13. ڪلهوڙن جي لشڪر جي ڪرمتين تي چڙهائي
ڪرمتي بلوچن جي قبيلي جي مـَـلڪ پنهنجي
قوم تي ٽيهه گورا ٻڌا ته اهي ساليانو ڪلهوڙن کي
ڏين. پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙي چيو ته: مون کي پنجاهه
رپيا گوري جي حساب سان ڏيو. اُن وقت گوري جو
مـُـلهه ڏهه رپيا هو، سوڪرمتين قبول نه ڪيو ۽ منهن
رکي بنا ماني کائڻ جي ڪلهوڙن جي ڪچهريءَ مان اُٿي
آيا. انهيءَ تي ڪلهوڙي لس ٻيلي جي حاڪم پاهڙ خان
ڏانهن مصلحت لاءِ لکيو. پاهڙ خان چيو ته: ”انهن تي
ڪٽڪ چاڙهي ختم ڪريو“. پوءِ خداآباد مان ڪٽڪ چڙهيو،
انهن اچي ملير تي چڙهائي ڪئي. ان وقت ڪرمتي بلوچ
سڀ ملير ۾ ويٺل هئا.
هن جنگ ۾ جن قومن حصو ورتو ۽ جن شخصن
بهادري ڏيکاري،انهن جو احوال شاعر ٿوهر گڊيءَ جي
بيتن مان ملي ٿو، جيڪي هن بعد شامل ڪيا ويا آهن.
انهن موجب تفصيل هن ريت آهي:
ڪلهوڙن جو لشڪر ارڙهن هزار هو، جنهن جو
اڳواڻ جمالين جو سردار عالم خان هو. ملير ۾ ڪرمتين
جو مـَـلڪ حيدر خان هو، جنهن کي صلاح ڏنائون، ته
ڪلهوڙن جي لشڪر سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي، ڀڄي هلون! پر
حيدر خان چيو: اهو لشڪر هزارن ۾ آهي، پر جي لک
مڙن، ته به آءٌ نه ڀـَـڄان.
هوڏانهن عالم خان ملير ۾ پهتو ته سامهون
مقابلي ۾ (ڪرمتي) بلوچ ڏسي، چوائي موڪليائين ته:
“آءُ تيسين لشڪر کي ترسايان ٿو، جيسين اوهين
ٻاريچا ڪڍي، حفاظت واري هنڌ تي موڪلي ڏيو.۽ ڪرمتين
پوءِ ٻار ڪڍيا. ڪرمتين سان سندن ڀائر راڄ گبول ۽
ٻيا ڀيڙا هئا.
هالو مبارڪاڻي گبول نمازي شخص هو، هميشه
پاڻ سان وضوءَ لاءِ پاڻيءَ جو ڪـَـرو کڻندو هو،
اهو به ڪـَـري سوڌو جنگ ۾ ٽپي پيو ۽ ڪلهوڙن جي
لشڪر سان ڏاڍي ويڙهه ڏنائين. آخر مارجي ويو.
پـِـپر (گبول) تازو پرڻيل هو، تنهن کي گهر ۾ ڇڏي
ويا هئا، سو ڇپري گهوڙي (بنان سنج، اولاڻي گهوڙي)
تي چڙهي وڃي کين رسيو ۽ چيائين ته: مون کي زال ڪري
پـِـٽڻ لاءِ ڇڏي ٿا وڃو ڇا؟ انهيءَ تي کيس تسلي
ڏنائون ته: وڃون ڪونه ٿا، تون وڃي سنبري آءُ. اُهو
به وڃي گهران ترار کڻي سنبري آيو ۽ جنگ ۾ وڙهيو.
ڪلهوڙن جي لشڪر سان ڪـَـرمتي ۽ گبول هڪٻئي
پٺيان سورهيائيءَ سان وڙهندا ڪرندا ويا. تنهن تي
ڪلهوڙن جي سالار چين ته: اوهين اجايو جنگ ۾ پيا
مارجو، موت جو ڊپ نه آهي ڇا؟ تڏهن ”ٿانهر“ نالي
ٻروچ جواب ڏنو ته: ترار هڻڻ اسان جومرڪ آهي، ڀلي
ته مارجي وڃون، پر پنهنجون اُٺيون ڪلهوڙن کي هرگز
ڪين ڏينداسين.
