سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:20 

سُر گهاتو

 

داستان پهريون

 

1

گَهنگهرِئا گَهڻَ ڄاڻَ،  مُوڙهِي مَت مَهائِيينِ

وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنہ مِهَراڻَ

اَڳَيان پويان ٽَاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسَرِي. [835]

سمجهاڻي: هُو جيڪي پاڻ کي وڏا ڄاڻو ۽ عقلمند سمجهندا هئا، سي به (سمنڊ جي چاڙهه ۽ دهشت سبب) منجهي پيا ۽ جيڪي وڏيءَ همت ۽ مردانگيءَ وارا هئا، تن جو به عقل ۽ هوش حواس گم ٿي ويا. اهي سمنڊ جي وڏين ويرين جي ور چڙهي ويا ۽ وڃي اونهي اوڙاهه  ۾ ڦاٿا، جتان نڪرڻ واسطي هنن کان اڳيون پويون سڀ (آزمايل) حرفتون ۽ حيلا وسري ويا.

 2

ماڪَ ڀِڄايَنِ  مولهِيَا، مَٿان راتِ پَئِي

اُجَهڻُ لَڳِيُنِ اولِيُون وِئَنِ وَنجهَه وَهِي

ڪَلاچِيان ڪَهِي، ڪَڏِهِن ڪونَه آئِيو. [736]

سمجهاڻي: هنن گهاتوئن جي مٿن تي ٻَڌل پڳون رات جي گذرڻ سان ماڪ ۾ پُسي آليون ٿي ويون. اونداهي رات ۾ هنن جي ٻيڙين جا ڳَن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويا ۽ ونجهه مورڳو لڙهي ويا. (عام ڳالهه آهي ته) ڪلاچيءَ (جهڙي خطرناڪ) ڪُن کان وري ڪو سلامتيءَ سان واپس نه آيو آهي.

 3

ڪالهَه ڪَلاچِيءَ وِئا ڇَتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ

ڀائُنِ ڀيرو نه ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ

اِهَڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ وَرائي جَهلِئِي. [737]

سمجهاڻي: ڪالهه هو جوڌا جوان (مورڙي جا ڀائر) ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن سهي سنڀري، طُرا هڻي) مڇ کي مارڻ جا رڇ ۽ ڀالا کڻي روانا ٿيا، پر مورڙي جا ڀائر واپس نه آيا ۽ انهن جي ٻين ساٿين به دير لائي ڇڏي. (لاشڪ) اهڙن دليرن ۽ سورمن جي خاص ٽوليءَ کي ڪلاچيءَ جي ڪُن قابو ڪري (ڦاسائي) ڇڏيو (جو انهن جو موٽڻ محال ٿي ويو).

 4

ڪالهَه ڪَلاچِيءَ وِئا گهاتُو ڪَري گُهورَ

مادَرِ مَلاحَنَ جا ويٺِي سَهان سُورَ

مُون کي ڪَري مَلوُرَ، اُونِهين وِئا اوهَرِي. [738]

سمجهاڻي: اهي ملاح ڪالهه ڪلاچيءَ واري اڻانگي اونهي سمنڊ ۾ گهڙڻ جو پڪو پهه ڪري نڪتا. اي امڙ! هنن جي وڃڻ کان پوءِ آءٌ انهن ملاحن (جي جدائيءَ) جا ڏک ۽ سور ويٺي سهان. هو مون کي غمگين ڪري، پاڻ اونهي پاڻيءَ جي اوڙاهه ۾ هليا ويا.

 5

ڏيهَاڻِي جَنِ ڏَنڀُرا مارِئو ڏِنَمِ موڪَ

گَهرَ ۾ گهاتُوئَڙنِ جا ٿا مارِينَم ٿوڪَ

لَڏي وِچان لوڪَ، اُونِهين وِئا اوهَرِي. [739]

سمجهاڻي: اهي ملاح جيڪي هر روز الائجي ڪيترا ڪُرڙا (مڇيءَ جو مهانگو قسم) ماري کڻي اچي مون کي ڏيندا هئا، اڄ جڏهن انهن جي گهرن ۾ مڇي مارڻ وارو رَڇ ۽ ڪنڍين کي (پٽ تي پيل) ٿي ڏسان، ته آءٌ انهيءَ غم ۾ مريو ٿي وڃان. (آءٌ ڪنهن کي سور سليان ته) هو هن جهان مان لڏي تمام وڏي اونهي پاڻيءَ ۾ پهچي ويا آهن.

