سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 8

صفحو :35

 

12. نوحاڻين جو جهان خان ڀرڳڙي تي حملو

        نوحاڻين اهو حملو 5 محرم سن 1212هه ۾ جهان خان جي ڳوٺ ۾ سندس ڪوٽ (حويلي) تي ڪيو، جنهن ۾ جهان خان وڏي بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو.

        اول جمالين ۽ نوحاڻين جو جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ جمالي پڄي نه سگهيا سو وڃي جهان خان ڀرڳڙي کي دانهيائون. جهان خان مير صاحب جو مامو هو. هوسڙيءَ واري جاگير سندس هئي، ۽ ”جيوڻ شاهه“ جي تڪيي جي ڀرسان سندس حويلي ۽ ڪوٽ هو، پر وڏي ڳالهه ته جهان خان سرڪش ۽ سورهيه مڙس هو. هر دانهيءَ جي دانهن اوتائيندو هو، ۽ هيڻن جي مدد ڪندي پراڻي جهيڙي ۾ به گهڙي پوندو هو ۽ خود پاڻ ڌُر ٿي بيهندو هو.

        جمالين جا ماڻهو ماريل هئا، سو انهن جي پلاند لاءِ جهان خان جمالين کي ساڻ ڪري چڙهيو. نوحاڻين کي خبر پئجي وئي سو لشڪر گڏ ڪيائون. جهان خان اتان مڙيو جو گهڻا ماڻهو مرن ها. بلوچن جي ريت موجب، وير اوترو پاڙبو جيترو هوندو. نوحاڻين اوچتو مٿان پئي جمالين جا ٽي ماڻهو ماريا هئا، انهيءَ ڪري نوحاڻين سان به اوترو ئي پلاند ڪرڻو هو ۽ نه وڌيڪ. اتي رکيي ڀرڳڙي، جهان خان کي خبر ڏني ته ٻه نوحاڻي ڀائر دُرو ۽ دولت فتح باغ وٽ جدا ويٺل آهن. پوءِ جهان خان اوڏاهين اٿليو، ۽ دُري ۽ دولت کي وڃي چتايائون ته مڙس ٿيو جو وير پاڙڻ آيا آهيون. ان وقت وٽن ٻيڙي معرفاڻي چانڊيي جو پٽ مهمان هو. هي ٽيئي مڙس مقابلي لاءِ اٿيا پر مارجي ويا. مڙسن جي ميار رکيي ڀرڳڙي تي رهي جو جـُـوڻي (چغلي) کنيائين. دُرو ۽ دولت ٻئي راميڻ (پٽ جـَـلوَ جو) غلاماڻي جا سؤٽ هئا، پر ڪاوڙجي وڃي فتح باغ ويٺا هئا. رکيي ڀرڳڙي جي ساڻن سنگت هئي، پر هن کين خاطري ڏني هئي ته جمالين جي پاران سندن وار به ونگو نه ٿيندو.

        دُري ۽ دولت جي مارجڻ تي نوحاڻي اچي تتا ته جمالين بدران هاڻي سنئون سڌو جهان خان کان وير وٺنداسون. نوحاڻي گهڻا حيدرآباد جي لشڪر ۾ هئا، ٻيا مير صاحبن جي نوڪريءَ ۾ هئا. راميڻ خان خود مير صاحب جي حاضري ۾ هو، تنهن دانهن ڪئي ته جهان خان جمالين جي جهيڙي ۾ پئي اسان جا مڙس ماريا آهن. هاڻي اسان جو مقابلو سنئون سڌو جهان خان سان آهي. ميرن جو دستور هو جو راڄداري فيصلو ڪندا هئا ۽ راڄن کي پاڻ ۾ وڙهڻ نه ڏيندا هئا، سو راميڻ کي منع ڪيائين، ۽ چيائين ته عيدالضحيٰ گذري ته فيصلو ڪنداسون.

