻهو آهي،
اڙي واڻيا ڏي پئسا!“ اتي مائي چانگ کي چيو ته:
سنڀاري ڳالهاءِ. تڏهن چانگ چيس ته: توکي به حـُـسن
کنيو پيو گهمي. انهيءَ تي مائيءَ جو هنيس منگهه
گيهه وارو مٿي ۾ ته ڪـَـنا گهڙي ويس ۽ چانگ مري
پيو. پوءِ چانگن پلاند وٺڻ لاءِ مائي جي ڀاءُ کي
ماريو، جيڪو جتن ۾ سکر هو. اتي جتن وري چانگن مان
ڪنهن سکر ماڻهو کي مارڻ جو قصد ڪيو. سو رات جو
راڌي مـَـلڪ جي ترار کنيائون، جنهن تي راڌي جو
نالو ۽ لوهار جو نالو لکيل هو. جـَـت چانگن جي راڄ
۾ گهڙي پيا ۽ چانگن جي سکر کي مارڻ لاءِ تلوار جو
وار ڪيائون. چانگ ته مري ويو پر ترار کٽ کي لڳي ۽
کـُـپي ويئي ترار کي سٽ ڏنائون ته ترار ڀڄي پئي ۽
نالي وارو ٽڪر کٽ ۾ لڳل ڇڏي موٽي آيا. چانگن صبح
جو ترار ڏٺي. ڏٺائون ته ترار آهي جتن جي سردار
راڌي مـَـلڪ جي، سو اها ترار کڻي آيا شير خان چانگ
وٽ، جيڪو چانگن جو سردار هو. شير خان اتان ئي
چڙهيو. اول اچي جاتي وٽ پيو شهبيگن جتن جي ٽولي
مٿان. جت وڙهيا ۽ شير خان چانگ کي ماريائون. اهو
حملو ٿيو ”ڪـُـتڪي“ وٽ تپي مغلڀين ۾، پر چانگ اصل
ويٺل تعلقي بدين جا هئا. پوءِ چانگ موٽيا تن وڃي
چوڏهن راڄ چاڙهيا هوڏانهن ڪڇ مان پڻ جت اُڪري آيا.
ٻئي لشڪر ”ڇاڻي“ ۾ اچي دوبدو مقابل ٿيا. پهرين سٽ
۾ جتن جو وڏو راڌو ملڪاڻي مارجي ويو. پوءِ باقي
وڃي رهيو شير خان جت، جيڪو پڻ ملڪاڻي جتن ماڻهو.
انهيءَ لڙائي ۾ ونهين فقير جت جي ڀاءُ سان رَجـُـو
پوٽو سالار وڙهيو هو. ”چڱو“ جت جيڪو سگهڙ ۽ شاعر
هو، سو به هن جنگ ۾ وڙهيو هو، سندس نڪ تان ترار
آئي، جنهن تان پوءِ سونو نڪ وجهرايائونس.
روايت کيئا خان(1)
ڪو چانگ بيمار هو، تنهن جتن جي اٺين ۾پئي
کير پيتو ۽ اتي ئي ڪٿي مري ويو. چانگ گڏجي شير خان
جت وٽ آيا، تنهن چيو ته: ادا! چانگ اهڙو سگهو مڙس
ئي ڪونه هو جو جتن ماريو هجي. اوهين مڙي وڃو،
خواهه مخواهه ماڻهو وڙهي خراب ٿيندا. شير خان جي
انهي جواب تي چانگن ڪي جت ماريا.
چانگن ڏٺو ته متان جـَـت وير وٺن، سو
چانگن جي سردار وڃي ميرن کي سڱ ڏيئي ساڻن مائٽي
ڳنڍي ۽ پوءِ جـَـتن تي جـُـوڻي کنيائون. انهي تي
ميرن، جتن جي سردار شير خان کي فيصلي لاءِ گهرايو.
ميرن سندس هلت چلت ڏسي چيس ته: شير خان! تنهنجي
مٿي ۾ گهنڊي آهي. شير خان جواب ڏنو ته: اِها
تراريون ڪڍنديون. ائين چئي دٻار مان هليو ويو.
ميرن کي شير خان جي سرڪشي تي ڪاوڙ آئي، تن چانگن
کي مدد ڏني، جن جاتيءَ ۾ وڃي جتن تي حملو ڪيو.
