سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 9

صفحو :39

 

”مياڻي جي جنگ“ بعد مرثين جي شاعر ثابت علي شاهه جي پُٽ احسان علي شاهه هڪ مرثيو چيو، جنهن ۾ جنگ بابت احوال آهن، پر افسوس جو جنگ جي حقيقت ۽ نيپيئر جي منافقت ۽ سنڌ جي لشڪر جي همت ۽ مدافعت کي آشڪار ڪرڻ بدران، احسان علي شاهه محض ”مرثيو“ چيو ۽ ”مرثيي“ جي لوازمات کي پوري ڪرڻ لاءِ هن تاريخي واقعي جو غير حقيقي تصور پيش ڪيائين ۽ ان کي مخصوص ”مذهبي“ رنگ ڏنائين: يعني ته ”مياڻي جي جنگ“ کي ”ڪربلا جي جنگ“ تصور ڪيائين. مير محمد نصير خان کي امام حسين واري ڪردار سان تشبيه ڏنائين، سندس عزيزن ۽ صلاحڪارن سورهيه سپاهين ۽ راڄدارن کي شامي ڪوفي ٻڌايائين، مير صاحب کي مظلوم جي حيثيت ڏيئي، سندس واسطي هاءِ واءِ ڪيائين ۽ سنڌ جي ٻين طرفدارن کي شامي ڪوفي قرار ڏنائين ته هنن مير صاحب سان ڊوهه ڪيو جو کيس جنگ لاءِ آماده ڪيائون ۽ جنگ جي ميدان ڏانهن نيائون ۽ انهيءَ ڪري انهن کي ڪوڙو ۽ يزيد ڪوٺيائين، مٿن مير صاحب کي ميدان ۾ اڪيلو ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي تهمت مڙهيائين ۽ لعنتون وسايائين:

هاءِ راڄن ۽ اميرن ڊوهه ڪيو ڏيئي دغا
جيئن امام حسين کان ڪوفي ۽ شامي هئا ڦريا
سنڌ جو لشڪر هو شامين جهڙو ڪوفي بي حيا.

        سندس سڄو ڌيان انهيءَ طرف ويو ته ”مير مومن. مولائي، حسيني، حيدري، ماتمي هو، جنهن سان وڏو ظلم ٿي ويو. احسان علي شاهه ويچارو محدود نظر ۽ شعور وارو مرثيه گو شيعو شاعر هو، انهيءَ ڪري ڌارئي انگريز دشمن ۽ پنهنجي وطن جي سپاهين ۽ سپهه سالارن جي جنگ کي ”شيعي سني جنگ“ جو غير حقيقي رنگ ڏنائين. سندس ”مرثيي“ جي انهن جڙتو تشبيهن ۽ گلا غيبت وارن بيانن کي ڇڏيندي، باقي نطم جا ڀاڱا، جن ۾ ڪجهه اعتدال ۽ نسبتاً صحيح صورتحال سمايل آهي، سي هن طرح آهن(1)

