سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:51 

وائي-1

مُون کي ڪا مَ جَهلي، سَڀڪا پاڻ پَلي

آءٌ وِڌَڙِي نِينہَ اُڇَلي

ويندِي آءٌ پارَ پِرِيان ڏي، مُون کي ڪا مَ جَهلي

پَسِئو دُونهِيُون دوستَ جِيُون، جِيءُ مُنهنجو جَلي

ڏَمُ ڏِيهاڻِي ڪيتَرو، پَرَ ۾ ٿو پَلي

مَحبَتِي ميهارَ جو، سُورُ مُونهِين کي سَلي. [3119]

سمجهاڻي:  (سنهڻي ٿي چوي) مون کي (نصيحت ڪري) نه روڪيو، هر ڪا  پاڻ کي سنڀالي،  آءٌ  ته عشق جي ماريل آهيان.

        آءٌ  ضرور پرينءَ جي پار ڏي وينديس، سو مون کي ڪا به نه روڪي. دوست جون دونهيون پري کان ڏسي منهنجي اندر ۾ مچ پيو ٻري. جيتوڻيڪ ڏم به الائجي ڪيترا ڀيرا ڏينهن ۾ پنهنجي منهن مون کي سمجهائي ٿو، ليڪن (منهنجي حالت اها آهي جو) محبتي ميهار جو دک ۽ درد جيئن پوءِ تيئن منهنجي اندر ۾ سوراخ ڪري گهڙندو پيو وڃي.

وائي -2

نَهِين نَهِين مَيڏي وَسِ، وو!

بِنا  دِلبَر  هي  دِل  ماندِي

سِڪان ٿِي سِينگارَ کي، بابِ نه منهنجي بَسِ.

مُون کي مَتِ ميهارَ ري، ڪانَه اَچي ٻِي ڪَسِ.

دَردَ دَسِي آهِيان، دَردُ مُونهِين جو دَسِ.

سُکَ نه پُڇي سُنهَڻِي، ڏُکَ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ. [3120]

سمجهاڻي:  (سنهڻيءَ جي زباني) نه نه، هاڻي منهنجي وس ۾ ڪجهه ناهي، منهنجي دل دوست کان سواءِ حيران پريشان آهي. مان ته اصل ۾ محبوب لاءِ پيئي سِڪان. مون لاءِ سڪ جي پڄاڻي آهي ئي ڪا نه. مون کي ميهار جي باري ۾ ٻيو ڪو مشورو يا نصيحت نٿي وڻي. مون کي تنهنجي دردن ئي ماريو آهي. هاڻي تون ئي منهنجي انهن دردن کي اچي ختم ڪر. آءٌ  ڪو به سک يا خوشي ڪا نه ٿي گهران، ڀلي جان کڻي مون کي ڏکن جو ئي ڏس ڏيو.

 

داستان ڇهون

 

1

کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان

تَنَ ۾ تَؤنسَ پِرِيان جِي، پِيان نه ڍَراپان

سَمُونڊَر مُنہِ ڪَرِيان، توءِ سُرڪِيائِي نه ٿِيي. [3121]

سمجهاڻي:  (سنهڻي ٿي چوي)  آءٌ  محبوب لاءِ (اندر ۾) پيئي ٿي سڙان ۽ پچان. اندر ئي اندر ۾ پيئي ٿي ڪڙهان ۽ ڦٿڪان، محبوب لاءِ پيئي ڳڻتيءَ ۾ ڳران. منهنجي اندر ۾ ايڏي گرمائش ۽ پياس آهي، جو جيڪڏهن سمنڊ کي سامهون ڪري پيان ته هڪڙي سُرڪي ئي نه ٿئي.

[مثنوي ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:

باوجود آنکه در دريا کشند،

خشک لب باشند و هم در آتشند.

(دفتر سوم)

معنيٰ: جيتوڻيڪ هو پورو درياهه جو درياهه پي وڃن ٿا، پر پوءِ به سندن چپ سڪل ٺوٺ ۽ خشڪ آهن ۽ سندن اندر ۾ باهه پيئي ٻري.]

2

کامان، پَچان، پَڄُران، ٻَران ۽ ٻَڙَڪان

اُڇرِئو پَوان آرَ ۾، تَرسان نه ڪِنہِ تَڙَ کان

ڪاري ڪارُونڀارَ ۾، واڳُنِ جِئَن وَڙَڪان

لَهرِيَنِ ۾ لَڙَڪان، ساهَڙَ رَسِجُ سِيرَ ۾. [3122]

سمجهاڻي:  (سنهڻي پنهنجي اندر جي حالت ٿي بيان ڪري) آءٌ  (محبوب جي جدائيءَ ۾) اندر ۾ پيئي جلان ۽ سڙان، آءٌ  باهه وانگر ٿي ٻران ۽ ان تي رکيل پاڻي وانگر ٽهڪان. آءٌ  اڇلجي وڃي تکي اونهي پاڻيءَ جي وَهڪ ۾ ٿي پوان ۽ ڪنهن به تڙ تي ترسي نٿي سگهان. وڏي چاڙهه  واري لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ واڳن جيان هيڏانهن هوڏانهن پيئي هلان. آءٌ  لهرين وچ ۾ ڦاٿل ۽ لٽڪيل آهيان. او منهنجا ساهڙ، تون پُهچ (ڪا منهنجي مدد ڪر)

3

کامان، پَچان، پَڄُران، سَڙان سارِي راتِ

ٻَنِ ٻِئائِيءَ کي وِجِهي، ڪَرِ پِرِيان جِي تاتِ

سِيرُون سَندِيُون سَڄڻين، اُڀَرنِ آڌِيءَ راتِ

نَڪِين هَٿِ نه ساٿِ، ڏِيهاڻِئُو چَنگ چَڙهان. [3123]

سمجهاڻي: آءٌ  (محبوب جي جدائيءَ ۾) پيئي جلان ۽ پچان ۽اندر ئي اندر ۾ پيئي ڪڙهان ۽ سڄي رات ٿي (باهه ۾) سڙان. (سنهڻيءَ کي صلاح) تون ٻيائيءَ سان  هلڻ (شرڪ) واري روش کي ترڪ ڪر ۽ صرف هڪ محبوب کي ياد ڪر. (سنهڻي ٿي چوي پر آءٌ  ڇا ڪريان). منهنجي بدن ۾ اڌ رات جو اچي سڪ سوز واريون سُوٽون اڀرن ٿيون. منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي ۽ نڪو منهنجو ڪو ساٿي سڄڻ آهي. آءٌ  هر روز سڪ ۽ سوچ ۾ چنگ جي واڄي وانگر پيئي وڄان (سخت تڪليف ۽ عذاب ۾ آهيان).

4

پَسِي دَورُ درياهَ جو، وَرِي ڪِيئَن وِهان

مَحَبَّتَ کي ميهارَ جي، سِسِي ساهُ ڏِيان

وَڃِي جالَ جِيان، لالَڻَ ڀَرِ لَطِيفُ چئي. [3124]

سمجهاڻي:  (سنهڻي ٿي چوي) بيشڪ درياهه ۾ وڏو زور ۽ چاڙهه آهي پر آءٌ  پوئتي موٽي وڃي ماٺ ڪري ويهان (مون کان ائين ڪونه ٿيندو). مان ميهار سان محبت خاطر پنهنجو سر ساهه صدقو ٿي ڪريان. (منهنجي تمنا آهي ته) شال پنهنجي محبوب سان سدائين جيان ۽ هميشه گڏ هجان.

5

کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنهنجو مَنُ ميهارَ ڏي

آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئي، لَهرِيُون، لَسَ لڙو

چارِي  ٿِئُمِ  چَڙو،  ٻُرِي  ٻيلايَنِ  جو. [3125]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) منهنجي (ستل) دل کي مينهين جي چڙن جي آواز جاڳائي ميهار ڏانهن متوجهه ڪيو. عبداللطيف چوي ٿو ته سنهڻيءَ جي سامهون درياهه جي پاڻيءَ جو وڏو چاڙهه هو ۽ لهرين جي لس ليٽ لڳي پيئي هئي. (ليڪن درياهه ۾ گهڙڻ کان پوءِ به) اهو ٻيلي اندر چڙن جي وڄڻ جو آواز ئي هو جيڪو منهنجو سونهون ۽ رهبر بنيو (جو آءٌ  ساهڙ وٽ پهچي ويس)

6

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، اُڻَٽِرِيهِين اُونداهِي

چَنڊَر نالو ناهِ ڪو، درياهَ دَڙَ لائِي

ساهَڙَ ڪارَڻِ سُنهَڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي

اِيءُ اَمُرُ اِلاهِي، نه ته ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي؟ [3126]

سمجهاڻي: ڪاري ٻاٽ رات آهي ۽ سنهڻيءَ وٽ ڪچو گهڙو آهي.  اڻٽيهين تاريخ ڪري سخت اونداهي آهي ۽ (ساري رات ۾)  چنڊ جو نالو نشان ڪونهي. درياهه ۾ به ڏاڍو زور شور آهي. ليڪن  (اهڙيءَ حالت ۾ به) سنهڻي اڌ رات جو اٿي درياهه تي اچي پهچي ٿي(جيئن ساهڙ ڏانهن وڃي سگهي). (در حقيقت) اها سڀ الاهي تقدير هئي نه ته ائين ڪُنن ۾ ڪير گهڙي ها!

7

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، نَڪا سِيڻَہِ ساڻُ

وِجهي، ويرَمَ نَه ڪَري، پِرِيان ڪارَڻَ پاڻُ

مَحَبَّتَ کي مِهَراڻُ، سُڪِي سَڀُ پَٽُ ٿئو. [3127]

سمجهاڻي: اونداهي رات جو سنهڻي وٽ اڻ پڪل دلو هو. وٽس ترڻ لاءِ کَلي (سيڻاهه) به ڪانه هئي. ليڪن محبوب جي محبت ۾ هوءَ ٿوري دير به ترسڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پاڻ کي درياهه  ۾ کڻي ٿي اڇلي. (حقيقت ۾) محبت جي آڏو مهراڻ (درياهه)  سڄو سڪي ميدان بڻجي پوي ٿو (اهو محبت جو ڪرشمو آهي جو وهندڙ درياهه کيس خشڪ زمين وانگر نظر آيو).

