شاد مان مري جا بيت
شادمان پٽ حاجي امام بخش بڊاڻي مري، ويٺل
ڪنڊير، تعلقو کپرو. شادي ۽ شادمان ٻئي ڀائر شاعر
هئا. ٻنهي وڏي بيماري (1918ع) ۾ ساڳئي ڏينهن وفات
ڪئي. شادي کي دفن ڪري وري اچي شادمان کي کنيائون.
1. ساراهيان سچو ڌڻي، سڀني جو سردار
”مري“ چئي، محمد مير کي آهي ڏات ڏني ڏاتار
شافع ٿيندو، شادمان چئي، اچي اُمت جو آڌار
آهي اميد امت کي اچي پير اُڪاريندو پار
اچي سانگهڙ شهر ۾ ٿيو ”جولو“ جعمدار
ڪَئين ڪُريزون ڪيتريون،هن جو ڏاڍو ٿيو ڏهڪار(1)
هڪ حڪم حاڪم جو ٻيو آڻي نه اختيار(2)
ڏيو قول قرار، ڪري پُڇائون ”پِيرو“ جون(3).
2. ڪري پڇائون ”پيرو“ جون، مانا مُنهن چڙهي
ماڙهو سانگهڙ شهر جا ٿو ڪوٺيو گڏ ڪري
ڪن صدائون سيد کي، ايءَ منڪر مانَ مري
هڪ حڪم حاڪم جو، هرڪو ڏاڍي کؤن ڏري
قادر ڪم ڪري، ڪوڙين ٿِين ڪلاڪ ۾.
3. ڪوڙين ڪم ڪلاڪ ۾ ٿو باري بنائي
فقير ديڳون فقر جون ٿو چوڏَهيِن چاڙهائي(4)
ميڙو بهرم شير جو لال بيٺو لائي
اچي گوهر گـُـل کي ٿو سِکُ به ستائي(5)
”سائين! آه بخيلي بچوءَ کي ٿو سورهيه سڏائي(6)
هادي انهي حرن سان مون کي ملائي“
”ڪفر کي ڪاهي، مارينداسون ميدان ۾.“(7)
4. مارو ڪيو ميدان ۾ جنگ ڏيئي جوانن
سڏي اُٿاريو سـِـک کي اچي ايمانن(1)
ٽِياڪُڙ ڪُل ٽهي ويا، جِت ڪڙڪو ڪيو ڪانن(2)
هڪ لغاري لڙي پيو تنهن کي وڍيو وريامن
کـَـني جي خانن، ڏني جنگ جَزيد سان.
5. ڏيئي جنگ جزيد سان، هليا منڪر کي ماري
جولي ٿي جولان ڪيا، قول ڏنا ڪاري
سڏي اُٿاريو سِکُ کي آڻي بَچُو بيهاري
هنيائين ڪان ڪاپار ۾ سيد سنڀاري
هـُـن ٿي هٿوراڙيون ڏنيون، ڏسن ٻِه - نالين ٻاري
ويرنَ وهاري، ڏنس تاثيرا طنبوءَ ۾(3)
6. ڏيئي تاثيرا طنبوءَ ۾ هليا بَٿيُون بَڇائي(4)
فوجون جي فرنگ جون ڇڏيون ڪانن ڪنبائي
”پيرو“ پنهنجي پلٽڻ کي ٿو سڏيو سمجهائي:
اسان تي ماڙ مرشد جي، اَجهو سو آهي
مارينداسون ميدان ۾ ڪفر کي ڪاهي
مَکي ملهائي، وٺي جوان ويهي رهيا.
7. وٺي جوان ويهي رهيا ڪانه ڪڍيائون ڪاڻ
پوشاڪون جي پَٽَ جون سونَهريون ٿَن ساڻ
اڳي هئا مـَـشرَ مُلڪ ۾، وري ٿِئِنِ واکاڻ(1)
گهڻو گهرن ڪينڪي، جيئڻ جو جَيڏاڻ
سڻي صاحب هليو حال حقيقت هَاڻ.
انجنيري اهڃاڻ، اچي سَهڙيا سانگهڙ شهر ۾(2)
.