نامور سلطان سرور سنڌ جو هو بي نظير
جنهن جو بابو بادشاهه ۽ ڀاءُ عالم جو امير
(2)
ملڪ مالڪ، راڄ سرور، صاحب صدر و سرير
نيڪ سيرت، نيڪ صورت، نامور محمد نصير
(3)
تنهن کي لشڪر سنڌ جي چيو: ”مير صاحب نامدار!
جنگ ڪر بيدين مشرڪ ساڻ، مومن ديندار!“
سوٽ تنهنجا سي توهان سان گڏجي سڀئي ٿا هلن
تنهنجا لشڪر، راڄ ڀائر، سي مڙي ٿا ميڙ ڪن
سي سڀئي سنڀري چڙهي آيا ۽ هيئن ٿا عرض ڪن:
ٿي مجاهد في سبيل الله، بنام ِ پنجتن
تنهنجو عباس علي همراهه شهداداڻي شاهه
چاڪراڻي، ماڻڪاڻي، هي سڀئي تنهنجي سپاهه
---
ڀرڳڙي ۽ چانگ، مري، ٽالپر ڏُوڻا هزار
۽ نظاماڻي، مري، کوسا ۽ کوکر نامدار
ڇلگري، گوپانگ، لاشاري، لغاري بيشمار
رند، ڪورائي، جتوئي، باگراڻي ٿيا تيار
خان خاناڻي ۽ شهواڻي ۽ شهداداڻي شير
چاڪراڻي، ماڻڪاڻي، نامور سورهيه دلير.
---
ميرمومن مـُـرتضائي، مصطفيٰ جو ديندار
حـُـر حسين اِبن علي جو دائما نر نامدار
ها امير وزير جنهن جي در تي دائم بيشمار
خاص خدمتگار ۽ ديوان ڪئين مختارڪار
تنهن روانا ڪيا وڪيل وزير عاقل بينظير
مرزا خسرو بيگ، خدمتگار يوسف ٻئي امير(1)
تن وڃي انگريز سان ڪيو عهدنامو برقرار
مير صاحب جي دوامي دوستي ڪيائون يادگار
چيائون: چار ئي ملڪ تنهنجي آنڪيءَ ۾ پائدار
تنهنجا جائز عهدناما، تون اسان جو دوستدار
چون فرنگي دوستي ميرن جي ٿي سالن ڪنان
آئين اسان جا دوست آهيو، ناهيو دشمن اصل کان.
---

سي رکي هڪٻئي جي مرضي ٿيا دلاور دوستدار
مير رستم کي به چيائون: هل اسان سان ٿي تيار(1)
مصلحت ميرن سان تنهنجي پڻ ڪريون اي ڪامگار
سي به تنهنجي مصلحت ۾ مونس آهن غمگسار
ساڻ رستم کي وٺي آيا ۽ اچي ڪيائون سلام
مير صاحب جي اڳيئون احوال سارو ڪيئون تمام.
---
چيئون: خصومت خرخسا طرفين جا ناهن روا
دوستيءَ مؤن دشمني هرگز نه ڪن صادق سچا
سنڌ جي لشڪر جا آئين سردار واقف اصل جا
بعد بابي ڀاءُ جي تون عقل عالم ڪئين خدا
مير صاحب سنڌ سرور! توتي مڙني جو مدار
ننگ پرور مير مومن شاهه عالم شهريار.
---
پوءِ سڏيائين راڄ ۽ لشڪر جا ڪوپا نامور
جنگ جا جهونجهار جنگي، رڻ جا راوت شير نر
چيائين: يارو! آئين ته آهيو منهنجا مونس معتبر
ڇا صلاح آهي اوهان جي، مصلحت ڏيو ڇا خبر؟
جنگ جي هئي مصلحت، يا صلح جي آهي صلاح
جا اوهان جي مصلحت، سا ٿي اسان کي پڻ مباح.
---


