3. رندن، مگسين، جمالين ۽ چانڊين جي جنگ
هيءَ جنگ قلات جي والي خان محمود خان جي
عهد ۾ لڳي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جون قومون شامل
هيون.
ڪاڇي ۽ ڪڇي طرف ڪوڪل خان مگسي سردار هو.
جنهن چانڊين جو وڳ هنيو. چانڊين وڳ وارڻ لاءِ ڪوڪل
خان تي ڪاهه ڪئي. چانڊيا پاڻ ۾ چاليهه مڙس هئا، ۽
سندن اڳواڻ صوڀو هو، جيڪو سورهيه هو. هوڏانهن ڪوڪل
خان سان کوسا ۽ جمالي گڏ هئا، سي به چانڊين سان
مقابلي لاءِ تيار ٿي آيا، پر صوڀي جو نالو ٻڌي
انهن منجهان راڌو ۽ مرزان خان همت نه جهلي موٽي
ويا. باقي لشڪر چانڊين سان منهن ڏنو.انهي جنگ ۾ ٽي
سؤ ٽيهه کوسا هئا، ان کان سواءِ جمالين جو لشڪر
هو. چانڊين جي طرف چاليهه مڙس هئا، جن سان سورنهن
صوڀي جا ساٿي هئا. اهي سڀئي مڙس وڏي همت وارا هئا
۽ هنن جنگ کٽي. ڪوڪل خان پوءِ ڪاڇو ڇڏي ٻيءَ
جـُـوءِ ۾ وڃي رهيو.
ڪوڪل خان طرفان بهران خان جمالي به انهي
جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو هو، تنهن جي ڌيءَ چانڊين
کان وير وٺڻ لاءِ قلات جي خان وٽ دانهين ٿي وئي.
قلات جي خان چانڊين کي سيکت ڏيڻ لاءِ لشڪر ڏياري
موڪليو، جنهن ۾ عمراڻي ۽ مگسي قبيلن جا ماڻهو شامل
هئا. انهيءَ مقابلي ۾ به سرسي چانڊين جي هئي، پر
ڀوت مگسي هلان ڪندو اچي صوڀي چانڊيي کي اوڏو ٿيو.
صوڀي مٿس تلوار جو وار ڪيو پر سندس گهوڙو باهڙيو ۽
وڃي ڪريو، پوءِ ڀوت مگسي تلوار جا پنج وار ڪري
ماري ڇڏيس. صوڀي چانڊيي جي مارجڻ بعد چانڊيا هيڻا
ٿيا ۽ پوئتي موٽيا. ان بعد جمالي توڙي مگسي ڪاڇي ۾
موٽي آيا.
راهي راهي رند، ودو ”ڪوڪل“ ويرين وڳ(1)
لشڪر موٽيو پٺتي ڪري ديرو دنگ
اٺائي اٺ تي اتي ڪوڪل ڏنو ڪنڌ
ريڪو راڌي ڪيو گاهي مرزان گند(2)
مڙي هوند انهي مال تي ڪيو بارو بلوچن
پوءِ ٽويا ٽهل جن، اگر به ان کي هنيا.
---
ٽي سئو ٽيهه اڳرا کوسا کڙڳ هڻن
رڻ ۾ راهو منڊيو ٿا چانڊيا چاليهه چون
تن مان سورنهن سارڌو صوڀي ساڻ هجن
پوءِ سوڀ ستار ڏنن، جو چانڊيا چهرا ٿي وريا.
---
روح مڙني رُڪ جو هو ستار ڏنو سارو
خاني رند خلاص ٿيو، جنهن ماڳ ڏنو مارو
غلام محمد گل آه ولي سوڀارو
جو رانديون راون کان کٽي.
---
نيئي سنيهو ڪو ڏئي خان محمود خان کي سر:
ته ڪوپا ڌڻي قلات جا ڪونڌ وڏا ڪيهر
وجهه ڪو تاب ترار جو اٿئي انبوهه اپر
ٻيٽي بهرام خان جي وڃي دانهون ڪيون در
هي سر صدقو لڄن تئون آ پـُـرساڻي پـَـر
پوءِ زينت وٺيون زر، سڱ لنگهائي سنڌ ۾.
