سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 1

صفحو :6

 

باب پهريون

سنڌ جو تاريخي شعر

(ميان حسين چارڻ جو چيل)

        شاعر ميان حسين چارڻ، سنڌ جي قومن، سنڌ جي حڪمرانن ۽ سردارن بابت جيڪي ڪجهه ٻڌو، سو هن شعر ۾ بيان ڪيو اٿس. سندس بيان موجب: اتر سنڌ تي آمري تائين پهريائين ”ناريجن“ جي سرداري هئي، جيڪا پيڙهين تائين هلي. انهن کان پوءِ ”سومرا” سنڌ جا احڪام ٿيا ۽ سندن ويهه پيڙهيون سنڌ تي حڪومت ڪنديون رهيون. آخر ۾ جڏهن دودو سومرو سنڌ جو حاڪم ٿيو ته چنيسر ڪاوڙجي علادين کي چاڙهي آيو، جنهن سان دودي سومري ۽ ابڙي سمي مقابلو ڪيو. ڪنهن وقت ڪاڇي واري علائقي ۾ ”چنا“ قبيلي جي حڪومت هئي. ڪاڇي جي ڀر واري علائقي تي وري ”ڪوريجن“ ڄامن جي حڪومت هئي. چنن ۽ ڪوريجي ڄام جو سڱ تان تڪرار ٿيو ۽ ڪوريجو ڄام مارجي ويو، جنهن تي ڪوريجن وڃي ”ڪانهري ڪوٽ“ جي ماڇي سردار جـُـيسر راوَ کي دانهن ڏني، جيڪو ماڇين جو لشڪر وٺي ڪاهي آيو.چنن، جيسر راءِ سان مقابلو ڪيو، پر ماڇي زور ٿي ويا. اهڙيءَ ريت چنن واري علائقي تي ماڇين جي زمينداري قائم ٿي.

        جڏهن سنڌ تي سما حاڪم هئا، تڏهن ارغونن جا ڪي ماڻهو سنڌ ۾ اچي رهيا ۽ هتي جون حالتون ڏسي ولايت ۾ وڃي ارغونن کي احوال ڪيائون. ارغون ۽ ترخان، حسين ارغون جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ تي ڪاهي آيا. سمن سنڌ جي سرحد وٽ ارغونن جو مقابلو ڪيو، پر هارايائون ۽ سنڌ ۾ ارغونن جي حڪومت قائم ٿي.

        چنن ۽ ڪوريجن جي سرداريءَ وقت ڪوراين چڙهائي ڪئي. هڪ طرفان شريف خان لشڪر جي مهنداري ڪئي، ساڻس اعظم پڻ پنهنجي لشڪر سميت شامل هو. هنن دوکي ۽ فريب سان پنهنجي مقابل فتح خان کي مارايو.

        سنڌ ۾ ڄامن، خانن ۾ ابڙن (سمن) جي حڪومت ٿي گذري. سمن جي حڪومت ۾ دريا خان وڏا ڪارناما ڪيا ۽ ڄام نــنـَِـدي کي ملهايو.

        پوءِ (ســِـرائي) ڪلهوڙا ساماڻا. سندن مريدن ۾ بلوچ، مير ۽ چانڊيا شامل هئا. چانڊين جو وڏو: ‘غيبي خان’ هو. هو پنهنجي وقت جو وڏيءَ همت وارو ”هرقل“ هو ۽ پيرن ۾ عقيدت تمام گهڻي هئس، ايتريقدر جو جنگ ۾ سندس طرف جو جيڪو ماڻهو ماريو ٿي، ته ان کي پيرَ جي پار ۾ ٿي ليکيائين. جنگ ۾ مـَـلـَـڪَ غيبي خان چانڊئي ڪاڇي واري علائقي تي قبضو ڪيو، پر سرائين حملو ڪري ملڪ غيبي خان کي ماريو.

        سيوهڻ جي ڀر واري علائقي ۾ ”ساهان“ جي هلندي پڄندي هئي. سندس گادي بکر ڪوٽ ۾ هئي.

        ان وقت سڀني قومن گڏجي شيخ نصير(ميان) کي اڳواڻ بنايو. هن پنهوار تي ڪاهيو، پر مير پنهوار وڏو مقابلوڪيو ۽ سندس آڻ ڪانه مڃي.

