سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:1

شاهه جو رسالو

سمجهاڻي ۽ مفهوم سميت

محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ناشر طرفان

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاهڪار ۽ عالمي ادب جو لازوال ورثو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قرآن شريف کان پوءِ سنڌي ماڻهن وٽ جيڪو ڪتاب گهڻي ۾ گهڻو پڙهيو ۽ ساهه سان سانڍيو وڃي ٿو، اُهو ”شاهه جو رسالو“ آهي. ليڪن اها به حقيقت آهي ته شاهه جو ڪلام ٽي سو سال قديم هجڻ سبب ۽ وقت گذرڻ سان گڏ شاهه جي ٻولي ۽ اُن جي اصطلاحي استعمال کي سمجهڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. اهڙيءَ طرح زندگيءَ جا بدلجندڙ طور طريقا پڻ اسان جي سمجهه کي متاثر ڪري رهيا آهن ۽ شاهه جي شعور جي پرک ۾ حائل ٿي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي شاعري ۽ پيغام کي سمجهڻ آسان نه رهيو آهي، ۽ خاص طور نئين نسل لاءِ شاهه جي ٻولي ۽ فڪر کي صحيح نموني ۾ پروڙڻ ۽ پرجهڻ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. بورڊ گهڻي عرصي کان اها ضرورت محسوس ڪري رهيو هو، بلڪه اها عام تقاضا هئي ته شاهه جي بيتن کي عام فهم نثري سمجهاڻي جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ اُن سان گڏ مفهوم کي واضح ڪيو وڃي.

اِنهيءَ پس منظر ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ توڻي اُن جي صوفيانه فڪر کي  آسان انداز ۾ بيان ڪرڻ وقت جي تمام وڏي ضرورت هئي. جناب ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي هيءَ ڪاوش سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ وڏو ڪارنامو آهي ته ٻئي طرف سنڌي ٻولي ۽ قوم جي وڏي ۾ وڏي خدمت آهي.

هن رسالي جي ٻي وڏي خصوصيت اِها آهي ته هن ۾ شاهه جو اُهو ڪلام پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو تحقيق جي لحاظ کان ”مستند متن“ جي حيثيت رکي ٿو. اهو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محسن ۽ سنڌي لوڪ ادب، لُغت ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي ڄاڻوءَ
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سڄي عمر جي تحقيق جو ثمر آهي.  آخر ۾ رسالي جي بيتن جي ڏسڻي به پهريون دفعو مڪمل صورت ۾ ڏني ويئي آهي، جنهن سان ڪو  به بيت آسانيءَ سان ڳولي ۽ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم تائين بنا دير رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

اسان کي خوشي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي استدعا تي محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري
’شاهه جي ڪلام جي سمجهاڻي، مفهوم ۽ ڏسڻي‘ جي پهرين اشاعت بورڊ جي حوالي ڪري بورڊ کي اهو اعزاز بخشيو آهي ته شاهه جي اعليٰ فهم ۽ فڪر کي عام توڻي خاص تائين پهچايو وڃي.

آخر ۾ اهو ٻڌائڻ  ضروري ٿو سمجهان ته جتي هن ڪتاب جا هڪ ئي وقت اعليٰ ۽ سستا ايڊيشن شايع ڪري رهيا آهيون، اُتي بورڊ جي چيئرمن محترم جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جي هدايتن هيٺ، اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ ان جي قيمت ۾ پنجويهه سيڪڙو خصوصي رعايت ڏيڻ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي.

 

 

تاريخ: 20 سيپٽمبر 2015ع

5- ذوالحج 1436هه

الهڏتو وگهيو

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

 

 

مهاڳ

 

شاهه عبداللطيف جي رسالي توڻي ڪلام سان ساڃهه ۽ محبت جو مامرو اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تي ڦهليل آهي. اسڪول جي زماني کان وٺي جڏهن پهريون ڀيرو شاهه جي بيتن کي پڙهڻ جو موقعو مليو ته اهو شوق مسلسل وڌندو ئي رهيو، بلڪ شعور جي پختگيءَ سان اُن ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو ويو. ليڪن اڳتي هلي شاهه جي رسالي جي گهري مطالعي سان هڪ ڳالهه پريشانيءَ ۽ مونجهاري جو سبب بنجڻ  لڳي ته هر عالم جو ترتيب ڏنل رسالو ٻئي کان ڪافي مختلف هو. انهيءَ نقطي تحقيق ۽ کوجنا طرف مائل ڪيو ته آخر ائين ڇو آهي يا اُن جو ڪهڙو سبب هو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته اهو ان ڪري هو جو شاهه جي رسالي ۾ ٻين ڪيترن ئي ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل شاعرن ۽ سالڪن جو ڪلام گڏيل هو. مطلب ته شاهه جو رسالو”شاهه جي حاضريءَ“ جو ڪلام هو ۽ اُهو سمورو شاهه لطيف جو پنهنجو ڪلام نه هو.

هن طرف سڀ کان پهرين ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڌيان ڏنو،  جنهن شاهه لطيف جي ڪلام کي نج صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بلڪ اُن سان گڏ هن شاهه لطيف جي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ يعني ”شرح“ جي سلسلي ۾ پڻ اڳڀرائي ڪئي. پر سندس ٻيئي ڪوششون اڌوريون رهجي ويون. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان پوءِ سنڌ جي وڏي ادبي شخصيت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي هن ڪم جو نئين سر آغاز ڪيو، پراهم ڪم به پورو ٿي  نه سگهيو. اڳتي هلي سنڌ جي وڏي عالم علامه آءِ. آءِ قاضي شاهه جي رسالي کي شاهه جي علمي ۽ فڪري اوسر جي مدنظر ترتيب ڏنو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1961ع ۾ شايع ٿيو.

انهيءَ پس منظر ۾ شاهه عبداللطيف جي رسالي تي تحقيق جو باقاعدي آغاز
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڀِٽ شاهه ثقافتي ڪميٽيءَ جي استدعا تي شروع ڪيو. پهرين مرحلي ۾ رسالي جا اُهي ماخذ ڳولي شايع ڪرايا ويا، جيڪي تحقيق جو بنياد فراهم ڪن ٿا. ٻئي مرحلي ۾ رسالي تي تحقيق جو ڪم شروع ٿيو، پر سال 1989ع کان 1994ع تائين فقط ٽي جلد شايع ٿي سگهيا، جن ۾ ڪُل تيرهن سُر شامل هئا، جڏهن ته اهو سڄو ڪم ڏهن جلدن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جو دائرو مقامي مشاهدي، لوڪ ادب جي تحقيق ۽ روايتي شاعري جي ذخيري جي ڇنڊ ڇاڻ(Field Research) تي ٻَڌل هو، جنهن جي خاطر هن صاحب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي اُهي ماڳ مڪان ڏوري ڏٺا ۽ سگهڙن سالڪن سان ڪچهريون ڪري رسالي جي ٻوليءَ ۽ شاهه جي ڪلام بابت هر ممڪن معلومات گڏ ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب جي شاهه جي رسالي تي اها علمي تحقيق هلندڙ هئي جو 1994ع کان 1996ع دوران حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر ۽ ڀِٽ شاهه ڪلچرل ڪميٽيءَ جي چيئرمن جي حيثيت ۾ مون کي ساڻس وڌيڪ قريب ٿيڻ جو موقعو مليو. ڪميٽيءَ جي چيئرمن جي ذميواري تحت مون ذاتي طور غير معمولي ڪوشش وٺي هن تحقيقي ڪم جي جلد کان جلد اُڪلاءُ طرف وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُن جو نتيجو اهو نڪتو جو ايندڙ ٽن سالن ۾ رسالي تي هلندڙ تحقيق باقي ستن جلدن ۾ ”علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا“ هيٺ مڪمل ڪئي ويئي ۽ ”شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (اٺون ۽ نائون جلد)“ ۽ ”شاهه جو رسالو: رسالي جو ڪلام (ڏهون جلد)“ کي اعليٰ تحقيقي معيارن موجب پرکي نروار ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي پنهنجيءَ جڳهه تي اِنهيءَ عظيم علمي ڪارنامي جي پوري قدرداني شايد ايندڙ وقت ۽ نسل ڪندو!