        عيدالضحيٰ اچڻ واري هئي جو مير صاحب جا نوحاڻي نوڪر ۽ سپاهه موڪل وٺي ڳوٺ روانا ٿيا، پر راميڻ جو رخ ڏسي مير صاحب کيس پاڻ وٽ جهلي ڇڏيو. ٻئي طرف جهان خان ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته ٻنهي کي روبرو ڪري فيصلي لاءِ تاريخ مقرر ڪجي. جهان خان آيو ته راميڻ اڳ ۾ ئي ڪچهري ۾ مير صاحب آڏو ويٺو هو، ۽ جهان خان کي ڏسي مُڇن تي هٿ هنيائين. تڏهن مير صاحب گهور وجهي ڏانهس نهاريو. جهان خان به ٿورو ويهي اٿيو ۽ فيصلي لاءِ چيائين ته جڏهن ٿيو تڏهن ڏسنداسون. تنهن تي مير صاحب کيس آگاهه ڪيو ته: تيستائين پنهنجو خيال رکج، متان نوحاڻي توسان پلئه ڪن. جهان خان ارڏو مڙس هو، تنهن راميڻ ڏي نهاري چيو ته: ريڊر ڪهڙو پلئه ڪندا. اتي راميڻ ٽپ ڏيئي ٿيو ۽ هوڏانهن جهان خان ترار ڪڍي، پر مير صاحب وچ ۾ پئي جهليو، پر جهان خان جا ٻانهن ورائي ته مير صاحب جو تاج ڪري پيو. مير صاحب انهيءَ ڏينهن توڙي ٻئي ڏينهن غم ۾ ويٺو رهيو، ۽ راميڻ به پوءِ پگهار وٺي عيد لاءِ موڪلائي روانو ٿيو.

        راميڻ جو ميرصاحب کي غم ۾ ڏٺو سو ڀانيائين ته جهان خان کان ناراض آهي. هي جو چڙهيو ته پنهنجي ڳوٺ ڪونه ويو، ۽ سڌو آيو ”ڪنگوري“ لڳ هيسب خان وٽ، جيڪو ان وقت نوحاڻين جو پڳدار هو. هن ماڻهو موڪليا ۽ سڀ نوحاڻي اچي گڏ ٿيا. پوءِ خود جهان خان کان پلئه وٺڻ جو فيصلو ڪيائون ۽ ان لاءِ سنبت ڪيائون. هڪ سؤ مڙس نوتڪ خان سنجراڻي (نوحاڻين جو پاڙو) سان حيدرآباد روانا ٿيا ته جي جهان خان اتي عيد جي ڏينهن اچي ته مارينس. باقي ٻيا مڙس غلاماڻي، هيسباڻي، سرياڻي ۽ سنجراڻي پاڙن مان راميڻ ۽ هوت خان جي اڳواڻي هيٺ جهان خان جي ڳوٺ تي ويا.

        ٻروچن جي جنگ جي رسم هئي ته ٻولائي وڙهن، سو پهريائين جهان خان جي ڳوٺ جو گهورڙيو واڻيو تنهن کي ٻاهران ڦري اُماڻيائون ۽ چيائونس ته: اسين نوحاڻي آهيون. وڃي جهان خان کي دانهن ڏي ۽ ٻڌاءِ ته اسين سندس مهمان آهيون. واڻيو دانهن کڻي ويو ۽ جيئن چيائون تيئن وڃي چيائين، پر جهان خان هن جي ڳالهه ڪن ئي ڪانه لائي. پوءِ نوحاڻين ٺارو چانڊيي (ٻِيڙي معرفاڻي جي پٽ کي جنهن جو ڀاءُ دُري ۽ دولت سان گڏ ماريو هو، ۽ جيڪو ڀاءُ جي وير وٺڻ لاءِ نوحاڻين سان گڏجي آيو هو) کي چاري ڪري موڪليو ته جهان خان کي ڏسي اچي ته ڪٿي آهي ۽ ڪوٽ ۾ اندر ٽپڻ جي واهه جانچي اچي. هي جو اچي ڪوٽ جي چوڌاري ڦريو ته کيس جهلي وڌائون ۽ جهان خان جي آڏو آندائون ته هي ڪو جانچوس آهي. جهان خان پڇيس پر چانڊيي سچي ڪانه ڪئي، تڏهن حڪم ڏنائين ته هن کي ماريو. اهو ٻڌي هن چيو ته: منهنجي مئي چانڊيا ٿورا ڪين ٿيندا، پر نوحاڻي جي تنهنجا گهورا آهن سي توکي اڄ ڪ سڀان گڏجن، تون انهن جو ڪو جتن ڪج. اتي جهان خان چيو ته: هاڻي جيڪي چوي ٿو سو سچ ٿو چوي. مڙس کي ڇڏي ڏيو ته جيڏهن جو آهي تيڏهن وڃي. ٺارو چانڊيي موٽي اچي سڄي خبر ڪئي ۽ ٻڌايو ته: ڪوٽ جي ٻاهران هڪ شاهي اروڙي آهي، جنهن تي چڙهبو ته مٿان ڪوٽ جي چوٽي ۾ هٿ پئجي ويندو ۽ مڙس اندر ٽپي پوندا.