اُٿي جت جوان، توتي دودا ديميون آئيون
توڏانهن مير سرائي موڪليا صوبا ۽ سلطان
شير اٿي شير خان، ڪر ڪا کيڏ کني جي.
جتَ به شير خان جي اڳواڻي هيٺ لشڪر گڏ ڪري
مقابلي لاءِ ميدان ۾ آيا. لڙائي هلندي شير خان جت،
چانگن جي سردار تي وار ڪيو ته ان جو ڀاڻيجو اچي
وچان پيو ته من جت سردار جي ترار مون کي لڳي ته
پوءِ مامو ڌڪ هڻي ماريس، پر شير خان ترار هنئي ته
مامي ڀاڻيجي ٻنهي مان ٻاهر.
ٻـِـن مـَـٽـَـن مان ٻاهر پئي، تنهنجي سونهري
سلطان
مر مرڪي پيءُ تنهنجو دولهه ”دريا خان“
مر مرڪي ماءُ تنهنجي گهگهيري ”گلشان“
جنهن توکي ٿڃ ڏني، تو هئي پيتي پهلوان
سانگين جا سلطان، آهن وٺا مينهن مٿانءِ تو.
پوءِ شير خان جت تي به سانگين يعني ترارين
جو مينهن وسي پيو. زخمي ٿي ڪري پيو ۽ اتي ئي
پـَـساهه پورا ٿيس.
جتن چانگن جهور، ڪيائون ٺل پل ٺاڪويو
جتن سٽي چانگ سٿو ڪيا، ڀڳا ٽٽون ٽوپڻ ٽور
ساهو جت شير خان سين، مرڪي بيٺا مور
تن ملڪ مغلڀين وٽ، وڃي ڪي قائم ڪچهري ڪور
انهيءَ واقعي کان پوءِ جت وڃي جاتيءَ ۾ ويٺا.
هن جنگ ۾ جتن جي سورهيائي ۽ ميرڻ خان جت ۽
سندس ساٿين جي بهادري کي ڪنهن ڳايو. هي سڀ مڙس هن
جنگ ۾ ماريا.
جت بيٺا عيد نماز ۾ پرهي پٽ (پٽيهر)
تن پورا پاڳو تن کي، هئا واري ڏنا وَرَ
سوڌا سڪيلن کي هئا ساهوُين ڪڍايا سر.(1)
سيهي جو سڏ ٿيو، جت لڳي ٿي لاري
مانجهي ميرڻ خان جي، هئي اوچي انباري(1)
سونهي مير شير خان جي، رڻ ۾ پاٿاري.
رڻ ۾ زنگي خان جي ٿي خاشي کير وڙهي
جيڪي آيا عالم خان سين تن مان وئڙو ڪين وري.
جيڪي آيا عالم خان سين سي سڀ جنگين جا جونجهار
سـُـونهي سـَـونهري چيلهه تي، هو ميرڻ مڻيادار
انهينءَ ساهـُـوئن جا سينگار، وڃي لحظي ۾ لال ٿيا.
منشي محمد صالح جي بياض ۾ لکيل بيان
مير فتح علي خان سڀ پاٿرو (اڳواڻ) مصلحت
لاءِ گهرايا. سڀني مير صاحب جي ڳالهه مڃي، پر شير
خان جت چيو ته آءٌ راءِ سان شامل نه آهيان. مير
زور رکيو ۽ جواب گهريو. شير خان جت منهن مٽي ٻئي
طرف ڪيو. مير چيو ته: ”تنهنجي ڪنڌ ۾ ور آهي.“ شير
خان چيو ته: ”جي سڄي ميريءَ جون تلواريون گڏ ڪندين
ته به هي ور ڪڍي ڪونه سگهندين.“ ائين چئي پنهنجا
ماڻهو وٺي هليو ويو. مير پوءِ جمالين، چانگن ۽
کوسن جي راڄن جي پٺڀرائي ڪئي جن کي جتن مان خوف
هو. تڏهن شير خان جت وارا ڦليلي جي ڪپ تي ويٺل
هئا. پهريون مقابلو ٿيو جنهن ۾ جمالين، چانگن ۽
کوسن جون جتن پتيون ڪڍي ڇڏيون. پوءِ انهن جا وارث
لوٿون کڻي اچي حيدرآباد جي ڪوٽ هيٺان ٿي لنگهيا.