[رومي پڻ چوي ٿو ته محبت جو سير ۽ سفر جداگانه قسم جو آهي:

موج خاکي فهم و وهم و فکر ماست،

موج آبي محو و سکر ست و فناست.

تا درين سکري ازان سکري تو دور،

تا ازين مستي ازان جامي نفور.

(دفتر اول، ب- 5574)

معنيٰ: اسان جي سمجهه، وهم ۽ سوچ مٽيءَ جي موج مستي آهي، ليڪن پاڻي (روحاني) موج محويت، سڪر ۽ فنا آهي. جيستائين تون هن پهرين موج ۾ آهين ته هُن مستيءَ کان پري آهين ۽ جيستائين تون هن سان نشي ۾ آهين ته تون هن اصل جام کان هٽيل ۽ پري آهين.]

8

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، مَٿان وَسي مِينہُ

هِڪو ڀَئو بيراهَ جو، ٻِئو سانباران سِينہُ

شالَ مَ ڇِڄي نِيہُ، گِهڙان، گهورِئو جِندَڙو. [3128]

سمجهاڻي: رات ٻيو ڪچو گهڙو ۽ مٿان وري برسات پيئي پوي. (اهڙيءَ حالت ۾) واٽ گم ٿيڻ جو خطرو ته آهي، مگر سامهون پرئين پار شينهن (عشق جي شينهن) جي موجودگي آهي (انهن حالتن ۾ سنهڻيءَ جي خواهش آهي) شال، منهنجي محبت ۾ ڪا گهاري نه پوي. باقي آءٌ  پاڻيءَ ۾ گهڙي ٿي پوان، مري ويس ته قربان ٿي وينديس.

9

مَتان گِهڙِين سُنهَڻِي! اَڄُ درياهَ ۾ دَمُ

ڪارِي راتِ، ڪُنَنِ ۾، ڪِهڙو اَٿئِي ڪَمُ

مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون. [3129]

        سمجهاڻي: (سنهڻيءَ کي صلاح) او سنهڻي، اڄ متان درياهه ۾ گهڙين ڇو ته منجهس ڏاڍو زور ۽ شور آهي. گهگهه اونداهي رات ۾ تنهنجو ڪُنن ۾ ڪهڙو ڪم آهي، جو جان جوکم ۾ ٿي وجهين. (هوڏانهن ان ڳالهه جو به گهڻو امڪان آهي ته) ڏم جاڳي پوي ۽ اوڙي پاڙي مان تنهنجي سرتين کان تنهنجي پڇا ڳاڇا ڪري!

10

پُڇِي پاڙي وارِيُون، ڪوهُ ڪَرِيندو ڏَمُ

ڪارِي راتِ، ڪُنَنِ ۾، ڪاڻِيارَنِ جو ڪَمُ

هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَّ ميهارَ تان.  [3130]

سمجهاڻي:  (سنهڻيءَ جو جواب) ڏم (نفس جيڪو منهنجو مخالف آهي) جيڪڏهن پاڙي وارين کان پڇا ڪندو ته مون کي ڇا ڪري سگهندو؟ جيڪي حق جا حاجتمند (طالب) آهن، سي اونداهين راتين ۽ پاڻيءَ جي اونهن ڪُنن کان ڪونه ٿا گهٻرائين. انهيءَ ڪري مون (محبوب جي رضامندي لاءِ) پنهنجو سڀ ڪجهه (جسم ۽ جان) محبوب تان قربان ڪري ڇڏيو آهي.

11

ڏِينهاڻِي ڏَمُ ڪَري، ڏَمَرُ مَٿي مون

تِنہِ کي اَچِي تُون، پِرِيَمِ ڪوهُ نه پَلِيين! [3131]

سمجهاڻي:  (سنهڻي ميهار کي ٿي چوي). ڏم (نفس) هر روز (هر وقت) مون تي ڪاوڙ ڪري ٿو ۽ ڇينڀ ڪري ٿو. اي منهنجا محبوب، تون پاڻ ڇو نٿو اچي هن کي روڪين يا جهلين؟

12

گَهرُ، نَه وَرُ، نَه وَٿُ ڪا، آهِمِ مَنِ ميهارُ

اِنَ اوسِيئڙي اُٿِيان، سَنجھي ڪَري سِينگارُ

پِرِين! تُنہِنجو پارُ، پَسان مانَ پَرِ ڪَنهِين. [3132]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) منهنجي دل نه گهر سان ٿي لڳي، نه مڙس سان، نه  ڪنهن ٻيءَ قيمتي شيءِ سان. منهنجي اندر ۾ ميهار ئي ميهار آهي. انهيءَ انتظار جي ڪيفيت ۾ سويل سانجهيءَ کان ئي تياري شروع ڪريان ٿي ته ڇا به ٿئي پر آءٌ ڪنهن به طريقي سان پنهنجي پرينءَ وٽ وڃي پهچان.

13

گَهرُ، نَه وَرُ، نَه وَٿُ ڪا، ميهارُ ئِي مُون مَنِ

ساهَڙَ ڌاران سَرتِيُون وِجهان ٻِيُون ٻَنِ

’مَن لَّهُ المَولٰي فَلَهُ الکُلُّ‘، ڪِجُ اِهائِي ڪَنِ

جي سَنگهارَنِ سِڪَنِ، سي گَهرِ گھارِيندِيُون ڪيتَرو. [3133]

سمجهاڻي:  (سنهڻي ٿي چوي) مون کي نه گهر کپي نه مڙس، نه ڪا ٻي قيمتي شيءِ.  منهنجيءَ دل ۾ ته ميهار ئي آهي.  اي سرتيون، آءٌ  ساهڙ کان سواءِ ٻي هر شيءِ کي باهه ڏيان (ساڙي ڇڏيان). هيءَ نصيحت ’جنهن جو مولا سائين آهي تنهن جو سڀ ڪجهه آهي‘، غور سان ٻڌ ۽ سمجهه. (اها حقيقت آهي ته) جيڪي پنهنجي مالڪ حقيقي جي ياد ۽ ملاقات لاءِ سِڪن ٿيون، اهي هِتي هِن (ظاهري) دنيا ۾ ائين ڪيترو گذارينديون.

14

هِنَ پارِ، نَه هُنَ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾

نِيَڇُ نِهاري نَه گِهڙِي، تِنہِ ۾ پِئَسِ تُنَ

آگا  ساڻُ  اَمُنَ،  آران  پارِ  اُڪارِيين. [3134]

سمجهاڻي: سنهڻي نه ته درياهه جي هِن ڪناري تي آهي ۽ نه وري هُن پار پهتي آهي. بلڪه ويچاري وچ وهڪري ۾  پيئي لڙهي. هوءَ اهو دلو (سَنڊُ اوزار) جيڪو وٽس هيو ان کي چڪاسي پوءِ پاڻيءَ ۾ نه  گهڙي، جنهن ڪري ان ۾ سوراخ ٿي پيا. (اهڙيءَ حالت ۾ فقط  هڪڙي آسري تي آهي) اي مالڪ، تون سلامتيءَ سان درياهه جي اونهي وهڪري مان اڪاري پار پهچاءِ.

15

نه اوراڙ، نَه پَرارِ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾

سُڪِيءَ ڏنِيءَ سُپِرين، ٻِئو مِڙوئِي تارِ

گِهڙُ، تُون ڪِيمَ نِهارِ، ٻُڏَنِ سِين ٻاجُهون ڪَري. [3135]

سمجهاڻي: سنهڻي نه اورئين پاسي آهي ۽ نه پرئين پاسي، هوءَ ويچاري وچ سير ۾ آهي. هن جو محب ميهار ته ڪنهن سُڪل هنڌ درياهه جي ڀر ڪنڌيءَ تي آهي، ڇو ته ٻئي هر هنڌ تار ٻوڙيندڙ پاڻي آهي. اي سنهڻي، تون ٻيو ڪجهه نه ڏس (فڪر نه ڪر) تنهنجو محبوب ٻڏندڙن تي ئي پنهنجو هٿ رکندو آهي، يعني انهن کي ئي پنهنجو ڪندو آهي.

16

ساهَڙُ سُڪِيءَ ۾ ٿِئو، هِيءُ پاڻِيءَ مَنجِھ پُنُو

سَندو ڪَچَ ڪُنُو، تارِ تَرندو ڪيتَرو! [3136]

سمجهاڻي: ساهڙ (منهنجو سڄڻ) ته سُڪل يعني خشڪ زمين تي ڪٿي آهي، پر هيءُ (ڪچو دلو) ته پاڻيءَ ۾ ئي ڀَڄي ڀُري پورو ٿي ويو. (درحقيقت) ڪچي مٽيءَ جو ٺهيل دلو تار پاڻيءَ ۾ ڪيترو وقت ترندو!