8. اچي سهڙيا سانگهڙ شهر ۾ ٿيو طنبن تي
تاهُوت
ڀاڳيا ڪـُـل ڀَڄِي ويا، ٿيو مکيءَ ۾ ماهُوت
حضرتي حُرنَ جو ٿيو سندرو ثابوت(3)
بازيون ڪيون بَهُوت، پر هنن کي پتو پيوئي ڪونڪو(4)
9. پتو پيو ئي ڪونه ڪو، ڪيائون هنر هزار
ڏاها ڀورا ڏيهه ۾ تڏ چَلائيَون چؤڌار(5)
وزيرين وَڪيلن کي ٿي آڇيائون پاڻ پگهار(6)
ڏيون انعام انهن کي جيڪي طور لهن طوُمار
ڪا تن جي خبر چار، آڻي سُڌ سڻائيو.
10. صاحب اُن جي سُڌ جون ٿو ڪرين پڇيو پچارون(1)
هتي غازين گهائي ڇڏيون ڪيئي قطارون
سپاهين کي سانگهڙ واٽ ۾ موهيو ڏين مارون(2)
اٿن جلسو جنگ جو، آڻي دڙا ڪيائون دارون(3)
تن جون تڪرارون، صاحب! اٿئي سِر تي.
11. صاحب سِر نه ڪڙو ڪيو، انجنيري اُٿَـلِيو(4)
منهنجو مَکيءَ وارن سان حڪم ڪونه هليو
آءٌ نه وڃان اوڏهين، وڃي پنهنجا پاڻ پليو
هـُـن کي هَفِـيز وارن مان هٿ آيو، ته ڪر چَٽَيءَ
چور جهليو(5)
ڪُوڙيو ڪُندَ ڏاڙهين جا، ٿا ٽي ٽي ڪن ٽِلو(6)
قيدي قيد ڀلو، انهن حُرن جي حُڪمات کؤن.
12. حُرن جي حُڪمات جو ڏاڍو ٿيو ڏهڪار
ٻارهن ڄڻا ٻيلي ۾ آهن نامَ ڪَٺيا نروار
هڪ نيڪي نالو تن جو، ٻيا سورهيه هئا سَچيار
ماري تن منڪرن جا ڌڙ وڍي ڪيائون ڌار
هڪل ٿي، هٽ - تاڙ ٿيا، کِـٿا سڀ کوليار
پيرا چِـتائن پِرهه جو، اُٿي هَـٽن تؤن هَٽيار
سِسِي جا هن ساڌ جي وڍي ويا وَنڊ يار
”نِيمي ڪُل ناس ڪري، ڪيائون گُروءَ جو سُنهَـن
گار“(1)
پوءِ ڇڏي ٻچا ٻار، ڀڄي ويا هن ڀوءَ مان(2)
13. ڀڄي ويا هن ڀوءَ مان واڻيا ويجهيءَ جا
سُئائون سانگهڙ شهر ۾ ڪڙڪا ڪانن جا
پَهي مَهڄَڻ پاڻ ۾ کڙا خط ڪيا
”صاحب! ماڙهُوملڪ ڇڏي ويا، توکي ڪل نه ڪا“(3)
ٽپالون جي ٽيشُنن تان واچيندي ويا
پُرزا پئنچن جا، وڃي راڻي وٽ رجوع ٿيا(4)
پُرزا پئنچن جا کڻي ويهي وانچيائونس
ڪري ڪاغذ اوڏهون لاءِ ”لُوڪس“ لکيائون(5)
صاحب آيو سيگهه مان تنهن کي ائين چيائون
سائين! مَواسيا گهُمن مکيءَ ۾ ٻارهن آهن ٻانهون(6)
ماري ڪُٽي ملڪ کي پنهنجو جُڳُ ڪڙو ڪيائون(7)
هنن سان حاجت ناهي هڪ جي، آهن ڪي بنهه بلائون
تنهنجي رعيت رولائون، پلٽڻ وٺي وڃ پاڻ سان.