        مير پنهوار قلعا ڪوٽ اڏايا. ماڇي مخالف هئا. محمدوئو پڻيار (پنهيار) ديڳن دمامن جو ڌڻي ٿيو. محمدوئي، اورنگزيب جي دربار ۾ وڃي سموري حقيقت ڪري ٻڌائي، تڏهن الهيار کي اڳواڻ بنائي، سرائين تي لشڪر چاڙهيائون. تڏهن ”پير“ (ميان نصير محمد يا دين محمد) قاسم نالي پنهنجو ڪمدار موڪليو ته وڃي معافي وٺي. پوءِ اورنگزيب پنهنجي طرفان دکن مان
شيخ جهان کي بکر ڪوٽ تي مقرر ڪيو. مرزا خان جو پٽ شيخ جهان سان وڃي مليو. ابڙو فتح خان فوجدار هو. مغلن جي لشڪر ڪاهيو. الهيار اڳواڻي ڪئي. مغلن جي لشڪر سان قنبر مقابلو ڪيو. مرزا خان جي

پٽ دغا ڪري محمد خان کي مارائي ڇڏيو.

1.              اُڀان ڀـُـونئان جو ڌڻي، الله اپرئون پار
                خالق خلقت پانهنجي ڏَنهُ آ خاوند خبردار
                موليٰ پنهنجي ملڪ ڏنهُ واحد ناهه وِسار
                سهس اَٺارهه عالما، رزق رسائڻهار
                جيڪي عالم عام خاص، سڀني ساڻ ستار
                تنهن کي ڄاڻي ڪونه ڪو جيڪي ڪري جبار
                سو سڀڪو صفاتيون ڏئي ڪري آڻي هي اقرار
                جو بيچون بيشڪ بي نمون، هر جائي هم ڪار
                ڪوڏ محمد مصطفيٰ سـِـٽيائين سـَـئنسار
                تنهن کي باري بالا بزرگي بخشي بيشمار
                فهم، فراست، علم، حلم، گل ڪيو گلزار
                نيڪي بدي نوم شد، حرص ڪنون هوشيار(1)
                ڪلن ۽ ڪرهن جو آ خاڪين منجهه خمار(2)
                چئو چارڻ ڏي شاهدي، سنڌ سندو سـَـئنچار!
                اڻ ٻڌي آءٌ نه ڪريان، ٻڌ ڪيو ٻولاچار:
                پسو پهريون ئي هـُـيو، هت ناريجو نامدار
(3)
                تنهن ڪئي بادشاهي سنڌ جي، ٽيهه پيڙهيون پرڪار
(4)
                پهريون لڳا ڏنبرين، ٿيا گـِـل ۾ گار
                دنگ ڪيائون آمري، هوڏنهن ڪهنگ قنڌار
                تهين پڄاڻا سومرن، اچي ڪيو اُپڪار
                تنهن ڀي ڪئي بادشاهي سنڌ جي ويهه پيڙهيون پرڪار (1)
                تن طالع تخت وهاريو، سر دودو سردار
                تان چئي چنيسر چاڙهيو، گڍ ”گوري“ گرنار (2)
                سو آيو سومرن تي ڪري، عالادين آر
                هيڏنهن ڀي اولَ وڃي ڪئي ابڙي، دودي ڪيو دمدار
                سوگجي گوروءَ کي گڏيو، ڏمرجي ڏاڙهيار
                اتي انبارين چڙهي، ڪـُـٽيائينس ڪاپار
                جان جـِـيئو تان جـَـس سان، مٿس ناهه ميار.
                هاڻي ايلچي اڳي ٿيو، وٺي هي واپار
                اولَ نه ڏي ابڙو، سومرا سردار!
                چئي: عالادين بادشاهه تنهن سان ڪيو قرار
                تنهن کي چيو ابڙي، جو هو بادشاهي ٻار
                ته اسان جن اڳين کي، وڏو آهه وقار
                سمو سرڻيون ئي نه ڏئي، ويهون ڀاڱو وار
                جيڪي ڪري سو الله، مر اچي اچڻهار.
                تڏهن چڙهيو عالادين بادشاهه، ڪري ڪارونڀار
                ڪـِـرول ڪرولين گڏيا، سٻڙ ۽ سالار
                تڪي تيغـُـن کئون ٿي سانگين ڪيو سـُـڪار
                هاڻي عالادين ان پر چڙهيو، ٻن ڪيو ٻولاچار
                ڇـَـپ ڇپڪو جت ڪٿ، جيئن وڏڦڙو وڻڪار
                هو  نگر چڙهڻ جت ڪٿ، دهه دهه ڌو ڌوڪار
                سج لهي سـُـڌ نه ڪا، چنڊ نه پسي چمڪار
                نيهيءَ کڻي مناڙيو، ڪـَـڻ جئن ڪاتيدار
(1)
                هاڻي ابڙو ٿيو اوجار، سماواتن سڀ جو.
2.              سو پاڻئون ڀلو ڀرجهلو، سو يارن وياءَ (وينجهار)
                تنهن وانگي سوڍو رکيو، دودو دعويدار
(2)
                تنهن ڀي ڇليون آنديون ڇوهه مئون ٻيو ڀيرو ٻيهار
                ڪر سهڄاڻي ڪوٽ تي، ڪيو مصرين ملار
(3)
                ڪري خيف خوار، دودي دعويٰ ڇڏي.
(4)
3.              سمن ۽ سومرن جو، آ مذڪور بسيار
(5)
                هاڻي حاصل هي ڪلام، سندن ٿيو شمار
                جو هوڏنهن رُو پاهـِـن چڙهيا، هوڏنهن لاڙ ٻنگار
(6)
                ڪن ڪيو ڪنراڙو، وهي اَرتو اَکين جار
                چاڙهي ديس دَنوار، جو سمن ماريا سومرا