وائي

هوئِجِ هُشِيارِ، خَبَردار،

تِرڪَڻِ آهي تَڙَ ۾

کَڏُون کُوٻا، چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِين نَئِي نِهارِ

آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ

مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ

پَڪو کَڻِجُ پاڻَ سِين، پِرِين تُنہِنجو پارِ

کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيُون ڏُئارِ

پُندِينءَ مُنہِ ميهارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينہَ مَ گهارِ

هوتُ هَلَندِيَنِ کَٽِئو، وِهَڻُ مُنڌَ وِسارِ

وِيندي واٽاڙُوئَنِ کي، پَٽِي ڪِيمَ پَچارِ

ساهَڙَ کي سُڻُ سُنهَڻِي ٻِڇَلَ آڏِي ٻارِ

تارِ تَرَندِينءَ، لُڙُ لَنگَهندِينءَ، عِشقَ جي آڌارِ

پاندُ مَ ڇَڏِجُ پِرِينءَ جو، پِهين جي پاتارِ

ٿِيندُءِ  سَڏُ  ساهَڙَ  جو،  توڏِي  ٿِيءُ  تَيارِ. [3137]

سمجهاڻي:  (طالب کي صلاح) اي سنهڻي هوشيار ۽ خبردار ٿيءُ جو تڙ تي تِرڪڻ آهي. اتي کڏون کوٻا ۽ گپ چڪ (ڌُٻڻ) آهي. هيٺ نِوڙي  چڱيءَ طرح ڏس. اُهي اڌ رات جو ضرور ٿاٻڙنديون  جيڪي (غرور) کان پنهنجي نظر کي هيٺ ڪري نٿيون ڏسن. مون ملاحن کان اهو ئي ٻڌو آهي ته تڙ ڏاڍا ڏکيا ۽ اونها آهن. تون پاڻ سان پڪو گهڙو کڻجانءِ، ڇو ته تنهنجو دوست درياهه جي هُن پاسي آهي. آتڻ ڪهڙي ڪم جو ۽ سرتين کي ڇا ڪندينءَ؟ ڏيراڻيون يعني مڙس جون ڀيڻيون هونئن ئي ويراڻيون آهن. تون ته محبوب جو منهن ڏسڻ هلي آهين. ڏم وٽ  هڪ گهڙي به نه گذار. محبوب انهن کي ملندو جيڪي پيرين پنڌ هلن ٿيون، تنهنڪري اي سنهڻي، تون ويهڻ جي عادت کي ترڪ ڪر. محبوب ڏانهن ويندي واٽ تي ڪنهن سان بنهه ڪا ڳالهه نه ڪر. اي سنهڻي، ٻڌي ڇڏ، ساهڙ جي سامهون (هن وٽ پهچڻ کان اڳ)  ٻطرفي ڇولي پاڻيءَ جي تري ۾ هيٺ ڇڪيندڙ آهي. اهو تار ۽ لڙاٽيل پاڻي تون عشق جي آسري تي ئي تري سگهين ٿي. (انهيءَ ڪري) تون پنهنجي محبوب سان تعلق هرگز نه ڇڏجانءِ (خاص ڪري جڏهن) تون تمام وڏي اونهي پاڻي يعني پاتال ۾ گهڙڻ واري آهين. اي سنهڻي (ٻڌي ڇڏ ڇا به هجي) تنهنجو محبوب ضرور تنهنجو سڏ ٻڌندو، تون تيار رهجانءِ!

 

داستان ستون

 

1

ساندَهِ سَڀُ دَرِياهُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي

ڇِڪي ڇولِيءَ ۾ گِهڙي، جِتي جِيءَ وِڻاهُ

پَسِئو ڏوهَ، ڏَڪي هِنيُون، آرَ مَٿي اَرواحُ

جي توهُ ٿِئي تو ڏانہُ، ته وِيرِ وَهِيڻُو ناهِ ڪِين. [3138]

سمجهاڻي: درياهه ۾ ايڏو پاڻي  آهي جو پري پري تائين رڳو پاڻيءَ جي اَڇ ئي اَڇ نظر پيئي اچي ۽ پَريون پاسو ته ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي. ليڪن سنهڻي همت سان تکي تڪڙي هلندي درياهه جي اهڙين ڇولين ۾ گهڙي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڇڏي. ايڏي وڏي پاڻيءَ جي تيزي ۽ تک ڏسي هر ڪنهن جي دل پيئي دهلجي ۽ روح پيو تڙپي ۽ پريشان  ٿئي. پر (اي سنهڻي) جيڪڏهن اهڙيءَ حالت ۾ به مولا جي مدد تو سان گڏ هجي ته ويرين ۽ لهرن جي هٿ ۾ ڪجهه ناهي (سڀ ڪجهه مالڪ جي هٿ وس آهي)

2

آڌِيءَ اُڌاڻو، هِنيڙو مُون هَٿَنِ مان

وَهِ پِئو، واهُڙُ تَري، ساهَڙَ سِيباڻو

ڀيڄِ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَّه جو پَسِي آئِيو. [3139]

سمجهاڻي:  (سنهڻي خواب ٿي لهي) منهنجي دل اڌ رات جو منهنجي هٿن مان نڪري (اڏامي) ويئي ۽ سڌو وڃي (عشق جي) وچ سير ۾ پيئي ۽ دل گهريي دلبر خاطر  واهڙ ترڻ لڳي. وڏيءَ اسر ويل محبوب جي ماڳ تي رسي هن جو ديدار ڪري واپس موٽي آئي.

3

جيڏانہَ چِتَ چاهُ گَهڻو، آرَ پِه اوڏاهِين

وَهي وَهُ واڪا ڪِئو، تِکو تِئائِين

ميهَرُ مِلائِين، لَهِرِنِ مَنجِھ لَطِيفُ چئي. [3140]

سمجهاڻي: منهنجي دل جو جيترو (ساهڙ ڏانهن) گهڻو لاڙو آهي، اوترو ئي پاڻيءَ جو اونهو ۽ ٻوڙيندڙ وهڪرو به ان طرف آهي. درياهه جي تکي وهڪري جا اُتائين ڪڙڪن مٿي ڪڙڪا پيا پون. عبداللطيف جو عرض آهي (اهڙي ڏکئي حال ۾) مون کي منهنجو محبوب انهن لهرن منجهه ئي ملائج.

4

مُنہُ اَکِيُون ميهارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي

ڌاران سَنڊَر سَيِّدُ چئي، تارِ تَرَنِ توڙي

تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگھي ڪِينَ ڪِين. [3141]

سمجهاڻي:  (اي سنهڻي) جن پنهنجو منهن ۽ اکيون (ٻين سڀني طرفن کان ڦيري) صرف محب ميهار ڏانهن ڪري رکيون آهن، اهي اونهي پاڻيءَ منجهان ڪنهن (ظاهري وسيلي يا ذريعي تُنبي يا سانداري وغيره)  کان سواءِ تري وڃي پار پهچنديون. (بلڪه حقيقت اها آهي ته) انهن کي وڏو درياهه به ٻوڙي ڪين سگهندو.

[ظاهري اسبابن تي نه ڀاڙڻ بابت مثنويءَ ۾ هينئن چيو ويو آهي:

آنکه بيند او مسبب را عيان،

کي نهد دل بر سببهائي جهان.

(دفتر دوم، 3787)

معنيٰ: جيڪو سبب پيدا ڪرڻ واري کي کلم کلا ڏسي ٿو، اهو دنيا جي اسباب (ظاهري وسيلن) تي ڪيئن اعتبار ڪندو؟]

5

پَلِيان، پَلِيو نه رَهي، نِرِتو نِيہُ نِبارُ

گِهڙان، گهورِئو جِندَڙو، اُٿَلَ مُون اُڀارُ

جَنِي مَنِ ميهارُ، هَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِيو. [3142]

سمجهاڻي: مان پنهنجي پاڻ کي گهڻو ئي ٿي جهليان پر منهنجو نج ۽  سچو پچو عشق اهڙو  آهي جيڪو جهلئي نٿو جهلجي. انهيءَ ڪري آءٌ  درياهه ۾ گهڙي ٿي پوان. سر ويو ته صدقي ٿيو ، ڇو ته منهنجو محبت وارو اُڌمو هر وقت پيو اُٿلون کائي. (درحقيقت) جن جي اندر  ۾ ميهار جي محبت آهي انهن جي لاءِ هلي وڃڻ صحيح ۽ برحق آهي.

6

ڪاڏي وَڃي ووء، وَهَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو

ڏوڌِي پُڇي ڏيہ جا، جَرَ سِرِ اُڀي جوء

شِڪَستِي، سَيِّدُ چئي، چِيهان ڪَرِئو چوء

ساهڙَ! سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراهُون ٿِئي. [3143]

سمجهاڻي: افسوس جو مينهن وارا الائجي ڪيڏانهن هليا ويا. هنن اڳئين واهڙ وارو ماڳ جنهن جي ڪنڌيءَ تي سندن مال متاع هو، شايد بدلائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري  سنهڻي ڀرپاسي جي ڀاڳين ۽ مال وارن کان درياهه جي ڪناري تي بيهي پيئي پڇائون ڪري. عبداللطيف چوي ٿو ته سنهڻي ڦٽيل ۽ ٽٽل (عورت جيان)  پيئي روئي ۽ رڙي ۽ چوي پيئي او ساهڙ، شال تنهنجي مال جو ماڳ وري اچي ويجهو آباد ٿئي.

[هن بيت ۾ لفظ ’شڪستي‘ قابل توجهه آهي، جيڪو روميءَ جو پڻ پسنديده اصطلاح آهي:

فهم و خاطر تيز کردن  نيست  راه

جز شکسته مي نگيرد فضل شاه

(دفتر اول، بيت- 532)

معنيٰ:  عقل ۽ سمجهه کي تيز ڪرڻ سان رستو نه ملندو. (حقيقي) بادشاهه جو فضل ۽ ڪرم انهن تي ٿيندو جيڪي عاجز (اندر ۾ ٽٽل ۽ ڀڳل) آهن.]

7

ڏَمُ ڏِيهاڻِي ڏي، سَندا ميهَرَ مِيهَڻا

جَهلِيان ٿِي جهولِيءَ ۾، پَلَئه پايو سي

مَرُ تان چالِيہَ چئي، سَڱان سُپيرِيَنِ جي. [3144]

سمجهاڻي: سنهڻي چوي ٿي (منهنجو نفس) ڏم مون کي هر روز ميهار جا طعنا پيو ڏئي. آءٌ  اهي سڀ پيئي برداشت ڪريان ۽ پلئه ۾ پيئي ٻڌان. (مان انهن کي خراب نٿي سمجهان ۽ ڪجهه نٿي ڪڇان). هو ڀلي مون کي (هڪ ڀيرو نه) ڀلي چاليهه ڀيرا (ڏينهن ۾) اهڙا طعنا ڏئي. (پر اهي) مون کي محبوب سان تعلق سبب برداشت ڪرڻا آهن.