تڏ اُتي شهواڻي سرڪش ٿيو، چيئين: هي فڪر خام(1)
عهد نامن کي وٺي ڦاڙيائين با خشم تمام
خان محمد ۽ غلام محمد لغاري ڪيو ڪلام(2)
چيئون: فرنگيءَ جو اسان کي ناروا آهي سلام
اُمتي آهيون محمد جا اسين صادق سچا
۽  اسان        کي صلح هن ڪفار سان ناهي روا.
---
مير رستم سام تنهنجي آهي، توکان ڪامياب
تنهن سان پـُـٽ ۽ ڀائيٽيا ۽ ٽالپر پا در رڪاب
اُن سوا ٻيا راج، ڀائر، خلق عالم بي حساب
تنهنجا ڀائيٽيا مير صاحب! نامور عالي جناب
سنڌ جي سردار جا ڏُهٽا ۽ پوٽا مير جا
پنهنجي لشڪر ساڻ گڏ، همراه ٿي توسين هليا.
---
سنڌ جي شمشير جي ناموس عالم آشڪار
ٿا ڪنبن ڪـُـوپا دلاور، شير سرڪش هر ديار
آهي ناموس بـُـزرگان نـِـت اسان کي يادگار
ڪيئن ڪريون ناموس ڪم، اَي خسرو ِعالي تبار!
اَڄ ڪنداسين جنگ هن ڪفار مشرڪ سان مـِـڙي
مير سين وينداسين پر هرگز نه ورنداسون وري.
---
هئن چيائون ۽ ڪيائون جنگ تي لشڪر تيار
مير کي ڏئي مصلحت ڪـِـيئون شير غازي شهسوار
۽ کڻي فرقان رب جو ڪيائون وعدو برقرار
پڻ نغارو جنگ جو جنگي عَلم ڪِيئون آشڪار
اڳ ۾ ڪيئون نوبت نغارا، پـُـٺ ۾ جنگي پهلوان
ٿيا غضنفر شير غران، جنگ جا سورهيه سجان.
---
ٿيا ٻئي لشڪر مقابل ۽ وڄايائون نفير
صف بصف سڀئي دلاور جنگ تي ٿيا جائگير
نامور ”نصر من الله“ چئي اُٿيا غازي امير
جنگ جو جهونجهار جنگي، جان محمد شير گير(1)
تنهن سين گڏ سيد فتح محمد لڪياري پهلوان
ٿيا بهادر بي مثل، جنگاه ۾ سورهيه سبحان.
---
پهرين حملي ۾ هٽائي ڪِيئون فرنگي خسته جان
تير باران چوطرف ميدان ۾ ڪيا پهلوان
صِف شڪن صفدر صفون ڪيون صاف مرد پهلوان
ڌڙ ڌڙن تي ڍير ڪيا هر سُو سَـٽي سورهيه سجان
فتح هئي اسلام جي لشڪر جي بيشڪ بيدرنگ
پر گهُرو دشمن ڪري ٿي جنگ جو ويو ٻيو هو رنگ.
---
ديس جا دشمن ٿيا ديَوث دولابي ڪتا
زَر جي لالـچ تي فرنگي سان وڃي شامل ٿيا.
۽ انهن جي ئي اِشاري تي ڦـُـليليءَ پار ويا
تڏ ٻروچن سمجهو هاڻي آهن هي ڀولُو ڀڳا
پوءِ ڦليليءَ پيٽ مان نڪري مٿي نروار ٿيا
هٿ کڻي شمشير، سورهيه دوبدو ٿي تڏ وڙهيا.
---
پر جڏهن ڪاري قضا جي امر ۾ هئن هو لکيو
جان محمد مير کي اُت ڪونه ڪُمڪ ۾ رسيو(1)
سؤ سپاهين صادقن سان جوان جنت ڏي هليو
شاه شهداءَ جي ڪچهريءَ ۾ شهيدن سان گڏيو
تنهن تي ”رضي الله عنهم“ جي سدائين خاص و عام
”يرزقون فَرحين“ ٿيو داور وڃي دارالسلام.
---
تنهن سين گڏ محراب جو پٽ سُوءِ جنت ٿيو روان
نامور سورهيه غلام شاهه خاناڻي جوان(2)
ڏيئي هٿ هٿ ۾ هليو هو اُن سين اُن منزل مڪان
هڪڙي هنڌ ماريا، هڪٻئي سان همدم تؤ اَمان(1)
تن پٺيءَ ماريا سپاهي چانگ، مَري جان فدا
اُن تي رحمت رب جي، جن حق نمڪ جو ڪيو اَدا.
---
پوءِ غلام شاه شهواڻي، اَميرِ نامدار
ڪاهي لشڪر ساڻ آڙه ۾ اَچي ٿيو پائدار
۽ سندس همراه هو همت علي سيد سچار(2)
تنهن کي هئن هو مير صاحب چيو ته: اَي غمخوار يار!
رڻ ۾ ماريو جان محمد جوان کي ويرين اَدا
ڪرمدد اُن جي وڃي، هرگز مَ ٿي اُن کان جدا.
---
هٿ ٻڌي هاتڪ هلي غازي وٺي رخصت رضا
چيائين پرتين رب کي حامي سندءِ ٿئي مصطفيٰ
مير ۽ همت علي ٻئي گڏجي مقتل ڏي هليا
۽ ”رضينا بالقضا“ اِقرار ڪيئون رب جي رضا
اڳ ۾ ساڻس پيرزادو سيد محمد شاهه پير
تنهن پٺيان اِيمان سان ڪنجڪ ۾ اِيماني فقير.
بعد تنهن جي ماريئون عبدالله نظاماڻي جوان
ٽالپر ساڻس غلام علي دلاور پهلوان(1)
في سبيل الله غازي نامور اِيمان سان
گڏجي ٻئي ماريا، مري ڪيئون هڪڙي هنڌ مقتل مڪان
پنهنجي پياري وطن خاطر سر ڏيئي سرها ٿيا
تن مٿي رحمت خدا جي شل هجي صبح و مسا.