 

4.              چارڻ چنن جي چوي، هئي سنڌ هيڪار
                ڪاڇي ٻنهي ڪنڌئين، ڪوٽن ڪيو قطار
(7)
                چئي چناڻن پاڻ ۾، مارايئون مزار
                سٻڙ مارائي ڪري، وچ ٿيو ويچار
                تنهن ڀي ڇليون آنديون ڇوهه مئون، هند منجهئون هيڪار
                اچي پيو اوچتو، مـَـرجـُـوڪن ميار
(1)
                کني لاهي خار، وڃي وچ پيڙهي ٿيو بادشاهه.

 

5.              هاڻي چنن ڪوريجن جو هيو گڏ گذار
                سي همسايا هم وطني، ساڻي سڀوڪار
(2)
                ”وَتڻ“ ڪاڻ وهانوَ جي، ڄام جوڙي وڏو جار
                سو ”مـَـرجـُـوڪن“ مڃيو سڱ سندو ستڪار
(3)
                تان مـَـنـَـهن آيو ”چڱي“ جي ڪوريجو ڪلدار
                تان مارايائينس مڏ ڪري، هو مٿي جنهن مدار
                تڏهن دانهين هليو ڪاهيو ڪوٽ ڪوار
                تنهن وڃي جيسر راوَ کي ڪاهي ڪرهو هار
(4)
                سوئي وٺي آئيو، ماڇي مهاندار
                تني تلوارن سان، هڻي ڪيا هـَـوار
                وڃي بچيو ٿورڙو، چنن جو چوهار
                ظاهر زميندار، اچي ماڇي ويٺو ملڪ ۾.


6.              اچي ارغونن ڪيو، نڪري ٿيا نروار
                تان هئي سنڌ سمن کي، ملڪ منجهئون مختيار
                چاڪاسيائون چند روز، رهي ٿيا نروار
                تن وڃي ولايت ۾ ڪيو، گويو هي گفتار:
                ته ڪي تتي ٽڪريا هيا، ڄامن سر ڄمار
                جي ڀڙ ڀائي چار، هن کي وهڻ وتڻ سنرو.(1)

 

7.              هليا ڪري ”حسين“ سان ارغوني اختيار(2)
                تن سان سمن سرحد تي ڪيو، مصرين ملار
                ويري گڏيا واٽ ۾، نڪري ٿيا نروار
                تکو تلوارن ڪيو، ٽلن ۾ ٽهڪار
                سمن سلطانن ڪيو (مصرين) ميگهه ملار
                ترخانن تيک تيار، جنهن جا سما سلامي ٿيا.(3)

 

8.              هاڻي ”چنن“ ۽ ”ڪوريجن“ جو، وڏو هو وڏهار
                چڙهيا ڪورائي چار لک چنن لک هزار
                ٻي بادشاهي وچ ۾، ٽيون ٿيو ٽمڪار
                جو سر ڏئي سر وچ ۾، ڏري ڪهين ڏار
                ڪارڻ سر شريف خان، نسري ٿيو نروار
                واهي ٿيو دربار ۾، ڪل ٻاري ڪوار
                ان سان ”اعظم“ آئيو، نيازي به نيار(1)
                تنهن ماريو فتح خان کي، ڏيئي قول قرار
                ان بيدادو ڀانئيو، جتن ڪيو جهـُـار
                انهئون پوءِ اعتبار، ڪري ڪونه زبان تي.