شاهه جو رسالو سنڌي ٻوليءَ ۽ عالمي ادب جو مولانا رومي جي فارسي مثنويءَ وانگر هڪ شاهڪار يعني ڪلاسڪ(Classic) آهي، جنهن جي نه صرف مستند تحقيقي متن(Critical Text) جي ضرورت هئي، جيڪو ڪم ڊاڪٽر بلوچ مڪمل ڪيو، بلڪ اُن جي بيتن جي سمجهاڻي ۽ مفهوم کي چٽو ڪرڻ پڻ ضروري هيو. اهوئي سبب هو جو ڊاڪٽر صاحب رسالي جي پهرين جلد ۾ پهرين ٻن سُرن ”ڪلياڻ“ ۽ ”يمن“ جي سمجهاڻي کي شامل ڪيو هو. پر اڳتي هلي رسالي تي هلندڙ اٿاهه تحقيق کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ خاطر ان جو امڪان گهٽ ٿي چڪو هو. البته منهنجي استدعا تي ڊاڪٽر صاحب رسالي جي مڪمل لغت کي الڳ مرتب ڪيو، جنهن کي پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان ”روشني“ جي نالي سان پڌرو ڪيو ويو.

شاهه جي ڪلام جي مستند تحقيقي متن جي شايع ٿيڻ کان پوءِ اهو سوال پاڻ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو ته انهيءَ تحقيق ٿيل متن جي جيڪڏهن ”مڪمل شرح“ (Commentary)  نه تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ بيتن جي سمجهاڻي ۽ مفهوم ((Meaning & Explanationکي واضح ڪيو وڃي. اهوئي زمانو هيو جڏهن مون ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ ”شاهه عبداللطيف ۽ مولانا روميءَ جي فڪر جو مطالعو“ تي ڊاڪٽريٽ جي سَند حاصل ڪئي، جنهن سان شاهه جي شاعري ۽ فڪر کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ملي. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جي 6  اپريل 2011ع تي وفات تائين شرح جي سلسلي ۾ ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي. انهيءَ پس منظر ۾ مون ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان جلدي پوءِ سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي کي لکت ۾ مشورو ڏنو ته ڊاڪٽر صاحب جي شاهه جي رسالي تي ڪيل تحقيق کي هر لحاظ کان  مڪمل ڪيو  وڃي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ثقافت کاتي منهنجي مشوري تي عمل ڪيو، جنهن ڪري هاڻي اها تحقيق ٻارهن جلدن (Volumes) تي مشتمل آهي.

مون هن سمجهاڻي ۽ مفهوم لکڻ جي شروعات 2013ع جي آخر ۾ ڪئي ۽ 2014ع جي آخر ۾ اها مڪمل ڪئي. انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ بورڊ جي سيڪريٽري محترم الهڏتي وگهئي بورڊ طرفان ڪيترائي ڀيرا شاهه جي رسالي جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيءَ طرف منهنجو ڌيان ڇڪايو. آخر ان جو حل ان ۾ نظر آيو ته ڊاڪٽر صاحب جي مستند متن سان گڏ منهنجي طرفان سڀني سُرن جي لکيل سمجهاڻي ۽ مفهوم کي هڪ ئي جلد ۾ شايع ڪيو وڃي. آءٌ هن هيڏي وڏي ڪم جي راس ٿيڻ تي پاڪ پروردگار جو شڪرگذار آهيان جنهن مون عاجز کي اها توفيق ڏني جيڪا آءٌ پاڻ لاءِ بجا طور تي هڪ وڏي سعادت سمجهان ٿو.

حاصل عمر نثار ياري کرده ام،

خوشم  ز   زندگي خويش که کاري کرده ام.

[مون پنهنجي عمر جي سموري ڪمائي دوست کي نذراني طور پيش ڪري ڇڏي آهي. آءٌ پنهنجي زندگيءَ کان خوش آهيان، جو مون اهو ڪم ڪيو آهي.]

جديد دور جي تقاضا موجب هن رسالي جي آخر ۾ نه صرف بيتن جي ڏسڻي يعني ڪشف (Index) شامل ڪيو ويو آهي، بلڪه پوري رسالي کي ڪمپيوٽر ذريعي حروف شناسي(Digitization) جي لحاظ کان به تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هاڻي اهو سمورو رسالو انٽرنيٽ تي پڻ موجود ٿي سگهندو. ان جو فائدو اهو ٿيندو ته دنيا جي ڪنهن به  ملڪ ۾ شاهه جي ڪلام جي ڪنهن به هڪ لفظ يا لفظن جي ميڙ لکڻ سان اهو بيت سولائيءَ سان ڳولي سگهبو ۽ ساڳئي وقت ان جي معنيٰ ۽ مفهوم جي به نشاندهي ٿي ويندي ته اهو مواد ڪتاب ۾ ڪهڙي صفحي تي موجود آهي. مطلب ته ان سان انٽرنيٽ تي استفادي جي سهوليت به پيدا ٿي پوندي.

آخر ۾ آءٌ پـنـهـنـجـن سـڀـني دوسـتن ۽ سڄڻن خاص طور تي محترم نفيس احمد ناشاد،
محترم مختيار احمد رند ۽ محترم عبدالقادر کٽيءَ جو انتهائي ٿورائتو آهيان جن هن ڪم ۾ هر طرح هٿ
ونڊايو ۽ وڏيءَ مشقت سان پروفن پڙهڻ ۾ پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو، جنهن جو  احساس پڙهندڙ پاڻ ڪري سگهندا. اهڙيءَ طرح ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ جو ڪم احسان علي لغاري نهايت خاطرخواه انداز سان سرانجام ڏنو. انهيءَ سڄي ڪم ۾ نوجوان ساٿي محمد ارشد بلوچ همه وقت معاون ۽ مددگار رهيو. انهن سڄڻن جي گڏيل ڪوششن کان سواءِ هونئن هيءُ ڪم ايڏي خوش اسلوبيءَ سان پورو ٿي نه سگهي ها.

سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده انتظاميه  خاص طور چيئرمن محترم مخدوم جميل الزمان مبارڪباد جا مستحق آهن جن جي ڪوشش سان سنڌي ادبي بورڊ هن ڪم جي اهميت کي محسوس ڪندي نهايت سهڻي ۽ شاندار نموني ۾ ان کي نوجوان نسل ۽ شاهه لطيف جي شائقن جي هٿن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو آهي.

 

ڪراچي                                                    ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

17مئي 2015ع

27 رجب المرجب 1436هه

 

مقدمو

 

شاهه عبداللطيف (1102/1690-1165/1752) جو شمار دنيا جي چند اهڙن عظيم شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جي شاعري وقت گذرڻ سان عوام توڻي خواص کي وڌيڪ متاثر ۽ متوجهه ڪري رهي آهي. ان جو هڪڙو وڏو سبب سندس شاعريءَ ۾ انساني امنگن ۽ جذبن جو اهڙو اظهار آهي، جيڪو حقيقت جي ترجماني ڪري ٿو ۽ ٻيو سندس شاعريءَ ۾ اعليٰ شعور يعني ڳوڙهي سوچ ۽ فڪر جو موجود هجڻ آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهه لطيف جي شاعريءَ کي وڏن عالمن، صوفين ۽ شاعرن معيار ۽ ڪسوٽي سمجهي ان جي تشريح ۽ تعبير جي ڪوشش ڪئي آهي. اِن سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين سنڌ جي مشهور عالم ۽ صوفي عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو نالو اچي ٿو ۽ اُن کان پوءِ عبدالقادر بيدل آهي. هنن ٻنهي شاهه لطيف جي شاعريءَ کي عربي ۽ فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعرن جهڙوڪ مولانا رومي، حافظ شيرازي، مولانا جامي ۽ ٻين جي شاعري سان گڏ بيهاري حوالي ۽ سمجهاڻي طور آندو آهي. خاص طور صوفي فڪر ۽ عرفان جي حوالي سان هو شاهه جي بيتن کي سَند طور استعمال ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي وڏن صوفين جي ملفوظات ۾ صوفيانه فڪر جي تشريح ۽ سمجهاڻي خاطر پڻ شاهه جي بيتن کي استعمال ڪيو ويو آهي.

شاهه لطيف جي شاعري جو اهو فڪري پهلو هيو، جنهن عالمن کي شاهه لطيف جي شعر جي تشريح ۽ سمجهاڻي طرف راغب ڪيو. اِن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محسن
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ قلم کنيو، جنهن نه صرف رسالي کي نئين سر مرتب ڪيو، بلڪه ڪن چونڊ سُرن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي طرف وک وڌائي. آخر ۾ ’لغات لطيفي‘ پڻ مرتب ڪيائين. مرزا صاحب کان پوءِ شاهه لطيف جي رسالي کي جديد تحقيقي انداز ۾ ترتيب ڏيڻ ۽ان جي معنيٰ ۽ شرح جو ڪم
ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪيو، ليڪن اهو ڪم نامڪمل رهجي ويو. اِن سلسلي ۾ آخري وڏي ڪوشش
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جي صورت ۾ سامهون آئي، جيڪا سال 1998ع ۾ تڪميل تي پهتي. ڊاڪٽر صاحب جو سمورو ڌيان شاهه جي ڪلام جي مستند متن کي تيار ڪرڻ تي رهيو ۽ سندس خيال ۾ وٽن ايترو وقت نه هيو، جو شاهه جي شرح کي هٿ ۾ کڻن. جيتوڻيڪ شاهه جي ڪلام جي پهرين جلد ۾ ’ڪلياڻ‘ ۽ ’يمن ڪلياڻ‘ جي سمجهاڻي شامل ڪئي ويئي، پر پوءِ باقي سُرن ۾ صرف لفظن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ تي اڪتفا ڪئي ويئي.