مير پئي پڇيو ته پئي ٻڌايائونس ته هي جمالين جون،
هي چانگن جون ۽ هي کوسن جون لوٿون آهن. هن جهيڙي
بعد جت لڏي وڃي جاتي ۾ ويٺا.
ان واقعي بعد سڀني راڄن جتن کان بدلي وٺڻ
جي رٿ رٿي. پوءِ اُٺن تي چڙهي تڏن ۾ تراريون ويڙهي
جاتي ۾ ويا ۽ اوچتو جتن تي حملو ڪري انهن جا ٻار
ٻچا ماريائون ۽ مال ڪاهيائون. شير خان کي اوچتو
خبر ملي ۽ هو هليو آيو. جمالين ۽ چانگن جا سردار
ٻئي گڏيا آيا. ٻنهي مان هر هڪ جي مرضي ٿي ته آءٌ
شير خان کي ماري مير وٽ سرخرو ٿيان. مگر جيئن هو
ويجهو آيو ته شير خان هنئي جا ترار ته ٻنهي مان
ٻاهر هلي ويئي.
اُٿي جت جوان، توتي دودا ديميون آئيون
توڏانهن ”مير“ سرائي موڪليا، صوبا ۽ سلطان
تون ڪر ڪو کيڏ کني جو، شير اُٿي شير خان
تو پيتو اوبارو علي جو، ڪ پڪ پيتياءِ پهلوان
ٻنهي مٽين مان ٻاهر وئي تنهنجي سونهري سلطان
هوندين حوالي حورين جي، جنت منجهه جوان
تو لڏيو عهدي سين ايمان، هي فاني جڳ فنا ٿيندو.
کاڌئون پيتئون ڪنهن جو ڪونه ٿي، نڪو ٿي ڪيو گناهه
غريبن
جنهن تي چوڏنهن راڄ چڙهي پيا، حملو ڪيو هزارن
پوءِ سـَـرهي ٻڌي سندرو، لـج جو ”لاکاڻين“.(1)
چانگن جمالين جون مـُـٺيون نه مائون!!
پـُـشڪ مان پيدا ٿيا هوند لڄون نه لٽيائون(2)
چولي ۽ گهگهي جو ڪر ويڇو وڌائون
ڪـُـپر ڪيائون، جو نيائون پڙڇ پـِـنڊا پاڻ سان.
ماين معصومن جي، ڪانهي موت مدام
ڪـُـهڻ ويل ڪانه ڪي، ڪا چانگن اٽڪل اوغام
ماين جي ملام، تن تي رهي گلا گهگهيرين حّي.
حاجي ناهڙ چانگ جي روايت(1)
ميرن (1786ع ۾) بادشاهي ورتي ته ان وقت جت
۽ چانگ زور واريون قومون هيون. جتن جي سردار توڙي
چانگن جي سردار جو نالو شير خان هو. ميرن جي ڪنهن
وزير مير صاحب کي چيو ته انهن قومن مان حڪومت کي
خوف آهي. وزير جي انهيءَ انديشي جو آزمودو هن طرح
ورتائون، جو مير صاحب ٻنهي قومن جي سردارن کي پاڻ
وٽ گهرايو. آڏو وزير جو طنبو هو. اتي سلام ڪونه
ڀريائون پر قناتون ڦاڙيندا اچي مير صاحب جي طنبو
تي سهڙيا. اتي مير صاحب کي به پڪ ٿي.
چانگن جو سردار شير خان چانگ هر سال جاتي
۾ ”مـُـگرڀين“ جي ميلي تي اچي اولياءَ جا پَڙ کير
سان ڌئاريندو هو. اها جتن جي جوءِ هئي. تنهنڪري
وزير مصلحت ڪري جت سردار کي چيو ته: شير خان چانگ
تنهنجي حد ۾ اچي ٿو پڙ ڌئاري، تون ڇو نٿو ڏئارين؟
جتن جي سردار چيو ته: اها رسم آهي جا هو اچي ڪندو
آهي. آءٌ ٻي ڪانه ڪندس.
شير خان جت جو اهو جواب ٻڌي، وزير ٻين جتن
سان مصلحت ڪئي ته وڃي چانگن سان وير وجهي اچو.