 

9.              ٻڌي ڳالهه ٻڌاءِ، پر ڪر اکين ڏٺو آچار
                ڄامي خاني دائما، ابڙي ڪيو اپڪار
                تن وڄايو وڏو ڪري، نوبت نت نغار
                دل ملهايا دَرِههَ خان، ندي ناماچار(2)

 

10.            توڙي ميان جا مريد ٿي، وڌايائون وار
                سو لئي ساراين چڙهي، ات ٻڌائون ڪار
                اهڙو ئي اعتبار، مير منجهون پيدا ٿيو.

 

11.             هاڻي گامين ڪوڏ ڪري چڙهيو، چانڊيو چوڙيار(3)
                سر ڏئي سر رکي، ”غيبي“ گهڻا بار
                هيڏنهن لکين لک سؤ، هوڏنهن اڙو اپار(4)
                ”وچ اپائي نيو، ڪندو اپڪار(5)
                کاڌائون کنن سان، سنڌ ڪاڇو ڪينار
                منهن مهماڻن سان هو، گڏ ستو ڀوتار
                سو ڀي سرائن چڙهي ماريو مڳ متار
                دَرِههَ دودو منجهه دار، رڻ ڪيو رت هار(1)
                هـُـن هـِـن کي هي ڪار، جي دودي درهه سان هئا.(2)

 

12.            ”غيبي“ ٿيو گلزار، ڪاڇي ٻڌي ڪڪرا
                تان هرقل هڻي هنڌ ڪيو، ڏڻداڻيءَ ڏيکار(3)
                کٽائي کنان هڻي، ڪيائون اوڏاڻي اُپڪار
                سو اُو واڻو اهڙو، جو ديرينو دمدار
                تنين طالب تهڙا، آڻن جي اختيار
                سسي سرائي سرن کؤن ٿا بنهه وتن بيزار
                سي مرڻئون مڙن ڪينڪي نڪي مڙن ڀانئن موچار(4)
                جي ڪو ماريو تنهن ائين چون ته: ”هي پيو پير پنار“
                اهڙو ئي اعتبار، آهي پنجاهين جو پير ڏنهن.

 

13.            ساهان هو سيوهڻ سان دنگو دنگ دوار(5)
                بانڪو ”بکر ڪوٽ“ جا، ٿو باغ کائي بسيار
                ڪيو شيخ نصير کي، ذات بذات جـُـهار(6)
                مرڪي مير پهنوار، جنهن ڪيهر ڪنڌ نه نائيو.

 