 6

 نَڪا بُوءِ بازار ۾ نَڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ

جِتي ڏَنڀَرَنِ جِي اَڳي هُئِي اُگَهَٽَ

سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِئَا. [740]

سمجهاڻي: هاڻي ته بازار ۾ مڇيءَ جي بوءِ ئي ڪانه ٿي اچي ۽ نه وري مڇيءَ جي ڇلرن جي تيز بانس ئي باقي آهي. اڳي جتي ڪُرڙي جهڙي مهانگي مڇيءَ جي گهڻائي هئي، اهي سڀ ماڳ مڪان سنسان پيا آهن ۽ خريدار ويچارا اهي هنڌ ويران ڏسي خالي هٿين موٽيو پيا وڃن.

 7

 اُڀِي اُسڙَان اُسَ ۾ جَهلِئو ڪُنَ ڪِنَارَ

گهاتُو گهَرِ نه آئِيَا وَڏِي لَڳِينِ وارَ

هُيَسِ جَنِي هارَ، سي موڙي چَڙهيا مَڪُرا. [741]

سمجهاڻي: آءٌ نٽهڻ اس جي ڪاڙهي ۾ بيٺي پيئي پچان ۽ سڙان ۽ ڪُن جي ڪناري (اُونهين گولائيءَ واري ڪنار جي ڀَر) تي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ بيٺي آهيان، پر اهي ملاح گهڻي دير گذرڻ جي باوجود گهر ڪونه موٽيا.آءٌ جن جي آسري ۾ (بيٺي) آهيان، اُهي (پڪ سان) پنهنجا مڇي مارڻ وارا ٻيڙا ڦيرائي (ڪنهن ٻئي طرف) هليا ويا.

 8

تَريُون پَسان نه تارِ ۾ جُهڳا جاءِ نه ڪَنِ

مادَرِ مَلاحَنِ، ماڳِ نه ڍويَا مَڪُرا. [742]

سمجهاڻي: مون کي تَرِيُون (ڪکن ڪانن جون ٺهيل ڊونڊيون) وڏي پاڻيءَ ۾ نظر

ڪونه ٿيون اچن. مڇي ڦاسائڻ وارا ننڍا وڏا ڄار به پنهنجيءَ جاءِ تي رکيل ڪونه آهن. اي امڙ! (شايد) ملاح مڇي ماري ٻيڙين ۾ وجهي واپسيءَ واري هنڌ تي نه پهچي سگهيا آهن.

 9

 مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اَللهَ گهاتُو آڻِ

مِيان مُندَارَنِ سِين مُون کي وِجُهه مَ ڪاڻِ

هَٺَ مُنهنجي هاڻِ، قَدُرُ لَڌو جَنِ ري. [743]

سمجهاڻي: مون (ملاحن جي غير موجودگيءَ ۾) ننڍيون مڇيون اُڌاريون وٺي گذر سفر ڪيو آهي، او الله سائين! ملاحن کي موٽائي آڻ ته جيئن منهنجي دڪاندارن (جن کان مون اوڌر کنئي) سان ڪاڻ (گهٽتائي) نه پوي. مون کي جن ملاحن تي مان هو تن جو مون کي هاڻي قدر معلوم ٿيو آهي. جڏهن هو مون وٽ موجود ناهن (انهن جي موجودگي ۾ آءٌ ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندي هيس).

10

 اوري هُئا ته آئِيَا، جيڪُسِ وِئا پَري

ساٿِي سَڏَ ڪَري، ماڳَ نِهَاري موٽِئَا. [744]

سمجهاڻي: هو (ملاح) جيڪڏهن ويجهو هجن ها ته ضرور موٽي اچن ها. پڪ هو گهڻو پري نڪري ويا آهن. هنن جا ساٿي ۽ سنگتي کين ڪيترائي ڀيرا سڏ ڪري، سندن ماڳ جايون جانچي ڏسي موٽي آيا آهن (پر هنن جو ڪو پتو ڪونه ٿو پوي).