8

ڪيرَ ڪُن، آءٌ ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَهي ڏَمَ جا

قَضا رِءَ ڪيرَ ڌَري، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ

ڀينَرَ! ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو تي ٿِي لوڙِيان. [3145]

سمجهاڻي:  (سنهڻي پنهنجي مقدر سان مخاطب آهي) آءٌ  ڪير ٿيندي آهيان ۽ اهي ڪُن ڪير ٿيندا آهن ۽ ڪير ويهي ڏم جي ڪاوڙ سهي ها؟ تقدير کان سواءِ ڪير پاڻيءَ ۾ گهڙي ها. پر اي سرتيون، منهنجي قسمت واري گهڙيءَ ساٿ نه ڏنو ۽ جيڪي قسمت ۾  لکيل آهي، اهو پيئي ٿي ڀوڳيان.

9

جيهَرَ لوڪُ جَهپُ ڪَري، ذَرو جاڳَ نه هوءِ

اوهيرَ اَچِئو اَدِيُون پَہُ پِرِيان جو پوءِ

جي ڪَچو چُونِمِ ڪوءِ، توءِ مَرڪُ ڀانيان مِيهَڻو. [3146]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) اي اديون، جنهن وقت سڀ ماڻهو آرام ڪندا آهن ۽ ڪو به  جاڳيل نه هوندو آهي، انهيءَ وقت اچيو مون کي محبوب جي ياد ستائي ۽ پُورن مٿان پُور پون. (اهڙيءَ صورت ۾)  جيڪڏهن ڪو مون کي مهڻا ٿو ڏئي ته ڀلي ڏئي. آءٌ  انهيءَ کي (الٽو) پنهنجي لاءِ مَانُ مَرڪ ٿي سمجهان.

10

جيڪِين ڏِٺَئه تارِ ۾، ڪَنڌِيءَ سو (مَ) ڪَهيجِ

جَرُ وَڏو، جَهاجَھ گَهڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ

ساهَڙُ ساڱاهِيجِ، ته ثابِتُ لَنگِھين سِيرَ مان. [3147]

سمجهاڻي:  (سالڪ کي هدايت) اي سنهڻي، تو جيڪي ڪجهه اونهي تار پاڻيءَ ۾ ڏٺو (مشاهدو ڪيو) آهي اهو ٻاهر اچي ڪناري وارن کي نه ٻڌائجان. جيتوڻيڪ پاڻي تمام گهڻو ۽ ججهي ۾ ججهو آهي،  پر تون پنهنجو پاند نه پسائج (اهو ئي تنهنجو امتحان آهي). تون ساهڙ کي (هر حالت ۾) ياد رک. ان سان ناتو نباهه، تڏهن تون پاڻيءَ جي سير مان اڪري پار ويندينءَ.

11

ڪا جا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾

اَکِيُون اُنهِين آبَ کي، آڌِيءَ اُڪيرِينِ

توڻي تِڪُون ڏِينِ، تَه پِه اُڃَّ اُنِي کي نه لَهي. [3148]

سمجهاڻي:  (سنهڻي ٿي چوي) وڏي اسر ويل ڪُنن مان جيڪو سنهو سنهو سَرَ سَرَ وارو آواز ايندو آهي، انهيءَ پاڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ منهنجون اکيون بيتاب  ٿي وينديون آهن. اڌ رات جو منهنجون اکيون ان نظاري  کي ڪيترو به ڏسن پر سندن  اڃ ختم ٿيڻ واري نه هوندي آهي، انهن جو ڍؤ نه ٿيندو آهي.

[مثنويءَ ۾ عاشق جي انهيءَ ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:

برجه اي عاشق بر آ در اضطراب،

بانگ آب و تشنه و آ ن گاهه خواب.

(دفتر ششم، ب- 592)

معنيٰ: اي عاشق (سالڪ) اُٿ ۽ اُٿي پاڻ کي جنجهوڙ ۽ جاڳاءِ (ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته) پاڻيءَ جو آواز به هجي، اڃ به هجي ۽ ان سان گڏ ننڊ؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟)

12

ڳورَا ٻَئِي پارَ، هِيُون حَيرَتَ ۾ پِئو

وِهان تان ويرَم ٿِئي، نِينہَ ۾ پوءِ نِهارَ

وَڃان تان واڪو ٿِئي، پاڙي پوءِ پَچارَ

هُتي وَعدي وارَ، هِتِ سُوٽُون ڏِينَمِ سَرَتيُون. [3149]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) منهنجي لاءِ ٻيئي پاسا مصيبت وارا آهن. منهنجي دل حيران پريشان آهي.  جيڪڏهن چُپ ڪري ويهي ٿي  رهان ته اجائي دير ٿي ٿئي ۽ محبت ۾ انتظار وڌي  وڃي ٿو. پر جيڪڏهن نڪري ٿي  پوان ته خبر پئجي ٿي وڃي ۽ پاڙي ۾ گِلاري ٿي  ٿيان. هڪ طرف (سڄڻ سان) واعدي جو وقت آهي ته ٻئي طرف سرتيون ۽ جيڏيون سور جون سوٽون (ڏوراپا، طعنا ۽ مهڻا) پيون ڏين.

13

جا هَڙَ اَندَرِ جِيءَ، ساهَڙَ ٻَڌِي ساهَ کي

سا هَڙَ ڇُڙي نه ساهَ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ رِيءَ

ساهَڙُ ميڙِ سَمِيعَ، ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جِي. [3150]

سمجهاڻي: منهنجي محبوب منهنجي ساهه جي ڳنڍ (پنهنجيءَ محبت ۾) اهڙي سوگهي ڪري ٻڌي ڇڏي آهي، جو اها ڳنڍ هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان کُلڻ واري ناهي. اي الله، تون ئي ٻڌندڙ آهين، تون ئي ساهڙ کي ملاءِ ته ساهه جي اها (سا) ڳنڍ (هڙ) کُلي پوي.

14

هِهَڙِي تان نه هُياسِ، عِشقَ اُٿِيارِيَسِ اوچتِي

پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃائيو. [3151]

سمجهاڻي: (سنهڻي سوچي ٿي) مان اهڙي (بدنام) هرگز نه هيس پر مون کي اوچتو محبت اچي جاڳايو. (هاءِ افسوس) منهنجو سَتر سڪ وڃائي ڇڏيو آهي تڏهن پڌري ٿي پيئي آهيان (هر ڪنهن کي منهنجي محبت جي خبر پئجي ويئي آهي).

15

جان جان هُئِي جِيئَرِي، ويٺِي نه ويساندِ

لُڙهِي لَهِرِنِ پاندِ، مُيائِي ميهارَ ڏي. [3152]

سمجهاڻي: سنهڻي جيستائين جيئري هئي ٿورڙي ساهي کڻي به نه ويٺي (ٿوريءَ دير لاءِ به آرام نه ڪيائين). بلڪه لهرن سان گڏ لڙهندي ويئي ۽ مئل ئي وڃي ميهار وٽ پهتي!

16

ڪَنڌِيءَ جَهلِئو ڪانہَ، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪَري

تو ڪِئَن ٻوڙِي سُنهَڻِي ٻيلِي منهنجي ٻانہَ

درياهَ تو تي دانہَ، ڏِيندُيسِ ڏِينہَ قِيامَ جي. [3153]

سمجهاڻي:  (سنهڻيءَ جي ٻڏي وڃڻ کان پوءِ)  درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪانهن جي ٻُوڙن کي هٿ ۾ جهليو عاشق (ميهار) بيٺو دانهون ڪري ۽ درياهه کي مخاطب ٿي چوي ته منهنجي سنهڻيءَ کي تو ڇو ٻوڙي ڇڏيو؟ هوءَ منهنجي ٻانهن ٻيلي (ساٿي) هئي. اي درياهه، مان تو مٿان سنهڻيءَ کي ٻوڙڻ جي اها دانهن قيامت جي ڏينهن (الله تعاليٰ جي حضور ۾) ڪندس (ته منهنجو انصاف ڪر!)

وائي

پوءِ مَ پاڙيچِيءَ سارَ، ڏَمُ مَ جاڳي لو!

آءٌ جا وِيندَڙِي مُلِ ميهارَ

آءٌ جا وِيندَڙِي وَٽِ ميهارَ

مُون کي تِتي ميڙِئين، جِتي ڪُنڍِيَنِ جِي قَطارَ

ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا، سانڀاران سَنڀارَ

گَهرِ گَهرِ گِلا جا وَهي، پاڙي پوءِ پَچارَ

آءٌ ٿِي لِکِيو لوڙِيان، خَلقَ وَڃَنِ ٿا کارَ

مُنہِ چَڙَهِئو مِهڻا ڏِنا، مُون کي ڪالَھ ڪُنڀارَ

آڻي ڪِيرا کوڙِئا، سانڀاران سَنگهارَ

وِچُ   مَ   پوءِ   وِصالَ   کي،   سَٻاجھا   سَتارَ. [3154]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) شل پاڙي واريءَ کي ڪا خبر نه پوي ۽ ڏم نه جاڳي پوي. آءٌ  ته ميهار وٽ وڃڻ واري آهيان. مان ته (هر حال ۾) ميهار ڏي وينديس. اي مولا، مون کي اُتي پڄاءِ جتي (ميهار  جي)  ڪُنڍين مينهين جي قطار آهي. درياهه جي پرئين ڀر ٻيلاين جي چَڙن جو آواز پيو ٻڌجي. هتي گهر گهر ۾ منهنجي گلا پيئي هلي ۽ سڄي پاڙي ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي آهي. منهنجو ته اهو مقدر آهي، ليڪن عام ماڻهو ان تي خار ٿا کائن. (ايتريقدر جو) ڪالهه مون کي ڪنڀار (جنهن کان دلو ورتو هوم) گڏيو، سو  جڏهن مون تي نظر  پيس ته اهو به طعنا هڻڻ لڳو. هوڏانهن ميهار جي ماڻهن پَرئين ڀر اچي مال کي ٻَڌڻ جا ڪِلا هنيا آهن. او سائين سٻاجها، وصل ۽ ميلاپ ۾ شل وٿي نه پوي!

