سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 5

صفحو :14

 

11. جوکين ۽ لاشارين جي جنگ

        جڏهن ڄام بجار جو زور ٿيو ته سندس پـُـٽ چاڪر ڪڏي وڃي پاڙيسري راڄن تي حملا ڪيا. حب ۽ ملير واري ايراضي ۾ آڳاٽي سمن سلطانن واري وقت کان لاشاري آباد هئا، جن مان سردار گهر هئا سلطاناڻي ۽ عالياڻي. سندن مکيه راڄ منڌَيرن جو هو، جن مان چئن پاڙن (مڇر، مورياڻي، شنباڻي ۽ پٺاياڻي) جا مڙس هن جنگ وقت موجود هئا ۽ وڙهيا. چاڪر پنهنجا ماڻهو تيار ڪري، انهن ڳوٺن ۾ موڪليا ته هلي جهيڙو ڳنڍين ته مٿان اچي حملو ڪري. پنهنجن جوکين کان سواءِ ٽن ٻين راڄن مان مڙس چونڊي پنهنجو لشڪر تيار ڪرايو. اهي ٽي ٻيا راڄ هئا ڍارا، نانگرا ۽ ميري، جيئند خان منڌير لاشاري پاڙو پٺاياڻي ۽ مريد شنباڻي لاشاري، سي ٻئي سلطاناڻي ۽ عالياڻي رئيسن جا وزير هئا. جڏهن چاڪر اوچتو لشڪر وٺي آيو، ته جيئند خان ۽ مريد خان جيڪي مڙس گڏ ڪري سگهيا، سي وٺي پاڻ ميدان جهلي بيٺا. هـَـسـُـو منڌير لاشاري، جيڪو وڏو بهادر هو، سو به موجود هو. مـَـندو منڌير پاڙو مورياڻي، شاهو ۽ ٻيا به همت ڀريا مڙس هئا، جن ميدان جهليو. ڦل مـُـڇر لاشاري وڏي همت وارو هو ۽ جنگ ۾ ٻه پتيون کڻندو هو، پر هن جنگ ۾ ڀڄڻ جي ڪيائين، جنهن تي هـَـسـُـو پويان ترار هنيس، جنهن ٻـُـنڊڻ ترڇي ڇڏيس. هـَـسـُـو، جيئند خان ۽ مريد خان جي حملن سان ڍارا، نانگرا ۽ ميري چاڪر جي لشڪر ۾ هئا، سي ڀڳا. هـَـسـُـو چاڪر سان وڃي چوٽ کاڌي، انهيءَ تي چاڪر پنهنجو باقي لشڪر هٽايو. لاشاري به پوئتي هٽيا ۽ هيءَ جنگ بنان ڪنهن هار جيت جي پوري ٿي. هڪ روايت موجب هـَـسـُـو هن جنگ ۾ماريو، پر ٻين روايتن موجب هو ”قدمن واري جنگ“ ۾ ماريو. هن جنگ بابت چيل بيتن مان هيٺيان ڪن راوين کان مليا:

چوري چاڪر موڪليا ڪي ڳوڌا منجهه ڳوٺن(1)
تني پويان اچي ڪـِـي رڻ جهڻ رُپيرين(1)
هـَـسـُـو وڏا هاڪارا ڪيا مرڻ ڪيائين من(2)
جن دُهريون وٽرون کنيون سي ڀائر ڪيئن ڀلجن(3)
ڦـِـٽي ڪيائين ڦـُـل کي پويان پڇاڙين(4)
چهٽيو وڃي چاڪر کي جو هو ڌوڙي منجهه ڌڪن(5)
چاڪر ات چکائيون ڪي رانيون رُپيرين(6)
پر ڀڳا ”ڍارا“ ”نانگرا“ پـُـريا پنڌ وڃن
”ميري“ تن جي مهند ۾، تاءَ نه جهليو تن.
---
”مندو“ مٽجي اٿيو، هو خان کڻي کيڙو(7)
شاهي وڏا شوڪارا ڪيا، ڪو ڳانڀ وڏو ڳيڙو(8)
جيئند جهونجهارن ۾ هو عهدي انگيرو(9)
مريد تي ميڙو، اَپر آوارين جو.(10)