 

        هنن سورهين ميدان ۾ سر ڏنا پر جنگ جو نقشو بدلجي چڪو آهي. انگريزي فوج جو غلبو ٿي ويو هو، انهيءَ ڪري باقي بچيل سنڌ جي لشڪر لاچار ٿي ميدان کي ڇڏيو. مير محمد نصير خان خيرپور جو، مير رستم خان ۽ سندس ساٿي ۽ مير شهداد خان جنگ جي مرڪز ۾ ڪين هئا، پر هڪ ڪنڊ تي بيٺل هئا. وزير نواب احمد خان جو سپاه سندن بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ بيٺل هو. هنن تي دشمن جي جنهن ڇلنگي حملو ڪيو انهيءَ کي مقابلي ۾ هٽايائون. شاعر جمالين جو نالو به کنيو آهي ته اهي به ساڻن هئا ۽ ڏهه ڄڻا هن مقابلي ۾ مئا.

شير دل غازي غضنفر شاهزادو نوجوان
انور از نورِ محمد نامور شهداد خان
(2)
پڳ ڌڻي پاڳارو، ناني ڏاڏي جي مسند مڪان
ڏاڏي ۽ پيءُ جهڙو نت چاچي جو مشفق مهربان
جنگ جي ميدان متقل جو بهادر نامدار
آڙ کان نروار ٿيو نروار عالم آ شڪار.
---
چيائين: چاچا مير صاحب! هاڻ لشڪر کان سوا
جنگ جي ميدان ۾ بيهي رهڻ ناهي روا
جي اسان جا راڄ لشڪر نامور اُمراءَ هئا
تن مان ڪي ماريا ڦٽيا، ٻيا سڀ ڀڄي ويا بيحيا
(1)
مير صاحب! هاڻ غازي ڪر جُلهه ميدان ۾
هاڻ پٺتي پوءِ پوڻ ناهي اسان جي شان ۾.

 

هئن چئي ڪيائون جُلهه، حملو ڪري اڳتي هليا
چاچو ۽ ڀائٽيو بهادر جنگ جا سورهيه سدا
چاڪراڻي مير سڀ رستم سان گڏ همراه هئا
خاص خذمتگار منصبدار سڀڪنهن مير جا
سڀڪو پنهنجي مير سان همراه ۽ غمخوار هو
شيردل شهداد غازي مڙني جو مهندار هو.
---
هڪڙي هٿ شمشير، ٻئي هٿ ۾ بهادر ڪئي سپر
چوطرف ميدان ۾ حملا ڪيا اُن شير نر
اُن جـُـلهه ۾ ڏهه ڄڻا ماريا جمالي نامور
مير محمد علي، غلام محمد، مبارڪ ٽالپر
(2)
شير دل شهداد دولهه نامور جي روبرو
سي شهادت جي شرف، مومن مري ٿيا سرخرو.
---
تير باران رڻ ۾ ڪئي انگريز اُت بي انتها
چوطرف ٿيا تير بي پايان چوباران بي خطا
۽ پليتن دشمنن جا تير زرهن ۾ لڳا
۽ لڳي سيني جوانن جي ڇڻي ڪمرن ۾ پيا
مير مومن نامور کي تير ڪنهن بي پير جو
۽ ڪُلهي ساڄي کان ڪُرتي مؤن لنگهي سو پار پيو.