---
اٽڪل عمراڻين سان آيو ڦوڳيو ڦيرائي
دانهن ته ديري ۾ اچي ورڪي واڏائي
آڻارايا امير پانهنجا سردار سڏائي
وڏيرا ويرن سان ڪجي جٺ جوڙائي
چڙهي جنگ تي جوان ويا ڪنگرو ڏي ڪاهي
اتي عمراڻين کي وڌو گهوٽ هڻي گهائي
اڃا توئين آهي، سور ته ساميجيءَ جو.
---
نه سڪي نه سوري، نه اڳي نه اوري، نه ڀاڱي نه ڀائي
جنهاندا وڳ ماريا، سي ڳئي ٻانهان لڙائي
انهان ڪشومت ٻنهان سر چائي(1)
ناٺا بندوقان لسان لس لائي
ڪره ڪل ڪونت، آدماڻي غريب سپاهي.
---
جڏ ڀوت ڀڄڻ جي ڪئي، تڏ مڳ ڏنو موڙو
موٽائي مگسيءَ جو گهوٽ ڦٽي ڪيو گهوڙو
پنج هنيائين پڙ تي خان وڌو کوڙو
زخمن زور ذرا ڪيو، سنگ نه ٿيو سوڙهو
لاهي ويو لوڙهو، صوڀو تن جمالين تئون.
---
صوڀي سٽي سڀني کي ڪس کڻائي ڪـُـور(2)
واڙ وجهايائين ڪنڊ جي، پاس ڍورايائين پـُـور(3)
پوءِ جن کي صوڀي ڏنا سور، سي رڙنديون وتن راڄ ۾.
------
4. چانڊين ۽ مگسين جي جنگ
بلوچن جا چانڊيا ۽ مگسي قبيلا هڪ وڏي مدت
تائين هڪٻئي سان صلح ۾ رهيا. 9 صدي هجري (15 صدي
عيسوي) ۾ رندن ۽ لاشارين جون جنگيون ٿيون. ارغونن
رندن جي مدد ڪئي ۽ سنڌ جي ڄام نظام الدين لاشارين
جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ جو ڄام جي وزير ۽ سپهه سالار
دريا خان جو تعلق لاشارين سان هو. انهن جنگين ۾
چانڊيا ۽ مگسي، لاشارين جي طرف هئا، ۽ پڻ دريا خان
جي سپهه سالاريءَ هيٺ سبي طرف ارغونن سان وڙهيا.
ان وقت کان وٺي هو هڪٻئي جا مددگار ۽ رندن جا
مخالف رهيا. انهيءَ ڪري ئي جڏهن مگسين ۽ جمالين جو
تڪرار ٿيو ۽ رند سردار شير محمد خان مگسين خلاف
اُٿيو، ته مگسين چانڊين جي سردار ولي محمد خان کي
مدد لاءِ چيو. ولي محمد خان پهريائين مگسي سردار
کي چيو ته جنگ کان صلح چڱو آهي ۽ آءٌ وڃي ٿو رند
سردار کي سمجهايان ۽ مڃايان. هو ويو پر سردار شير
محمد خان نه مڃيو ۽ پوءِ اهڙو اظهار ڪيائين ته:
منهنجي ترار مزو ئي تڏهن ڪندي جڏهن ميدان ۾ چانڊيو
به مگسي سان گڏ هوندو. پوءِ ست هزار چانڊيا ۽ ٽي
هزار مگسي، رند جي لشڪر جي سامهون ٿيا. ان جنگ ۾
ولي محمد خان پاڻ سڌو شير محمد خان تي حملو ڪري
کيس ماريو.(1)
شير محمد خان رند وڏي همت وارو هو پر
مارجي پيو، پر مگسين سندس سر وڍيو ۽ پاڻ سان گڏ
”جهل“ ڏانهن کڻي وڃڻ لڳا. اها ڳالهه ولي محمد خان
کي نه وڻي، هو مگسين تي ڪاوڙيو، ۽ سردار جو سر
پنهنجي قبضي ڪيائين ۽ لوٿ سان گڏ سبائي ڍَڪائي
شورڻ (سردار شير محمد جو ملڪ) ڏانهن ڏياري
موڪليائين. انهيءَ تي مگسي شوريا ۽ ڦري چانڊين جا
مخالف ٿيا. اهڙي طرح صدين تائين ساڳئي طرف ۽ ساڳي
ڳالهه ۾ هجڻ کان پوءِ هينئر منجهن نفاق پيو. سردار
شير محمد خان سان جنگ کان اڳ، ڪن سڄاڻن ولي محمد
خان کي پئي چيو ته رند سردار سان ٿو وڙهين ته ڄڻ
پنهنجو ڀاءُ ٿو مارائين.