پوءِ دلدار نالي جـَـت ٻيو هڪ جت ساڻ ڪري، ويس
مٽائي، جوڳي بنجي مرليون کڻي ”مار ڏ مـَـلير“ (هن
وقت ديهه، ٻهڊمي کان 4 ميل ڏکڻ اوڀر تي) ۾ گل محمد
نالي چانگ جي کري تي آيا. واٽ تي هڪ ماڻهو دلدار
کي سڃاتو، تنهن کي چيائين ته: ”ديس چوري پرديس
بکيا، وڃون ٿا بکيا ڪندا.“ کري تي گل محمد کي
چيائون ته رات ترسنداسون. پوءِ رات جو مڙس کي
ڪـُـهي هليا ويا. اها سـُـڌ چانگن جي سردار شير
خان کي به پئجي وئي.
هوڏانهن جڏهن شير خان جت سردار کي خبر
پئي، تنهن ”بيبان نور“ وَلاسي ڌَڃاڻي (”ڪڍڻ“ کان
هڪ ميل ڏکڻ تي سندس قبو، جتي ”بيبان غوث“ به سڏجي)
کي گهرائي ورتو ۽ کيس ڪجائي تي چاڙهي، دلدار جت
جون ٻانهون ٻڌائي، مٿي تي قرآن شريف رکائي، ڪلهي
تي واڳ ڪري ڏنائينس ته هاڻي وڃي خون بخشاءِ. ميڙ
پهتي ته شير خان چانگ راڄ گڏ ڪيو. تن مصلحت ڪئي ته
ميڙ ڪين موٽائينداسين، گل محمد جو خون معاف
ڪنداسين. گل محمد ”محبتاڻي“ پاڙي مان هو ۽ محبتاڻي
”وڏا کن“ (شير خان چانگ وارن) جا ڀائر هئا. انهيءَ
مصلحت ۾ هڪ ڳـِـٺائي چانگ به ويٺل هو، جو ٻوڙو هو.
تنهن اها ڳالهه نه سـَـمڌِِِِِِِِِي. سو صبح جو
سوير ترار ۽ ڪؤنري کڻي ٻاهر جهنگ تي ٿي ويو ته
دلدار جت ڪجائي سوڌو سامهون گڏيس. هنيائينس جا
ترار ته سـِـسـِـي وڃي پري پيس. اهو لقا ڏسي بيبان
سڳوري اُٺ کڻي پوئتي واريو.
شير خان چانگ کي جا اها خبر پئي ته چيائين
ته: ٻوڙي قهر ڪري ڇڏيو، پر هاڻي وير پئجي ويو.
مٿان مـُـگرڀين اولياءَ جو ميلو به اچي ڀريو آهي.
صلاح ڏنائونس ته: هاڻي تون پـَـڙ ڌئارڻ نه وڃ. شير
خان چيو ته: ولي تان ڀيرو ڪونه ڀڃندس، پر اڳي وڏي
ٺاٺ سان ويندو هوس، هينئر رڳو پنجاهه گهوڙي سان
ويندس. انهيءَ مصلحت سان شير خان چانگ پنجاهه
ماڻهن سان سوار ٿي ”مگرڀين“ وڃڻ لاءِ سنڀريو.
جهليائونس ته نه وڃ، پر شير خان چيو ته ويندس. اها
خبر جت سردار کي پئي، تنهن چانگن جي اچڻ واري گس
تي کاهو کڻائي، مٿان مٽي ڀرائي، زمين هموار ڪري
ڇڏي ۽ پنجاهه توبچي ڪوڏِي چـُـٽ وهاري ڇڏيا.
چيائين ته جي چانگ وڙهي ته وڙهجئو، نه وڙهي ته گس
ڏجؤ.
تڏهن ڪنهن چيو ته: ”سردار، چانگ تي ايڏو
ٿو وسهين ته ڀلا آزمودي خاطر ڪو اڪيلو سوار موڪل
جيڪو وڃي چانگن آڏو مٽي، پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ڪن.“
پوءِ سوار موڪليائين، جنهن اچي شير خان چانگ وارن
جي اڳيان گهوڙو واريو. شير خان چانگ سان گڏ همراهن
۾ دينار نالي جمالي هو، جو ڪوڏِي چـُـٽ توبچي هو،
تنهن چيو ته: دشمن آڏو اچي گهوڙو واريو آهي، هڻانس
ٿو بندوق. شير خان ٽي دفعا جهليس ته به هو نه
مـُـڙيو ۽ هنيائين بندوق ته مڙس وڃي ڪريو. اهو
لقاءَ جو پريان جت سردار پئي ڏٺو، تنهن پوءِ ماڻهو
موڪليو ته چانگ اچن ته نه ڇڏجؤن.
