6. ٻـُـڌن ۽ ٻـُـرڙن جي جنگ
”ٻـُـڌ“ (ذات جا، ۽ نه ٻـُـڌ ڌرم وارا)
ڪنهن وقت هڪ وڏي قوم هئي. کين پنهنجي سرداري ۽
رياست هئي. هن پوئين دور ۾ هنن جو خاص ملڪ ”ناڙي“
(ضلعو ڪڇي، بلوچستان) رهيو. جيتوڻيڪ ڪي ٿورا گهڻا
ٻـُـڌ سنڌ ۾ ضلعي خيرپور ۽ ضلعي لاڙڪاڻي (وارهه
طرف) ۽ ٻين جاين تي رهن ٿا. ناڙي ۾ ٽي سؤ سال کان
اڳ تائين ٻـُـڌن جو ملڪ وڏو هو، پر ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ٻين قومن کي وڪڻي ڇڏيائون. هن وقت “مٽ” جو شهر خاص
ٻـُـڌن جو آهي. ۽ ٻيو شهر هيٺ ڏکڻ طرف “هاشم
ٻـُـڌ” جو آهي. ”هاشم ٻـُـڌ“ واري علائقي جون حدون
هن وقت هي آهن: اُتر ۾ کوکر (ڪلو ۽ آباد جا شهر)،
اُلهندي مگسي (جهل جو ملڪ)، ڏکڻ ڏي جمالي (ڳڙهي
خيرو) ۽ اُڀرندي ڏي عمراڻي (طنبو وارو ملڪ). اُهو
علائقو اندازا= 10 ميل اُتر ڏکڻ ۽ 5 ميل کن اوڀر
- اولهه اراضي وارو آهي. گذريل صدي ۾ اندازا=
75-1870 ڌاري هن علائقي ۾ ٻڌن جو وڏيرو هاشم ٻـُـڌ
هو. هن کان ڏکڻ طرف ڀر واري ايراضي به ٻڌن جي هئي
پر ٻرڙن کي وڪيائون، جتي هن وقت ”گهارو“ شهر ٻرڙن
جو آهي. ٻرڙن جو ارباب ان وقت سائينداد هو، جيڪو
”دُر“ جي شهر ۾ رهندو هو. هاشم ٻڌ سان سندس چڱي
واٽ هئي، پر ٻرڙن جون ٻڌن جي زمين ۾ اکيون هيون ۽
وڙهڻ جا بهانا پئي ڳوليائون. جمعي ٻرڙي جي ڀاءُ کي
ڪن ماريو پر محراب ۽ سهراب گولن اچي جمعي کي ٻڌايو
ته اوهان جو مڙس ٻـُـڌن ماريو آهي. پوءِ جمعو آيو
”دُر“ ۾ ارباب سائينداد وٽ، جنهن ٻارهن مڙس ڏنا ته
وڃي هاشم تي حملو ڪن. انهن ۾ ارباب سائينداد جا ٻه
سؤٽ علي نواز ۽ قاسم هئا، ۽ انهن سان شاهل، ربو،
فتح محمد، فقيري جو پٽ الهداد ۽ ٻيا گڏ هئا. جمعو
ٻرڙو جنهن جو ڀاءُ ماريو هو سو ٻرڙن جي ”جهمراڻي“
پاڙي مان هو.
ارباب سائينداد پوءِ هاشم ٻڌ کي ڄاڻ ڏنو
ته ٻرڙا توڏي اڄ ايندا ۽ تون ڪنهن پاسي نڪري وڃ.
هاشم جواب ۾ چوائي موڪليو ته: ڀل اچن، باقي تڏو
ڪونه ڇڏيندس. پوءِ ماڻس منٿون ڪيس ۽ قسم وڌائينس
پر هاشم چيو ته: ”امان! ٻرڙن جي اچڻ جو ٻڌي، تڏو
ڪونه ڇڏيندس ۽ پاڻ کي ٽڪو ڪونه لائيندس“. جڏهن مڙس
هڪٻئي سامهون ٿيا ته ربو ٻرڙي وڌي هاشم تي جلهه
ڪئي، پر هاشم هڪ ئي ڌڪ سان کڻي ڇڏيس. فقيرو ٻرڙو
ڪريو ۽ مري ها پر پڻس الهداد اچي وچان پيو ۽ فقيرو
بچيو. پوءِ ٻرڙا ڀڳا، پر فقيري چيو ته مڙس
سنڀاليو! ڏٺائون ته رڳو ربوڪونهي. تڏهن چيائون ته
هڪ مئو آهي ۽ وري جلهه ڪريو. پوءِ هاشم سندس ڀاءُ
طاهر ۽ ڀاڻيجو حسين بخش مئا.
هن جنگ تي سگهڙ هوت صوبداراڻي جمالي هڪ
ڊگهو تفصيلي بيت چيو، جنهن جا ڪي ٽڪرا دستياب ٿيا،
جيڪي هتي ڏجن ٿا.(1)
سـُـڌ پئي هن گولن کؤن، ائين چڱا نه چغليون ڪن(2)
ٻـُـڌي ٻـُـرڙا اٿيا، “وڙهسون وڙهسون” ڪن(3)
وڙهندا هاشم جهڙي مرد سان، ڪئي مصلحت ملوڪن
ماڻهو موڪليئون هاشم ڏي، منجهند جي ويلن(4)
هاشم جهڙي جوان کي، ٿيون تراريون تڪن.
---
ماتا وڏا وس ڪـَـيـَـس قسمن قرآنن
چئي: ماءِ ملڪ ڇڏي ڪاڏي وڃان، هي مرڪ ناهي مردن
هاشم ٻـُـڌ تڏهن چـُـري، جڏ ٽـَـڪر سڀ ٽرن.
---
هيڏهون ٻرڙا ٻاويهه ڄڻا، هاشم ساڻ ستن
رَبو رَواڙجي ويو، هاشم جي هٿن(5)
سو هاشم هلائي ڇڏيو، ڏيئي مصري منجهه مـِـکـَـن(6)
ڀاءَ ته پنهنجي ڀاءَ ڪان، ڳوڙها رت رئن(7)
جـَـهمراڻي ڀڳا جهار جان، ٿا پويان پير وٺن(1)
---
”واهه فقيرا، جنگ جنگيرا، جنگ دا ڪيرا
پهرين پورا، سانوڻ سيرا“ وائي سر وڙهنـَـدن(2)
تڏ ٻرڙا موٽيا پوئتي ٿا بحري باز ڇٽن
ٿيو ٺـَـهڪو ڦـَـهڪو سؤنٽن جو، ٿا ڪڙڪا ڪوه ٻجهن
ٿيو دَهڪو دُنالين جو، منهن مٿي توفن
فقيري کي ڪري پاسيرو ڪٺو پئي ڪيهرن(3)
چئي: ”آءُ ابا الهداد، آءٌ ور چڙهيس ويرين!“
تان اِن نموني باز شـَـتـُـوني، ڪري آيو وانڪو
واسينگن(4)
پيءَ ڇڏايائين پانهنجو تـِـکئون ترارن.
---
هاشم شير شهيد ٿيو رَليو ٽولي امامن
هاشم جهڙا پٽڙا مائون مر ڄڻن
حسينڻ ات ماريو، ته به ٻرڙا ڪين مڙن(5)
آندو جوڙو، گاڏي، جوال، ٻـُـڌن کؤن ٻرڙن(6)
اني هوت حساب ڪيو، ته جنگ کٽي ٻرڙن.
------
|