15. پلوٺي وڃ پاڻ سان، ڪر پنهنجي پختائي
هُو رُڳي وڙهن ٿا رات جو، اچي لائن لڙائي
هيڪاري حُرن سين آهي راڄن رَهائي(1)
مـِـلـَـت آهي مارايو ”جولي“ کي جائي(2)
ڊپ گهڻو ڪج ڊوه جو، متان کوٽ وڃئي کائي
مَکِـي سڀ مَواسيا آهن صوبا صلاحي(3)
ڪر پنهنجي پختائي، اتي قانون هلي ئي ڪانڪا.
16. قانون جي ڪيائين ڪانڪا، اختيار رکي آيو
آرانڀو مَکِـيءَ ۾ ليوڪس اچي لايو(4)
حُر اوهان تي دُر ٿيا، مدد ڏيئي جهلايو(5)
زابر اوهان جي زور تي ٿا وڙهن ٻولايو
نيٺ نه سر نايو، ويئي ويل گذر ٿي.
17. ويئي ويل گذر ٿي، ان کي پتو ڪونه پيو
هن گهريا ڪم ڪريم کؤن جنهن جڳٽ آ جوڙيو
مُلڪ آ محمد مير جو، جنهن تي ڪلمون راس ٿيو
آهي اُميد اُمت کي لال لهي ايندو
شافع ٿيندو، شادمان چئي، مـُـرسل اچي منهنجو
جَمجما سلطان جنهن روءِ زمين جو چڙهي سير ڪيو
ڪونه ٻڌوسون ڪڏهين نيٺ آ نيبهه جو
اَمرُ سين آيو، هي پارت ٿيو آ پير جو(1)
.
18. پارت پٺيان پير جي ڏنا سورهين سمن(2)
ڦِري چِـتايو فلنگ کي وَڙڪـِـي وزيرن
چڙهي آيا چؤگان تي، اچي ملهايو مردن
وانگاري ويهي رهيا، هو آڙُ نه اوڏو ڪن
هو ”گُلو“ گڏ منجهن، ”تَڳيو“ ”پِيرو“ پاڻ ۾.
11. ”تڳيو“ ”پيرو“ پاڻ ۾، هو مَٽ کؤن ڪيئن
مُڙن
هوڏنهن اَسي کؤن اُمت گهڻي، هيڏنهن ٽولي ڪي آهي ٽن
ٽڪَ ٻلي ٽاهو لڳا، ڪڙڪا ڪيا ڪانن
ٿي زاري زميندارن سين، سي اوڏا ڪين اچن
ڪَري ڪاٺ ڪُلهن تي ٿا ڀؤ مان دور ڀڄن
جو سُورهيه سِک منجهن، سو عقاب جيئن آئيو(3).
20. عقاب جيئن آئيو ڪُڙَ هو ڪڏائي
پڙهائي ”پيرُو“ ڇڏيا سنگتي سمجهائي:
افسر آيو ڪونڪو ڪمانيءَ جهڙو ڪاهي
هيءَ مهل هن کؤن مڙڻو ئي ناهي
هو به مينهن مٿي تي آيو ويري وَسائي
ڪانن ڪيرائي، نيئي اُٿوڙي اُبتو ڪيو.
21. اُٿوڙي اُبتو ڪيو، ڪيا ريفلن رڙهاٽ
زور وٺي ظاهر ٿيا ڪُڏي سڀ ڪنواٽ
پلٽڻ تڏ پلٽي پئي، ماڙُهن لڳي ماٺ
سڪي ويا سپاهين کي ڪُلهِن مٿي ڪاٺ
انجڻيون اُٿلي پيون ڦـِٽن ڏنا ڦاٽ
ريفلن ريڙيَون ڪيون، ڪانن ڪيا ڪڻهاٽ
ڳارا ڏيئي ڳاٽ، ٿيا شير شهيد، شادمان چئي.
22. ٿيا شير شهيد، شادمان چئي، جوٽون ڏيئي جوان
هلي آيا حُب مان، ڪيائون ڪوڙن واري ڪانه
بيشڪ بهادر هئا، گهڻو تڳيا تان نه
هڪڙي جا حاضريءَ ۾ جاڙَ ڪري ويا جوان(1)
ساراهجي سبحان، حُرن هيڪڙيائي ڪئي(2).