14.            سي قلعا ڪوٽ ڪچهريون، ٿو اڏائي اڻيار
                تن ۾ دارون، تير، تماچا، ٻيو جوانن سان جنسار
                سنڌ بکر سيوهاڻ ۾ ڪيو جماعتن جـُـهار
                سي سڀ ميڙو ماڻهو، پيادا ۽ سوار
                ڏئي علوفا ان کي ۽ مرادون مڻيار
(1)
                مڙسن سندو مير وٽ، وڏو آ وقار
                جو لک لٽائي لـڄ تئون، ڪروڙن ڪاپار
(2)
                رکائي رقيب کؤن، ماڇي ملغذار
                وڻندي ويهي پنج ڏينهن هو ڪندو دارمدار
                سنڌ سڳلي مئون ڪري، وڌي ڪئي واهار
(3)
                تان ديڳن دمامن ڌڻي ٿيو پاڻ پڻيار
                تڏهن کنيو سڀوئي سنڌ تئون محمدوئي نه مدار
                جڏهن وڃي اورنگزيب جي، ڏيهاڙي درٻار
                ملي هت مصحف جي، تکو ڪري تيار
                تڏهن ملڪ ڌڻي معلوم ٿيو ڪري ڳالهه قرار
                تڏهن سر مهيم سنڀاهيو ڪري آڻن الهيار
                سو مقرر آيو مولهه سان، ڪري ترت تيار
                دهلي مئون ديرو ڪري، ٻڌي سرائن سار
                تڏهن پير پانهنجو موڪليو، قاسم ني ڪمدار
                سو لک مڃي، لکت ڪري، ايلازيون انتظار
                توبهه کڻي تائب مڃ منهنجي اچي اوهان پار
                تان معلوم ٿيئي هـُـت مير کي اها طرح تنوار
                تنهن آندو ٿي بادشاهه، پهس ڪيو پڪار
                ته ملتاني ميڙاڪـَـيـُـون، ٿو تنگ ڪري تڪرار
                ٿئي حضور جو ڪو ڪردوچي ڪمدار
(1)
                سو بانڪو ”بکر ڪوٽ“ جو، ڪو فرمايو فوجدار
                تان اورنگزيب نوازيو، ”شيخ جهان“ جهونجهار
                تان ملي لايو مدُعي، ڇوهه سندو ڇٽڪار
                سو دَڙي دکن ديس مئون، درس آيودرڪار
                سو رسيو خوب رفيق کي، فائق فوجدار
                پاڻهئون پاليڻون ڪري، اچي جا اورار
                تان هت اهڙوئي اهوار، معلوم ڪيس مڙني.

 

15.            تڏهن ديرو دعوي جو وجهي، اَڻکي اوهڻ يار(2)
                اتي مليس ”مرزا خان جو بيٽو“ برخوردار
                اٿي آيو ابڙو فتح خان فوجدار
                مرد مردين مغلن جا، گجي ڪن الغار
                قلعو ڪيائون ڪورسر، پهرو ۾ پلتار
                هو ملچو ٻڌي ان جو، آيو ”الهيار“
                تنهن ساعت دودو ٿيو، اهڙو شام اپار
                هيڏهن رسيو ملامت ۾، ”قنبر“ قربدار(1)
                اوڏو ٿي امراءَ کي، مقابلي مڻدار(2)
                هت محڪم منزل اتي ديدن ڪيو دمدار(3)
                اتي مرزا پٽ مٿي ڪيو، دغا جو دستار
                جو مل ڪري مينجهار، محمد جان مارائيو.
                جس درسن، جس جات جوان کي، جس آون جي آيا
                جس جوري، جس نوري، جس پاده جو پايا(4)
                جس خيمي جس دَلوچي، جيڪي رُڪ رچايا
                جس خطاب خاني، جس شيخي، حاجي جس هلايا
                اوران ڪون نه جس ايڪ جڳاوي، تم لاک سوايا
                جو قربان تـُـسين تون، جنهن ايسا الله اپايا
                جس تن جوانان ڪون، جن جنگ وچ پاڻ جلايا
                صدقي صاحب نانءَ تون، جنهن ڪلما پاڪ پڙهايا.

 

لا الله الا اللهُ محمـَـد رسول الله.

 

---------

 


 

2. لس ٻيلي جو تاريخي احوال

(نظم ڪيل شاعر نم جو)

        نم فقير مڱڻهار لس ٻيلي ۾ شهر اُٿل جي ٻـُـرن وڏيرن جي پيڙهائتن مڱڻهار فقيرن جي قبيلي مان هو. 17- صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري ڄائو، ۽ 1893ع ۾ هو بلڪل پير مرد هو ۽ سندس عمر ان وقت هڪ سؤ سالن کان مٿي هئي. نم فقير جو سڄو سربستو احوال ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ ڏنل آهي. نم فقير لس ٻيلي جي ڪيترن ئي واقعن ۽ جنگين کي منظوم ڪيو. هڪ نظم ”شاهوڪن ۽ ٻرن جي مقابلي ۾ مٺي شاهوڪ جي مارجڻ“ بابت چيائين، جنهن جي شروع واري ڀاڱي ۾ لس ٻيلي جي حڪمرانن کي سلسليوار بيان ڪيائين.