------

12. ڀنڀور وٽ مقابلو ۽ مڙسن جون ماهيون(1)

        مٺي گبول ڪڇ مان آنوراءِ جوکيي جي ويجهي عزيز کي جيڪو ”ٽيڀرن“ جي پاڙي مان وير وٺي ڏنو. انوراءِ پاڻ وڏي همت وارو هو. سندس ڌيءَ ڄام بجار جي گهر ۾ هئي، جنهن مان چاڪر ڄائو. مـِـٺي ڪڇ ۾ جنگ ڪئي، اتي جي ٺـَـڪر کي ماريائين ۽ پوءِ پنهنجي گهوڙي مل(2)  ڀڄائي، ان تي جوکيي کي به چاڙهي، اچي سنڌ ڀيڙو ڪيائين. انهيءَ جوکيي جو پـُـٽ ”مـُـگر“ هو، جنهن کي پڻس وصيت ڪئي هئي ته: مـِـٺي گبول جي مدد ٿج. ان بعد جاکرن حسڻ ۽ ميراڻ جي مهنداري هيٺ، محموداڻي پير (تعلقو ساڪرو) وٽان اچي سنگهارين جو مال لوڙهه هنيو. انهن جي دانهن تي مٺو گبول، هاڙهو احمداڻي، للو ۽ تنگئي مال ورائڻ لاءِ نڪتا. جڏهن انوراءِ جي ڳوٺ وٽان مـَـٽيا ته مٺي چيو ته: جي انوراءِ کي ڄاڻ نه ڏينداسين ته مون تي مڙس جي ميار رهجي ويندي. ويا پر انوراءِ ڪونه هو. مـُـگر جوکيو ٽيڀر انهيءَ جوکيي جو پٽ يا ڀاءُ هو، جنهن جو وير مٺي ڪڇ ۾ ورتو هو. جڏهن مگر مـِـٺي جو نالو ٻڌو ته سو، جيتوڻيڪ انهيءَ ڏينهن شادي به هيس، ته به ڳــُـڻ ياد ڪري اچي مـِـٺي سان ڀيڙو ٿيو. مـُـگر کي سندس ڪاڪي ڪاپڙي سمجهايو ته: تنهنجي شادي آهي، اسان وٽ عذر آهي ۽ تون انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ. مـُـگر چيو ته: نه، آءٌ ويندس. تڏهن ڪاپڙي چيس ته: چڱو، تون هل، آءٌ اجهو ٿو پويان اچان، ۽ هو موڙَ ڇـِـني اچي مـِـٺي سان مليو. پوءِ هڪلي اچي هاڻن کي رسيا.

جئن پينگهر پنجاه سين چڙهي، دورو ساڻ پنجن
تئن مـِـٺو پهتو مال کي سوڌو ساڻ ستن
هاڙهو، بجار، اورڏو ڪيها ٽي چون
ماهيند، ملهغ ليکيان، ٽيڀر ٻيلي تن.
ٻه پتيون مال جون واريائون ۽ ٽي ڏنائون جاکرن کي.

        جڏهن موٽيا ته مـَـلهو (ملهغ) احمداڻي ملين. خبرون ڏنائون. مـَـلهي، مـِـٺي کي چيو ته: تون ڦر کنيو ٿو وڃين ۽ حـَـُر ڇڏيو ٿو اچين، جنهن جي لس تائين گـِـر (گهل) هوندي. هاڻي آءٌ جاکرن جي پويان ويندس (يعني: ٽـِـي پتي مال جي ڏيو، پاڻ کي ٽـِـڪو لايو ٿو وڃين، سوآءٌ سندن پويان ٿو وڃان ۽ اهو مال ورايو ٿو اچان). مـِـٺي چيس ته: هڪ ته اڄوڪي ڏينهن مـُـگر جي شادي هئي، ٻيو ته مـُـٺ مڙسن سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانه هئي. پر جي تون چئين ٿو ته پوءِ هاڻي هـَـل ته هلون، پر تون بيهندين ڪونه، ويندين ڀڄي! پوءِ اچي جاکرن کي پـُـڳا ۽ سامهان ٿيا. حسڻ ۽ ميراڻ پرپٺ مٺي گبول ۽ هاڙهي جي دوستي مڃي هئي. مـِـٺي گبول، رهيي گبول ڏانهن مدد لاءِ ماڻهو موڪليو، پر رَهيي چيو ته: ٿيندو نالو مٺي جو، سو اسين ڪين هلنداسين.