        مير صوبدار جنگ جي ميدان ۾ ڪونه آيو هو ۽ گهر ويٺو هو. نسدس وزير ڪؤڙو جمعدار ناريجو هو ۽ مير جو وڏو اعتبار وارو منشي آوتراءِ هو. هي ٻئي نيپيئر سان ڳالهين ۾ ٻڌل هئا. مير صوبدار جو سهرو محمود، جمعدار ڪؤڙي ۽ منشي آوتراءِ سان هم صلاح هو ۽ انهيءَ وهم ۾ هو ته انگريز مير نصير خان کي هٽائي مير صوبدار کي تخت تي وهاريندا، انهيءَ ڪري مير صوبدار کي تاڪيد پئي ڪيائين ته پنهنجي جمعدار ۽ منشي تي ڀروسو ڪري. هوش محمد شيدي مير صاحب جو خاص نوڪر هو، سو به ساڻن گڏ هو ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڪونه هو پر مير صوبدار کي سجاڳ پئي ڪيائين ۽ سمجهايائين ته ڪؤڙي ۽ آوت جي صلاح تي نه لڳي ۽ پنهنجي سؤٽ مير محمد نصير خان سان وفاداري ڪري. مير صوبدار جي سهري کيس چيو ته:

مصلحت ڪؤڙي جي ڪُوڙي ناهه اي صادق سچا(1)
تنهنجو خدمتگار صاحب عقل جو آهي سدا
هن جو ثاني سڀ اميرن ۾ ٻيو ڪونهي، شها!
هڪڙو ”آوَت“ هن جو ثاني آهي متصدي بجا(1)
هوش ۾ ڪؤڙو ۽ آوت ٻيئي آهن بي نظير
رکڻ دولت جا سندءِ، اي صاحب صدر و سرير!

 

        انهيءَ تي هوش محمد، مير صوبدار کي چيو ته:

هوش محمد عرض ڪيو، اي مير صاحب نامدار(2)
هوش ڪر، بيهوش هرگز ڪيم ٿي، اي ڪامگار!
مون سين ڏي فتح علي سو شاهزادو شهريار(3)
پنهنجي لشڪر راڄ سان ڪر شير غازي شهسوار
مير محمدڳوٺ ۾، هي ڳوٺ ڀي قائم ڪريو(4)
۽ اوهين لشڪراميرن ساڻ نڪري پڳ ٻڌو!
---

مصلحت ڪؤڙ جي ڪـُـوڙي، مير ڳهلا هوش ڪر!
ڌوڙ پئي آوَت جي مـُـنهن ۾، ناهي آوَت معتبر
هي مبارڪ توکي نا محمود آهي در نظر
جا ڏني محمود سهري تنهنجي بدخبري خبر:
هي ته بڇڙا ٿيا جهان ۾، معرڪي کان پوءِ ٻيا
مڙس مارائي، هٽائي، جنگ هارائي ڀڳا.
---
هي سندءِ سهرو ۽ سالو، هي سندءِ ڪؤڙو امير
سو اميرن خاص خيلن ۾ سندءِ خاصو وزير
مصلحت مقبول اَڄ ڪؤڙي جي آهي دلپذير
۽ اسان جي مصلحت ۽ عرض توکي ناپذير
ٿو ٻڌائي پاڳ توکي معرفت انگريز جي
هن جون فوجون ٿو سڏائي، پنهنجو لشڪر ٿو گُـڏي.
---
مير صاحب! سؤٽ پنهنجي جي مدد ڪر، نامدار!
فتح هن جي فتح تنهنجي آهي بيشڪ، شهريار!
بعد ڀائن جي جئڻ جڳ ۾، اجايو شرمسار
شير محمد کي مَ موٽايو ز عزمِ ڪارزار(1)
سڀ مڙي همراهه ٿيو، رڻ تيغ ماريو بيد رنگ
ڀائن سؤٽن سان وفاداري ڪرڻ ناموس ننگ.