        هن بيان موجب پهريائين هتي جو سردار ”موسي نـَـياڻي“ هو، پوءِ هتي پـَـٻي - پوٽن رونجهن حڪومت ڪئي. سپڙ ڄام انهن مان هو. ڪل پنجهٺ پڳدار ٿيا، جن مان آخري سردار حاجي سنگر هو. انهن کان پوءِ موساڻي گونگا سردار ٿيا جن مان دينار وڏو نالي وارو حاڪم ٿيو. ان کان پوءِ مـَـلڪ پاهڙ خان برفت حڪمران ٿيو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ عزت خان تي پڳ آئي جيڪو عمر جو ننڍو هو. هن کان پوءِ عالياڻي ڄام ڪئونريجا حڪمران ٿيا جن مان پهريون حاڪم ڄام عالي (وڏو) هو. پوءِ انهي جي پيڙهي هلي ۽ ڄام ميرخان (پهريون) ۽ ڄام عالي خان (ٻيو) حڪمران ٿيا. ڄام عالي خان جي وقت ۾ دريس ٻـُـرو ۽ مٺو شاهوڪ هم - صلاح ۽ همت ڀريا مڙس هئا، ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست هئا. پر اهڙو اتفاق ٿيو جو مٺي شاهوڪ مياڻي تي قبضو ڪيو جيڪا ٻرن جي هٿ ۾ هئي. انهي تي ٻرن مٺي کي ماريو. اهو پويون بيان نظم جي پوئين ڀاڱي ۾ آهي. هيٺ نظم جو پهريون ڀاڱو ڏجي ٿو جيڪو لس ٻيلي جي تاريخ بابت آهي(1) .

ساراهيان سچو ڌڻي جو سڀني سندو راءَ
لاشريڪ لا مڪان آهي هڪ الله
پاڻ وهيڻو پادشاهه جيڪا ڪري سا
هڻي ڇٽ پٽن سين باري بيپرواه
قادر جي قدرت کي سمجهي ڪين سگهيا
عرش ڪرسي لوهه قلم آگي اُپايا
قابو ڪير زمين جا جبل تنهن جوڙيا
سوا لک نبين جو ڪيو پاڻ ڌڻي پيدا
ٽي سؤ تيرنهن اڳرا ٿيا مرسل مٿيرا
نور منجهان نروار ڪيو موليٰ مصطفيٰ
ڏيو ڏيهن وچ ۾ شاهن سندوشاهه
چئين ڪنڊين چراغ ڪيو شمس شعاع
چارئي يار رسول جا شريعتي سـُـوا
اول ابابڪر ايمان سين آندو صدق صديقا
درس اُبيٺو دين تي عمر مير اُتاءَ
انهان پوءِ عثمان ٿيو غازي غنياءَ(2)
تنهن سٽون سورون سرت سين ٿي پڙهيون پرت منجهان
جوڙي ٽيهه جمع ڪيا ثابت سيپارا
علي شير الله جو آهي اسدالله
جنهن ڪٽي ڪافر ڪيترا ڪوڙين ڪنبايا
ماري مسلمان ڪري تنهن امن تي آندا
پنجتن پاڪ مڃيان جي ڌڻي پاڻ ڌُئا
آئي چادر ان تي اُلهي عرش اُتا
علي جي اولاد کان قطب ٿيو پيدا
سو پاڳارو پيرن جو مڃيو ملائڪن آ.
جنگيون گهڻيون جنبايون اميرن اصلا
پوءِ ٿيو پادشاهن ۾ موٽي مذڪورا
کؤنس مڙيئي کاڄ تي جان ڪيم نرت نگاه
قصو ڪريان ٿو ٻيو سو سڻو سٻوجها
ٻيلو ٻيلـِـي پيرين جو اَڏيو سو اصلا
موسيٰ نياڻي مهند کـُـتي اچي سر سهڄا(1)
گهوڙا گهوٽين بخشيا کولي کنڌين تا(2)
تنهن پاٽ پڙهيو ڪيترا ٿي ڏَڏين ڏان ڏنا
اُت پٻي پوٽا پڌرا رونجها راڄ هئا
تن ساڍي سٺ صاحبئين جي حاجي ڪري هڳاءَ
سو سنگر ُ سانـُـهه سگهه ڀريو هو چڱو رونجهو راءَ
ٻيا مـُـوساڻي تنهن ماڳ تي گاروڙي گونگا
ڄام دينار ڌَمڪـُـون ڪريو ٿي ديرا دٻايا
تنهن هاٿي مـَـل هڪل سين سڀ سلامي ڪيا
پوءِ آئي پڳ پهوڙ خان تي امر ساڻ الله
تنهن کنو هڻي کٽيو ڪاوڙجي ڪستا(1)
ڪانڀو پوٽي ڪڙهي سلا ساڱايا(2)
برفت ڀائر پاهنجا نهري سڀ نگهيا
اچي پوءِ عزت خان جا سڀ سلامي ٿيا
سو نيڪ ننڍو ئي ناميو هو وڏي گهر ويا.
اِنهان پوءِ اچي ڪيو عالياڻي عملا
ساڪن سي سردار ٿي ٻيلي ۾ ٻيٺا
مڙيئي موجود ٿيا قائم ڪؤريجا
صديق سينهن سگهائيو ٿي پانڊو پڇاڙيا(3)
اول ڄام عالي هو پوءِ غازي غلام شاهه
نر نوتاڻي ناميا اصل اهنڊ هوا(4)
مير بـِـراهمِ موج ڪري ٿي ڏوکي ڏکايا
تنهن ڪاڇو ڪـِـهر ڪنبايو ڪري هڪل هيبتا(5)
نعرو نوتاڻين جو ديسين منجهه دهڪا
نوت، مريد، ڏيوَڙو سورهه سوڀاتا
تن اهڏين ”اٿل ڪوٽ“ ۾ ٿي حڪم هلايا(6)
تن اجهي عالياڻين جي ٿي کڳ کڻيو کاڌا(7)
نڪين حاڪمين هيسيا نڪين سردارين سهٽيا
مير خان متارو ٿيو دُرس چڱو داناءَ
تنهن راڄ ريجهائي پاهنجا سوڙهي سـُـڪ ڪيا
ان فهميدي فڪر سين فيري فچايا(1)
وانٽا وجهه تن کان واري سڀ وٺتا
ڄام عالي ڄاڻ چڱي سان عجب ٿيو عـُـلما
پڙهي تنهن پورو ڪيو ڪامل قرآنا
شرع شريعت سڀڪا ثابت ڪيائين سا
موٽي ٻيومير خان ٿيو مور تهين ماڳا
ڪلنگي تنهن ڪپار ۾ سونهي سهڄ منجها
ويٺو طالع - وند تخت تي بخت سندس بالا
تنهن ڪاپـُـو ڪـَـهر قلات سين پيچ پڳهه پاتا(2)
احمد زئي ان کي سڱ ڏنو سهجا(3)
عالياڻي عقل سين ٿيو حجت ۾ همراه(4)
تنهن ڪڙهي سڀ قلات جا عمل عيان ڪيا
تنهن لائق آڻي لس تي ايهي اسم رکيا(5)
اُمرا ڪڍي پاهنجا سوڙهي سـُـڪ جهليا
تنهن تان راڄ رنجور ٿي روح ۾ رڪٽيا