انهيءَ پس منظر ۾ ڊاڪٽر صاحب جو رهيل ڪم سمجهي باقي سُرن جي سمجهاڻي ۽ مفهوم لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته شاهه جي سُرن جي اها سمجهاڻي لکندي، مون سمورو وقت رومي جي مثنويءَ کي آڏو رکيو آهي، بلڪه مون کي اهو ٻڌائڻ ۾ ڪو تامل ڪونهي ته جيڪڏهن مثنوي سامهون نه رکجي ها ته معنوي انداز وارا گهڻا بيت نه پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچن ها ۽ نه وري اُنهن جو ڪو مفهوم ڀرپور انداز سان واضح ٿي سگهي ها. هتي اهو پڻ واضح ڪجي ته سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ مثنوي روميءَ جو پڙاڏو سڀ کان پهرين شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن ۾ ملي ٿو. اها مستند روايت پڻ قابل توجهه آهي ته شاهه لطيف هميشه پاڻ سان ’قرآن شريف‘، ’مثنوي رومي‘ ۽ ’بيان العارفين‘  رکندو هو. اِن سلسلي ۾ شاهه لطيف جي پهرئين سوانح نگار مير عبدالحسين سانگيءَ ’لطائف لطيفيءَ‘ ۾ لکيو آهي ته هن پاڻ ڀٽ شاهه تي انهن ٽنهي ڪتابن جي زيارت ڪئي هئي، جيڪي سندس وقت تائين ڀٽ شاهه تي محفوظ هئا. اها روايت پڻ مير سانگيءَ بيان ڪئي آهي ته وقت جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي شاهه صاحب کي مثنويءَ جو قيمتي نسخو تحفي طور ڏياري موڪليو هو.

بهرحال شاهه لطيف جي فڪر ۽ عرفان تي مولانا روميءَ جي اثرات جي وڏي ۾ وڏي شاهدي خود رسالي مان ملي ٿي. مولانا رومي دنيا جو اُهو واحد شاعر آهي، جنهن جو سُر ڪلياڻ جي ڇهن بيتن ۾ شاهه لطيف نالو کڻي سندس فڪر جي تعريف ڪري ٿو. بلڪه کيس پنهنجو فڪري رهنما تسليم ڪري ٿو، جيئن هنن ٻن بيتن مان چڱيءَ ريت واضح ٿئي ٿو:

طالب قصر، سونهن سَرُ، ايءَ روميءَ جي رهاڻ،

پهرين وڃائڻ پاڻ، پَسڻ پوءِ پرينءَ کي.

ــــ

طالب قصر، سونهن سَرُ، ايءَ روميءَ جو آهي،

تاڙِي جي لاهي، ته منجهين مشاهدو ٿئي.

عالمن شاهه لطيف ۽ مولانا روميءَ جي صوفيانه فڪر جا چار اهم مشترڪه نڪتا هن ريت نروار ڪيا آهن:

(1) پاڻ وڃائڻ، جنهن کي مرڻ کان اڳ مرڻ چون ٿا.

(2) محبوب جو مشاهدو يا پرينءَ جو پسڻ

(3) طالب ۽ سالڪ جو روحاني سفر

(4) سالڪن ۽ عارفن جي حال ۽ مقام جي سمجهاڻي

اِن سلسلي ۾ انگريز مستشرق ايڇ. ٽي. سورلي، جنهن پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو سنڌ ۾ گذاريو ۽ شاهه عبداللطيف تي انگريزيءَ ۾ عالمانه مقالو  لکي ڊاڪٽريٽ جي سَند حاصل ڪئي، پنهنجي مشهور تصنيف ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘ ۾ لکي ٿو:

To what extent Shah Abdul Latif was acquainted with the great Persian poets, we do not know. There is no evidence that he had studied any of them except Jalaluddin Rumi, copy of whose Masnvi was said to be constantly in his hands.(P-242)

ترجمو: ’اسان اهو نٿا چئي سگهون ته شاهه عبداللطيف فارسي ٻوليءَ جي وڏن شاعرن کان ڪيتري قدر واقف هو يا ڄاڻ رکندو هو. اهڙي ڪابه شاهدي نٿي ملي  ته هن روميءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي شاعر جو مطالعو ڪيو هجي، جنهن جي مثنوي هر وقت سندس هٿن ۾ هوندي هئي.‘

بحث کي اڳتي وڌائيندي هيءُ نتيجو قائم ڪري ٿو:

All these ideas will be found in the poetry of Shah Abdul Latif who represents an Indian Muslim development of Jalaluddin Rumi. (P-240)

ترجمو: ’اهي سڀ افڪار شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. انهيءَ ڪري اسان کيس برصغير ۾ جلال الدين روميءَ جي فڪر جي اوسر ڪوٺي سگهون ٿا.‘

سورلي جنهن عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي سڀني وڏن صوفي شاعرن جو مطالعو ڪيو هو، جيئن سندس ٻئي ڪتاب Musa Pervagans مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو، وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو:

Nor need we account for these similarties by arguing that Shah Abdul Latif must have been familiar with the work of many of the Persian masters. Even if he had known only Jalaluddin Rumi and nothing of Jami, Fariduddin Attar, Bayazid of Bistam, Hafiz, Sadai, or Abu Said Abul Khair, the explanation would be fully sufficient.(P-243)

ترجمو: ’هتي اسان کي انهيءَ بحث ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي ته شاهه عبداللطيف ضرور فارسي زبان جي وڏن صوفي شاعرن کان چڱيءَ ريت واقف هوندو، ڇو ته هن لاءِ جلال الدين روميءَ کي سمجهڻ ئي هر لحاظ کان ڪافي هو، پوءِ ڀلي هن کي جامي، فريد الدين عطار، بايزيد بسطامي، حافظ، سعدي ۽ ابو سعيد ابو الخير جي ڪا ڄاڻ نه هجي. اسان جي مقصد لاءِ اها سمجهاڻي ڪافي آهي.‘

سورلي کان پوءِ انيمري شمل (Annemarie Schimmel) جي راءِ به ساڳئي قسم جي آهي:

Shah Abdul Latif did use the inherited language of the Sufis, he himself acknowledged his indebtedness to Rumi, and his work can not be fully appreciated without a though knowledge of the different currents of Sufism in Iran and India (Mystical Dimensions of Islam, P-393)

ترجمو: ’شاهه عبداللطيف صوفين کان ورثي ۾ مليل ٻولي ۽ اصطلاح استعمال ڪيا آهن. اِن سلسلي ۾ هو مولانا روميءَ جو خاص طور اعتراف ڪري ٿو. هونئن سندس فڪر کي ايستائين چڱيءَ طرح نه سمجهي سگهبو، جيستائين ايران ۽ برصغير هند و پاڪ ۾ تصوف جي تحريڪ ۽ روايت بابت پوريءَ ريت ڄاڻ حاصل نه ڪئي ويئي آهي.‘

هاڻي اسان شاهه لطيف جي فڪر بابت سورلي جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي شاهه لطيف جي ڪلام جي سمجهاڻي ۽ مفهوم خاطر هر سُر اندر آيل روميءَ جا ڪجهه اشعار مثال خاطر پيش ڪريون ٿا ته جيئن رومي ۽ شاهه لطيف جي اصلي فڪري هم آهنگي واضح ٿي سگهي.

شاهه لطيف رسالي جي پهرئين سُر ڪلياڻ ۾ ٻڌائي ٿو ته صوفي ڪنهن کي چئجي؟ اِن سلسلي ۾ هو واضح ٿو ڪري ته:

حاصل جان نه حال، صوفي جم سڏائيين،

ڪونهي   تنين   قال،  وٿون  جن  وڃائيون.

مثنويءَ ۾ ’حال‘ ۽ ’قال‘ تي گهڻو بحث ملي ٿو، پر هڪ هنڌ ’صاحب حال‘ جي اهميت کي واضح ڪندي رومي چوي ٿو:

ما  زبان  را  ننگريم  و قال را،

ما درون را بنگريم و حال را.