 

        هوش محمد جي انهيءَ صلاح مير صوبدار تي اثر ڪونه ڪيو. ان بعد هوش محمد کيس ڇڏي وڃي ميرپور جي مير شير محمد خان جي لشڪر ۾ شامل ٿيو.

        جنگ هارائڻ بعد، وزير نواب احمد خان، مير نصير خان کي سهڻي صلاح ڏني ته درياءَ ٽپي الهندي طرف ٿجي، جو ان پاسي وڏو لشڪر گڏ ٿي سگهيو ٿي. ملير مان ڄام مهر علي جو سپاه، ڪوٽڙي ۽ ڪوهستان مان برفت ملڪن جو سپاه، سن مان سيدن جو سپاه، سيوهڻ مان نواب الهداد لغاري (تاجپوري) جو سپاه ۽ مٿي نواب چانڊيي جو سپاه موجود هو. افسوس جو ميرزا خسرو بيگ ۽ محمد يوسف خدمتگار مير صاحب کي نواب احمد خان جي ڏنل انهيءَ صلاح تان موڙي ڇڏيو.

خان احمد خان چيو: لنگهه پار دريائون شها(1)
مير مولائي، حسيني! تنهنجي واهر مصطفيٰ
سـِـر سلامت شال هـُـئي تنهنجو سدا، ڀالين ڀلا
ڳوٺ ۾ ناهي روا توکي هلڻ ۾ مدعا
ڳوٺ ۾ سڀ تنهنجا دشمن، ڪونه تنهنجو خيرخواه
دوست ڪر همراهه پنهنجا، پاڻ سان حافظ الله!
---
هٿ ٻڌي علي بخش خدمتگار چيو: اي شهريار
(2)
تنهنجا خدمتگار آهيون، مير صاحب نامدار
مصلحت موچاري احمد خان ڪئي، اي ڪامگار
“ خزانو خرچ جو منهنجو ذمو، اي زي وقار!
لک مرادون توسان اي لکپال غازي خسروا
ڪيم ٿي حيران هرگز، تنهنجو حامي مصطفيٰ.
---

ميرزا خسري چيو ڪِ: اي مير صاحب ديندار
پار دريائون لنگهڻ ناهي روا، اي هوشيار
هل ته گڏجي سڀ هلون يڪبار عالم آشڪار
پنهنجا مونس سڀ ڪريون معلوم دشمن دوستدار
۽ خزانو خرچ زر اسباب شاهي سلسلا
۽ عيال اطفال ۽ ناموس سي تنهن کان سوا.
---

سؤٽ تنهنجا مير صاحب! سي سندءِ جاني جگر
يار ڀائر هڪڙي پيءُ جا پُٽ ۽ پوٽا نامور
سي ڪڏهن هرگز نه ٿيندا تنهنجا دشمن سربسر
تنهنجي غم کان بلڪ سڀ غمگين ٿيندا نوحه گر
تون سندن بازُوبرادر، هو برادر تو سندا
تو ڪڏهن قيدي نه ڪيا، سي توکي ڪئن قيدي ڪندا؟
---
هاڻي تون هل مير صاحب، ڳوٺ ڏي ڀالين ڀلا
مصلحت سؤٽن سان ڪر يڪبار حسب المدعا
جي اچي غمخوار ٿيا مونس ۽ جانب دلربا
ورنه حق حافظ سدا، خلق خدا ملڪ خدا
مير صاحب کي وڻي هيءَ مصلحت غمخوار جي
پوءِ ڇڏي آڙهه، چڙهي اُٺ تي هليو هسوار ٿي.
---
مير صاحب ساڻ رستم ۽ ٻيو هو شهداد خان
ڪاهي آيا ڳوٺ ۾ اُو نامور سورهيه سجان
ڪونه ڪو سؤٽن مؤن آيو، نوحه گر ٿي رازدان
هاءِ ٿيا غمگين محزون، خاطر خسته جان
هاءِ، ميرن ڪانه ڪئي هرگز تلافي شاهه جي
برجِ عقرب ڳوٺ جو ٿيو، هاءِ منزل ماه جي!