دريس مٺي پاڻ ۾ رکيو يارانا
(1)

 


گفتا ڪيائون گڏ ٿي تن ٻيهي ٻول ٻڌا
پهي پروڙي پاڻ ۾ اها ڪري اٿيا
مصلحت ٻني هيڪڙي جيڪا ڪري الله
تن ٻيلي قلات وچ ۾ سوڌا سيل ڪيا
تن کي خان خوشي مان عزت ڏني اڳيا
بانڪي ڀائر پانهنجا سڀئي رک رکيا
پهرن پنهنجي پڊ تي خوبئون خوشحالا
ساڻيهه منجهه سکا ٿيو ڀوڻن بي فڪرا
(2)
پر چڱا چڱا نه ٿيا جو پاڻ ۾ جهڙ پيا
جي هجن هيڪڙي ڳالهه تي ته سرهي ٿئي سڀڪا
آيو وقت آخيري لکيو ڪتابا
محبت ويندي ماڻهن مان، پڙهيا مون پـُـڇيا
قبيلي مان ڪلفتون پسو ٿيون پيدا
موٽي مٺ - گهـُـرا ٿيا جي هئا اوڏا عزيزا
دريس پاران دل ۾ ڀائرين بغض رکيا

جيڪا ڪري ڳالهڙي سمجهن ڪين صفا
مالڪ ڌاران من جي ڪنهن کي ڪل نه ڪا
اندر سندو عام کي ڪهڙو سـُـڌ سماءَ
ڏاڏي سندي سٿ مان گدڙ ٿيو گمرا
ٿو لڳين ٽنهي ڳالهين ڪوڙو ڪذابا.
---------


(1) چارڻ جي گهراڻي جي ٻن ذخيرن (ميان دين محمد ۽ ميان کمڻ) تان ورتل ۽ ڀيٽيل. (1) کمڻ فقير (= ک) جي ذخيري ۾: حرف ڪندن

(2)  اصل. ائين.