11

 رويو رَڇَ نِهَارِيَان اَديون اَڄُ سَندانِ

سَڙِي ساڄَ پِيَانِ، وَيڙو لوهُه لِکُون ڪَري. [745]

سمجهاڻي: اي اديون! اڄ آءٌ هنن جا رڇ ڏسي رويو ٿي پوان. هنن جي رڇن جا سامان (ڏوريون ۽ ٻيڙا) هاڻي سڙي سڪي ويا آهن، ايتري قدر جو انهن ۾ لڳل لوهه به ريکون ڪري ويو آهي (ڳري ختم ٿي چڪو آهي).

12

 کِلي جان کِيڪارِيَان تان ساٿِي سَڱ نه ڪَنِ

وارِئو وَهِٽَ وَڃَنِ، ڪَنِ سَڀاڳِينِ سامُهَان. [746]

سمجهاڻي: منهنجي برادريءَ وارا جيڪي ملاح موٽي آيا آهن، تن کي آءٌ کِلي پيئي کيڪاريان، ڀليڪار پيئي چوان، مگر هو مون کي اڀاڳي سمجهي ڪو جواب ئي ڪونه ٿا ڏين. هو پنهنجن وهٽن (بار وارن جانورن) کي هڪلي اڳتي وڌي ويا ۽ وڃي انهن سڀاڳين (گهر وارين) وٽ پهتا (جن جا هو وَرُ هئا).

13

 جان گِهڙَنداهُ گهاتُئا، تان رَڇَنِ ڏِهو رَڱ

سَڳايُون ۽ سَڱَ، ڪَلاچِي ڪِينَ ڪَري. [747]

سمجهاڻي: اي گهاتوئا! جيڪڏهن توهين سمنڊ ۾ گهڙڻ وارا آهيو، ته پوءِ رَڇن کي (مضبوط ۽ پڪي ڪرڻ واسطي) رنگ ڏيو. ڪلاچيءَ جو ڪُن (وڏو ظالم آهي) جيڪو ڪنهن مٽي مائٽي ۽ لڳ لاڳاپي جو خيال نٿو ڪري.

14

 جِئن جُهڳا پايين جهولَ ۾، اِيئَن نه مَرَنِ مَڇَ

سَٻَرَ ڍَارَ سَمُونڊَر جا ڪي راوان رَڱِجُ رَڇُ

هِي ڇاڙُون ۽ ڇَڇَ، اَڃان اوڙاهُ اَڳاهُون ٿِئو. [748]

سمجهاڻي: تون ڀلي اهي ننڍا ڄار ننڍي بيٺل (تراکڙي) پاڻيءَ ۾ وجهه، پر ان سان وڏا (مانگر) مڇ ڪونه جهلبا. سمنڊ جي لهر ڏاڍي طاقتور ٿئي ٿي، ان لاءِ ڪي وڏا (مضبوط) رڇ رنڱائي تيار ڪر. هي تنهنجي سامهون رڳو تانگهي پاڻيءَ جون ڇَرون آهن يا کڻي ان کان ڪجهه وڌيڪ اونهي پاڻيءَ جون ڍنڍون آهن، ليڪن سمنڊ جو (خطرناڪ) اوڙاهه گهڻو پري آهي (ان لاءِ تون صحيح نموني تياري ڪر).

15

اَئِين جا لُڏو لوڏَ، نَه اِيءَ پَرِ گهاتُوئڙَنِ جِي

ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نه سُتا ڪَڏِهين. [749]

سمجهاڻي: توهان وڏي لاڏ ڪوڏ ۾ پيا هلو (ٽلڻ واري انداز ۾ ٿا هلو) پر اها چال

گهاتوئن واري ناهي، جن کي ڪلاچيءَ جي ڪُن تي وڃڻ جي خواهش (شوق) آهي، اهي ڪڏهن به ائين آرام سان بي فڪر ٿي ڪونه سُتا.

16

 گَها اَڳيان، گهاتُو اَڳيان، (اِي) گهوري نه ڄاڻَنِ

جِنہِ پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ اِي نه سِکِيَا. [750]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ وڏا رڇ ۽ انهن کي کڻي هلندڙ گهاتو ۽ ملاح پاڻ اڳيان اڳيان آهن، پر پاڻيءَ ۾ مڇي مارڻ واسطي گهُور ڪرڻ (اصلي اٽڪل) نٿا ڄاڻن. مطلب جنهن طريقي سان مڇ مرندا آهن، اهو طريقو سکيا ئي نه آهن، ان جي هنن کي خبر ئي ڪانهي!