        هاڻي جڏهن نوحاڻين کي پڪ ٿي ته جهان خان کي ڄاڻ ٿي چڪو، تڏهن سانجهيءَ ڌاري وڃي ڪوٽ تي ڪڙڪيا. گبر خان نوحاڻي ايندي ئي بندوق ڇوڙي ته ڀل جهان خان سجاڳ ٿئي. سمي غلاماڻي، جهان خان جي اوطاق جي ٻاهران اچي بلوچڪي جنگ جو ”شعر“ هنيو(1). جهان خان اڳ اندر ڪوٽ ۾ داخل ٿي چڪو هو، پر جيئن ته مڙس وڏو دلير ۽ بي پرواهه هو، سو خبرن ملڻ تي به مقابلي لاءِ مورچا پوريءَ طرح ڪونه ٻڌائين. ٻيو اتفاق اهڙو ٿيو جو جهان خان اندر ويو ته ڪوٽ وارو دروازو پوريءَ طرح بند نه ٿيو ۽ هڪ طاق کليو رهجي ويو. پوءِ هڪڙا نوحاڻي وڃي دروازي مان اندر گهڙيا، ته ٻيا وڃي ڪوٽ جي مٿان اندر ٽپڻ لاءِ اروڙيءَ تي چڙهيا.

        دروازي وٽان جيڪي گهڙيا تن جي اڳ ۾ راميڻ هو. انهن سان آڏو مڙسن مقابلو ڪيو ۽ جهان خان راميڻ کي ماريو. ساڻس گڏ جاني غلاماڻي به ماريو. اروڙي تان اڳ ۾ حيدر سَحاقاڻي(2) وڃي ڪوٽ تي اُچاٽيو، پر پويان ملهغ محموداڻي به ٻٽ هوس. تنهن چيس ته: ”اندر ڪوٽ ۾ ٽپ، نه ته جاءِ ڏي“. حيدر چيو ته: ”جاءِ ڪونه ڏيندس. ٽپان آءٌ ٿو باقي منهنجي مـَـٽ جو وارو وٺجان“ (يعني ته آڏو هو مون تي وار ڪري ته تون سپر ڏيئي جهلجان). ملهغ چيو ته: ”واهه جو وارو وٺندس". ائين مڙس ٽپي پيا، ۽ نوحاڻين کي دروازي ۽ ڪوٽ تان ٻه - طرفي حملي جو وارو ملي ويو.