        ميراڻ ۽ حسڻ پرپٺ هاڙهي ۽ مٺي جي دوستي مڃي هئي. قنبر گڊو سندن سلام آڻيندو نيندو هو. جڏهن مقابلي ۾ هاڙهو ۽ ميراڻ اچي هڪٻئي کي سامهون ٿيا ته پهريائين هاڙهي ميراڻ تي ترار واري. اتي قنبر چيس ته: متان هڻين! آڏو ميراڻ اٿئي. تڏهن هاڙهي کڻي ترار جهلي. پوءِ آڏو ميراڻ ترار واري، سا جهليائين ڪانه ۽ هاڙهو مئو.

متان هاڙها هڻين مهندان ميراڻ اٿئي، اِي قنبر هاڪ هنئي
تنهن واسينگ واري جهلي، اکر اِيءُ لهي
ملامي ميراڻ ٿيو، جنهن هاڙهي کي هنئي.

        مـُـگر کي وچ ۾ بيهاريو هئائون ۽ بچاءُ ڪيائون، پر هن مڙس وڌي پئي ڌڪ هنيا، سوبه ڪريو. اڃا ساهه هئس جو ڪاڪس ڪاپڙي اچي سـِـرُ پنهنجي جوٽن تي جهليس. مـُـگر ڏسي چيس ته: ڪاڪا ڪاپڙي! پويان ڏاڙهي تران آندئي!! جڏهن انوراءِ ڳوٺ پهتو ۽ معلوم ٿيس ته مٺو آيو هو، ته نيري تان لٿو ڪونه ۽ پويان اهڙو ته گهوڙو ڪاهيائين جو جنگ واري ميدان کان اک ڏيٺاري تي گهوڙو ڪـِـري مـَـري پيو.

هئي   مـِـٺي کي من ۾ ته ايندو انوراءِ
سو واگهه وڳندي، گـُـرڙ گجندي ٿي آيو انوراءِ
اچي ڏڙهه ڏيٺي ٿيو، ته نيري ڏنو ساهه
مٿي تان انوراءِ جي، نيرو صدقو رد بلاءَ.

        انهيءَ جنگ ۾ مـِـٺو، هاڙهو ۽ مگر وڏي مردانگيءَ سان وڙهيا. راڄ ملڪ کان اُتر ويندي ڀنڀور تائين مال جي پويان واهر ڪندي اهي مقابلا ٿيا. راڄ ملڪ کي ويجهو پراڻي ڦٽي درياءَ لڳ ”ڇـُـٽي پير (سهڻي وارو) جو مقام آهي. انهيءَ سڄي ڀيڻي کي ڪنهن وقت ”ڇٽي پير“ جي نالي سان سڏيندا هئا. هن مقابلي ۽ جنگ کي ”پوپٽ“ نالي لنگهي هيٺين بيتن ۾ ڳايو:

سنگهاريون سرهيون ٿيون ته سردار صحي ڪندونِ
مـِـٺو پـُـنو مال کي ته جيئري نه ڏيندونِ
جان وڃي وارينديون، نه ته ڏيندو سـِـر ڏياچ جيئن
---
مـِـٺي کي ٿيو مامرو، هڻيو وڃن يار
مـَـل متاري ڏُجهڻ ڏار ِي پلاڻيو سينگار(1)
واري آڻيو وَلهيـُـون ڪڍو تنگ دُئار(2)
ٻڌي ڪوپا ڪيريون، ساهـُـو ٿيا سوار
پير ڇٽي جي پڙ ۾، گڏيا پيادا ۽ سوار(1)
---
پيرُ ڇٽي جي پڙ ۾، اچي ڇـُـڳاري ڇيڙيائين
آيو هاڙهو، وَنهه ڳاڙهو، وڌي وٽ جهليائين(4)
ڀنڀور ٻنهي ڪنڌيين، آڻي کٿوري کوليائين
وڻ سڀيئي واسيا، ڇپر ڇـَـٽ مڪائين
جوپ پيئندا جاکرا، تـِـڪون ڏيندا تئائين
ريس نه ڪجي ڀائرا، سوڀـُـون ڏيندو سائين.
---
مـِـٺي چيو مـَـلهغ کي، مَ ڪر اُتالي(5)
پاڻ وڙهون سين ويريين، پر ٻيلان ڙي ٻيلي(6)
---

وچينءَ جو وير آئي جيجهان جهـُـڙ ڪري(7)
تنهن منجهه مـِـيرل تـُـريو، واهـُـو وڏيري
اَڪين آما جهليا، ٿي قضا ايئن ڪري
موڙيو ٽار سرکڻ جا مير ٿو ايراذي آڻي
سـَـرکَ سـُـکاڻي ساريو، مٺو ٿو ناکـُـئا نهاري(1)
ته اڄ نه گبول آئيا، نه مون جي عيسباڻي پاسي(2)
آڏَئـِـي ٻانهن اسان جي، ڳورئي اصل ئي آهي.(3)
---
پهريون عشق حـَـسڻ جاکرا! خان جي کاٽ سٺائين(4)
جاکرن کي جهـُـاري ميرڻ ماريائين(5)
اَٺ تراريون، نائون ڀالو، چوکا گهاءَ چکيائين.
---
ڪـُـلها مير ڪڪوريا، رڻ رتو جهونجهيائين(6)
مـِـٺو هڻي، جولڻ جهـَـلي، کـَـنا خوب کـُـتائين(7)
گهريو گهوٽ گهوڙيءَ تان ڏاڍو ڏمر ڪيائين.(8)
---

گهريو گهوٽ گهوڙيءَ تان، ڏمر ناهي يار
مندي پوٽو مجنو لاهي ويٺو بار(9)
سـُـڻ رَهيا، پوپٽ چوءِ، ڪجي سرت سنڀار(10)
تـِـهـِـي کڻج تڪڙا ٻه ڀاڱا ٻيهار(1)
متر ويو ويرئين، تڏهن بيٺي ڏٺيوءِ يار.
---

پوريءَ پـَـت، پوپٽ چوءِ، هتي مير ميٺو هئو
مير مارڪين مڃيو، درٻارين ڌُئو(2)
ڪسونبن ڪڪوريو، کٽن تي کـِـئو.(3)
---
کني وقت خان هو، جيئن بڊاماڻي ڀير
واڳيين مٿي هٿڙا، سر رَڪيبين پير.
---
کـِـلڻ کـَـٽلڙيءَ تي، اچي موکي اُپٽيا مـَـٽ(4)
بوءِ برين مان اُڀري تنهن کي ڪـُـل کٿوريءَ ڇـَــٽ
اڱڻ مٿي مير جي ٿا پـِـڪين رَچن پٽ.
---
جاسين هئو جيئرو تاسين ڪيائين رَه ريلا
محموداڻي مجني جا، آءٌ چڳ ڀانيان چيلا
اوسيئڙي مان ان جي ٿي اُٿيا اويلا.
---
پر مرڪي جو ماريو، سو تون ”ٽيڀر“ نه ٽهلائين(5)
ڄاڃي ڄام بجار کي، مـَـرڪي موڙ ٻڌائين
”تڳو“ تو اُجاريو، ٽيڀر ميرڻ ملهايـَـئين.(1)
پوٽو پڙاوَر پير جو، ڏوهٽ ڄام بجار
جيڪو پڇين پڇ تون، وڃي ست پيڙهيا سردار
ته ”مـُـگر“ اُت ٿي ميٽون ڪيون، وڙهي ڏئي نه وار(2)
گهوڙيءَ گهوٽ گـُـڏائي، ”ساتلاڻي“ سوار.(3)
---
سڄي ٽيڀر ڪار مان آنهيرَ ڪونه ٿيو
بيٺي ڏٺو ٽيڀرين، مـُـگر ٿي ماريو.
---
مـِـٺا توکي سرائين ساريو، جئن هورِندين ۾ شهزاد
(3)
تون پاٿاريين پڌرو هـُـئين رٻارين دهدار
(4)
ٻاروچاڻي لـَـڄ لاءِ هـُـئين ساماڻو سردار
ٻـَـهڳڻ ٻـَـٻراڻي تي توجا هـَـٿ هنزار.
(5)
---
مريد مـِـٺو موڪليو ته ونءُ تون ڪيهرين ڏي
سو جوڙي جڪي آئيو سڄون سڀ ڪري
پوٽو مندي مير جو، ڏوهٽ ”راڌين“ کي
وجهي تـُـراري توريان ته آ طوطا جي توري(1)
پر جي وجهي تـُـراري توريان ته مـُـرڳئي مير ٿو سهائي.(2)
---