 

 

داستان اٺون

 

1

ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَزلَ کان اَڳي هُئا

نَڪا ’ڪن فَيَڪونُ‘ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ

مَلَڪَنِئان مَهندَ هُئِي، توڏِيءَ جِي تَوارَ

مَحَبَّتَ ساڻُ ميهارَ، لايَئِين لَنئُه، لَطِيفُ چئي. [3155]

سمجهاڻي: ساهڙ (مطلوب يا ذات حقيقي) جو حسن (مطلق جمال جي صورت ۾)  ازل کان به اڳ موجود هو. قرآن جي آيت ’ٿيءُ، پوءِ ٿي پيو‘ (ڪائنات ۽ مخلوقات جي شروعات وارو مرحلو) جو آواز به ڪو نه آيو هو ۽ نڪا ٻي  ڳالهه هئي. ليڪن ملائڪن (جي پيدا ٿيڻ) کان به اڳ ۾ سنهڻيءَ (جي روح) جو غلغلو هو. عبداللطيف  چوي ٿو ته تڏهن کان وٺي ميهار سان سندس محبت جو آغاز ٿيو.

[روميءَ ان ڳالهه تي گهڻو زور ڏنو آهي ته الله تعاليٰ هن ڪائنات جي تخليق کان اڳ الست جي وقت شين جي اصلي صورت ۽ قسمت جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.

در الست آنکو چنين خوابي نديد،

اندرين دنيا نشد بنده و مريد.

(دفتر سوم، ب- 2352)

معنيٰ: جنهن الست ۾ اهڙو خواب نه ڏٺو، اهو پوءِ هن دنيا ۾ به ٻانهو ۽ ارادتمند نه ٿيندو.]

2

گهيڙُ لَنگِهي گهاري، مِيثاقان ميهارَ ڏي

’اَلَستُ بِرَبِّڪُم قَالُوا بَلٰى‘، پَرِ اِها پاري

ڏِسِئو ڏيکاري، پِرتِ پِرِيان جو پيچِرو. [3156]

سمجهاڻي: سنهڻي ميثاق (وعدي واري ڏينهن) کان وٺي ميهار  ڏانهن هلڻ (درياهه) جا گهٽ گهيڙ (رستا ۽ واٽون) سڃاڻي ڇڏيا هئا. سنهڻي قران جي آيت ”ڇا مان توهان جو رب ناهيان، چيائون هائو آهين“ مطابق  پنهنجي قول جي پوئواري پيئي ڪري. بلڪه هوءَ پرينءَ جي  ڏٺل واٽ پاڻ ٻين کي پيئي  ڏيکاري.

3

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن چَيائُون

مِيثاقان ميهارَ سِين، لَڌِيُون مُون لائُون

سي موٽَنِ ڪِيئَن پاهُون جي مَحفُوظان

مَحَوَ ٿِيون. [3157]

سمجهاڻي:  (الله تعاليٰ) جڏهن روحن کان الست جو انجام ورتو، تڏهن کان ئي مون ميهار سان لائون لڌيون (منهنجو ساڻس روحاني رشتو قائم ٿيو). هاڻي انهن جو  پٺتي موٽڻ ڪيئن ٿيندو جيڪي لوح محفوظ (جي لکيي) واري محبت ۾ مگن آهن.

[لوح محفوظ جي باري ۾ رومي پڻ ساڳي راءِ رکي ٿو:

لوح محفوظ است او را پيشوا،

ازچه محفوظ ست؟ محفوظ از خطا!

(دفتر چهارم، ب- 1851)

معنيٰ: لوح محفوظ ئي هنن جو پيشوا آهي. سوال آهي ته هو ڇا کان محفوظ آهن؟ هر غلطي ۽ خطا کان!]

4

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن چَيائِين جِيئَن

’قَالُوا بَلٰى‘ قَلبَ ۾، ٿِئو تَفاءُلُ تِيئَن

مَحبَتِي ميهار جي، آءٌ نِهوڙِي نِيهَن

سَرَتِيُون ساهَڙَ سِينءَ، هَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو. [3158]

سمجهاڻي:  (مالڪ حقيقي) جڏهن روحن سان الست جو  خطاب ڪيو، تڏهن ئي منهنجيءَ دل ۾ ’قالو بليٰ‘ هائو (تون منهنجو مالڪ آهين) واري فال مون لاءِ نڪتي. تڏهن کان وٺي ميهار جي محبت مون کي قابو ڪري ڇڏيو آهي. او سرتيون، تڏهن ته ساهڙ سان نباهڻ مون لاءِ حق سچ آهي.

5

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن اَمُرُ ڪِئو اَحَد

هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُنهَڻِيءَ سِڪَڻَ سَڌَ

دِلو دَورَ درياهَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌَ

جيڪِين آيُسِ ڏُونہَ عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ  پاتارَ  ۾. [3159]

سمجهاڻي:  (الله جي ذات) جڏهن روحن کي الست جو حڪم فرمايو، تڏهن کان وٺي سنهڻيءَ جي دل ۾ ميهار جي ڪشش پيدا ٿي ۽ سِڪڻ جي سَڌ ۾ سوگهي ٿي  ويئي.  ليڪن درياهه جي زور دلي کي تقدير موجب ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. (هوءَ ڇا ڪري) هن جي قسمت ۾ جيئن لکيل هو، تيئن ان جي پورائي هن کي اونهي پاڻيءَ ۾ ئي ڪرڻي پيئي.

6

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن فَرمايو فَتاحُ

هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُنهَڻِيءَ سِڪَڻُ ساهُ

دِلو دَورَ درياهَ جي، ڪِئو اِرادي اَداهُ

جيڪِين آيُسِ ڏُونہَ اَللهُ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.[3160]

سمجهاڻي:  (رب پاڪ) جڏهن روحن کان الست جو وعدو ورتو، تڏهن کان سنهڻي جي دل ميهار ڏانهن ڇڪجي ويئي ۽ سندس ساهه پئي سِڪيو. مگر درياهه جي زور تقدير جي حڪم موجب دلي کي پورو ڪري ڇڏيو. (مطلب ته) الله جي طرفان جيڪي حڪم آيل هو، اهو سنهڻيءَ کي پاتال ۾ پورو ڪرڻو پيو.

7

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن فائِقُ فَرمايو

هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُنهَڻِيءَ کي سَعيو

دِلو دَورَ درياهَ جي، اوڏاهِين آيو

جيڪِين هادِيءَ هَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.[3161]

سمجهاڻي:  (الله تعاليٰ)  جڏهن روحن سان ’الست‘ چئي مخاطب ٿيو، تنهن گهڙيءَ کان وٺي سنهڻي ميهار جي عشق ۾ اڙجي ويئي ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ هلندي رهي، جيتوڻيڪ درياهه جي زور  دلي کي (ميهار طرف) ٿي ڇڪيو، پر آخر ۾ هادي يعني رستو ڏيکاريندڙ جيڪو حڪم هلايو اهو ئي سنهڻيءَ کي درياهه جي اونهي کان اونهي پاڻي ۾ پورو ڪرڻو پيو.

8

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن فَرِمايو فائِقَ

هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُنهَڻِيءَ سِڪَڻُ سِڪَ

جيڪِين آيُسِ ڏَهُون حَقُ سو ٿِي پاري مُنڌَ  پاتارَ ۾.[3162]

سمجهاڻي:  (رب پاڪ) جڏهن روحن کي الست چئي مخاطب ٿيو، تنهن گهڙيءَ کان وٺي سنهڻي جي دل ميهار ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ هوءَ بيحد سِڪڻ لڳي. (اصل ۾) اهو سڀ حق تعاليٰ جي حڪم موجب ائين هو جيڪو سنهڻيءَ کي اونهي عميق پاڻيءَ ۾ پورو ڪرڻو پيو.

9

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن چَيائِين

هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُنهَڻِي سَدائِين

جيڪِين آيُسِ اوڏاهِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾. [3163]

سمجهاڻي:  (پروردگار)  جڏهن روحن کي (خلقي) الست جا الفاظ  فرمايا  تڏهن کان وٺي سنهڻيءَ جي دل سدائين ميهار لاءِ پئي سِڪي ۽ کيس هر وقت ياد ڪندي رهي. (دراصل) جيڪو حڪم مٿان کان آيو، ان جي پوئواري خاطر هوءَ پاتال ۾ پيهي ويئي.

10

’اَلَستُ‘ اَرواحَنِ کي، جڏهن جاڳايو جَلِيلُ

سَنئِين راهَ، سَيِّدُ چئي، سُوٺائُون سَبِيلَ

وَحدَتَ جِي وادِيءَ ۾، قَدُر وِئا قَلِيلَ

درياهَ  جي  دَلِيلَ،  لوڙِهي  لَهَوارا  ڪِئا. [3164]

سمجهاڻي:  (رب ذوالجلال)  جڏهن ’الست‘ جا الفاظ چئي روحن کي خبردار ڪيو، تڏهن کان اهي سڌي راهه وٺي هليا، ليڪن وحدت جي وادي ۾ (اصلي توحيد تي عمل ڪرڻ وارا) تمام گهٽ ثابت قدم رهيا. باقي جيڪي درياهه (هن دنيا) جي وهمن ۾ ڦاسي پيا تن کي درياهه لوڙهي ڇڏيو.

[رومي مثنويءَ ۾ ’الست‘جي اهميت کي واضح ڪندي هڪ هنڌ چيو آهي:

هرکه خوابي ديد از روز الست،

مست باشد در ره طاعات مست.

(دفتر سوم، ب- 2348)

معنيٰ: جنهن الست جي ڏينهن جو جيڪو خواب ڏٺو آهي، سو ٻانهپ ۽ بندگيءَ ۾ ان لحاظ کان مست (فرمانبردار) آهي.]

11

سائِرَ سَهَسَ گَجَنِ، توءِ سَهَجُ نَه مَٽي سُنهَڻِي

تَه ڪي نِينہَ ڇِڄَنِ، پَرِ ڪَهِين پِرِينِ سِين. [3165]

سمجهاڻي: درياهه (سمنڊ) ڀلي پيا سوين (ڪروڙين) گجگوڙيون ڪن، پر سنهڻي پنهنجو سڪ ۽ شوق وارو جذبو نٿي بدلائي سگهي. (درحقيقت) ڇا به هجي پر نينهن جا ناتا ڪنهن به ريت ٽٽڻ ۽ ڇڄڻ وارا نه آهن (اٽل ۽ اڻ ٽر آهن).