        پر جهان خان وڏيرو دلير هو سو دهليو ئي ڪونه. دروازي وارن کي چوٽ ڏيئي وري اچي ڪوٽ وارن کي سامهون ٿيو. پنهنجن مڙسن کي جيڪي نوحاڻين کان ٿورا هئا، همٿايائين ۽ بڇون ڪيائين. پاڻ هڪلون ڏنائين ۽ جلهون ڪيائين. نيٺ هڪل ڏنائين ته: ”هيسب خان ڪٿي آهي، منهنجو مَٽ آهي ۽ ميدان ۾ اچي“. هيسب خان ڪونه هو پر سندس ڀاءُ هوت خان سامهون هو، جنهن جواب ڏنو ته:”هيسب خان آءٌ آهيان، جهان خان هليو آءُ“. تڏهن جهان خان وک وڌائي چيس ته: ”ٻروچ، منهنجي اڱڻ آيو آهين، سو مهماني جو اڳ ۾ وارو اٿئي“ (يعني ته ڀل اڳ ۾ تون مون تي ترار جو وار ڪر). هوت خان وڌي وار ڪيو، پر جهان خان جبل هو، رڳو سپر ڇنڊيائين پر مڙس چُريو ئي ڪونه. پوءِ جهان خان وار ڪيو ته هوت خان سپر آڏو ڏني، جيڪا ڌڪ سان اٿڙي اچي سندس مٿي ۾ لڳي، ۽ هو پاڻ پوئتي ٿڙهي ويو. جهان خان پريان چوٽ ڪيس ۽ ماريس ها، پر هوت خان جو ڀاءُ جعفر خان جيڪو پنهنجو مَٽ ماري بيٺو هو، تنهن تکو ٿي اچي پاسي کان جهان خان تي وار ڪيو ۽ سندس کيڙي (سپر) واري ٻانهن کڻي ڇڏيائين (ڌڪ سان وڍجي ويئي)، ساڳئي وار ۾ هيٺان وري سَڏر ِي (پٺيري ترار) ڪري ٻيءَ ٻانهن ۾ هنيائين ته جهان خان جي ٻانهن مڙي ويئي. پوءِ مٿان ٻيو وار ڪري اها ٻانهن وڍيائين. پوءِ جعفر خان هوت خان کي چيو ته: ”اچي مارينس جو تنهنجو مَٽ آهي“(1). ائين جهان خان ۽ ٻيا تيرهن مڙس ڀرڳري ڪوٽ اندر ماريا.

        جڏهن جهان خان کي ماريائون ته اندران روڄ ٿيو ۽ اوسارو کنيائون ته:

”جهان خان، خان اَها“

”کٿيرين ماريا، خان اَها“

”ريڍرين ماريا، خان اَها“

        جهان خان جي ماءُ وڏي حوصلي واري مائي هئي، تنهن منع ڪئي ته ائين نه چئو، چئو ته:

”خانين ماريا، خان اَها“

        اتي جعفر خان هليو آيو ۽ چيائين ته: اڃا اسان جو پلئه رهيل آهي سو وٺڻ ٿو اچان. جهان خان جي ماءُ پڇيس ته: باقي ڪهڙو پلئه رهيل آهي؟ چيائين ته: دولت خان جي ماءُ اچي وچان پئي هئي تڏهن جهان خان جي بندوق جو ڪُنداڪ مائي کي لڳو هو، سو جهان خان جي ماءُ ڪٿي آهي جو اهو پلاند ڪرڻو آهي. تڏهن مائيءَ چيو ته: اها آءٌ آهيان، ۽ آءٌ اچان ٿي. جڏهن مائي آئي ته: جعفر خان مٿي تي ادب وارو هٿ رکي، ڪنداڪ کڻي پُٺيءَ تي ڇُتو.

        رستم خان ڀرڳڙي نوجوان هو، سو ڪنهن محبت ۾ گرفتار هو ۽ ڪوٽ کان ٻاهر ڪٿي پاسيرو هو. نوحاڻين ميدان ماري بندوقن جو دس ڇوڙيو ۽ پوءِ وڃي گهوڙن تي چڙهيا. رستم خان اهي ٺڪاءُ ٻڌا ۽ ٽپ ڏيئي اٿيو. تڏهن چيائونس ته: توکي ڪنهن ڏٺو ته ڪونهي، تون ڇو ٿو وڃين. جواب ڏنائين ته: تو ته مون کي ڏٺو آهي، سڀاڻي تون ئي چوندئين ته آءٌ ٺڪاءُ ٻڌي ويهي رهيو هوس. سو بندوق کنيو ڊوڙندو آيو ۽ نوحاڻين کي هڪل ڪري چيائين ته: اڃا آءٌ جيئرو آهيان، مقابلو ڪري پوءِ وڃو. ائين چوڻ سان، سامهون گوڏو کوڙي هنن تي بندوق سڃيائين. اتي ڪن چيو ته ڇڊا ٿيو، نه ته هڪ ڪان ٻه مڙس ماريندو. ٻين چيو ته مڙس يڪي سر آيو آهي، ڇڏيوس ته اول وارو وٺي، هڪ مئي پاڻ ٿورا ڪين ٿينداسون. تڏهن سعيد خان سحاقاڻي جيڪو سگهو چؤڙي - پٽ مڙس(1) هو، تنهن چيو ته: آءٌ ٿو مڙس کي سامهون ٿيان: آءٌ سندس مـَـٽ آهيان، ڀل ته مڙس وارو وٺي. ائين چئي ترار ڪڍي مٿس سُوڙهه ڪيائين. رستم خان بندوق هنيس ته ڪانُ سيني مان نڪري ويس، پر چيائين ته گٿو آهين! رستم خان چيس ته: ”آءٌ گٿو ڪونه آهيان پر هوئي هڪڙو“ (يعني ته ڪان هئوئي هڪڙو، ٻيو آهي ڪونه جو هڻان). ائين چئي بندوق کڻي اڇليائين ۽ سعيد خان کي سامهون هٿ نه واريائين جو مڙس ڪان جهليو ٿي آيو. سعيد خان اچي ترار جو وار ڪيس ۽ هيڏانهن رستم خان وڃي ڪريو ته هوڏانهن سعيد خان وڃي ڪريو.