23. حُرن هيڪڙيائي ڪئي، وڙهي انهيءَ وير
نه ته سِر کڻي سامهون ٿئي ڪانن اڳيان ڪير
ڪاهي پيا ڪٽڪ ۾ هو دهليا ڪين دلير
فِرنگ فريشان ٿيو، جنهن پاڻ سڏايو سير
ڪڍي ڇڏيا ڪانن جا اخوانن اُڌيڙ
پوءِ ڀڄي ورتائون ڀيڙ، ٿاڻا ڪُل ٿُڏجي ويا.
24. ٿاڻا ڪُل ٿُڏجي ويا، ويٺا نه واپاري
اُمالڪ اُٿي ويا اهي ڪَمِي ۽ ڪاري
هندو هٽ تاڙيون ڪري لڏيا لاچاري
تڙيئون ڪنهن تحصيل سان سانگهڙ جي صوبيداري
ڪڇ، ڀُڄ ۽ ناڙي، ويون اخبارون انگريز جون.
25. اخبارون انگريز جون، چلي ويون چؤڌار
جن اصل ٿي انعام کنيو پروُجَن پگهار(1)
ٽلوُن ٽَلي پاڻ ۾ ڪيا وَڏاکن ويچار
ته اصلي سورهيه سنڌ تي هئا ٽالپور ٽيليدار
متان ڪا ميرائي ٿئي انهن جي آڌار
حيلا لک هزار، انهن ڏاڍيون ڏاهپون ڪيون.
26. ڏاڍيون ڏاهپون ڪيون، وڏاڪيائون وس
مارو مَکِـي ڪنڌيين بنهه نه ٿئي بس
هنيائون ٿي حڪم سان ڏيو دُنالين کي دس
پيا هئا پڙ پٽن تي ڪارتوسن جا ڪس
اهي ڏيندا ڏيهن کي ڏس، جن کي گڏيا هٿ حرن جا.
هي بيت سگهڙ حاجي محمد علي پٽ رحميداد خان
بڍاڻي مري، ويٺل لڳ ڦلهڏيون ٻڌايا، جنهن سان اسان
جي 6-اپريل 1968ع تي ڪچهري ٿي. چيائين ته جڏهن بچو
۽ پيرو ٿيا تڏهن شادمان ۽ سندس ڀاءُ شادي پڪا جوان
مڙس هئا. حاجي محمد علي چيو ته اها عام خبر آهي ته
حرن ست ورهيه حڪومت ڪئي.“
تاجي دل جو چيل بيت
تاجو ذات جو دل، ويٺل ڪانٽيو تعلقو مٺي،
ان وقت جو عوامي شاعر هو، جنهن جڏهن ”راڻي پور جي
راڻن ۽ تروٽ واري جنگ“(1)
تي بيت چيا ته شروعات ئي حـُـرن جي بهادري ۽
جولاسنگ جي مارجڻ سان ڪيائين ته:
ٻارڻ تن ٻَهروَٽين جو ٿيو هندوءَ کي هر کان
ته: ڏاتر مون ڏيکارين تن ديمين جو دهمان
پوري ويهه ”پيرو“ ڪئي جنهن مکي ڪئي ميدان
ويهون رنگ وساڻ کي جنهن پوءِ نه لڪايو پاڻ
”جولاسنگ“ جبل هو جنهن سک وڌايو شان
پر پهلوان پهري جو ڌُريون رکيو نه ڌيان
ٻيٽ ٻيلاسي ڇُـٽيون باهه بندوقون بان
”جولي“ جي جسم مان لنگهيا ڪرابينن ڪان.