معنيٰ: اسان توهان جي ڳالهه ٻولهه يا ’قال‘ کي نظر ۾ نٿا آڻيون. اسان توهان جي دلين ۾ ۽ اندر ۾ ڏسون ٿا ۽ توهان جي ’حال‘ بابت خبر رکون ٿا.

سُر ڪلياڻ ۾ هڪ نهايت معنيٰ خيز بيت آهي:

ڪاري  رات،  اڇو  ڏينهن،  ايءَ  صفتان نور،

جتي پرين  حضور،  تتي  رنگ  نه  روپ ڪو.

’نور‘ جون ڪهڙيون صفتون آهن ۽ نور کي اسان ڪيئن ڏسي يا محسوس ڪري سگهون ٿا. اتان ئي روشنيءَ ۽ اوندهه جو تصور اڀري ٿو. اصلي سپرينءَ جو روپ ڇو ڪونهي، رنگي ۽ بي رنگي ڇا آهي؟ اصل ۾ بي رنگ ذات ڪير آهي؟ اهي سڀ فڪري نڪتا مثنويءَ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ سمجهايل آهن، پر اسين هتي صرف ٻن تي اڪتفا ڪريون ٿا:

پس نهانيها به ضد پيدا شود،

چونکه حق را نيست ضد، پنهان بود.

(دفتر اول، ب-1131)

معنيٰ: سڀ لڪل شيون پنهنجي مخالف يا ضد جي ڪري ظاهر ٿينديون آهن، جيئن ته حق تعاليٰ جو ڪو ضد ناهي، تنهنڪري هو پوشيده يا لڪل آهي.

’رنگ ۽ بيرنگيءَ‘ جي باري ۾ روميءَ جي سوچيل سمجهيل راءِ هن ريت آهي:

اين عجب کين رنگ از بيرنگ خاست،

رنگ با بيرنگ  چون  درجنگ  خاست؟

معنيٰ: تعجب آهي ته سڀ رنگ بي رنگيءَ مان پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ رنگ ۽ بيرنگيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو جهيڙو ٿي سگهي ٿو!

سر يمن ڪلياڻ جو پهريون بيت هن ريت آهي:

حبيب تون، طبيب تون، تون درد  جي دوا،

جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انوا،

صاحب ڏئين شفا، ميان مريضن کي.

روميءَ وٽ پڻ عشق يعني محبوب جو ساڳيو تصور آهي:

شاد باش اي عشق خوش سوداي ما،

اي طبيب جمله علتهاي ما.

معنيٰ: شال خوش هجين. اي منهنجا محبوب، منهنجي دلپسند بيماري! تون ئي ته منهنجي سڀني بيمارين جو معالج ۽ طبيب پڻ آهين.

رومي طبيب ۽ حبيب واري فرق کي وڌيڪ فڪري انداز ۾ سمجهائيندي چوي ٿو:

صحت اين حس بجوئيد از طبيب،

صحت آن حس بجوئيد از حبيب.

معنيٰ: هن ظاهري جسم جي صحت لاءِ دنيا جي طبيبن وٽ وڃ، پر روحاني صحت لاءِ حبيب يعني سڄڻ يا محبوب جي ڳولا ڪر!

شاهه لطيف انهيءَ ساڳئي فرق کي قائم رکندي چوي ٿو:

او ڏکندو او ٿيي، هادي جنهن حبيب،

تر تفاوت نه ڪري، تنـﮧ کي ڪو طبيب،

رهنما رقيب، ساٿر آهي سپرين.

شاهه لطيف سر کنڀات ۾ پيغمبر اسلام جي ذات بابرڪت جي ظهور بابت چوي ٿو:

پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائي جا ڀير،

اڱڻ اڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پير،

قمر پاڙي ڪير، شمس سپيرينءَ سين.

رومي پڻ استعاري جي انداز ۾ چوي ٿو:

يار آمد عشق را روز آفتاب،

آفتاب آن روي را همچو نقاب.

معنيٰ: اهو محبوب عاشقن لاءِ ڏينهن جي سج وانگر آهي، بلڪه هي ظاهري سج ان محبوب جي چهري اڳيان هڪڙو نقاب يا پردو آهي. کنڀات ۾ هڪ ٻيو معنوي بيت آهي:

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪئائون ناز نظر،

سُورج شاخون جُهڪيون، ڪوماڻو قمر،

تارا، ڪَتيون، تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،

جهَڪو ٿئو جوهر، جانب جي جمال سين.

روميءَ جا الفاظ ڏسو ته هو ڪيئن خراج عقيدت پيش ڪري ٿو:

آفتاب حق برآمد از حجل،

زير چادر رفت خورشيد از خجل.

نور مردان مشرق و مغرب گرفت،

آسمانها سجده کردند از شگفت.

معنيٰ: جڏهن حق جو سج ڇپرکٽ تي نمودار ٿيو ته هيءُ ظاهري سج شرمندگيءَ وچان چادر هيٺ لڪي ويو. انهن مردن جي روشني اوڀر ۽ اولهه تائين پهچي ويئي. آسمان جا نکٽ عاجزيءَ وچان جهڪي پيا.

اِن سلسلي جو ٻيو بيت ڏسو:

ناز منجهارا نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،

ڀون پڻ ’بسم الله‘ چئي، راهه چمي ٿي رَند،

اُڀيون گهڻي ادب سين، حورون حيرت هنڌ،

سائينءَ جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئان سهڻو.

سمجهاڻي: منهنجو محبوب جڏهن ناز (مان ۽ شان) سان نڪري هلڻ شروع ڪري ٿو ته ڌرتي پڻ ’بسم الله‘ (ڀلي آئين اصطلاحي مفهوم) چوي ٿي، ۽ اُهو هنڌ يا رستو (جنهن تان پرين هلي ٿو) سندس پيرن جا نشان چمي ٿو. (انهيءَ مهل) حورون (هٿ ٻڌي) ادب سان اچي بيهن ٿيون ۽ (ديدار ڪري)حيرت ۾ پئجي وڃن ٿيون. مون کي مالڪ سائينءَ جو قسم آهي ته منهنجو محبوب (ڪائنات جي هر شيءِ کان) وڌيڪ حسين آهي. 

هن بيت ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي معراج واري واقعي ڏانهن واضح اشارو آهي، جيئن مثنويءَ ۾ پڻ رومي نالي کڻڻ کان سواءِ اهو سڀ ڪجهه چئي ويو آهي:

آنکه او از مخزن هفت آسمان،

چشم دل بربست روز امتحان.

از پئي نظارهء او حور و جنان،

پر شده آفاق هر هفت آسمان.

قدسيان افتاد برخاک رهش،

صد چو يوسف او فتاده درچهش.

خويشتن آراسته از بهر او،

خود ورا پرواي غير دوست کو.

 (دفتر اول، ب- 3949-52)

معنيٰ: هن (سهڻي سڄڻ) ان امتحان واري ڏينهن ستن آسمانن جي دولت ڏانهن اک کڻي نه نهاريو. هوڏانهن سندس ديدار لاءِ حورون ۽ ٻيا ارواح ستن آسمانن تي گڏ هئا. قدسي فرشتا سندس پيرن جي خاڪ کي چمي رهيا هئا. حضرت يوسف عه جهڙا سوين سندس مشتاق هئا. هن جي واسطي سڀني پاڻ کي سينگاريو ۽ سنواريو هو. ليڪن پاڻ سڳورن کي دوست (الله تعاليٰ) کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو فڪر نه هو.

سر سريراڳ ۾ سمنڊ مان ماڻڪ موتي ڳولي لهڻ جو نظارو چٽيندي شاهه لطيف چوي ٿو:

سيوا ڪر سبحان جي، جت جر وهي ٿو جال،

سوين وهن سمونڊ ۾، ماڻڪ موتي لال،

جي ماسو جُڙئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.

رومي اها ساڳي حقيقت هن ريت بيان ڪري ٿو:

که بيائيد اي عزيزان زود زود،

که برآمد موجها از بحر جود.

سوي ساحل مي فشاند بي خطر،

جوش موجش هر زماني صد گهر.

معنيٰ: اي دوستئو، جلدي هن طرف اچو، ڇو ته سخا جي سمنڊ جون موجون هن طرف پيون اچن. اهي موجون سمنڊ جي ساحل ڏانهن پيون وڌن ۽ اهي پنهنجي هر موج ۾ سوين موتي پيون آڻين.

سر سامونڊيءَ ۾ شاهه لطيف غواصن هٿان ماڻڪ موتي ميڙڻ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

اِيءَ گت غواصن، جئن سمنڊر سوجهئائون،

پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙئائون،

آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.