چانڊين ۽ مگسين جي پهرين جنگ اها هئي جنهن
۾ جعفر خان ڀوتاڻي مگسي کي ماريو. انهيءَ جنگ ۾
جڏهن مگسين تي سوڙهه ٿي، تڏهن جعفر خان ميدان مان
هٽيو ۽ ميدان ٿي ڇڏيائين جو صوڀي چانڊيي ڪڏي وڃي
کيس ماريو. صوڀو اَرڏو ۽ جنگ جو جهونجهار هو. هن
کان اڳ ٻين سان به وڏا مقابلا ڪيائين جو ڪنهن چيو
ته:
وڍي ڪوڪل ٻير جئين پـُـرس ڏيندو هو پور
جن صوڀي سندا سور، سي رڙنديون وتن راڄ ۾.
(يعني انهن بهادرن جون مائون جن کي صوڀي ماريو).
هن جنگ ۾ جعفر خان ڀوتاڻي گهوڙي تي هو جو
صوڀي مٿس جـُـلهه ڪئي ۽ گهوڙي تان ڪيرائي مڙس کي
ماريائين ۽ پوءِ پاڻ به جعفرخان سان گڏ اتي ئي
ماريو.
جڏ ڀوت ڀڄڻ جي ڪئي، تڏ مڳ ڏنو موڙو
موٽائي مگسيءَ جو گهوٽ ڪڍيو گهوڙو
پنج هنيائين پـِـڙ تي خان وڌو کوڙو
زخمن زور ذَرا ڪيو سنگ نه ٿيو سوڙهو
لاهي ويو لوڙو، صوڀو شير شهيد ٿيو.
جعفر خان جي مارجڻ کان پوءِ مگسين جو لشڪر بيهي نه
سگهيو ۽ سندن هار ٿي.
------
5. جتوين ۽ مرين جي جنگ(1)
نئين بولان (بلوچستان) ۾ مهيسر جي ڳنڍي تي
مرين ۽ جتوين جي جنگ لڳي. مري قوم جي وڏي طاقت هئي
جنهن جو سڄي ڏيهه ۾ ڏهڪار هو. جتوئي به پنهنجي
نالي سان هئا، تنهنڪري مرين انهن سان هٿ ڳنڍڻ جو
پڪو پهه ڪيو.هڪڙي ڏينهن چڱو ٽاڻو ڏسي جتوين تي
حملو ڪيائون. ڳوڌل جتوئي ڳوٺ جي چڱي مڙس ساڻن
مقابلوڪيو پر مارجي ويو.