ٻي حر تحريڪ ۽ انگريزن سان جنگ
پهرينءَ حر تحريڪ (1896ع) بعد انگريزي
حڪومت کي يقين ٿي چڪو هو ته جيڪڏهن ”حر جماعت“ ۽
”پير پاڳاري“ جي گاديءَ کي ختم نه ڪيو ويو ته
هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ جي پٺڀرائي ٿيندي
رهندي، تنهنڪري هنن حُر جماعت توڙي پير صاحب
پاڳاري کي ختم ڪرڻ لاءِ منظم طور تي ڪارروايون
جاري رکيون. جماعت مان هر سگهي ۽ صحتمند نوجوانن
کي سنڌ اندر لوڙهن ۾ بند ڪيائون ۽ هر چُرندڙ ۽
طاقتور فرد کي هندستان ۾ جدا جدا جاين ڏانهن
جلاوطن ڪيائون. ”لوڙهن“ جو اهو سلسلو هلندو پئي
آيو، تان جو پير پاڳاري شمس العلماءَ شاهه مردان
عرف ڪوٽ ڌڻي، حُرن تان انهي عذاب لاهڻ لاءِ
انگريزي حڪومت کي مطمئن ڪرڻ جي هر طرح ڪوشش ڪئي.
1914ع واري پهرين جنگ عظيم ۾ حڪومت آزمائش طور
کانئن ماڻهو گهريا. پير صاحب نه فقط پنج سؤ ماڻهو
فوج ۾ ڏيڻا ڪيا، پر ٻي مالي مدد پڻ ڪئي، تڏهن وڃي
لوڙهن جو خاتمو ٿيو. انهيءَ هوندي به انگريزن هن
گاديءَ کي اک ۾ رکيو.
ٻئي طرف پيرصاحب پاڳاري توڙي سندن جماعت،
انگريزن کي نفرت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو،انهيءَ ڪري
جو هڪڙو ته انگريز ڌاريا حاڪم هئا، ٻيوته انگريزن،
ڪيترن ئي بيگناهن کي سخت سزائون ڏنيون ۽ حُرن تي
بيجا سختيون ڪيون هيون. تنهن ڪري انگريزن سان
وفادار ٿي رهڻ بدران، حرن هنن جي خلاف محاذ کڙي
ڪرڻ لاءِ موقعا پئي تلاش ڪيا. آخرڪار پير صاحب
پاڳاري سورهيه صبغت الله شاهه (ثاني) جي دؤر ۾
عملي طرح ”ٻي حُر تحريڪ“ شروع ٿي.
پير صاحب صبغت الله شاهه ثاني ٻارهن ورهين
جي ننڍيءَ عمر ۾ گادي نشين ٿيو. سندن ولادت 13-صفر
سن 1327هه ۾ ٿي ۽ پنهنجي والد شمس العلماءَ شاهه
مردان شاهه جي وفات (7- ربيع الاول 1339هه) بعد
”پير پاڳاري“ جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪيائون. سندن
ننڍي عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندن ويجهن ۽ وڏن عزيزن
کي اها اميد ٿي ته هيءُ ننڍو پير پاڳارو سندن صلاح
تي اُٿندو ويهندو، ٻئي طرف انگريز حڪومت جي هوشيار
۽ چالاڪ ڪامورن اهو ويچار ڪيو ته هن ننڍڙي پير تي
اثر وجهجي ۽ کين سکيا اهڙي نموني ڏجي جيئن خانداني
روايتن کان منهن موڙي انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي
رهي. پر پير پاڳاري صبغت الله شاهه پنهنجن عزيزن
توڙي انگريزي حڪومت جي آفيسرن جي اشارن تي هلڻ کان
صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
پير صاحب جي آزاد طبيعت انگريزن کي سخت
ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن اهو فيصلو ڪيو، ته
جيڪڏهن پير صاحب تي جلد ئي ڪو قدم نه کنيو ويو ته
انگريزن جي خلاف هڪ وڏو ممڻ مچي ويندو. جلد ئي
انگريزي حڪومت کي پير صاحب جي پنهنجن عزيزن مان
فريادي ۽ شاهد ملي ويا، جن پير صاحب تي هنيل
الزامن جي سلسلي ۾ شاهديون ڏنيون ۽ انگريزن جي ججن
ڪيس هلائي کيس ڏهه سال سزا ڏيئي سنڌ کان ٻاهر
رتناگري جيل ۾ نطربند ڪيو.