هن جنگ ۾ ٻروچن جا گهڻا مڙس مارجي ويا، پر
ڪلهوڙن جي آڻ نه مڃيائون.
ٿوهر گڊي جا چيل بيت
گورا آءٌ نه قبوليان، آئين ڪريو ٽـَڪين جي وار
هي سنجهي ويا سـُـگهڙ چوءِ، ڳوڌا ڳري بار.(1)
---
”پاهڙ“ جي پاران، آيو ڪاغذ ڪلهوڙن
سو پـُـري اندر پاڙاهيو، وانچايو وزيرن
ڪاغذ ڏٺي ڪٽڪ چڙهيو، جنهن جي ڪل نه پيئي ڪن
کئو خداآباد مان، ارڙهين هزارن(2)
آئي مـَـلههَ ملير تان، ڪا گهـَـل وڏي گهوڙن
سو ”حيدر“ هنڌائي نه چـُـري، توڙي لک ميڙن(1)
آئي ڀؤ جي ڀڄڻا، اسين پڻ طعنا ڏيون کي تن
عهدي ”عالم خان“ سان، ڪـِـي جـُـلهه جمالين(2)
کلي سي کينڪاريا، ”حيدر“ ٻيليئڙن
تنهن ”ٻروچ“، ٻيلي ڊوهيا، پسي”پشڪيڪن“(3)
ته آءٌ ٿو لشڪر ڊوهيان، ائين ٻاهر ڪڍو کي ٻارن
جهڙيائي ”عالم خان“ ڪـِـي، تهڙي ڪي ڪي ڪن
سندا ساپـُـرسن جون، ڳالهيون ٿيون ڳائجن
وٽيءَ ٻوٽي وٽ آهي، سندي اسان ڪلهوڙن(4)
ڀئو لڳي بازار ۾، آءَ سمجهندو سيڻن(5)
ٿوڙي کرو ڪامن، تو ۽ هي ڪرهو تنهن قطار مان.
---
آئي ”هالي“ هوت تي، ڪا گهڻ وڏي گهوڙن(6)
سو ڪامل پنهنجي ڪرئـِـي، ڇڏي ڪنهن نه ڇن(7)
ڪاڪي پاسي ڪـُـڙهي ڏنيون، ٿي سٽون گهاءَ سينهن
سئوڃاڻيون سورهين کي، ٿا ٻانهين منجهه ٻـَـڌن(8)
”پپر“ پرچائي ڪڍيو، آڳاٽو عهدين
تنهن گهوٽيي اوڇيا گهر مان، ٿا وڳا ويرچون
پاڳ پڇيڙو ٻانڌڻو، ٻهڪو ڪيو ٻيڙن(1)
چـَـمَ چوٽيءَ جو چاڳلو، هو رُپي تـُـهنارن(2)
سو لانچي هليولائقي، عهدي تي اُٺين
هڻي گهوٽيين گڏ ڪيو، ٿيون هورين منجهه هڄن(3)
مائون مـَـهاين جون، ٿيون راتو ڏينهن رڙن
پاڻ ٿيا سـُـوارکا، هاڻ ٿا پويين لاڪ پڇن
تن سورهين چاري چاڙهيو، بيگين تان ڀٽن
چاريءَ ڳالهايو: عهديا! هو الغاريو اچن
تنهن تي جيئڻ ۽ جوانيءَ جو ڇڏيو آپو ”عهدين“
سنهان سهڻا سـُـپتيا، هئا ٻيٽا ملوڪن
متارڪا ڳاڀرو، اهي ننڍا نه چئجن
اها وائي وات ۾ اچي صحيحي واري سراين(4)
ته مانجهيا! اسان کي موت ناهي من
تنهن تي ”ٿانهر“ ڳالهايو، ”ٿوهر“ چئي، ورنهه سان
ويرين(5)
ته مانجهيا! اسان کي موت آهي من
اُٺيون جي اسان جون، اسين ڇڏيون ڪنهن نه ڇن
کاڌا آلا اُٺين جا، اسان آهن جوپ سندا جوانين
سيلين ٽلين سونهڻيون، ٿيو جهوريڙيون جهمڪن
سي مور نه ڏيون ماڃٺيون، پنهنجون ڪاهي ڪلهوڙن
مـَـر جان رچن رت مان، سنديون طرفون تن(1)
متاريون ملير مان مـَـر اُچي ڳاٽ وڃن