چانگ ويجها آيا ته هنن بندوقون هنيون ۽
پنجاهي مڙس وڃي ڪريا. پوءِ جت سردار چيو ته اڃا به
جيڪي منجهن جيئرا آهن، انهن کي به ڪهي ڇڏيو. شير
خان چانگ زخمي هو سو ميدان ۾ ترار نراڙ کي ڏيو
ويٺو هو ته ڪنهن چيس ته هاڻي ٿا ڪـُـهنئي. جواب
ڏنائين ته: ”رڍ ٻڪري ميلي کي منهن ڪانه ڏيندي.
جڏهن اٺور (پاڏا) ڪـُـسندا تڏهن ميلو مچندو.“ پوءِ
مڙس سڀ مارجي ويا. جاتي جي پهلاج واڻيي، اها خبر
شهر ۾ ڏني ۽ اتي جي مسلمانن گڏ ٿي لاشن کي تڙ
ڏياري، جنازي نماز پڙهائي، لاش پيتين ۾ بند ڪرائي
”رام ٻاراهي“ جي مقام تي موڪليا.
پيروز شاهه ۽ حسن (مزاراڻي چانگ) ٻئي ڄڻا
”مارڏ ملير“ کان پئي آيا ته نوڪرن چيو ته مقام ۾
ميڙ آهي. پڇيائون ته ڪهڙي پاڙي تي” نوڪرن چيو ته
پنهنجي پاڙي تي. تڏهن گهوڙا مقام ڏانهن واريائون.
اتي پيروزشاهه قول ڪيو ته: “ادا شير خان! اٺين
ڏينهن اندر وير وٺي اچي تنهنجي ماني ڪندس يا پاڻ
ٻنهين جي ماني گڏ هلندي، هاڻي گهر وڃڻ اسان کي
حرام آهي.“
پيروز شاهه ۽ حسن پوءِ ڳوٺ جي ٻاهران طنبو
هڻائي ان ۾ رهيا ۽ راڄ گڏ ڪيائون. همراهن کي
چيائون ته: اوهين سنبت ڪريو ته اسين مرشد کان دعا
پنيو ٿا اچون. لشڪر کي اَن نه کارايو پر کير ۽
اَمل جو ڳاڙ پياريو. ائين چئي بدين ۾ احمد شاهه
قلندر ڏانهن روانا ٿيا. احمد شاهه جي خيلفي، پيروز
۽ حسن کي ايندو ڏسي شاهه کي ٻڌايو ته ٻئي پيا اچن.
قلندر شاهه چيو ته: مون ڏي نه اچن. پيروز شاهه ۽
حسن غم ۾ اتي ئي ويهي رهيا. ويٺي ٽيو ڏينهن ٿين،
تڏهن احمد شاهه سندن پڇا ڪئي. خليفي ٻڌايو ته: ٽيو
ڏينهن ٿيو اٿن انهيءَ ڀيڻي تي، نه اَن نه پاڻي،
ويٺا آهن. احمد شاهه چيو ته ڪو ظلم ٿيو اٿن،
سڏيون. چانگن چيو ته: تون مرشد آهين، دعا ڪر ته
جتن کان وير وٺون. احمد شاهه خليفي کي جهنڊي آڻڻ
جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ جهنڊو چانگن کي ڏيئي چيائين ته:
جمعي ڏينهن جهنڊو کوڙجو.
هتان پيروز شاهه چڙهيو ته ساڻس چانگ سڀ گڏ
هئا. هڪڙا سنجراڻي چانگ (جيڪي تلهار کان اُلهندي
ويٺل هئا) تن جو وڏو ڏاڏو سنجر ۽ ٻيا بٺورائي چانگ
جن جو وڏو شادمان. ٽيا سـِـيراڻين وارا جمالي (جي
اٿندا ويهندا چانگن سان هئا ۽ دينار به انهن
منجهان هو) ۽ ٻيا راڄ به ساڻن ڀيڙا هئا.