12

سُپيرِيان جي تُرَهي، ٻُڏي هَٿُ مَ لاءِ

سُڀان تان چُنداءِ، ’اَسان تو اُڪارِئو‘.[3166]

سمجهاڻي: اي سنهڻي (جيتوڻيڪ تون ٻُڏڻ واري آهين) پر محبوبن واري تُرهي (ڪکن ڪاٺين جو چوکٽ جنهن تي هڪ ٻه ماڻهو ويهي پار وڃن) کي هٿ به نه لاءِ. متان سڀاڻي چون ته توکي اسان پاڻيءَ مان پار ڪرايو. (سالڪ کي سبق ته ظاهري وسيلن جو هرگز آسرو نه ڪجي. صوفي فڪر موجب فنا جو مرتبو تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن دنياوي ذريعن کي ترڪ ڪري اصلي مالڪ جو آسرو ڪبو.)

[روميءَ هن خيال کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

گرچه آلت  نيست  تو مي طلب،

نيست آلت حاجت اندر راه رب.

             (دفتر سوم، ب- 1445)

معنيٰ: توڻي تو وٽ ڪو وسيلو ناهي، پر تون طلب کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪر. رب جي راهه ۾ وسيلن جي ضرورت نه هوندي آهي. ان ڪري چوندا آهن قابليت شرط ناهي، بلڪ هن جي عطا اهليت بخشي ٿي.]

13

سُپيرِيان جي تُرَهي، ٻُڏين، توءِ مَ لَڳُ

جان ڪو جِيين ڏِينهَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ

پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناهِ جيڏاهِين نِجُهرو. [3167]

سمجهاڻي: اي سنهڻي، جيڪڏهن تون ٻڏين ٿي ته ڀلي ٻڏي وڃ، پر محبوبن واري تُرهي جي ويجهو به نه وڃ. جيڪڏهن تون (واقعي) محبوب سان ملڻ گهرين ٿي ته پاڻ ابتي وهڪري ۾ وڃ. بلڪه تون تيڏانهن قدم کڻ جيڏانهن نابودي (فنا) جو ماڳ آهي.

[مثنويءَ ۾ اهو مطلب هن ريت ادا ڪيو ويو آهي:

فهم آ بست و وجود تو سُبو،

چون سُبو بشکست ريز د آب زو.

(دفتر سوم، ب- 2099)

معنيٰ: تنهنجو وجود مٽيءَ جو گهڙو يا دلو آهي ۽ تنهنجو عقل ان پاڻيءَ وانگر آهي، جڏهن گهڙو ٽٽي پوندو ته سمورو پاڻي وهي ويندو.]

14

سُڪِيءَ جِيءَ سانباهَ ۾، جڏهن ٻُڏِيُون جي

ساهَڙُ تَنِي کي، ٻيلِي ٻِنهِي ڪَنڌِيين. [3168]

سمجهاڻي: هن پار يعني سُڪل هنڌ (آخري ماڳ، آخرت) جي تياري   ۾ جيڪي (دنيا جي درياهه ۾ هٿ پير هڻندي ٻڏي ويون)، انهن لاءِ ساهڙ (ذات حق) پاڻ ٻنهي هنڌن تي واهر ۽ مدد ڪندڙ آهي.

15

سُڪِيءَ جِيءَ سانباهَ ۾، ٻُڏين، توءِ ٻُڏُ

ڪَکَ، ڪانڊيَرا، ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ

نَڪو ساهَڙَ سَڏُ، نَڪا سُڄي سُنهَڻِي. [3169]

سمجهاڻي: جيڪڏهن پَرئين پار خشڪ زمين تي پهچڻ واسطي تياري ڪندي تون ٻڏي وڃين ته ڀلي ٻڏ (الٽي ۽ ڳوڙهي معنيٰ: سڪي جو چاڙهه، جنهن ۾ محبوب طرفان ڪنهن ترهي يا وسيلي جو دخل ئي نه هجي). پر ڪک، ڪاٺيون ۽ ڪانڊيرا گڏ ڪري ڪو مڏ نه ٺاهه. اهڙو حال (فناءَ الفنا) اچڻ وارو آهي جتي نڪو ساهڙ جو آواز هوندو ۽ نڪو سنهڻيءَ جو وجود (يعني جڏهن ظاهري نالن ۽ صورتن مان ڪجهه به باقي نٿو بچي. صفات جو ذات ۾ محو ٿيڻ.)

[مثنوي روميءَ ۾ سالڪ جي هن حالت يا ڪيفيت ڏانهن هيئن اشارو ڪيو ويو آهي.

ني سبو پيدا درين حالت نه آب،
خوش ببين، والله اعلم بالصواب.

(دفتر سوم، ب- 286)

معنيٰ: انهيءَ حالت فنا ۾ هن کي پنهنجي وجود جو گهڙو (ڀڄي پوڻ کان پوءِ) ڪجهه نظر نٿو اچي ۽ نه وري هو پاڻي ئي ڏسي ٿو. هن کي سٺي ڳالهه ڪري سمجهه، وڌيڪ الله بهتر ڄاڻي ٿو.]

16

سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جي، ساهَڙُ ساڻِي تَنِ جو

لَهِرِيَنِ سِرِ، لَطِيفُ چئي، ڪُلَهَنِ چاڙَهِيو ني

جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي اورَهُون. [3170]

سمجهاڻي: جيڪي سُڪيءَ ۾ ٻڏن ٿيون (درياهه ۾ گهڙڻ کان اڳ پنهنجي جان تان هٿ کڻن ٿيون يعني مرڻ کان اڳ مرڻ ’موتو قبل ان تموتوا‘ واري ڪيفيت حاصل ڪن ٿيون.) ميهار انهن جو ئي مددگار  آهي. هو کين لهرين مٿان پنهنجي ڪلهن تي کنيو وڃي، بلڪه جيڪي پرينءَ خاطر پرانهون پنڌ ڪرڻ واسطي تيار آهن، تن لاءِ اهو ماڳ (خاص مهرباني سان) ويجهو ۽ نزديڪ ڪريو ڇڏي.

[روميءَ ان حالت جي ترجماني هن ريت ڪئي آهي:

تاشود زين کوزه منفد سوي بحر،

تابگيرد  کوزهء   من   خوي   بحر.

بي نهايت گردو آبش بعد ازان،

پر شود از کوزه من صد جهان.

               (دفتر اول، ب- 2711 ۽ 12)

معنيٰ: جڏهن هن گهڙي جو منهن درياءَ ڏانهن ٿي پوندو ته پوءِ اهو گهڙو به درياءَ وانگر ٿي پوندو. بلڪه سندس پاڻي اڻ کٽ ٿي پوندو ۽ ان گهڙي مان سوين ڳوٺ ۽ شهر پاڻي پي وٺندا.]

17

جي ٻُڏان تان ٻَنِ مَرُ اولِجان اُنِ پارَ ڏي

ڪَنڌِيءَ اَچِي ڪارَڻِي، مانَ ٻَرِ ٻَرِ ڪَنِ

مُيائِي  سِين  تَنِ،   هيڪَرَ   اُتي   نِڪَران. [3171]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) جيڪڏهن آءٌ  ٻڏي وڃان ته کڏ ۾ پوان،  پر (منهنجي خواهش آهي ته) پرينءَ جي پار ڏي ڌڪجي وڃان. ممڪن آهي ته منهنجو واهرو ۽ مددگار (ساهڙ) ڪناري تي پهچي (منهنجو حال ڏسي) ڪو خيال ڪري يا افسوس ڪري. بهرحال (مان گهران ٿي ته) مئل حالت ۾ به هنن وٽ (پاڻيءَ مان) نڪران.

 

وائي

اَچي اولَڙِي ڪيرَ! ڪيرَ!

وَٽان پاڻِيءَ وارِيين

نالي سُڄي سونهَڻِي، ذاتِ نه ڄاڻان ڪيرِ

گَهڙي گهورَ نه جَهلِي، پَٽِ نه کُتَسِ پيرِ

کُڙِيُون کُنهِنبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرِ

هيڏِيءَ ويلَ وَڻَنِ ۾، هِيءَ ٻانهِيارِي ڪيرِ

سَنڀُوڙو  سِيڻاهَ  سِين،  هِتِ  گُهرجِين  هيرِ. [3172]

سمجهاڻي:  (سنهڻيءَ جي لاش لڙهي اچڻ کان پوءِ جو منظر) هي الائجي ڪير لڙهي آئي، الائجي ڪير آهي، پاڻيءَ مان نڪتي آهي. سندس نالو سنهڻي ٿا کڻن (هوءَ آهي به سنهڻي) پر خبر ناهي  ذات جي ڪير آهي؟ گهڙي هن جو ساٿ نه ڏنو ۽ ۽ سندس پير زمين تي نه پهتا. هن جي پيرن جون کڙيون ڳاڙهيون آهن ۽ پيرن کي ميندي لڳل آهي. هن (نما شام)  وقت وڻن جي پاڇولن ۾ هيءَ (چوڙين واري) ٻانهين پاتل عورت ڪير آهي (اي ساهڙ!) هيءُ وقت آهي جڏهن تون سيڻاهه سوڌو هتي (سنهڻي جي مدد لاءِ) پهچين.

 

داستان نائون

 

1

تَڙِ نَه گِهڙي تُورَ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي

ڏاڍو دَورُ درياهَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ

مَنَ ۾ مَؤجَ ميهارَ جِي، پَهسِ پِرِيان جو پُورُ

ٻيلي ٻِنهِي ڪَنڌِيين، نِتُ نِهاري نُورُ

مَنجھان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِيي. [3173]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) جيتوڻيڪ منهنجو محبوب پاڻ گهيڙ ۾ نٿو گهڙي، پر تڏهن به منهنجي دل هن لاءِ پيئي ٿي ڦٿڪي. درياهه ۾ بيشڪ وڏو زور آهي پر سڪ ۽ محبت جي درد جو به گهڻو زور آهي. سنهڻيءَ جي من ۾ محبت جون زوردار لهريون پيون اٿن ۽ اندر ۾ اڌما پيا اچنس. (هوءَ ساهڙ کي ٻنهي ڪنارن تي پيئي ڳولي ۽ پنهنجي اکين  تي (هن کي ڏسڻ لاءِ) ويٺي زور ڏئي. (اي مالڪ!) درياهه جي پاڻيءَ مان  شل هن ڪچي گهڙي کي ڪو نقصان نه ٿئي!