(3)  ک. پهريون ئي ٿيو.

(4)  ک. پـُـريون.

(1) ک. پـُـريون.

(2) اصل. گڻ گوري

(1)  اصل. نيهن کڻي مناڙيو ڪڻ جي ڪاتيدار.

(2)  اصل، سودر رکيو.

(3)  اصل، ڪر سهه ڄاڻي.

(4) ميان دين محمد جو نسخو: دعويٰ دودي کنئي. ميان کمڻ جو نسخو: دعويٰ دودي ڇڏي.

(5)  ک. وڏو آ وقار.

(6)  روپا هن چڙهيا = روپاهه تي آهن چڙهيا.

(7  اصل. ڪوتن ڪيو.

(1)  يعني اها مرجوڪن تي ميار آهي.

(2)   ) اصل. ثاني سڀوڪار.

(3)  مرجوڪ = چنن يا ڪوريجن جو پاڙو.

(4)   ک. ڳاهي ڳرهو هار.

(1) دين محمد = تان کن کي وهڻ: کمڻ = ٿا هن کي.

(2)   حسين = شاهه حسين ارغون.

(3)  دين محمد. تک: کمڻ. تت. تيک = تلوار.

(1) ک. آدم آئيو.

(2) اصل. دل ملايا. دل ناماچار ملهايا = گهڻا ملهايا. دَرهه خان = دريا خان. ندي ناماچار = ڄام ندي (نظام الدين) جا ناماچار. هن سٽ کان پوءِ نظم جو ڳچ حصو کٽل آهي.

(3)  اصل. کامي ڪوڏ ڪري.

(4)  اصل. اجار.

(5)  اصل. ائين.

(1) دين محمد وارو نسخو: درهه ڌوڌو منجهه دار.

(2)  ک. رڏ ڪيو.

(3)  هي ڪار = هئيڪار.

(4) اصل تان هن قل هن هنڌ ڪيو.

(5)  ک. مڙڻ ڪن موچار.

(6) ح. سان هان.

(1)  ک. جحار، د. مجار.

(2)  اصل. ڏئي الوفا.

(3)  اصل. ڪاٻار.

(1) اصل ٿي حضور جو.

(2)  ک. اڻکيو اوهڻ يار.

(1)  دين محمد. جڏهن رسيو.

(2) اصل. مقبولي سردار.

(3)  اصل. مت (= متان؟).

(4)  دين محمد = جس نوري تيري. کمڻ = جس نوري ٿي (جس نوري نبي؟

(1)  ڏسو ڪتاب ٻيلاين جا ٻول (ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، 1970ع) ص 209-212.

(2)  ٻي روايت: اوهاهين پوءِ

(1)  اصل ائين، ٻي روايت کتي سر سوا.

(2)  کنڌين تا= طبلين تان.

(1)  ر: کٽيو ڪان هو ڪستا.

(2)  ر: سنڌا ساڱريا.

(3)  ر: سينهن سڪايو. سينهن سينگاريو. ڄام صديق للياڻي ڪنراچ جو رهندڙ ڄاموٽ سردار.

(4)  يعني نوتاڻي ٻـُـرا جن مان مير براهم نوتاڻي وڏو بهادر هو.

(5)  ڪاڇو يعني سنڌ وارو ڪوهستان جو ڪاڇو.

(6)  يعني اُٿل جو شهر جو مريد ٻري ٻڌايو.

(7)  ر: کڳ کٽيو کاڌا.

(1)  فيري فچايا = واري گڏ ڪيا.

(2) ر: ڪڙهي تنهن قلات جا عمل سڀ آندا.  

(3)  احمد زئي = قلات جا خان.

(4)  ر: همت ۾ همراهه.

(5)  اسم = محصول، سنگ.

(1)  ادريس ٻري ۽ مـِـٺي شاهوڪ پاڻ ۾ دوستي رکي.

(2)  ر: سي ساڻيهه ۾ سنرا ڀوڻن بي فـِـڪرا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org