------


(1)  احسان علي شاهه جو هي ”مرثيو“، رسالي مهراڻ (سال 1957ع، نمبر 1 ۽ 2) ۾ ڇپيو، جتان اهي اقتباس ورتل آهن.

(2)  مير نصير خان جو والد مير مراد علي خان 1828ع ۾ مسند تي ويٺو، ۽ 1833ع ۾ وفات ڪيائين، سندس تخلص ”علي“ هو. مير نور محمد خان ولد مير مراد علي خان، مير نصير خان جو وڏو ڀاءُ هو، 1833ع ۾ مسند تي ويٺو، ۽ 1841ع ۾ گذاري ويو.

(3)  آخري حاڪم سنڌ، سرڪار فيض آثار، هزهائينس مير محمد نصير خان ٽالپر، المتخلص ”جعفري“ تاريخ 14 محرم 1217هه، حيدرآباد جي قلعي ۾ ڄائو، 1840ع ۾ مسند تي ويٺو ۽ مياڻيءَ واري جنگ هارائڻ بعد 17- فيبروري 1843ع تي هو ٻين اميرن سان گڏ انگريزن جو قيدي ٿيو. انهيءَ حالت ۾ سنڌ ڇڏي ۽ بالآخر انگريزن کيس ”ڊمڊم“ ڪلڪتي ۾ نظربند ڪيو، جتي تاريخ 7- ربيع الثاني 1261هه ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازو حيدرآباد آڻي ميرن جي قبن ۾ دفن ڪيو ويو. مير محمد نصير خان وڏو شاعر ۽ اديب هو، سندس تصنيفون هي آهن: ديوان فارسي، ديوان اردو، ”مختيار نامو“ (فارسي، مصور)، ”مثنوي مرزا صاحبان“ (فارسي) ۽ ”سفرنامه جعفري“ (فارسي نظم ۾).

(1)  ميرزا خسرو بيگ ابن القندر اصل گرجستان جو ويٺل هو. سن 1790ع ۾ طفلس شهر ۾ ڄائو. 1805ع ۾ ملا محمد اسماعيل کيس سنڌ ۾ آندو ۽ مير ڪرم علي خان جي حضور ۾ پيش ڪيو. مير صاحب کيس پنهنجي اولاد وانگر پاليو، جو کيس پنهنجو اولاد ڪونه هو. ميرزا صاحب شاعر ۽ طبيب هو. ”طب خسروي“ سندس تصنيف آهي، شاعري ۾ سندس تخلص ”غلام“ هو. سندس ديوان، مير صاحبن جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، جنهن تي سندس سجع هن طرح لکيل آهي:

”سلطان ڪرم علي ست که خسرو غلام اوست“

محمد يوسف ولد محمد صالح ذات منگواڻو، اميرن وٽ وڏي عزت ۽ عهدي وارو هو. حيدرآباد ۾ ”ٽنڊو يوسف“ سندس نالي تي ٻڌل آهي. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ مير صاحبن جا ديرا اُتي وڃي رهايا هئائين. شاعر هو ۽ ”يوسف“ تخلص هوس. ”ديوان يوسف“ ۽ ”مثنوي ماه و مشتري“ (فارسي) سندس تصنيفون آهن.

(1)  مير رستم خان ابن مير سهراب خان، خيرپور جو آخري والي سن 1820ع ۾ مسند تي ويٺو ۽ 1843ع ۾ خيرپور ڇڏي حيدرآباد آيو، جتان کيس انگريز قيد ڪري پوني وٺي ويا، جتي سال 1846ع ۾ وفات ڪيائين.