        نوحاڻي، جهان خان ۽ ٻين کي ماري هليا ويا ۽ پويان ٻيو ڪو ڀاتي يا ساٿي ڪونه بچيو هو. جهان خان جي والده پوءِ چڙهي وئي حيدرآباد. جڏهن اها خبر اتي پهتي ته مير صاحب سخت ڪاوڙيو ته نوحاڻين ڏاڍائي ڪئي آهي. پوءِ حڪم آيو ۽ نوحاڻين کي گهرايائون. سڄي راڄ مان ست ڄڻا چونڊ ويا. مير صاحب جي خاص ڪچهريءَ ۾ هرڪو هٿيار ڇوڙي پوءِ اندر ويندو هو. نوحاڻي به دستور موجب هٿيار ڇوڙي اندر ويا، پر ان کان اڳ مير صاحب ڪچهري مان اٿي ويو هو. ٻيا جيڪي هئا تن رٿ ڪري ڇڏي هئي ۽ ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا ته جيئن ئي نوحاڻي هٿيار ڇوڙي حاضر ٿين ۽ ويهن ته کڻي ٻڌجؤن ۽ پوءِ ماري ڇڏجؤن. سو هي جيئن هٿيار ڇوڙي آيا ۽ اچي ويٺا ته کين کڻي ٻڌائون ۽ پوءِ ٻڌل مڙسن کي مارڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيائون. جهان خان جي ماءُ جيڪا اندر هئي ۽ فيصلي جو پئي پڇيائين، تنهن کي خبر پئي ته ست نوحاڻي آيا جن کي ٻڌي ٻاهر ڪڍيو اٿن ته انهن کي مارين. مائي وڏي مرداني هئي، تنهن چيو ته: ٻڌل مڙسن کي مارڻ سان جهان خان جو بدلو ڪونه ٿيندو. مائي ڊوڙي ٻاهر نڪتي ۽ سڌو هلي آئي. تيستائين پنجن مڙسن کي پورو ڪري ڇڏيائون جو مائي اچي وچان پئي ۽ باقي ٻن مڙسن گبر خان ۽ شير خان کي بچايائين ۽ ڇڏايائين.

        هن مقابلي تي پانڌي فقير کيبر، جيڪو ان وقت ٽنڊي باگي لڳ ”ڪاڪ“ جو ويٺل هو ۽ پوءِ مال ڪاهي اچي نوحاڻين سان گڏ ويٺو، بيت چيا، جن مان ڪي دستياب ٿيا، جي هيٺ ڏجن ٿا(1)  ظاهر آهي ته فقير اهي بيت نوحاڻين جي طرفان چيا.

رامڻ خان روان ڪيو چانڊين مان چاري
ٻهڳڻ پٽ ٻيـِـڙي جو ٺارو عتباري
چانڊيو چارالي آئيو ته سوڀ اٿو ساري
هو اچي ڪڙڪيا ڪوٽ تي هام ڀري ڀاري
غوث پير گودڙي هنَ تي ڍار چڱي ڍاري
سا پنجاهين پاري، جا ڪري چڙهيا هئا ڪنب مان
(2)
چانڊيو چاري جنگ جو، واقف ٿيو ويهي
نر نوحاڻي نيش هئا نـَـليءَ جا نيهي(3)
مـَـلهي آيا مينهن جيئن، پاڻي جيئن پيهي
ڪوٽ قذاق ٽپي آيا، آڙَ ڀڃي ايهي
ڳالهه ڪريان ڪيهي، هـُـن جي واجب وير وٺڻ جي.