17

 گهورِيندِهِين گهورِ پِئا، اَگهورَ گهوريائُون

مانگرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنہَ سَنَرا. [751]

سمجهاڻي: هو مڇيءَ جي گهور (ماري) شروع ڪرڻ سان ئي اگهور (اونهي) سمنڊ ۾ اهڙي هنڌ تي وڃي پهتا، جتي لهرن جي وڏي اُڇل ۽ اٿل پٿل هئي. اتي ئي هنن مانگر مڇ کي ماري وڌو، تنهن ڪري ملاحن جا منهن خوشيءَ کان ٻهڪي پيا.

وائي

گهاتـــــوئَـــــــڙا اَدا،

متان اَئين رَڇُ وڃائيو

گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنگَ ڏِجا

مَهندان اِنَ مُلڪَ جو، اَئين ڪو ڊَرپُ ڪَجا

ڪري  صَـلاح  سَيَدُ  چَــئي،  اُونِهـين  اُهُــريجا.  [752]

سمجهاڻي: او ادا! گهاتوئڙا! (مڇ کي جهلڻ وارا) توهين متان اجايو پنهنجا رڇ وڃايو. (ان کان پهرين) توهان مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ يا مڇيءَ کي جاچڻ ۽ ڳولڻ سکو ۽ پنهنجا رڇ (مضبوطيءَ خاطر) رنگ ڏئي (پڪا پختا) تيار ڪريو. ان کان پوءِ اڳيان ايندڙ  ڪهڙي به ملڪ يا ديس جو ڪو ڊپ ڊاءُ نه ڪجو. ليڪن (ڪنهن ڄاڻوءَ سان) صلاح مصلحت ڪري، پوءِ ڀلي اونهي پاڻيءَ ۾ داخل ٿجو.

 

داستان ٻيو

 

 1

 مَتو آهِين مَڇَ، ٿُلهو ٿِئو ٿُونَا هَڻِين

جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تِنہِ پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَڙا. [753]

سمجهاڻي: اي مانگر مڇ! تون (کائي کائي) مچي متارو ٿي پيو آهين. بلڪه ٿلهو (بيپرواهه) ٿئو (مستيءَ ۾ اچي) هر شيءِ کي ٽڪر پيو هڻين، پر تون پنهنجي آڏو جيڪا پاڻيءَ جي (اڻ کٽ)اڇاڻ ڏٺي آهي، اها جلدي سُڪي ختم ٿيڻ واري آهي. (نفس کي هدايت ته دنيا فاني جي لذتن تي اعتبار نه ڪر).

[مثنوي روميءَ ۾ مانگر مڇ جي چالاڪي ۽ حقيقت جو ذڪر هن طرح ملي ٿو:

اين جهان پر ز نقل و پرزنان،

چون دهان باز تمساح دان.

بهر کرم و طعمه اي روز تراش،

از فن تمساح دهر ايمن مباش.

(دفتر ششم، ب- 4086 ۽ 87)

معنيٰ: هيءَ جهان مانگر مڇ جو کليل وات سمجهه، جنهن جي پاسن تي ڪيتريون کائڻ جون مٺيون شيون رکيون آهن. تون هن جي وات وارين شين (مڪر) کي کاڌو سمجهيو آهي. ياد رک، مانگر مڇ جي ان چالاڪيءَ کان ڪڏهن بي خبر نه ٿجانءِ.]

 2

 ٿُلهو ٿِئو ٿُونَا هَڻين، مَتو آهين مَڇَ

بابِ تُنهِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾. [754]

سمجهاڻي: اي مڇ! جيتوڻيڪ تون ٿلهو متارو ٿي (بي خوف) ٽڪر هڻندو ٿو وتين، پر تنهنجي قسمت ۾ لوح قلم موجب (ازل کان وٺي) رڇ ۾ ڦاسجڻ ئي لکجي چڪو آهي.