”ٿانهر“ کي ”ٿوهر“ چيوءِ، مـَـر هيري هار ٻجهن
پوٽو مير ”پـُـرتوس“ هو، اٽل مان عهدين(2)
انهيءَ ڪـُـر وڏائي اِيءَ ته: مصريون هڻي پوءِ
مرڪن
مـَـٽ ماريائين پانهنجو، ڪو ڌُر جو مان ڍڱن(3)
موتي ماڻڪ مير کي، ٿا پاڻ اڳيان پوچن
”زُهم پوٽي“ زور وَڄايون، سـَـر چڙهيو سيلن
”ميراڻاڻي مجني“ هنين تراريون، وڌي کي ويرين
پوشيدي ۽ پپر جون، ڪيون ٿي واکاڻيون ويرين
وڏو مهڄڻ ميڙيو، ”ڀنڊين“ ۽ ”ٽيڀرن“
سو سڄو ئي سـُـرهو ڪيو، آهي ”مندين“ جي پوٽن
اهي ڪونڊا ڪاملين، اهي مير مارڪا ڪن
اهي گولا گهوڙيون، اهي تازي طبيلن
اهي راءَ رهاڻيون، اهي ٿا مير مارڪا ڪن
”سورينگ“ پـُـٽين پيءُ ٿئي برڪت وليئڙن.(4)
14. الله ٻـَـني واري جنگ يا جهـُـل واري جنگ
هيءَ جنگ جوکين ۽ برفتن جي وچ ۾، ڪراچيءَ
کان ٻارهن ڪوهه اُتر ۾ حب نئن جي ڪپ تي لڳي. برفتن
وڏو حملو ڪيو. ڄام بجار جوکئي چيو ته: هڪ طرف
بـُـٺي ٻئي طرف درياءَ حب جو. هي ”الله ٻنو“ آهي
جتي بيٺا آهيون. برفتن سان مقابلو ڪنداسون. انهيءَ
تان هيءَ جنگ ”الله ٻني واري جنگ“ جي نالي سان
مشهور ٿي.
ٻي روايت موجب(1)
جوکين ۽ ٻروچن جي جنگ لڳي، پهرئين حملي ۾ جوکيا
ماريا، باقي پنڌرهن مڙس وڃي بچيا، سي آيا ”لال بکر
ڀنڊ“ وٽ، جيڪو جوکيو فقير درويش هو (سندس قبو اڃا
تائين منگهي پير طرف موجود آهي). لال بکر ڀنڊ،
جوکين کي چيو ته: مون کي ڇڏيو، آءٌ پاڻ دنيا کان
پري ٿي ويٺو آهيان. پر جوکين کيس جڏهن مدد لاءِ
زاريون ڪيون، تڏهن چيائين ته: سڀاڻي ڌؤنرو گابو
اچي ٻروچن جي لشڪر ۾ پوندو، جي ان کي جهليائون ته
سوڀ سندن آهي، پر جي گابو حب اُڪري ڀڄي ويو ته فتح
اوهان جي آهي.
ٻئي ڏينهن ڌؤنرو گابو ازغيبي اچي ٻروچن جي
لشڪر ۾ پيو، پر ان کي جهلي نه سگهيا ۽ گابو حب ٽپي
ويو. پوءِ جوکيا آڙ ڪري ويٺا. بندوقون ڇوڙيائون،
جنهن تي هٽي ويا.
ان کان پوءِ ”عالي“ ساکاڻي جوکيو، جيڪو
گجرات طرف راجا وٽ هو، سو آيو اهو پلٿي راند ڪندو
هو. عالي ساکاڻي، سون مياڻي وٽ ويٺل جوکين ۾ ويو.
اتي زنگياڻي ٻروچن جي جوکين تي حملي جي خبر پيس.
عالي ساکاڻي، زنگياڻين کان پلاند وٺڻ لاءِ روانو
ٿيو. هو ڪنهن طرف پئي ويا، جو انهن جي مٿان اچي
سهڙيو ۽ انهن مان مڙس ماريائين ۽ باقي جيڪي بچيا،
سي اچي ڄام بجار کي ڏنائين، جنهن اُهي ڪرمتين جي
مـَـلڪ ڏانهن موٽائي موڪليا.