اتان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پير صاحب جن نئين
سر پنهنجي مريدن جي اصلاح ۽ تربيت طرف ڌيان ڏنو.
سانگهڙ جي ڀرسان ”گڙنگ“ بنگلي کي پير صاحب جن
پنهنجي نئين تحريڪ جو مرڪز بنايو. مريدن کي حڪم
ڏنائون ته ڪوبه ماڻهو انگلنڊ جو ٺهيل ولائتي ڪپڙو
نه پائي. هن حڪم انگريزن کي ڀڙڪائي ڇڏيو ۽ حڪومتي
طاقت پير صاحب جي خلاف حرڪت ۾ اچي ويئي. انهيءَ
دؤر ۾ پير صاحب جن جي طرفان جماعت کي حڪم پهتو ته
اهي مڙس جي غازين جي صف شامل ٿيڻ چاهين سي پنهنجا
نالا لکائين. هن حڪم کان پوءِ ڪيترائي مريد غازين
جي صف ۾ شامل ٿي ويا ۽ روز بروز سندن تعداد ۾
اضافو ٿيڻ لڳو.
هن جماعت ۾ شامل ٿيل غازين ۾ سرفروشي جو
زبردست جذبو پيدا ٿيڻ لڳو. پير صاحب جن انگريزن جي
تسلط کان پوريءَ طرح واقف هئا. پاڻ اندروني طور
جماعت جي اصلاح ڪندا رهيا ۽ کين قرباني ڏيڻ لاءِ
تيار ڪندا رهيا. ولائتي ڪپڙي نه پائڻ واري حڪم کان
پوءِ غازين جي تحريڪ انگريز حڪمرانن کي سخت ڳڻتيءَ
۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ته هاڻي شايد سندن خلاف هڪ
باقاعده تحريڪ ٿي شروع ڪئي وڃي. انگريزن ”غازي
تحريڪ“ کي ناڪام بنائڻ جون عملي ڪوششون شروع ڪري
ڏنيون. هر هڪ ڏوهه کي بنا جانچ جونچ جي حرن ڏانهن
منسوب ڪري، خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ
لاءِ رڪارڊ ٺاهيا. ننڍن وڏن حرن لاءِ پوليس ٿاڻن
تي هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون ۽ ڪن تي هفتي
جي بدران هر ٽئين روز، بلڪ روزانيون حاضريون مقرر
ڪيون ويون. پير صاحب جن جي گڙنگ واري بنگلي تي
چوڪي لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو ويو. پير
صاحب انهن پابندين خلاف احتجاج ڪيو ۽ حرن جي
حاضرين ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته جيڪي ماڻهون اَٺن ڏهن
ميلن جي مفاصلن تان پيدل هلي اچي ٿاڻن تي حاضريون
ڏيندا، سي پنهنجن ٻارن ٻچن جي گذران لاءِ ڪهڙو
پورهيو ڪري سگهندا، پر هن احتجاج تي انگريزي حڪومت
ڪو ڌيان نه ڏنو، ويتر حرن تي ظلم ۽ سختيءَ کي
وڌائي ڇڏيو. انهن حالتن کان متاثر ٿي پير صاحب
حاضري ڏيندڙن مان ڊزن کن برجسته ماڻهن کي سڏي چيو
ته ”فقيرو! هاڻي اڳتي لاءِ اوهين حاضري نه ڏيو“.