هن پوئين بيت ۾ شاعر، مـِـٺي کي مـَـلڪ کان به ڪثر ٿو ڪري. مـِـٺو بهادر به هو ته ڀلو مڙس به هو، جو ٻين لاءِ سر ڏنائين. اُن وقت مٺي لاءِ ماين ڀنڻ ڪيو ته:

مـِـٺو ميرين منجهه مير هو
پاراتي ۾ پير هو.

        مٺي، هاڙهي ۽ مـُـگر جي بهادريءَ جي ياد ۾ پوءِ مـَـلڪ مـُـريد ۽ ڪرمت راڄ پٿر جون ”ماهيون“ ٺهرايون. گــُندين مثل اهي ڇهه فوٽ کن گول منارا، ڀنڀور واري ڀيڻيءَ لڳ تلاءَ کان اُتر طرف ٻڌايا ويا. پاسي وارا ٻئي مـِـٺي ۽ هاڙهي جي نالي ڪيائون ۽ وچون مـُـگر جي نالي، جو جنگ ۾ مڙسن مـُـگر کي پنهنجي وچ ۾ ڪيو هو ته جئن سندس بچاءُ ٿئي. اِهي ماهيون مڙسن جي بهادريءَ جي يادگار طور ٻڌايائون، باقي مڙس ٽيئي ”قدمن واري مقام“ ۾ رکيل آهن.

-----------


(1)  ڳوڌا = همت ڀريا. لاشارين جي ڳوٺن ۾.

(1)  رپيرين = رپيريون تراريون، جن جي مـُـٺيي تي چانديءَ جي چٽسالي هجي. رڻ جهڻ ڪي = سٽ پٽ ڪئي.

(2)  هاڪارا ڪيا = ميدان ۾ هڪلون ڪري، پنهنجن ساٿين کي همت سان وڙهڻ جي ترغيب ڏني.

(3)  دهريون وٽرون = ٻيڻيون ونڊون، ٻيڻا حصا.

(4) ڦٽي ڪيائين ڦل کي = ڦل کي ترار هنيائين، جيڪو ڀڳو ٿي.

(5)  هـَـسـُـو ۽ چاڪر هڪٻئي جا ڌوڙي ۽ مٽ هئا، سو هـَـسـُـو وڃي چاڪر تي ڪڙڪيو.

(6)  چاڪر به مڙسن کي پنهنجون تراريون چکايون (هنيون).

(7)  مندو لاشاري.

(8) شاهو مورياڻي پاڙي مان منڌير لاشاري. ڪو ڳانڀ وڏو ڳيڙو = ڪو وڏو ڳانڀ ڳيڙو ڪيائين، پنهنجن ساٿين کي سنڀالي سولو ڪري، وڏو وَر وجهي حملو ڪيائين.