الله - ٻني واري جنگ کان پوءِ برفتن وري
به جوکين سان جنگ جي تياري ڪئي. جنهن تي ڄام لاسي
طرفان برفتن جي ڏوهٽي برفتن وٽ ميڙ ٿي آئي ته
جوکين سان جنگ نه ڪريو، پر برفتن ميڙ نه مڃي. تنهن
تي مائيءَ چيو ته:
منٿ نه مڃاوَ منهنجي، آهيو بي ٿورا بـُـزدار
جوکيا آهن جيئرا، بانڪا وٽ بجار
ڪڍي ڏينداوَ ڪسـُـونبو، ڌوٻا ڌارو ڌار
هاڻي ٽاڻو آهيوَ ٽريو، آهيوَ مٿان ڄام بجار.(1)
پوءِ برفت اڳتي وڌيا ته آڏو جوکيا جبل
جهليو بيٺا هئا، سو برفتن کي ماري وڌائون. پوءِ
ڪنهن برفت ڄام بجار کي چيو ته:
”ڄام بجار! واڳ به تنهنجي پاڳ به تنهنجي
جهـَـل، جيسين مان کـَـرڪاڻ کڻان.“(2)
انهيءَ جنگ ۾ جوکين جو ثمر ۽ سامان ختم ٿي
ويو ۽ جهـِـل جو ٻج ڏُٿ طور کائي گذران ڪيائون.
جنهن ڪري اِها ”جهـِـل واري جنگ“ جي نالي سان پڻ
مشهور ٿي.
----------
15. ناڙا ٿر جي جنگ
هيءَ جنگ برفتن ۽ جاکرن جي وچ ۾ لڳي، جنهن
کي شاعر براهم لنگهي گهنڊاري بيتن ۾ ڳايو. بيتن
موجب جنگ جو تفصيل هن ريت آهي:
برفتن ڪنهن جهيڙي ۾ آري جاکري کي ماريو،
جنهن تي قلات جي خان برفتن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڄام
بجار کي حڪم ڪيو. ڄام بجار پنهنجي طرف جي جتن،
ڪلمتين، جوکين ۽ نومڙين جو لشڪر تيار ڪيو. بارڻ
جوکيي، برفتن جي اُٺين هڻڻ جو بار کنيو، جنهن تي
مـَـندو برفتن جون اُٺيون هڻي آيو.
اتي برفتن به پنهنجا راڄ گڏ ڪيا. سندن
اڳواڻ عزت خان هو، تنهن وري دودن کي سڏايو، جن جي
اڳواڻن بولي ۽ سالار، جاکرن سان جنگ ڏيڻ جو فيصلو
ڪيو ۽ اڳواڻي پاڻ ڪيائون. پوءِ جتي به جاکرن جا
راڄ سجهندا هئن، حملا ڪري، انهن کي نقصان
پهچايائون. پوءِ سڌو ”دڙٻي“ ڏانهن رخ رکيائون،
جيڪو جاکرن ۽ سندن طرفدارن جو مرڪز هو. پر برفتن
جي چڱن مڙس چيو ته: دودن کي جس هجي، جو اسان جي
پاران وڙهيا آهن، پر جاکرن جي ميار اسان تي آهي،
تنهنڪري دودا پويان مدد ۾ ٿين ۽ اسين اڳ ۾ جاکرن
سان وڙهنداسين، نه ته اسان تي ٽڪو ايندو. تنهن تي
بولي ۽ سالار وراڻيو ته: اسين آيا آهيون ته هاڻي
جنگ ڏينداسين.
ناڙا ٿر جي جـُـوءِ ۾ ٻئي لشڪر آمهون
سامهون ٿيا. هن جنگ ۾ ٻنهي طرفن جي سورهين پاڻ
ملهايو، پر آخرڪار جاکرن هارايو. انهيءَ جنگ تي
برفتن جي لنگهي براهم گهنڊاري بيت ٻڌا، جنهن جي
اڻپوري روايت هن طرح آهي ته:(1)
ساراهيان سچو ڌڻي، جو سـَـرڻين جو سوڀار
جنگيون، جهيڙا، جهڳڙا، اصل الله جا آچار
اول آري ماريو، جاکرو جهونجهار
عڪس انهيءَ ڳالهه جو، رهيو “خان” کي کار
ڌاري ٿيا آهن دودا کي، پئي اُکتاپار.
---
سڏي ٿو سالار کي، بـَـهدر ڄام بجار
ته جت، ڪرمت، جوکيو، نومڙيو پنهنجو رکي پار
پاڻ پـَـرنـِـئون پـَـهـَـڙ کي، سدا ڪرمت ڪار
...................................................