نورنگ جتوئي انهي واقعي تي آسپاس ماڻهو
ڊوڙايا ۽ پنهنجا ڀائر گڏ ڪيا، جن ۾ فيروزاڻي به
اچي شامل ٿيا. صلاح ڪري مرين جي پويان پيا، جيڪي
ان وقت مهيسر جي ڳنڍي تي پاڻي جي سـَـٺي قبصو ڪيون
ويٺا هئا. جتوئي اتي آيا، مڙسن کي سڃاتائون ۽ کين
چيائون ته: اوهين جيڪا اڌار کڻي آيا آهيو (يعني
اسان جو ماڻهو ماري وير وجهي آيا آهيو) تنهن جو
پلاند ڪرڻ آيا آهيون. پوءِ جنگ لڳي ۽ سورهين هڪ
ٻئي کي للڪاري مقابلو پئي ڪيو. جمعي جتوئي جو پٽ
پهلوان مڙس هو، تنهن جي آڏو ڪرم خان مري آيو، هڪل
ڪيائينس ته: منهنجو مٽ تون آهين، اچ ته ڪا پرکا
پوي! ٻئي پهلوان تلوارون ڪڍي وريا ۽ وڙهندي مئا.
مرين ۽ جتوين جي لاشن سان ميدان ڀرجي ويو
۽ رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. اتي خانصاحب قلات جو لشڪر
اچي پهتو، جنهن ۾ ڪاڪڙ پٺاڻ هئا، جن پـِـڙ ۾ پيل
جيڪي زخمي هئا تن جون سسيون وڍي کين ختم ڪري ڇڏيو.
ساره صاحب جي ڪيان، الله ڏانهن آڌار
تنهين جي تعريف جو شرو ناهي شمار
نبي نبوت جا ڌڻي، هليا راه هزار
سهسين کپي خاڪ ٿيا، صوبا ۽ سردار
مريءَ جي منهن ميل جو هو ڏيهن ۾ ڏهڪار
جتوئي جي جنگ جو ڪرهه وڏي سان ڪار
پلٽيو پاساڻو ڪري، ناڙي نئن تي سردار
لشڪر وٺي بولان تي، آيو بيحد بيشمار
---
واءُ وَسند وارو ڪيو، ڏسي ڏينهن چڱو موچار
”ڳوڌل“ پنهنجي ڳوٺ تي ڏنو سر سچار
لاهي مرد ميار، هيءُ تان شير شهيد ٿيو.
---
هيءُ تان شير شهيد ٿيو، بيٺو نؤ رنگ نهاري
دانهن ته دانهَ کان وئي چؤڪنڊ چوڌاري
”مـَـري“ موٽيا پوئتي، مرد اهو ماري
هن ڀائر ڀـَـڙ سڏائيا ٺهه پهه ۾ ٺاري
فيروزاڻي پهلوان هئا، آندائين سڀ ساري
رنگ ته روشن مير کي چون چانگاري
ساڻ وٺي هليو سارڌُو، سهجئون سينگاري
هلو ته انهن کي ڏسون جي ويڙهه ڄليا واري
مري مهيسر جي ڳنڍي تي پاڻي پياري
دِيدان ديداري، مـَـردن مـُـدعي کي ڏٺو.
---
مردن مدعي صاف سڃاتا، دوران ديداري
”ڏي تون قرض اساڏا“ جو آندئي اڌاري
پڇي مري به منهن وَلائي کيڏون چوپڻ ڍاري
بـَـڙزان باه بندوقان چاتي، ڪڙڪن ڪانَ ڪوهياري
ماريان شهتابيان، شهتور يان لهه پيان، بس اوٿر
اٿاري
ٻڌن قطاران بند صفيران، مٽ ڪـُـون مٽ نهاري
جوان جتوئي جمعي جو، مري سورهيه سنڀاري
ڪوپو پٽ ڪرم خان جو، هي نال هشياري
تونهين مـَـٽ جو ميڏا، آ تون وک وڌاري
پهلا هٿ ولايوني، مرڻ جو قدم ماري
ائين رت ريلا ڏيندي، جيئن مينهن وهي ناري
آيا لشڪر خان صاحب دا، بيحد بيشماري
ڪاڪڙ ذات پٺاڻاندي، بي سانگي هن بسياري
ساه ويندي دي سري ڪپيندي، جند کؤن جند بيزاري
آيل آکي بخش اُنهانون، بخشين بخشڻهاري.
------
|