حرن جي حاضرين نه ڏيڻ جو نتيجو اهو نڪتو
جو پير صاحب کي انگريزن نظربند ڪيو ۽ مٿن بغاوت جي
الزام ۾ مقدمو هلايو. آخر 20- مارچ 1943ع تي اٺين
بجي هيءُ آزاديءَ جو اڳواڻ سرُ ڏيئي سرهو ٿيو. هن
صدمي حُرن جي جماعت جي جزبي کي اُڀاريو. انهن سڀني
آڏو اهوئي مقصد هو ته ڪنهن به طرح انگريزي اقتدار
کي ختم ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هنن جو پهريون قدم
1942ع ۾ ٽنڊي آدم وٽ لاهور ميل کي ڪيرائڻ وارو هو،
انهيءَ لاءِ ته حڪومت جي آمدرفت واري وسائل کي ڌڪ
هڻجي. انهيءَ واقعي بعد حرن پٺيان هيڪاري باهه ٻري
ويئي، بي انداز فوج ۽ پوليس سانگهڙ، ٿرپارڪر،
نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ڪاهي پيئي، هزارين
بيگناهه جهلجي جيلن جي حوالي ٿيا. سوين حرن کي
ڦاسي ڏني ويئي. سڄيءَ سنڌ سان ”مارشل – لا“ لاڳو
ڪيو ويو، جو ٻه ٽي سال هليو. انگريزن جي حڪومت جي
دؤر ۾ دنيا جو اهو پهريون مثال هو جو ايڏي ڊگهي
عرصي لاءِ هڪ علائقي سان ”مارشل – لا“ لاڳو ڪيو
ويو.
جيئن جيئن حرن خلاف سرڪار طرفان سختيءَ ۾
اضافو ٿيندو رهيو. تيئن تيئن حرن به پنهنجون
ڪارروايون زور ڪيون. سرڪاري عملدارن کي مارڻ توڙي
پوليس ۽ فوج سان مقابلن ۾ ڪونه گهٽايائون. هزارن
بيگناهن شخص عيال سميت لوڙهن ۾ بند ڪيا ويا. سوين
ڳوٺ ساڙي ميدان ڪيا ويا. مکيءَ جي ڍنڍ کي سڪائي،
ٻيلو وڍايو ويو. اهڙي طرح حرن جا ڳوٺ، ٻنيون ۽ ٿاڪ
سڀ تباهه ڪيا ويا. ايتري مصيبت ۽ سختي سهندي به
حرن آڻ نه مڃي ۽ مقابلو ڪندا رهيا. انهيءَ تحريڪ ۾
جن حر فقيرن اڳواڻ بنجي حڪومت جي طاقت جو مقابلو
ڪيو سي هي هئا: وريام فقير خاصخيلي، غلام علي
چانگ، علي شير خاصخيلي، مٺو خاصخيلي، شيخيو راڄڙ،
محرم ڏاهري، عبدالله راڄڙ، سهراب راڄڙ، دودو ڪوري،
مصري لغاري، امام بخش سنجراڻي، راڻو مري، عثمان
هڱورو، گلو وساڻ، جڙيو خاصخيلي، ابل ماڪاڻي، عمر
ورياهه، ڦوٽو چانگ، همير ماڇي، چاچڙ ٽانوري، ميرو
نظاماڻي، رحيم هڱورو ۽ ٻيا، جن وڏيون همتون ڪيون.
سرڪار طرفان انهن فقيرن جي گرفتاري يا مارجڻ تي
انعامن جو اعلان ڪيو ويو. ڪي فقير دوبدو مقابلا
ڪندي شهيد ٿيا، ۽ ڪي جهلجي وڃي جيلن جي حوالي ٿيا.
مقابلن جو اهو سلسلو 1947ع تائين هليو. جڏهن
انگريزن ملڪ ڇڏيو، ان بعد قومي آزادي واري دؤر ۾
پاڪستان اندر پنجن سالن تائين انگريزن جا پڙهايل
ڪامورا حُرن خلاف ڪارروايون ڪندا رهيا، ۽ حُـرن به
ويندي 1952ع تائين اهڙن ڪرتوتن وارن ڪامورن جا
مقابلا ڪيا.
ان بعد جڏهن پير صاحب پاڳاري جي گادي وري
بحال ٿي، تڏهن موجوده پير صاحب پاڳاري جناب شاهه
مردان شاهه ثاني سڀني حُرن اڳواڻن کي پاڪستاني
حڪومت جي پيش پوڻ جو اعلان ڪيو. هيءَ ٻي حر تحريڪ
(1942 - 1952ع) انگريزن خلاف آزادي جي جنگ هئي،
جنهن جي اڳواڻي خود پير صاحب سورهيه صبغت الله
شاهه ڪئي.