مثنويءَ ۾ به غواصن جي ان مهارت جو ذڪر ملي ٿو، جنهن سان هو سمنڊ جي پاتار مان موتي ڳولي يا ڪڍي اچن ٿا.

يا چو غواصان بزير قعر آب،
هر کسي چيزي همي گيرد شتاب،
بر اميد گوهر و در ثمين،
توبره پر ميکنند از آن و اين.

(دفتر پنجم، ب- 331-32)

معنيٰ: جهڙيءَ طرح هر غواص سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ وڃي کيس جيڪا شيءِ ملي ٿي، هٿ ڪري اچي ٿو، پر هر وقت هو اها ئي اميد رکندو آهي ته کيس قيمتي موتي ۽ ماڻڪ ملن، تنهن ڪري هو پنهنجي ٿيلهي هر قسم سان ڀري کڻندو آهي.

شاهه لطيف وٽ سر گهاتوءَ ۾ مانگر مڇ جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:

متو  آهين  مڇ،  ٿلهو  ٿئو  ٿونا هڻين،

جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.

رومي وري هن دنيا کي مانگر مڇ جي وات سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:

اين جهان پر ز نقل و پر ز نان،

چون دهان باز تمساح دان.

بهر کرم و طعمه اي روز تراش،

از فن تمساح دهر ايمن مباش.

(دفتر ششم، ب- 4086 ۽ 87)

معنيٰ: هيءَ جهان مانگر مڇ جو کليل وات سمجهه، جنهن جي پاسن تي کائڻ جون ڪيتريون مٺيون شيون لڳل آهن. تو هن جي وات وارين شين (مڪر) کي کاڌو سمجهيو آهي. ياد رک، مانگر مڇ جي ان چالاڪيءَ کان ڪڏهن بي خبر نه ٿجانءِ.

سُر کاهوڙيءَ جي پهرئين بيت جي تفصيلي سمجهاڻي اندر ڏنل آهي. پر هتي ايترو واضح ڪجي ته ’مڪان‘  ’لامڪان‘ جا اصطلاح روميءَ جا پسنديده آهن ۽ انهيءَ ساڳي معنيٰ ۾ شاهه لطيف وٽ ملن ٿا:

کاهوڙين ’خفيءَ‘ کان، سوجهي لڌو سبحان،

عاشق اهڙين اکرين، لنگهئا لامڪان،

’هُو‘ ۾ گڏجي ’هُو‘ ٿئا، بابو سي بريان،

سڀو ئي سبحان، آيو نظر ان جي.

رومي هڪ هنڌ اهڙن عارفن لاءِ هينئن اشارو ڪيو آهي:

بل مکان و لامکان  در  حکم  او،

همچو در حکم بهشتي چار جو.

معنيٰ: ’مڪان‘ ۽ ’لامڪان‘ گويا عارف جي حڪم هيٺ آهن، بلڪه ائين سمجهه جيئن بهشت ۾ وهندڙ چار نديون بهشتين واسطي هونديون.

شاهه لطيف هڪ ٻئي بيت ۾ کاهوڙين جي گودڙي ۽ دلق جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

ڀڪلڻا ڀوڻن، دلق گڏئو ڌوڙ ۾،

ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين پڌر پئي نه ڪن،

ڪا مل آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.

رومي وري اهڙن دلق پوش عارفن لاءِ هينئن چوي ٿو:

هان وهان اين دلق پوشان من اند،

صد هزار اندر  هزار  و يک تن اند.

معنيٰ: خبردار، خبردار، اهي دلق پوش منهنجا پنهنجا آهن، اهي هزارن جي تعداد ۾ آهن، پر هونئن پاڻ ۾ هڪ آهن.

سُر ڪاپائتي ۾ اهو سبق ڏنل آهي ته پنهنجن عملن تي ناز نه ڪريو. مالڪ کي عاجزي ۽ نماڻائي پسند آهي:

تاڃي تورئائون، ته عيب نڪتا اڳئان،

ڪوٺي ڪاپاتينِ کي، پر ۾ پڇئائون،

اَگَلڙي آئون، مُون کان ڀڙا ڀڳا نه ٿئا.

مثنويءَ ۾ اهو خيال ڪيترن نمونن سان بيان ٿيل آهي:

خويش را عريان کن از فضل فضول،

تا کند رحمت بتو هردم نزول.

(دفتر ششم ب 2371)

معنيٰ:  تون پاڻ کي اجائي فضيلت ۽ چڱائيءَ جي گمان کان خالي ڪر ته تنهنجي مٿان هر وقت مهرباني ۽ رحمت جي بارش ٿئي.]

سُر بلاول ۾ حاتم توڻي جادم جکري جي سخاوت جي ڪنايي ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي تعريف ۽ شان ۾ ڪيترا بيت ملن ٿا:

جَکري جهو جوان، ڏسان ڪونه ڏِسين ۾،

مُهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،

اِيءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙئم ههڙو.

روميءَ وٽ پڻ سخاوت جو بي انتها اهڃاڻ اهوئي آهي، جيئن چوي ٿو:

بهر اين خاتم شدست او که بجود،

مثل او ني بود و ني خواهند بود.

درکشاد ختمها تو خاتمي،

در جهان روح بخشان حاتمي.

معنيٰ: پاڻ انهيءَ ڪري حاتم آهن، جو سخاوت ۾ هن جهڙو نه ٿيو آهي ۽ نه اڳتي ٿيندو. پاڻ سڳورا مُهرن جي کولڻ وارا خاتم آهن ۽ روحاني جهان ۾ بخشش جي لحاظ سان حاتم آهن:

سر پرڀاتيءَ ۾ ڪيرت ۽ ڪينري جو ذڪر آهي:

ايءُ نه ڀانن ڀير، جئن ڪيريءَ ٽنگئو ڪينرو،

سونهاري صبوح سين، وجهي ويٺين وير،

توکي چوندو ڪير؟ ڪيرت ڌاران ’مڱڻو‘.

مثنويءَ ۾ هڪ چنگ وڄائڻ واري جو ذڪر ڪندي رومي چوي ٿو:

گفت عمر و مهلتم دادي بسي،

لطفها کردي خدايا باخسي،

نيست کسب امروز مهمان توام،

چنگ بهر تو زنم کان توام.

(دفتر اول، ب- 2083 ۽ 2085)

معنيٰ: اي مالڪ، تو مون کي وڏي عمر ۽ مهلت ڏني. او سٻاجها سائين، تو هن ڪميڻي سان وڏيون مهربانيون ڪيون. هاڻي ڳائڻ وڄائڻ جهڙو ناهيان، بس تنهنجو مهمان آهيان. فقط تنهنجي لاءِ ساز وڄائيندس جو تنهنجو غلام آهيان.

سُر ڪارايل جي پهرئين بيت ۾ پکين جي زبان منجهان وحدت جي وائي جو ذڪر ڪندي شاهه لطيف چوي ٿو:

’وحده‘ وائي ڪري، چڙهندي چيائين،

سو لڙُ  لنگهيائين،  جتي  پارک  پکيان.

سمجهاڻي: اهو (هنجهه پکي) ’الله هڪ آهي‘ واري تنوار ڪري مٿي اڏاڻو. هو پکين لاءِ (هن دنيا منجهه) ميري ۽ گندي پاڻيءَ کي اورانگهڻ واري پرک يا آزمائش مان (ڪاميابيءَ سان) اڪري هليو ويو (ميري ۽ لُٻيل پاڻيءَ جي ويجهو نه ويو.)

مثنويءَ ۾ پکين جي زبانيءَ گهڻو ڪجهه چيو ۽ ٻڌايو ويو آهي. هڪ هنڌ جتي هدهد، بلبل، باز، مور، ڪبوتر جو ذڪر آهي، اتي لڪلڪ نالي پکيءَ کي توحيد جو نمائندو ڪري پيش ڪيو ويو آهي.

لکلک ايشان که ’لک لک‘ مي زند،

آتش توحيد در شک مي زند.

(دفتر دوم، ب- 3753)

معنيٰ: (حاجي) لڪلڪ پکي (هنجهه جو قسم) جڏهن لڪ لڪ جي ٻولي ڪري ٿو ته ڄڻ هو ’تنهنجي تعريف تنهنجي ثنا‘ چئي شڪ ۽ گمان جي جهنگل ۾ توحيد جي باهه لڳائي ٿو.

سُر ڏهر ۾ الله تعاليٰ جي تخليق ۽ رحم جي صفت بيان ڪندي چوي ٿو:

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه په اوڏيائي منگان،

ري ٿنڀين، ري ٿوڻيين، تون ڇپر، تون ڇان

ڪُڄاڙو ڪَهان؟ توکي مَعلُم سڀڪا.