 

رامڻ رؤنڪو منڊيو، زور ڀلي ڀائن
چڙهيو ڪؤنر ڪميت تي سـَـر مورو سَـرتن
حويليءَ ۾ هـُـل ٿيو ڪيو راڱاڻو رندن
هڻي ڳڙهه ڳاڙهو ڪيو، سانداهه سراڻين(4)
مٺو پٽ مراد جو هو سنجراڻي ساڻن(5)
واريو وير وڃن، دُري  دولت خان جو(1).

جهان خان جبل ٿي سنڌ ۾ ساماڻو
اُڌڪيو ٿي پيٽ ۾ نـَـر وٽيي ناڻو(2)
ناحق نوحاڻين سان وڳيو ويڳاڻو(3)
ڀيلي تڏ ڀرڳڙي جو ڀڳائون ڀاڻو
هو پنجاهيا پانڌي چئي هميشه هاڻو
پڊ مٿي پاڻو، ڪڏهين ايندو ڪينڪي(4)

جهان خان جبل هو، ڏاڍو ماڏو مير(5)
ڪوپن ڪاهڻ ساڻ ڪيو اچڻ ساڻ انڌير
تنهن حاذق حويليءَ ۾ ڍڳ ڪري ويا ڍير
واري ويا وير، دُري دولت خان جو.

خان ته مڙيئي خان هئا، پر خان ته هيسب خان
هو سوالين آئي سرهو ٿئي، ڏئي مهمانن کي مان
قلعي وير ڪاوڙ ڪري لڳيءَ جنگ جوان(6)
سر مورو سـَـرتن جو هو هاڙهي هوت خان
هيڏي ڪندو ڪير ٻيو ڪي جيڏي جعفر خان
نـَـر نوحاڻي نيش هئا ”نلي“ جا نيشان
جوڙي کنيائون جنگ جا سڀئي سامان
ڪهاڙا ڪَتبَن ۾، پيا واڍين ماڻ وريرام(1)
سي اچي ڪڙڪيا ڪوٽ تي سمهاڻيءَ سلطان
دؤڙي تن درن تي اچي ڪوپن هنيا ڪان
اڳيان به اٿي پيا کٽن مٿان خان
جن جُنگ پٽ ڄاوا جوهري، تن ماين لڌا مان(2)
ٺلن منجهه ٺڪاءَ ٿيا سئا جڳ جهان
”مٺي“ هنيون ٿي مصريون سنجراڻي سروان
”تاجو“ وڙهيو تارَ ۾ اڇي سان ايمان(3)
ملهغ ڪيا ٿي مجرا، لڌا محموداڻيءَ مان(4)
صوبي سعيد خان، ڀڳا در ڀرڳڙيءَ جا.

        هڪ روايت موجب ٽنڊي باگي طرف جا ٻه زئونر بلوچ، منگو ۽ فريد، جهان خان وٽ مهمان هئا ۽ اهي به جهان خان جي طرفان ٻاهرئين دروازي تي حملي وقت وڙهيا ۽ مارجي ويا.

ڏينهن جمعي جي دؤر پڙهيائون ڇنڇر ٿيو ڇنڇار
رُڪن راسيون ڪڍيون، ٺهڪن ٿا ٺهڪار
رات چانڊوڪي، آيا ڊوڪي، ويري هن آوار
آيو عبدالله آساني کڻي تيغ ترار
ڌڪ هنيائين ويرين کي ڪي چاليهن مٿي چار
حسن، حمزي ڦيهه وڄائي جن جا دُور ٻُجهن دهڪار
ائين غلام حسين ڪرهو ڪڏائيو جئن آڳ پتنگن آر
رامڻ کي رائي وڌو، توفڪ جي تڪرار
زئونر زوراور زور وڙهيا جن جي ڪرَههَ ڪلوهئي ڪار(1).