هن ٻي تحريڪ ۾ حُرن جيڪي جنگيون ڪيون، تن
کي سنڌ جي عوامي شاعرن ڳايو. اهي بيت ۽ بيان لوڪ
ادب سلسلي جي نائين ڪتاب ”واقعاتي بيت“ ۾ تفصيل
سان ڏنل آهن (ص ص 529 - 277). هت مثال خاطر سگهڙ
قادر بخش جا ميري فقير نظاماڻي جي مقابلن ۽ شهيد
ٿيڻ بابت چيل بيتن مان ڪي ڏجن ٿا.
مردن ڪيا مقابلا، ڏسومردن جا ميدان
حڪومت هڪل ڪري، جاڳايا جوان
”بچو“ منجهن بادشاهه، ”پيرو“ پهلوان
لڳي جنگ غوغاءَ، ٿيو گوڙ وڏو گهمسان
سوال سـُـئا ٻڌاسون ڪيترا آدم مان اِنسان
پوءِ ”ميري“ جو ميدان، مون آهي ڏٺو اکين سان.
آهي ڏٺو اکين سان، مون ميري جو ميدان
ڪيائين مقابلا ملٽري سين، جنگيون جوٽيون جوان
جنگيون هن جوان ڪيون، جت هئا ملٽري مڪان
الله ڏنو هو ايڏو ان آدم کي ايمان
پهريون پهلوان، ميرو انهي ملڪ ۾.
ميرو انهي ملڪ ۾، ڪيو پهلوان پرور
پنج سو پندرهن ڄڻا، ملٽري ۾ مشر
گهيرو ڪيئون تنهن گهوٽ کي، اچي واهن جهليائون ور
ڪي ڪري پيا هئا ڪَڙيي ۾، ڪنين جهنگ جهليا ٿي جهر
حڪومت واري هڪل ڪئي، پئي خان خبر
گجي شينهن گُـڙي نڪتو، نعرو هڻي نَر
هڪل سان حاضر، اچي مرد بيٺو ميدان ۾.
مرد بيٺو ميدان ۾، سنججي ٿيو هو سوار
”علڻ“ اڄ کڻي ويو، هائي سڀ هٿيار
هڻي نعرو حيدري هن ڏاڍو وڌو ڏهڪار
ڪيا فَير فقير ٿي، ڏهڪايئين ٿي ڏار
هلي سو هڪ وار، اچي مرد بيٺو ميدان ۾.
مَرد بيٺو ميدان ۾، پڌرو پاڻ اچي
گولين جو تنهن گهوٽ تي ٿو مٿان مينهن وسي
ٻارهين کان پوءِ ٻي بجي، ڪاڙهو قيام هجي
پئي ملٽري مـُـنجهي، ٻُڌيو هڪل حاڪم جي.
ٻڌيو هڪل حاڪم جي، هئا ڪوهن منجهه ڪڙڪا
ٻن ميلن ۾ ”ٻروچ“ چئي، هئا گولين جا گڙڪا
ميل پنڌ ۾ ماڙهن سُئا، ان دانَهه جا دڙڪا
ميري جئن ڦهڪا، ڪيا هئا بندوقن جا ڀر ۾.
بندوقن جا ڀر ۾، هئا گولين جا گهمسان
گهوگهٽ هئا گهن مشن جا، دونهن جا دوفان
جهنگ ڇڏيو ويا جانور، هاڻي سڀ حيوان
پکي سڀ پرڏيهه ويا، چَرخ چڙهي چوغان
ات بيٺوآهي بَر ۾، مرد جهليو ميدان
واڪا هئا وڻن ۾، ڪڙڪا ڪن پيا ڪان
زمين مثل ٽانڊي جيئن، اُڀ گجي آسمان
اتي به پِڙ جهليو پهلوان، بيٺو آهي بَر ۾.
بيٺو آهي بَر ۾، پيو ڪيهر ڪُڏائي
وڌائين مارو ملٽري ۾، پيو ڪٽڪ ۾ ڪاهي
”مکي“ ”سانگهڙ“ سڀ بيٺو مَرد به ملهائي
پوءِ لاڳاپا لاهي، سر ڏيئي سرهو ٿيو.
---
|