هن سلسلي ۾ رومي چوي ٿو:

اي خدا اي قادر بي چون و چند،

از تو پيدا شد چنين قصر بلند.

(دفتر اول، ب- 1880)

معنيٰ: اي مالڪ سائين، تنهنجي قدرت ڪيئن ۽ ڇو کان پاڪ آهي. (ان تي صرف تون ئي قادر آهين) تو ئي هي وڏي ۾ وڏو محل (آسمان جيڪو ڇت وانگر آهي) پيدا ڪيو آهي.

ساڳئي هنڌ ٻيو بيت هن ريت آهي جيڪو وچين سٽ سان گهڻو ملي ٿو.

سقف گردون کو چنين دايم بود،
نز طناب و اُستني قائم بود.

                            (دفتر سوم، ب-5)

معنيٰ: آسمان جي ڇت هميشه کان ائين آهي، جيڪا رسن ۽ ٿنڀن کان سواءِ قائم يا بيٺل آهي (اهو سڀ تنهنجو عمل آهي).

بيت جي آخري سٽ لاءِ مثنويءَ جو هيءُ  شعر ڏسو:

کاي کمينه بخششت  ملک  جهان،

من چگويم چون تو ميداني نِهان.

                (دفتر اول، ب-85)

معنيٰ: اي مالڪ دنيا جي هيءَ بادشاهي تنهنجي معمولي بخشش آهي، مان ڇا چئي ڇا چوان، تون سمورو ڳجهه ڄاڻين ٿو.

سر سسئي آبري ۾ سالڪ جي اندر جي اُڃ جو بيان ڪندي لطيف چوي ٿو:

محبت مَڻين مَن ۾، تَن تشنگي تار،

پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اُڃ اٿيار،

پنهون! پاڻ پيار، ته اُڃ سين اُڃ اُجهائيان.

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ عاشقن جي اندر ۾ محبت ئي محبت سمايل آهي، پر تڏهن به هنن جو تن بدن پوري ريت اڃايل آهي. (ان اڃ جو علاج اهو آهي ته) اڃ (عشق) جي پيالي کي اڃ (عشق) جو پيالو ئي ختم ڪري سگهي ٿو. (يعني هن اڃ جو علاج ۽ درمان خود پنهون آهي). اي محبوب! تون ئي اچي انهيءَ عشق واري اڃ جو خاتمو ڪري سگهين ٿو.

اِن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر رهنمائي ڪري ٿو. هتي ڏسو ته شاهه لطيف جي بيت ۽ مثنويءَ جي شعر ۾ لفظ ’تشنگي‘ پڻ مشترڪ آهي:

آب کم جو تشنگي آور بدست،

تا بجوشد آب از بالا و پست.

(دفتر سوم، ب- 2312)

معنيٰ: پاڻيءَ جي تلاش کان اڳ اڃ پيدا ڪر، تڏهن پاڻهي تنهنجي مٿان توڙي هيٺان (رحمت جو) پاڻي پيدا ٿيندو.

سُر معذور جي بيتن ۾ مثنويءَ جا سڌا سنوان اصطلاح ۽ الفاظ استعمال ٿيل آهن:

’فردا‘ منڌ ڦِٽي ڪي، نقد کنيو نارِ،

هوءَ جا واڳ وِلهيءَ جي، ويرم ڏي مَ وارِ،

جيڪي مُئيءَ مار، جيڪي ميڙ مٺيءَ کي!

سمجهاڻي: سسئي سڀاڻي (قيامت ۾ ملڻ) وارو وعدو ڦٽو ڪري، اڄ جو اڄ، هينئر جو هينئر وارو نقد سودو قبول ڪيو. هن مسڪين عورت جي واڳ جيڪا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن کي دير سان هن طرف نه موڙ. (منهنجو عرض آهي) يا ته هن مئيءَ کي ماري ڇڏ يا هن مصيبت ۾ ڦاٿل کي پنهنجو وصال نصيب ڪر.

شاهه لطيف جي شاعري ۾ اڪثر روميءَ جي فڪر جو پڙاڏو موجود آهي، پر ڪيترن ئي بيتن ۾ مثنويءَ مان سڌا سنوان الفاظ به کڻي اچي ٿو.

صوفي ابن  الوقت  باشد  اي رفيق،

نيست ’فردا‘ گفتن از شرط  طريق.

       (دفتر اول، بيت، 133)

معنيٰ: سالڪ وقت سان گڏ هلي ٿو، اي ساٿي ’سڀاڻي‘ جي ڳالهه ڪرڻ هن جي طريقي ۾ ڪونهي.

ٻيو بيت هن طرح آهي:

تو مگر خود مرد صوفي نيستي،

’نقد‘ را  از  نسيه  خيزد  نيستي.

                    (دفتر اول، ب، بيت 134)

معنيٰ: پر شايد تون پاڻ صوفي سالڪ ناهين (تڏهن توکي خبر ناهي). اوڌر ڏيڻ سان نقد (روڪڙ) گم ٿي ويندي آهي.

رومي مثنويءَ ۾ ’نقد‘ جي سمجهاڻي هن طرح ڏني آهي، ته ان کي مڇيءَ لاءِ پاڻي (سڀ ڪجهه) سمجهو جيڪو هن لاءِ ماني به آهي ته پاڻي به آهي، پوشاڪ به آهي ته دوا به آهي. بلڪه ننڊ ۽ آرام به اهو آهي.

ماهيان را ’نقد‘ شد از عين آب،

نان و آب و  جامه  دارو  و  خواب.

  (دفتر ششم بيت 4047)

معنيٰ: مڇين لاءِ پاڻي ئي نقد (سڀ ڪجهه) آهي. هنن جو کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو، دوا درمل، سمهڻ ۽ جاڳڻ پاڻي ۾ آهي، بلڪه خود پاڻي آهي.

سُر ديسي جي هڪ وائي ۾ لطيف چوي ٿو:

هُئي شڪستي سسئي،  راض  پُنهونءَ جي ريهِي.

سرڪشي سردار سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهِي؟

’شڪستيءَ‘ جو ڪنايو سڌو سنئون مثنويءَ تان ورتل آهي:

عاقلان اشکسته اش از اضطرار،

عاشقان اشکسته باصد اختيار.

(دفتر سوم، ب- 4470)

سُر ڪوهياريءَ ۾ برپٽ بيابان ۾ سسئيءَ جي حالت بيان ڪندي لطيف چوي ٿو:

ڪنهن پر رئان پرينءَ کي، پار نه ڄاڻان پير،

ڀَنڻ مون ڀيڙو ٿئو، سُورن لايو سير،

آريءَ لاءِ اُلير، رقص ڀاڱي رَن جي.

هاڻي اچو ته ڏسون ته رومي اهو لفظ ’رقص‘ ڪيئن استعمال ڪري ٿو:

رقص  و جولان  برسر ميدان کند،

رقص اندر خون خود  مردان  کند.

                         (دفتر سوم، ب- 95)

معنيٰ: اُهي مرد رقص ۽ مستي جنگ جي ميدان تي ڪندا آهن. اُهي پنهنجي رت ۾ وهنجي رقص ڪندا آهن.

هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:

چون رهند از دست خود دستي زنند،

چون رهند از نقص خود رقصي کنند.

(دفتر سوم، ب- 96)

معنيٰ: جڏهن هو پنهنجي پاڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا ته تاڙيون وڄائن ٿا ۽ جڏهن پنهنجي گهٽتاين کان ٻاهر نڪرن ٿا ته رقص ڪن ٿا.

سر حسينيءَ ۾ هڪ وائي ۾ چوي ٿو:

پنهون پريشان! ٻَر! ٻَر! نه ڪو خان نه مان،

هئي! هئي! حال مُنهنجو.

مون کي بُک بوتن جي، ناقي ڀانيان نان.

شهر صحرا ڀانئيان، مون ليکي ميدان.

رئان ٿي رڃن ۾، آريءَ لئي عريان.

پٽيان منهن پسڻ لئي، هتي ٿي حيران.

آهي آريءَ ڄام جو، مون کي ڪاري ڪان.

ديوانيءَ کي دل ۾، سورن جو سامان.

وجهج پِڪ پينار تي، پِريم! کائي پان.

ڪڏه ٿيندو ڪيچ ۾، مُٺيءَ جو مڪان.

آهين عبداللطيف چي، آرياڻي! اڳوان.

مثنوي روميءَ ۾ ساڳئي مطلب وارا هيٺيان شعر ڏسي سگهجن ٿا. پهريائين ’خان مان‘  وارو اصطلاح ڏسو جيڪو مثنوي روميءَ ۾ هڪ درويش جي دعا ۾ هن طرح اچي ٿو.