 

        ڀرڳڙي جيڪي جنگ ۾ ماريا سي ”ٽنڊو جهان خان“ (جيڪو هن وقت ويران آهي) لڳ دفن ٿيا. اهو مقام (تعقلي حيدرآباد ۾) ٽنڊي حيدر کان ٽنڊي قيصر ڏانهن ويندڙ رستي لڳ ٽنڊي حيدر کان اٽڪل ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن مقابلي ۾ شهيد ٿيل ڀرڳڙين مان ستن جي قبرن تي، جيڪي پٿرن جون آهن ۽ مٿن سنگتراشي آهي، شهيدن جا نالا ۽ تاريخون لڳل آهن(2).

* شهيد رئيس جهان خان ڀرڳڙي 15 محرم سن 1212 هه ڏينهن جمع، معمار استاد جمع خان.

* شهيد رئيس عبدالله، خان، 15 محرم سن 1212 هجري ڏينهن جمعه.

* شهيد رئيس رستم خان ڀرڳڙي، 15 محرم سن 1212هه ڏينهن جمع، ڪمدار ڪرم خان ڀرڳڙي فقير، مالڪ نواب خان.

* شهيد رئيس محمد خان ڀرڳڙي، 15 محرم سن 1212هه ڏينهن جمعه.

* شهيد رئيس غلام حسين خان ڀرڳڙي، 15 محرم سن 1212 هه، ڏينهن جمع.

* شهيد رئيس حسن خان ڀرڳڙي، 15 محرم سن 1212هه ڏينهن جمع.

* شهيد رئيس بهادر خان ڀرڳڙي، 15 محرم سن 1212هه ڏينهن جمع.

------


(1)  بلوچي ۾ شعر معنيٰ جنگ جو شعر يا جنگي رچز.

(2)  يعني اسحاقاڻي پاڙي مان نوحاڻي.

(1)  دستور هو ته مٽ مٽ کي ماري. اهو وڏو عيب ۽ وڏي گلا هئي جو ڪو گهٽ ماڻهو ڪنهن نالي واري مڙس کي ڌڪ هڻي ماري.

(1)  چوڙي پٽ = اهڙو سهگو جو ڪٺل ڍور جي ٽنگ مروٽي ڇڪي پٽي ڪڍي.

(1)  اهي بيت شاهه محمد خان نوحاڻي جي ڳوٺ 14 مارچ 1968ع تي ڪيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪيا ويا.

(2)  ڪنب = هڪ ڍورو جو غالبا پراڻ جي چاڙهه، جنهن کي ڦتي جا ڪنب ڪري چون، جتي نوحاڻي ويٺل هئا.

(3)  نر ۽ نيش = همت ڀريا، وڏي طاقت وارا. نلي = نوحاڻين جو اصلي قديم ملڪ.

(4)  يعني نوحاڻين جي سراڻي پاڙي جي مڙسن.

(5) مٺو نوحاڻين جي سنجراڻي پاري مان هو.

(1) واريو وڃن = وٺيو وڃن. دري دولت خان جو = دُري جو ۽ دولت خان جو.

(2) اُڌڪيو ٿي = اڌميو ٿي (ناڻو). نروٽيي = نروٽيي کي، نر مڙس کي.

(3) وڳيو = وڙهيو.

(4) جهان خان پاڻ مري ويو سو وري ڪونه ايندو.

(5) ماڏو مير = ڏاڍو ڏونگر، ڏکيو پهاڙ (تشبيهه موجب).

(6)  قلعي وير = جنگ وقت.

(1) ڪتبن ۾ = اٺن مٿان پاکڙا ۽ انهن جا ڪٽنب (تن ۾).

(2)  جهان خان جهڙن جنگ مڙسن جي مائن مان لڌا.

(3)  اڇي ايمان سان = پوري پڪي سچي ايمان سان.

(4)  ملهغ محموداڻي.

(1)  هيءَ روايت ۽ بيت ماستر شفيع محمد ٻگهيي جي مضمون ”ٽنڊو جهان خان“ تان ورتل آهي، جيڪو رسالي نئين زندگي، مهيني سيپٽمبر 1967ع ۾ ڇپيو.

(2)  اهي نالا به جئن مٿئين مضمون ۾ ڏنل آهن تئن ڏنا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org