 3

 جِئن تون هَڏ نه موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ

جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تِنہِ پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَڙا. [755]

سمجهاڻي: اي مڇ! جيڪڏهن تون (وڏي پاڻيءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ) مرڳو موٽي نه اچين ها، ته اهو تنهنجي لاءِ تمام ڀلو هو (پر تو اهو نه سمجهيو). ڇاڪاڻ ته جيڪا تو پاڻيءَ جي ظاهري اڇ  ڏٺي آهي (جنهن ۾ تون پنهنجو شڪار ڳولين ٿو)، اها باقي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ختم ٿي ويندي.

 4

 جان واهُڙَ ۾ وَهُ، تان تُون مَڇَ نه موٽِئو

ڪائي ۾ ڪوهُ ڪَرِين پوءِ موٽَڻَ جو پَهُه

سِرَ مَٿي ٿو سَهُه، مَهميزُون مَلاحَ جِيُون. [756]

سمجهاڻي: اي مڇ! جيستائين واهڙ ۾ وهڪرو هو (ججهو پاڻي موجود هو) تڏهن تون موٽي ڪونه آئين. هاڻي جڏهن پاڻي لهي چڪو آهي (باقي ٿورو بچيو آهي)، ته پوءِ موٽي اچڻ جو ارادو ڇو ڪيو اٿئي؟ (هاڻي توکي شڪارين پڪڙي ورتو آهي). انهيءَ ڪري تون هاڻي ملاحن جا پنهنجي سر مٿان سختيون ۽ سوٽا برداشت ڪر.

 5

 تان تون مَڇَ نه موٽِئو جان جَرُ هُئَڙو سِيرَ

اَڏا مَنڊي ڪِيرَ، گَهٽَ بِه جَهليَئِي گهاتُوئين. [757]

سمجهاڻي: اي مڇ! جيستائين پاڻي سير ڪري پئي وُڙهو (واهڙ يا درياهه ۾ گهڻو پاڻي هو) تڏهن تون موٽي ان طرف ڪونه آئين. هاڻي ته ملاحن سامهون رڇ اڏي ان جا ڪلا ٺوڪي مضبوط ڪري ڇڏيا آهن ۽ تنهنجي ڀڄڻ جا سڀ گهٽ گهيڙ به بند ڪيا اٿن.

 6

جان جَرُ هُئَڙو جالَ، تان تُون مَڇَ نه موٽِئو

پُونَئِي اَڄُ ڪِ ڪالَ، سانُڀويُون سانگَنِ ۾.  [758]

سمجهاڻي: اي مڇ! جيستائين گهڻو ۽ وڏو پاڻي موجود هو، تيستائين تون موٽي ڪونه آئين. هاڻ (ننڍي پاڻيءَ جي ڪري) ڪنهن به وقت مڇي جهلڻ وارا ڄار درياهه جي ڦاٽن ۽ واهڙن ۾ (جتي تون ڦرين ٿو) پوڻ وارا آهن (جنهن ڪري تون جهلجي پوندين).

 7

ڪُنڍِي ڪَلِينِ وِچَ ۾ جَڏِهن هَنئِي جَنِ

مُون کي مُون پِرينِ، ڪَڍَڻَ جِي ڪانَه ڪَئِي. [759]

سمجهاڻي: منهنجي پرين منهنجي نڙيءَ جي اندر اهڙي ڪِلي يا ڪُنڍي وڌي آهي، جهڙي مڇيءَ کي ڦاسائڻ خاطر وجهي ڇڏبي آهي. منهنجي محبوب مون کي ائين ڦاسائي بيوس ڪري ڇڏيو (مون کي پنهنجي عشق ۾ اهڙو سوگهو ڪري ڇڏيائون، جو آءٌ ان مان آجي ٿي نٿي سگهان).

 8

 ڪُنڍِي ڪَلِينِ وِچَ ۾ جَڏهن هَنيائُون

موتِ نه مارِيائُون، ڏورِ ڏيئِي وِئا ڏُکَ جِي. [760]

سمجهاڻي: منهنجي پرين منهنجي نڙيءَ جي اندر اهڙي ڪِلي يا ڪُنڍي وڌي آهي، جهڙي مڇيءَ کي ڦاسائڻ خاطر وجهي ڇڏبي آهي. منهنجي محبوب مون کي ائين ڦاسائي بيوس ڪري ڇڏيو (مون کي پنهنجي عشق ۾ اهڙو سوگهو ڪري ڇڏيائون، جو آءٌ ان مان آجي ٿي نٿي سگهان).        

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org