چون ستد زو نان بگفت اي مستعان،

خوش به خان و مان خود بازش رسان.

(دفتر شتم، ب-1238)

معنيٰ: جڏهن هن ماني ورتي ته چيائين، اي خدا، هن کي پنهنجي گهر وارن ڏانهن سٺي نموني موٽاءِ.

وائيءَ جي ٻي سٽ ۾ ’نان‘ لفظ به اچي ويو آهي. روميءَ جي فڪر مطابق کاڌي جي لذت خواهش يا بک ۾ هوندي آهي ۽ نه کاڌي ۾. ٻيءَ سٽ جي منظر طور مثنويءَ جو هيءُ شعر ڏسڻ وٽان آهي:

جان ز  هجر  عرش  اندر فاقه اي،

تن، ز عشق خاربن، چون ناقه اي.

           (دفتر چهارم، ب- 1545)

معنيٰ: (انسان جو) روح عرش يا عالم بالا جي جدائي ۾ فاقن ۾ مبتلا آهي. پر سندس هي ظاهري جسم (دنيا جي) ڪنڊن جي عشق ۾ اُٺ وانگر مست آهي.

 اڳتي چوي ٿو:

از حلاوتها که دارد جور تو،

وز لطافت کس نيايد غور تو.

في المثل جورت اگر عريان شود،

گر جهان گريان بود خندان بود.

(دفتر اول، ب- 69-1568)

معنيٰ: تنهنجي جور ۽ جفا ۾ جيڪا مٺاڻ آهي، ان تائين ڪنهن جو خيال نٿو پهچي. جيڪڏهن تنهنجو اهو جور ظاهر (عريان) ٿي پوي ته روئيندڙ جهان کل خوشيءَ ۾ اچي وڃي.

سُر راڻي جو پهريون بيت هن ريت آهي:

ڪالهه گڏئوسون ڪاپڙي، بابو بيکاري،

ساميءَ سيلو سرَ تي، مالها موچاري،

ڏيئي ڏيکاري، ڦٽي دل فقير وئو.

مثنويءَ ۾ پڻ هڪ هنڌ اهڙي شهزادي عاشق جي حالت کي ساڳيءَ ريت بيان ڪيو ويو آهي:

بيني اندر دلق مهترزاده اي،

سر برهنه در بلا افتاده اي،

در هوائي يک نگاري سوخته،

اقمشه و املاک خود بفروخته.

                      (دفتر سوم ب 1451)

معنيٰ: گودڙيءَ ۾ هڪ اميرزادي کي ڏس، جنهن جو مٿو اگهاڙو ۽ مصيبت جو ماريل آهي. هو ڪنهن جي عشق ۾ چوٽ کائي مال ملڪيت ۽ سموري پونجي لٽائي آيو آهي.

 شاهه لطيف سُر ليلان ۾ چوي ٿو:

اَللهُ! ڏاهي مَ ٿئان، ڏاهيُون ڏُکَ ڏسن،

مون سين مون پِرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪئا.

مثنوي روميءَ ۾ حضرت آدم ۽ ابليس جي قصي جي پس منظر ۾ هيءُ نڪتو چڱيءَ ريت واضح ڪيو ويو آهي.

خويش ابلهه کن تبع مي رو سپس،

رستگي زين ابلهي يابي و بس.

(دفتر چهارم، ب- 1419)

معنيٰ: پاڻ کي نادان سمجهه ۽ هن جي پٺيان هلندو هل. اميد ته ان نادانيءَ سان تون نجات وارو ٿي پوندين.

سُر ڪاموڏ جي هن بيت ۾ لفظ ’صلابت‘ جو استعمال ڏسو:

سر صلابت سپرين! مرڪڻ تون مَ مريج،

آهين ٺار اکين جو، وٽا مون مَ وڃيج،

تماچي! تَڳيج، ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌيين.

مثنويءَ ۾ صلابت جو لفظ ٻه دفعا استعمال ٿيو آهي. لطيف پڻ هڪ دفعو پنهونءَ لاءِ اهو لفظ ڪم آندو آهي ۽ هتي ٻيو دفعو ڄام تماچيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو:

پيش آن انوار نور روز دُرد،

از صلابت نورها مي سترد.

 (دفتر سوم، ب-  2002)

معنيٰ: هن جي نور جي آڏو ڏينهن جي روشني به جهڪي ٿي پوي ٿي. هن جي سونهن ئي ته آهي، جيڪا سڀني روشنين کي ڍڪي ڇڏي ٿي.

سُر سورٺ جو پهريون بيت هن ريت آهي:

الله جي آس ڪري، ٻيجل ڪي ٻاڪار،

’لاۤ الٰهَ اِلا الله مُحَمَّدٌ رَّسُوْل الله،رکئائين

تندن منجھ توار،

ماڙيءَ ۾ مَلُوڪ جي، سيباڻي سردار،

جيڪين خلقئو خلقڻهار، سو مڙوئي ڏنائين مڱڻي.

مثنوي روميءَ جي پهرين دفتر ۾ هڪ پوڙهي چنگ وڄائيندڙ جي آکاڻيءَ جي ابتدا ۾ اهو ساڳيو انداز هن طرح نظر اچي ٿو:

چنگ را برداشت شد الله جو،
سوئي گورستان يثرب آه جو.

(دفتر اول، ب 2086)

معنيٰ: اهو راڳي چنگ ڪلهي تي رکي الله جو آسرو ڪري پنڌ پيو ۽ يثرب شهر جي قبرستان ڏانهن ٿڌا ساهه ڀريندي روانو ٿيو.

هن بيت ۾ جيئن شاهه لطيف پورو ڪلمو تضمين ڪيو آهي، ائين مثنوي روميءَ ۾ پڻ ملي ٿو.

لا اله گفت و الاالله گفت،
گوهر احمد رسول الله سُفت.

 (دفتر اول، ب-2059)

معنيٰ: هن لاالـﮧٰ به چيو ۽ پوءِ الا لله به چيائين. ائين ’احمد رسول الله‘ جو موتي پوتائين.  ياد رهي هتي ’احمد‘  شعر ۾ وزن جي ضرورت خاطر آندو ويو آهي.

سُر رِپ جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

گُوندر ڪئو غرق، ماءُ! مُنهنجو جندڙو،

ڏُکوين مرڪ، مَٿي سڳر پَنڌڙا.

رومي مثنويءَ جي شروعات نڙ يعني بانسريءَ جي تمثيل سان ڪري ٿو، جنهن مان سندس مراد روح آهي، جيڪو پنهنجي اصل يا منڍ کان جدا ٿيڻ سبب درد ۽ وڇوڙو محسوس ڪري ٿو. هن جهان ۾ هر صالح روح اهو درد ۽ فراق محسوس ڪندي واپسيءَ جي راهه تي گامزن آهي.

در غم ما روزها بيگاهه  شد،

روزها با سوزها همراهه شد.

            (دفتر اول، ب- 15)

معنيٰ: اسان جا ڏينهن ۽ راتيون غمن جي حوالي ٿي ويا، بلڪ اسان جي زندگيءَ جو هر پل دائمي دک درد جي حوالي آهي (اهي دک درد ئي اسان جا ساٿي ۽ رهبر آهن).

سُر پورب ۾ جوڳين يعني سالڪن جي تعريف ڪندي چوي ٿو:

جوڳي جڳ ڇڏي، پرئا پورب پار ڏي،

لاهوتي لطيف چي، هلئا لال لڏي،

’والله يدْعوْ الى دار السّلام‘، صاحبُ سڀن سڏي،

هئي! هئي! هن هڏي، همـﮧ کي حيران ڪئو!

مثنوي روميءَ ۾ قرآن جي مٿئين آيت هن طرح تضمين ٿيل آهي:

پس بگوئيدش بيا اينجا تمام،

زود که آنّ الله يدعوا بالسلام.

(دفتر چهارم، ب- 723)

معنيٰ: پوءِ هن کي چئو ته پوري طرح هتي اچي سو به جلد ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ سلامتيءَ جي طرف سڏي ٿو.

سُر رامڪلي سڄو عرفان جو سُر آهي، جنهن ۾ جوڳين کي بنيادي طور عارف جي حيثيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري هن سُر جي شروعات ’نور‘ ۽ ’ناري‘ جي تمثيل سان ڪئي ويئي آهي. اڳتي هلي ’مونا طور سينا‘ جي تشبيهه سان اهڙن عارفن جي مراقبي ۽ مشاهدي جو بيان ڪيو ويوآهي، جيڪا مشهور صوفي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي تصنيف ’عوارف المعارف‘ ۾ ملي ٿي. اهي جوڳي اصل ۾ عارف آهن، جيڪي مرده دلين کي جيارين ٿا، جنهن حياتي لاءِ طالب سڪن ٿا ۽ ڪشالا ڪن ٿا:

جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري،

ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي اُن رِي.