2

ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ، وَهَڻ جَنازو سُنهَڻِي

ٻَگا جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها تَنِ ڏِناسِ

اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي. [3174]

سمجهاڻي:  (سنهڻيءَ جي ٻڏي وڃڻ وقت جو نظارو) درياهه جا ڪنگ پکي سنهڻيءَ جي جنازي جا ڪانڌي ٿيا ۽ درياهه جو وهڪرو سندس کٽولو بنيو (جنهن تي ترندڙ لاش اڳتي رڙهندو ٿي ويو). ٻيٽن جي ٻين ٻگهن به اچي کيس ڪلها ڏنا. (سنهڻي) جڏهن اکين سان (ملڪ الموت) موت جي فرشتي کي ڏٺو، تڏهن به سندس دل ۾ محبوب ميهار جي سڪ هئي.

3

اُڀو تَڙِ ميهارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري

’آن پڻ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پڻ وِجھو ڄارُ

گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِهُون سُپِرين. [3175]

سمجهاڻي:  (سنهڻيءَ جي ٻڏي وڃڻ کان پوءِ)   ميهار تڙ تي بيهي وڏي غم ۽ ڪرب سان ملاحن کي (مدد لاءِ) سڏ ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته آءٌ پاڻيءَ ۾ لهي وڃي (سنهڻيءَ کي ڳولڻ لاءِ) هٿ هڻان ٿو ۽ اوهان وري پنهنجا ڄار کڻي پاڻيءَ ۾ وجهو. اچو ته  وڏي اونهي پاڻيءَ ۾ (سنهڻي کي) ڳوليون. شايد، ائين منهنجو محبوب مون کي ملي پوي.

4

ميهارُ مَلاحَنِ کي، اُڀو آڇي اَڇَ

’آن پڻ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پڻ وِجهو رَڇَ

سَندِيءَ ڪُنَ ڪُڙَڇَ، مانَ هُونِ سَلامَتَ سُپِرِين. [3176]

سمجهاڻي: ميهار ملاحن وٽ وڃي وڏي غم ۽ لاچاريءَ سان کين وڏي پاڻيءَ جي اَڇ پيو ڏيکاري ۽ پيو چوي ته آءٌ  پاڻ هيٺ لهي هٿن سان ڳوليندس. پر توهين وڏا ڄار يعني رڇ پاڻيءَ ۾ وجهو، متان ڪُن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ منهنجو محبوب (سنهڻي) سلامت هجي.

5

ميهارُ مَلاحَن کي، اُڀو ڪَري سَڏَ

اَدا، اِنَهِين پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ

وِئا  جي  وَهَ  گَڏَ،  هَلو  ته  ڏورِيُون  سُپِرِين. [3177]

سمجهاڻي: ميهار ڪناري تي بيٺو ملاحن کي وڏي بيچينيءَ ۽ ڪرب سان (پري کان) سڏ ڪري ۽ کين (ليلائي) پيو چوي. اي ڀائرو، توهان هوڏانهن ويندڙ سڀ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون هيڏانهن ڪاهي اچو ته سنهڻي جيڪا وڏي وهڪري ۾ گڏجي (لڙهي) ويئي آهي، انهيءَ (محبوب) کي تلاش ڪريون. (من ڪٿان ملي وڃي!)

6

جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَوارِيُون

تانگَھ نه لَڀي تارُوئين، مَپُ نه ماٽِيئَڙَنِ

ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتَرا، سِيڻاهِيا سَنڪَنِ

تُون ڪِيئَن تَنِ تَڙَنِ، اَچِئو اَسارِي گِهڙِين. [3178]

سمجهاڻي: جتي درياهه جي تکي وهڪري جا (ڪُن) ڦيرا پيا پائن ۽ ڀوائتيون ڀِڪون (ٺڪاءُ ڏيئي) پيون ڪِرن. جيڪي تارُو آهن اهي به تري  تائين پهچي نٿا سگهن ۽ نه وري دلن ۽ ماٽين (تنبين تي ترڻ وارن) وارن کي (اونهائيءَ جي) ڪا خبر پوي ٿي. (اهڙي حالت آهي جو)  ڪناري تي بيٺل سيڻاهه وارا پڻ ڏڪن ٿڙڪن پيا. اي سنهڻي، تون اهڙن (ڏکين) تڙن تي جن جي توکي خبر ئي ڪانهي ڪيئن اچي گهڙي آهين!

7

ڀَرِيُون ڀَرِ درياهَ، پَسُ جي پارِ پَوَنِ ٿِيون

ٻَڌُ تَوَڪَلَ تُرَهو، آهَرَ ساڻُ اَللهَ

جَنِ ساهَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي ڪِينَ ٻُڏَندِيُون ڪَڏِهِين. [3179]

سمجهاڻي: درياهه جي ڪناري واريون شاهي ڀِڪون ٺڪاءُ ڏيئي پيون ڪِرن ۽ پرئين ڀر تائين ائين پيو لڳي. (اهڙي گنڀير صورتحال ۾) تون صرف توڪل جو ترهو ٻڌ ۽ الله تعاليٰ (مالڪ ڪائنات) جو سهارو وٺ. (ڇو ته) جن جو ناتو (تعلق) ساهڙ (رهبر) سان آهي، اهي هرگز ٻڏڻ واريون ناهن.

8

سانڀاران سَڏَ ڪِئو، اُڀا چُونَمِ آءُ

هِڪُ تِکوئِي تَار وَهي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ

ساڻِي جَنِ اَللهُ، ٻُجھان سي نه ٻُڏَندِيُون. [3180]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) سامهون درياهه جي پرئين پاسي کان (سڄڻ) بيٺا آهن ۽ مون کي سڏين ٿا ته اچ. حالانڪه (وچ ۾) تمام تکو اونهو پاڻي پيو وهي ۽ ان کان سواءِ پاڻي ڏاڍو لڙاٽيل آهي ۽ وڏيون ڇوليون پيون اُٿن ۽  هوا به ڏاڍي زور سان پيئي لڳي. (ليڪن اهڙيءَ حالت ۾ به) جن جو مددگار الله سائين آهي، مون کي يقين آهي ته اهي ڪو نه ٻڏنديون.

9

سانڀاران سَڏَ ڪِئو، اُڀا چُونَمِ اَچُ

هِڪُ تِکوئِي تَار وَهي، ٻِئو هَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ

ساڻِي جَنِي سَچُ، ٻُجھان سي نه ٻُڏَندِيُون. [3181]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) درياهه جي پرئين پاسي کان سامهون  سڄڻ بيٺو سڏ ڪري ته هلي آءُ. جيتوڻيڪ درياهه ۾ گهڻو  تکو تيز پاڻي پيو وهي ۽ ٻيو مون ڪمزور عورت وٽ صرف ڪچو گهڙو آهي. ليڪن جن سان سچي مالڪ جو ساٿ آهي، مون کي پڪ آهي اهي ڪو نه ٻڏنديون.

10

هارِي حَقُ رَکيجُ، سانڀاران ساهَڙَ جو

خُوابَ خِيالَ ۽ خَطَرا، تَنِي تَرَڪُ ڏيجُ

اَندَرُ آئِينو ڪَري، پَرِ ۾ سو پَسيجُ

اِنَهِين راهَ رَميجُ، تَه مُشاهِدو ماڻِيين. [3182]

سمجهاڻي: اي مُٺي عورت (سنهڻي) سامهون ساهڙ (حق جي ذات) اٿئي، انهيءَ جو حق هر صورت ۾ ادا ڪر. تو کي ڪهڙا به خواب ۽ خيال اچن ۽  وهم وسوسا  اڀرڻ لڳن، پر انهن سڀني کي ڪڍي ڦٽو ڪر. توکي (گهرجي ته) پنهنجو اندر آئيني وانگر (هر قسم جي وهم ۽ وسوسي کان) پاڪ ۽ صاف رکي ان ۾ پنهنجي محبوب جو ديدار ڪرين. جڏهن تون اها واٽ وٺي هلندينءَ ته توکي محبوب جو مشاهدو نصيب ٿيندو.

[دل يا اندر جي لاءِ آئيني جو استعارو روميءَ وٽ نهايت پسنديده آهي.

آئينه دل چون شود صافي و پاک،

نقشها بيني برون از آب و خاک،

هم به بيني نقش و هم نقاش را،

فرش دولت را و هم فراش را.

(دفتر دوم، ب- 72 ۽ 73)

معنيٰ: جڏهن دل جو آئينو پاڪ صاف ٿي پوندو ته مٽي ۽ پاڻي کان مٿي ٻيا نقش ڏسندين. بلڪه نقش ته ٺهيو، پر خود نقاش (ٺاهيندڙ) کي به ڏسندين. هن جهان ۽ ان جي پکيڙيندڙ کي به ڏسندين.]

11

هارِي رَکِجُ حَقُ، سانڀاران ساهَڙَ جو

خُوابَ خِيالَ ۽ خَطَرا، تَنِي ڏيجُ تَرَڪُ

ڪَرِيين غَيرُ غَرَقُ، تَه مُشاهِدو ماڻِيين. [3183]

سمجهاڻي: اي، موڙهل، عورت (سنهڻي) سامهون ساهڙ (حق جي ذات) اٿئي، سو انهيءَ جو حق ادا ڪر. پاڻ کي هر قسم جي خيالن، وهمن، خوف ۽ خطرن کان آجو ڪر (انهن کي ويجهو اچڻ نه ڏي). (اصل ڳالهه آهي ته) جيڪڏهن تون (پنهنجي اندر مان غير ڪڍي ڇڏيندينءَ ته توکي ضرور محبوب جو مشاهدو حاصل ٿيندو).