(9)  انگيرو = انگ باز ترار هڻندڙ، پلٿي باز.

(10) اواريون = تراريون، جيڪي وارو نه ڏين.

(1)  هن مقابلي جي خبر پهريائين مرحوم حاجي سـُـرماڻ خان بگهياڙ ڪئي. وڌيڪ پوءِ سندس لائق فرزند ۽ سگهڙ حاجي محمد سوڍي بيان ڪئي. ڪي ٽاڻا پوءِ سگهڙ هاشم گڊي کان معلوم ٿيا.

(2)  مل = مٺي گبول جي گهوڙيءَ جو نالو.

(1)  مل مـِـٺي جي گهوڙي هئي.

(2)  ولهيون = گهوڙيون.

(1)  ڇـُـٽي پير جو مقام، ڦٽي تي گهاري کان ڏکڻ.

(4)  وَٽَ = مرڻ جي وٽ ورڇ.

(5)  اُتالي = تڪڙ، اُٻهرائي.

(6)  ٻيلان ڙي ٻيلي = گڏ، ٻيلهه ٻٽ ٿي، گڏ پنهنجن ٻين ساٿين سان.

(7)  جيجهان = زور مان، ڇـُـوهه مان.

(1)  ناکـُـئا نهاري = عزيزن ڏانهن ڏسي.

(2)  مـِـٺو پاڻ گبولن جي عيسباڻي پاڙي مان هو.

(3)  آڏئي = کـَـٻي.

(4)  کاٽ = کهٽَ، جهيڙو.

(5)  جـُـهاري = (درياءَ يعني سمنڊ وارن جو اصطلاح) جـُـهار يا وڏي سمنڊ جي وير جو اچڻ. هت معنيٰ وڏي وير کي آڻڻ، وڏي آفت آڻڻ.

(6)  جهونجهيائين = ڍونڍيائين.

(7)  جولڻ جاکرو هو، کتائين = کوڙيائين، هنيائين.

(8)  گهـِـريو = ڪريو.

(9)  مـَـندي پوٽو = مـِـٺو گبول.

(10)  سـُـڻ رهيا = اي رهيا، تون ٻڌ (رهيو گبول، وعدوڪري مدد ۾ ڪونه آيو). چوءِ = چوي.

(1)  تـِـهيِ کڻج = آهستي کڻج، سنڀاري کڻج.

(2) ڌُئو = ڌُڻيو.

(3)  يعني ته جڏهن جنگ نه هوندي هئي ته هو وڏي شان سان رهندو هو، آفيم جي ڪسونبن سان سندس اکيون ڪڪوريل هيون ۽ کٽ تي خمار سان وهندو هو.

(4)  کلڻ ۽ کٽلڙي مڪانن جا نالا، جتي موکي جو ميخانو هو.

(5)  يعني مـُـگر، جيڪو ٽيڀر پاڙي مان هو.

(1)  تـُـڳو = ڇپر ۾ تـُـڳئي وارو تلاءُ، جتي اصل جوکيا ويٺل هئا.تـُـڳو نالي ٽيڀر پاڙي جو وڏو پڻ ڄام بجار جي وقت ۾ هو.

(2)  مـِـيٽون ڪيون = (ميٽ = ڪست مان چپ وات ۾، ۽ منهن ۾ گهنڊي) ڪاوڙ مان جلهون ڪيون.

(3)  گــُـڏائي = ڪـُـهائي. ساتلاڻي = ٽيڀرن جو هڪ پاڙو.

(3)  رندن ۾ شهداد = شهداد، رند سردار مير چاڪر جو پٽ هو، همايون کي لشڪر جي مدد ڪيائين.

(4)  پاٿاريين پڌرو = بهادرن جي مجلسن ۾ مشهور.

(5)  ٻٻراڻي = مـَـلڪ مريد، جيڪو وڏي مـَـلڪ ٻٻر جي اولاد مان هو.

(1)  طـُـوطا جي توري = وڏي ملڪ طـُـوطا جي برابر.

(2)  مير مريد کان ٿو سرس ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org