(1)  ٽنڊي عالم خان جي ميرن جو وڏو مير، غلام شاهه شهواڻي ۽ مير خان محمد ماڻڪاڻي، ٽنڊي غلام عليءَ وارن جو وڏو.

(2)  غلام محمد لغاري، مير شهداد خان جو خاص مصاحب، ويٺل کـُـهنبڙي (تعلقو ميرپور خاص).

(1)  ٽنڊي ڄام جي ميرن جو وڏو، مير جان محمد خان خاناڻي.

(1)  مير غلام شاهه خاناڻي به ٽنڊي ڄام جي ميرن مان هو.

(2)  ڪمڪ، ڪومڪ = مدد.

(1)  توامان = گڏ، ٻٽ.

(2)  سيد همت علي شاهه جا وڏا خراسان مان لڏي بکر ۾ اچي رهيا هئا. سيد محمد يوسف شاهه،مرزا جاني بيگ جي حڪومت واري زماني ۾ روهڙيءَ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو، تنهن جو ڀائٽيو ۽ ناٺي سيد اسحاق شاهه، جنهن کي ”پير پرڏيهي“ ڪري سڏيندا هئا، تنهن جي ستين پيڙهيءَ مان سيد ذوالفقار علي شاهه، ميرن جي حڪومت ۾ وزير سلطنت هو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ سيد همت علي شاهه، مير غلام شاهه شهواڻيءَ جو خاص مصاحب هو.

(1)  غلام علي ولد مير فيروز خان ولد مير نندو خان ولد مير بهرام خان

(2)  مير شهداد خان ولد مير نور محمد خان پنهنجي چاچي مير محمد نصير خان جو صلاحڪار هو.

(1)  شاعر هي کارو لفظ ڪم آندو آهي.جنگ هارائڻ کان پوءِ جيڪي هٽي ويندا آهن، تن کي ”ڀڳا“ نه چئبو. ”ڀڳا“ اهي جيڪي جنگ هلندي ڀڄن.

(2)  مير محمد علي ولد مير مبارڪ خان، مير غلام محمد خان ولد مير رستم خان ۽ مير مبارڪ خان ولد مير سهراب خان، ٽيئي خيرپور جا مير.

(1)  جمعدار ڪؤڙو خان ولد الهرکيو ناريجو، مير صوبدار خان جو مالي وزير هو، کيس اولاد ڪونه هو. سندس ڀاءُ ميان پيراڻي خان جو اولاد پهريائين ڀائي خان جي چاڙهيءَ تي رهندو هو، پوءِ انهن مان ميان الهورايو خان ٽنڊي يوسف ۾ رهندو هو.

(1)  منشي آوتراءِ پٽ منشي صاحبراءِ ملڪاڻي، تخلص آزاد مير صوبدار خان جو خاص منشي ۽ مالي وزير هو. هو انگريزن سان ملي ويو هو ۽ جاسوسي جو ڪڌو ڪم سندس حوالي هو.

(2)  هوش محمد حبشي، مير صوبدار خان جو خاص خدمتگار هو ۽ وڏو بهادر هو. هن سورهيه سر تريءَ تي رکي، دٻي جي لڙائيءَ ۾ سنڌ جي ازاديءَ تي پنهنجي جان قربان ڪئي.

(3)  مير فتح علي خان ابن مير صوبدار خان، تاريخ 24شوال 1264هه تي ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ جي زماني ۾ وفات ڪئي.

(4)  مير محمد خان ولد مير غلام علي خان.

(1)  مير شير محمد خان ميرپور جو حڪمران جيڪو جنگ جي تياري ڪري آيو هو.

(1)  نواب احمد خان ولد نواب ولي محمد خان لغاري.

(2)  علي بخش خدمتگار، حيدرآباد شهر جو ڪوٽوال هو. سندس پيءُ ميان فقيرو مير غلام علي خان وٽ برک هو. حيدرآباد ۾ ”فقير جو پڙ“ سندس نالي تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org