جڏهن جت سردار اها خبر ٻـُـڌي، تڏهن ”ڇاڻي
واري ڍوري“ وٽ کاهو ڏياري سڄو راڄ ۽ ٻار ٻچا اندر
ويهاري حفاظت ڪري ويهي رهيو. پيروز شاهه به وڃي
گهيرو ڪيو ۽ جت سردار شيرخان کي چيائين ته: راڄ
ڇڏي ٻاهر نڪر ته لڙائي ڪريون، پر جت رڳو حفاظت ڪري
ويهي رهيو. پوءِ چانگ سوڻ(1)
ڏسي ٽوليون ٺاهي، کاهي جي چوڌاري حملو ڪري آيا.
بٺورائي چانگ پٺيان پئي آيا ۽ سامهون پيروزشاهه
وارا هئا. اتي شيرخان جت سنجر چانگ کي سڏيو پر هو
سامهون نه ٿيو. انهيءَ تي پيروز شاهه چيس ته: آءٌ
تنهنجو مٽ آهيان، تون مون کي سامهون آءُ. تڏهن شير
خان چيس ته: چڱو تون منهنجو مهمان آهين، تنهنڪري
اڳ ۾ وارو تنهنجو آهي. پيروز شاهه چيس ته: منهنجي
اکين ۾ رت تو ڦري، پهريون وارو توکي آهي، پوءِ
وارو آهي ئي ڪونه. اتي شير خان ترار هنيس جا مٿان
زرهه ڪٽي اڌ مٿي تائين اچي بيٺس. ايتري ۾ شادمان
بٺورائي چانگ اچي وچان پيو ۽ جت سردار کي ٻانهن
آڏي ڏيئي، پوئتي ڪري، ترار هنيائينس ته ڪلهي وٽان
بغل تائين کڻي ويس. بت ڇنڊيائين ته ڪـِـري پيو.
بٺورائي چانگ ۽ ٻيا اچي جي پويان پيا، تن راڄ کي
به ترارين مان ڪڍي ڇڏيو. ننڍو وڏو ڪونه ڇڏيائون.
سنجر چانگ ڪونه وڙهيو. لاکاڻي جت سامهون آيس، تنهن
کي چيائين ته: آءٌ توسان ڪونه ٿو وڙهان، مون کي
گهٽي ڏي ته آءٌ نڪري وڃان. ان کي گهٽي ڏنائين سو
هليو ويو.
پيروز شاهه پڇيو ته فتح ڪنهن جي ٿي؟
چيائونس ته پنهنجي. پڇيائين ته شير خان ڪٿي؟
چيائونس ته سامهون ڪريو پيو آهي. وري پڇيائين ته
سنئون آهي يا اونڌو؟ چيائونس ته اونڌو. اتي چيائين
ته جاتي اسان کي نه ڏنائين. مئي کان پوءِ به زمين
۾ چڪ اٿس. وري پڇيائين ته سندس راڄ بچيو؟ چيائونس
ته راڄ به مارجي ويو. تڏهن چيائين ته پوءِ سوڀ
پنهنجي ڪانه ٿي، باقي وير وٺيو ٿا هلون. هاڻي باقي
جيڪي جيئرا دشمن آهن، تن کي ڪـُـهي ڇڏيو. چڱو جت
به زخميو پيو هو، چيائين ته اهو شاعر آهي ان کي نه
مارجؤ.
چڱي جت انهي لڙائي تي پوءِ بيت چيا ته:
سڏ ڪيائين سنجر کي، جنهن گيدي ساريو گهر
نـَـهرو نڪري آئيو، پيروز شاهه نر
جنهن جي ٻن مـَـيٿـَـن مان ٻاهر وئي سونهري سمندر.
وڏو گهر سنجراڻي چانگ هئا، پڳ انهن تي
هئي، پر انهي جنگ کان پوءِ ڇڏي ڏنائونس.
هـَـڏائي هـُـل تي آيا، جـُـڙي جنگ تي آئيا
ڏاتي ڏيهه کـِـلايا، کيڙين کيل لائيا.
هڏائي چانگن (شير خان جي ڳوٺ کان اوڀر طرف
ويٺل) مان ڏاتو اڳواڻ هو، جيڪو وڏا قول ڪري جنگ تي
چڙهيو هو، پر ڏاتو به ڀڳو.
|