جان ڪي جوکين جو، بارڻ کنيو بار
...................................................
اُٺيون آڻي اُن جون منـَـدو ماڻا دار(1)
ويرين اِيءَ هاڻ وساري ڇڏيو ڪيائون سک قرار
عمل نٿا مڃين جاکرا، جن ۾ گهڻو هـُـفڪار
تن ڦـُـري ساٿ ڦڪل سان، ڪيو غيباڻو گار.
---
تنهن تان عزت خان اُٺائيا، دودا دعويدار
بـُـولي، سالار پاڻ ۾ ڪيو وڏيرن ويچار
ته اُٿيو جهوريون جاکرا، جن ۾ ايڏو اختيار
تن ماڻهو موڪليو راڄ تي، سڄي نومڙيا ڪار
مـِـڙي جـُـڙي مـُـچ ٿيا، دودا دعويدار
دودا ٿين مهند ۾، صوبا سلحدار
هيلجيءَ تان هليا، سوڙ مٿي سردار
صبح جو سانگين تي ڄاڻي وڌائين ڄار
ماري جهوري جاکرا، پوءِ ڪيائين سک قرار.
---
هاڻي راڄن لڏون واريون، وٺو دڙٻي جو ديدار(1)
ڍائي آهيئون ڊگاريءَ جي، بيگن لاٿو بار
اِن نه ڇڏي اُن جي، ٿيو دوداڻي ديدار
ڀانئي راڄ منهنجو جاکرا، آءٌ سوئي آهيان سردار
ته ايڏيءَ نيئي لائيو، سانڍي تنهن سالار
سو وڙهي ٿو سـُـک ۾، دودا سين دلڪار
عزتون ڏيون اُن کي، سڏي پيو سالار(2)
آهي جاکرڪي جنگ جي، مٿي مون ميار
بـُـولو پنهنجي راڄ تي، وير نه سهي وار
هاڻي جوڙيان جاءِ جيئند تان تيسين ناهه تڪرار
رکيو آيو راڄ جو، ديرو دودا هار
پاڻ وهنداسين، پوئت ٿينداسين، ڪيا وڏيرن ويچار
ته وڃ تون بـُـولا نڪري، اسين آهيون ڳوٺ ڳهار
پـِـرهه جو پـَـڍين جو، صبح لهج سار
اسان جا پويان پارج، ڌڱ ڌتارج، سانڍج تون سردار
اسان جي پوين جو، آهـِـيـَـهءِ ٽڪو نراڙ.
---
بـُـولي تن کي گهوڙيون ڏنيون، تازايـُـون تلڪار
سي ڀي جـُـنبي جريدا ٿيا، ٻڌي هول هٿيار
تان ديـِـريندا ديکيا، پهريندي ”پراڙ“
سي ”روئيس“ ”راڻو“ اُٿيا، عيسباڻي اوجار(1)
ٻئي ڀائر ٻيلهه ٿيا، ڇڄي نه ٿيا ڌار
تن مهندان مزمانن جي، ڪيائون کلندي کيڪار
ڀري پوڄ پلاءُ جا، ٿيلهي کاڌائون ٿار
پر پـَـٺائي کي پـَـڇـَـنڊي روئيس رؤنسيدار
پنج پٺائي جهلي ويو، پتنگ پهرئين وار
راڻي سينرڳا ڪيا، سـَـمهـُـانئين سينگار(2)
تيسين عيسب جاکري اُسري، کنا هنيا کنگهار
کوڙيو منجهس کـِـينئري، ڀالو بي ميار
لاکي نـَـئـِـگين وچ ۾، ڪي اچي اڌڪار(3)
هـَـئي ماما ماري موٽيو، ڪرهو قلعي دار
مٿان تن ميرا ٿيين کي ڇـُـڳيريين ڇمڪار
الڳ اُن جا اڱرا، ڌوئي ڪيائون ڌار.