مثنوي روميءَ ۾ ’نور‘ ۽ ’نار‘ جي مفهوم وارا هونئن ته ڪيترائي شعر ملن ٿا، پر هتي پس منظر طور هي ٻه ڪافي آهن.

جسمشان را هم ز نور اِسرشته اند،

تا ز روح و از ملک بگذشته اند.

(دفتر سوم ب 8)

معنيٰ: انهن جا جسم نور مان ٺهيل آهن، انهيءَ ڪري هو روحن ۽ ملائڪن کان به مٿي آهن. وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو ته تنهنجا حواس ۽ فڪر سڀ باهه جا ٺهيل آهن. پر روحاني رهبر (شيخ طريقت) جا حواس ۽ فڪر سڀ جو سڀ نور وارا آهن. تنهن ڪري:

وصل کن با نار نور يار را

(دفتر سوم، ب- 1245)

يعني: تون پاڻ واري باهه کي دوست جي نور سان وابسته ڪر، ڇو ته هن جو نور ئي تنهنجي باهه کي اجهائي سگهي ٿو. جيئن چيو اٿس:

تاکه نور او کُشد نار ترا.

                       (دفتر سوم ب 1246)

هڪ ٻئي هنڌ وري هيئن چوي ٿو:

پس هلاک نار نور مؤمن ست،

زانکه بي ضد دفع ضد لايمکن ست.

(دفتر سوم ب 128)

معنيٰ: (نفس جي) باهه کي وسائڻ لاءِ گهربل وسيلو مؤمن جو نور آهي، ڇو ته هڪ مقابل کان سواءِ ٻئي مقابل جو ختم ٿيڻ ناممڪن آهي.

انهن الله وارن لاءِ ئي رومي چوي ٿو ته اهي پنهنجي وقت جا اسرافيل آهن، جنهن جي ڦوڪ سان مرده دليون جيئريون ٿين ٿيون:

هين که اسرافيل وقتند اوليا،

مرده را ز ايشان حيات ست و نما.

(دفتر اول، ب- 1930)

معنيٰ: خبردار، اهي اولياء وقت جا اسرافيل آهن، جن (جي ڦوڪ سان) مرده (روح) به جيئرا ٿي پون ٿا. ٻين لفظن ۾ اهي اولياء آهن، جن کان سواءِ طالبن جو جيئڻ ناممڪن آهي.

سُر آسا سراسر معنوي سُر آهي. پهريون بيت آهي:

لڇان ٿي لاحد ۾، هادي لهان نه حد،

سُپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مد،

هت سِڪڻ بي عدد، هُت پرين پرواه ناه ڪا!

مثنوي روميءَ ۾ هيءُ موضوع ڪيترن ئي طريقن سان بيان ٿيل آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو ته هيٺ مٿي، اڳتي پوئتي هجڻ، اِهي مادي جسم جون وصفون (Attributes) آهن. ٻئي بيت ۾ آهي ته هيءُ جهان محدود ۽ هُو پاڻ بيحد يا لامحدود آهي. انهيءَ ذات تائين پهچڻ واسطي هي ظاهري صورتون ۽ نقش رنڊڪ آهن.

اين جهان محدود آن خود بيحدست،

نقش و صورت پيش آن معني سدست.

(دفتر اول بيت  526)

ٻئي بيت جي هڪ سِٽ آهي:

حد کجا آنجا که وصف ايزدست

معنيٰ: انهيءَ جي ڪا حد ناهي جيڪا خدا جي صفت آهي.

سُر مارئيءَ ۾ انسان جي روح جو ازلي عهد ياد ڪرايو ويو آهي ته هن دنيا ۾ زندگي ڪيئن بسر ڪرڻي آهي. تنهنڪري ’الست‘ جي وعدي تي زور ڏنو ويو آهي:

’الَست بربّڪمْ‘، جَڏِه ڪَن پِئوم،

’قَالُوْا بلٰى‘ قَلب سين، تڏه تت چيوم،

تَهين وير ڪئوم، وچن ويڙيچن سين.

مثنوي روميءَ ۾ ’الست‘ جي وعدي بابت ڪيترائي شعر ملن ٿا. هتي هيءُ بيت ڏسو:

هم چنانکه ذوق آن بانگ الست

در دل هر مؤمني تاحشر هست

(دفتر سوم ب 2344)

معنيٰ: الست جي آواز جو غلغلو پنهنجيءَ جاءِ تي هر ايمان واري جي دل ۾ تاقيامت قائم رهڻ وارو آهي.

سُر سنهڻيءَ ۾ طالب جي روحاني سفر جي مشڪلاتن ۽ روحاني رهبر جي ڪردار کي واضح ڪيو ويو آهي. طالب کي هر مشڪل کي منهن ڏيئي سلوڪ جو سفر طئي ڪرڻو آهي، تڏهن ئي کيس وصال نصيب ٿيندو.

سو ساهڙ، سو سهڻي، سائر پڻ سوئي،

آهي نجوئي ڳجهه، ڳجهاندر ڳالهڙي.

هن بيت ۾ ’توحيد وجودي‘ ڏانهن اشارو آهي، جنهن لاءِ مثنوي روميءَ جو هيٺيون شعر ڏسڻ گهرجي:

خود  همو  آبست   وهم   ساقي   و  مست

هرسه يک شد چون  طلسم  تو  شکست

(دفتر ٻيو، بيت- 716)

معنيٰ: اهو پاڻ پاڻي آهي. پاڻ پياريندڙ آهي ۽ پاڻ ئي مست  ٿيندڙ آهي. اهي ٽيئي تڏهن هڪ ٿي وڃن ٿا، جڏهن تنهنجي جسم جو طلسم ٽٽي ٿو پوي.

سُر سارنگ ۾ رحمتِ خداوندي يعني مينهن جو ذڪر آهي ۽ ان سان گڏ پيغمبر اسلام (صلعم) جي رحمت بنجي اچڻ جو وڏي ۾ وڏو استعارو موجود آهي، جيئن هن وائيءَ جي پهرئين بند ۾ چوي ٿو:

اَکيان ميگھ مَلار، صورت تنهنجي سڀ جَڳُ موهئو.

وري اڳتي چوي ٿو:

موڪل ٿي مينهه کي، دوست هٿان دلدار،

آهن ڪرم ڪريم  جا، احمد  ساڻ  اَپار.

يا جيئن هڪ ٻئي بيت جي اوائلي مصرعن ۾ چوي ٿو:

حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن،

وڄون وسڻ آئيون، ٽـﮧ ٽـﮧ مينهن ٽمن.

رومي مثنويءَ ۾ وري اهو منظر هينئن چِٽي ٿو:

ابر را هم تازيانه آتشين،

مي زنندش کانچان رو نه چنين.

بر فلان وادي ببار اين سو مبار،

گوشمالش مي دهد که گوش دار.

(دفتر ششم، 932 ۽ 33)

معنيٰ: بادلن کي به باهه جا ڪؤڙا هڻن ٿا. (وِڄن ڏانهن اشارو) ته هيڏانهن وڃ ۽ هوڏانهن نه وڃ. هِن ماٿريءَ جي مٿان وڃي وس ۽ هُن طرف نه وس. انهن تي به سختي ڪن ٿا ته خيال ڪريو.

مثنويءَ ۾ پڻ رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي آمد کي دنيا جي مٿان عظيم احسان طور بيان ڪيو ويو آهي:

سکئه شاهان همي گردد دگر،

سکئه احمد ببين تا مستقر.

(دفتر چهارم، ب- 2873)

معنيٰ: زماني جي بادشاهن جا سڪا (بادشاهي بدلجڻ سان) پيا بدلجن، ليڪن احمد صلي الله عليه وسلم جو سڪو هميشه هلڻ وارو آهي.

مٿئين مختصر تمهيدي تقابلي مطالعي مان صرف اهو واضح ڪرڻ مقصود هو ته ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي جي اِنهيءَ راءِ ۾ ڪوبه مبالغو نظر نٿو اچي، جڏهن هو چوي ٿو ته شاهه لطيف تي صرف ۽ صرف روميءَ جي فڪر جو اثر آهي، جنهن کي هُن نه رڳو پاڻ قبول ڪيو آهي، بلڪ ان جو چڱيءَ طرح اقرار به ڪيو اٿس. وڏي ڳالهه ته ان سان شاهه لطيف جي فڪر جا ڪيترائي رخ روشن ٿين ٿا. ضرورت ان امر جي آهي ته اِن کان پوءِ شاهه جي ”مڪمل شرح“ طرف قدم وڌايو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org