---
پوءِ وٺو مينهن وسونءَ تي، ڪيا اچي وڄين واپار(4)
اوڪاريائين اُتان، ٿيلهيائين ٿاڻي پار
هوتي، ڪلو، ٻاپڙو، سچيڏنو سوار(1)
هي چارئي وڃي نڪتا، واسو تيڏيءَ وار
پوءِ اڳرا گڏيا عاقيل کي، گڏيا منجهه گهنڊار
هئو اتي خالقڏنو حماتي، ديمين جنگ پچار
اهي ڇهئي ڇڳيرا گڏيا، تازا ئي تلڪار
ڏوکي ڏوران ئي ڏٺا، ويندا اوجهه اپار(2)
سي ڇهئي ڇـُـٽي پيا،ان جي رند پٺيءَ رانجها
آيو هئين دودا جي پـُـٺ، پر کـُـتيئي ڪانه کنگهار(3)
پڙين پهه ڪري تون دهليين دعويدار.
---
پڙين جا اڃان پڌرا ٿيندا موراکا مهندار
اڳي هڻڻو هئين حماتي، اڄ رڻ نه چڙهيين راندار
تـُـرا تنهن جي تيک جو هدو کڻندا هئا هزار
تان چئي: ڪومَ مرڪي سـَـت تي، آهن الله جا آچار
سڀڪو لوچي سوڀ کي، سوڀون هٿ ستار.
---
اڏ وٺندي اِن جي ڪي پالارين پڪار(4)
تن لوڌي لوڙهه ڇڏائي، ڪي هوتين هاڪار
خالقڏنا ٻاپڙا ڪڍي وڃو ٻار
ته اُني منجهان هڪڙي عاقيل کي، ڏنو ويڻ وڏو وانڌار
ته گار ورائي گهڙي پيو، هوتيءَ ڪئي هاڪار
تيکين وچ ۾ تاروُن هڻي، هنئي حاجي مصري، هن
گهوڙيءَ کي گهانڊار(1)
تڏ برابر ڀاڻيج تي، ڇڻيو پاڻ ڇڳار
هنيائين ڪڍي حاجي کي نيزو منجهه نراڙ
ٻئي ٻکين اچي ويا دولهه دعويدار
ٻئي گهوٽ گهٽا پيا، مانجهيءَ ڪيا ملار
ڪارنهن ڪاتيون، ٻارنهن تراريون، جهليون هيون انهي
خبردار
انهيءَ لڳي هيڻي نٿو ٻولي، اهي آهن پنجاهيين جا
پار.
---
عمر ڄائي، نيزا لائي، هڻي ڪي هٿ ٺار(2)
خوش کٽولا چڱي چوڙيا، رڱيا هئا رڱدار
هن جي واکاڻ ويرئين ۾، پهرئين پاڻو واڻ پچار
پوءِ نوڪ بندي اچي نبيري ڇڏيو، هڻي خنجر ڪڍيائين
کار(3)
---
هوتيءَ سامتي پاڻ ۾ ڪي کني جي کينڪار
جيئن ڪڪر ڳيون ٿين اُڀ ۾، تيئن وڄيون
هوتيءَ جوان تي وٺيون اچي اپار
هيون جت هوتيءَ سين سوڍيون منجهه سؤنسار
سي کريون ڳالهيون خبرون وڃي ڪندا جاکرا جهونجهار.
هاڻي چڙهيي چهتا ڪلي ڪنگڻهار
ڀالو هڻي گهوڙي کڻي نکتو منجهان هزار
وڃي ڪلا نـِـکتو رڻ ۾ مارايو يار
چئي: وڃان جي نڪري، ته ڪر کي آ ميار
جتي بيهندي منهنجي سواري، ڪندس ترارين جا تار
شوپيو اچن تنهن کي چاپيو اچن سوار
ويندي گهوڙي وِساڻي تيڏيءَ تنهن وار
هاڻي ڪلو گهڙي پيو، اُچي سان اختيار
اچي سورهيه سـُـوين کي سامهون ٿيو، ڪڍي کـَـنو
کپان ڌار
ڪـَـلي پوءَ ڪوڏ پڇنڊيا، ڍيرا چڱيءَ ڍار(1)
ڪيائون راند رڳي رُهڙين جي، ڌڙڪـُـٽ جهونجهار(2)
تهر آيا ترارئين جڏهن کيرو ڪيو خمار(3)
هت به ٻئي پاران هـُـدِر جاکري ڪئي هاٿيءَ تي
هاڪار
هن به ٻهڳڻ پنهنجي ٻانهن سان کڻي جهوڙيري جهمڪار
پوءِ محمود جي اچي کـُـتيس مصري تيک وڏي کان
تلـَـڪار.
------
|