12

لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀاران ساهَڙَ جا

هِنيُون هِتِ نَه وِندُري، ڌَراڙَنِئُون ڌارَ

مُنهنجو مَنُ ميهارَ، پَڳهِيو پاڻَ ڳَري. [3184]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) مون سامهون پرئين ڀر ساهڙ جي مينهين جا ٻَڌل ننڍڙا ڦر ڏٺا. انهن ڦَرڙن جي ڏسڻ کان پوءِ (منهنجي اها ڪيفيت آهي جو) هاڻي انهن ڌنارن کان پري منهنجي دل نٿي لڳي. (دراصل) منهنجو من ميهار ڪيترا ور وراڪا ڏيئي پاڻ وٽ سوگهو ٻڌي ڇڏيو آهي.

13

گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِينِ جِندَڙو

مَحَبَّتَ جا مِهراڻَ ۾، تِلَ تَسُو توري

ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نا تَه ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي! [3185]

 سمجهاڻي: سنهڻي درياهه ۾ گهڙي پنهنجو پاڻ کي پرينءَ لاءِ قربان پيئي ڪري. هوءَ محبت خاطر درياهه جي پاڻيءَ ۾ سڀ ڪجهه قربان پيئي ڪري يعني وڏي همت کان ڪم پيئي وٺي. ڏم جي ڪري هوءَ ڏولاون ۽تڪليفن ۾ اچي پيئي آهي نه ته ڪُنن ۾ ڇو گهڙي ها.

وائي

اَکِيُون پيرَ ڪَري، وَڃِجي

وو وَڃِجي! پَر وَڃِجي!

سُپيرِيان جِي ڳالَهڙِي، ڪِنہِ سان ڪِينَ ڪِجي

لِڪائي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي

مَحبَتِي  ميهارَ   جو،  سُورُ  نه  ڪِنہِ  سَلِجي. [3186]

سمجهاڻي:  (محبت جي مرتبي ۽ ادب جي تقاضا) اي سنهڻي، محبوبن ڏانهن اکين کي پير ڪري وڃڻ گهرجي. (انهن ساڳين پيرن سان نه وڃجي جيڪي ٻئي ڪنهن ڏانهن وڃڻ وقت به ڪم اچن ٿا، پر اکيون جن کان وڌيڪ ٻي ڪا پياري ۽ وڌ ۾ وڌ قيمتي چيز ناهي، انهن کان اهو ڪم وٺجي). ائين وري وري وڃجي.

        پنهنجي محبوب جي ڪنهن به ڳالهه جو ذڪر ٻئي ڪنهن سان نه ڪجي، اهو سڀڪجهه عام لوڪ کان لڪائجي، جيئن ڳوٺ ۽ ڳليءَ ۾ ڪنهن کي خبر نه پوي. ائين محب ميهار جي محبت جو ڏنل درد  ٻئي ڪنهن سان نه ونڊجي.

[رومي وري چوي ٿو ته محبوب ڏانهن دل سان هلي وڃڻ گهرجي:

تو مبين اين پايها را بر زمين،
زانکه بر دل ميرود عاشق، يقين.

(دفتر سوم، ب- 1976)

معنيٰ: تون هنن جي پيرن کي ڌرتيءَ جي مٿان نه سمجهه، ڇو ته عاشق واقعي دل جي پيرن سان پنڌ ڪندو آهي.]

 

داستان ڏهون

 

1

ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجَهنِ

پَسو لَڄَّ لَطِيفُ چئي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ

جيڪي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نا ته ساڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.[3187]

سمجهاڻي: ٻڏڻ وقت (ڪناري تي بيٺل ڪانهن يا گاهه جي) ٻُوڙن کي ڪي سمجهه ۽ هوش وارا  ئي هٿ وجهندا آهن. عبداللطيف چوي ٿو ته (انسانن جي مقابلي ۾) ڏسو ته سهي، انهن ڪکن ۽ ڪانن کي ڪيڏو نه حياءُ آهي، جو اهي پڪڙڻ واري کي يا ته ڪٿي ڪناري تي پهچائيندا آهن يا ان لڙهي ويندڙ سان  پاڻ به گڏ سير ۾ هليا ويندا آهن.

[مثنوي روميءَ جي هيٺين شعرن ۾ هن بيت جو پس منظر ڪجهه هن ريت ملي ٿو:

مرد غرقه گشته جاني ميکند،

دست  را  در هرگياهي ميزند.

تاکدامي دست گيرد درخطر،

دست و پائي ميزند ازبيم سر.

  (دفتر اول، بيت 1817)

معنيٰ: جيڪو ٻڏندڙ هوندو آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪندو آهي. هو هر ڪک ڪاني ۾ هٿ وجهندو آهي، ته جيئن خطري ۾ ڪوئي هن جو مددگار ٿئي، هو بچاءُ لاءِ هٿ پير ضرور هڻندو آهي.]

2

ڪَچِي ڪانِي ڪانہَ، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان

لَنگھائي لَطِيفُ چئي، يا ڌُرِئان ڪَري دانہَ

ڪَکَنِ جِي ڪُماحَقّون، آهي ڳالَھ اَڳانہَ

يا ٻُڏَندنِ ڏِينِ ٻانہَ، نا تَه ساڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.[3188]

سمجهاڻي: ڪانهن يعني ٻوڙي جي ڪچن ڪانن ۾ به جيڪڏهن ڪنهن ٻڏندڙ جو هٿ پئجي ويندو آهي ته اهو پاڻيءَ جي  تکي وهڪري مان نڪري ايندو آهي. ائين ڪچا ڪانهن ٻڏندڙ کي بچائي وٺندا آهن. عبداللطيف چوي ٿو ته اهڙيءَ ريت اهي ڪانهن يا ته ڪناري تي پهچائيندا آهن يا ٻيءَ صورت ۾ (جيئن ته اهي ڪچا هوندا آهن) پاڙ کان پٽجڻ وقت آواز (دانهن) ڪندا  آهن. (گويا چوندا هجن اسان ۾ بچائڻ جي طاقت ڪانهي). حق سچ اهو آهي ته ڪکن (ڪانهن) جي وڏي ڳالهه آهي جيڪا عام مشهور آهي ته اهي ٻڏندڙن کي سهارو ڏيندا آهن يا وري انهن سان گڏ سير ۾ لڙهي ويندا آهن.

3

جان ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانہَ، تان تاڻي ٻَڌِجُ تُرَهو

هَٿُ پِرِيان جي هَٿَ ۾، ٻِئي کي ڏِجُ مَ ٻانہَ

سَندِي ڪَپَرَ دانہَ، ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي! [3189]

سمجهاڻي: جيستائين ڪناري تي ڪانهن بيٺل آهن ته انهن مان پنهنجي ترڻ واسطي تُرهو ٺاهي وٺ. ليڪن تون پنهنجو هٿ فقط پرينءَ جي هٿ ۾ ڏج ۽ ٻئي ڪنهن ڏانهن مدد لاءِ هٿ نه ڊگهيڙ ۽ نه واجهاءِ. ڇا تو (مشڪل وقت ۾) ڪڏهن درياهه جي ڪپر جون دانهون (جڏهن اهي پاڻيءَ جي زور سبب کاڄي ڪرڻ لڳندا آهن) پنهنجي ڪنن سان نه ٻڌيون آهن؟

4

هاواڻا هُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا

لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئي، ڀيلي تي ڀُلَنِ

ڪَچو جَنِ ڪُلَهنِ، آگا! تَنِ اوباهِيين. [3190]

سمجهاڻي: درياهه بابت وڏا هُل پيا ٻڌجن ته ڪناري سان پاڻيءَ جو وڏو چاڙهه ۽ لڙ اٿس. عبداللطيف چوي ٿو ته پاڻيءَ جون زوردار لهريون ڪچي دلي تي مارو پيون ڪن. پر جنهن (سنهڻي) جي ڪلهن تي ڪچو گهڙو آهي.  اي مالڪ، انهن کي تون پار اُڪاريندين.

5

آهِيين هِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو

لَهرِيَنِ لَکَ لَطِيفُ چئي، جَهلِئا جُنگَ جُواڻَ

اُونِهين ڪُنَ آگَهٽِئا، آڏِي پائي آڻَ

جي پِئا مُنہِ مِهراڻَ، تَنِ ٻانڌِيَنِ ٻيٽُ نه اُڄَهي. [3191]

سمجهاڻي:  (اي سنهڻي) تون هت (ڪجهه ڏينهن لاءِ) امانت آهين. توکي گهرجي ته وڏي پاڻيءَ مان اڪارڻ وارو تُرهو ٻڌي تيار ٿيءُ. ڇو ته (درياهه جي زوردار لهرين) جوڌن جوانن کي اڳتي وڃڻ نه ڏنو آهي. اهي اونهن ڪُنن ۾ رنڊجي ڦاسي پيا ۽ انهن جي سامهون آڻ مڃي بيهي رهيا. پر جيڪي (سالڪ)  هيڪر (معرفت جي) درياهه ۾ داخل ٿي ويا، اهي وڏن لڙهندڙ ڪاٺن مثل آهن، جيڪي ڪنهن ٻيٽ تي ترسڻ ۽ بيهڻ وارا  نه آهن (انهن جو ڪو ڇيهه ناهي).

6

ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي، کَڻِئو اُٿِيين

ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي ’ڀيلي تي ڀُلڪارَ‘

لوڙهِئا لَکَ لَطِيفُ چئي، ڪوڙِيين ڪارُونڀارَ

اُڪارِيين آڌارَ، آران آنڪي وارِيُون. [3192]

سمجهاڻي: اي موڳي عورت (سنهڻي)، تون دلن ٺاهڻ واري ڪنڀار کان اڻ پڪل دلو وٺي اچي نڪتي آهين. ائين ٿو معلوم ٿئي ته تو  ڪڏهن ڪچي دلي تي ڦٽڪار نه ٻڌي آهي. (ان جي ڪمزورين جي توکي خبر ناهي).  عبداللطيف چوي ٿو ته انهيءَ ڪچي گهڙي ڪيترين کي وڏي تار پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيو. اي (اڙين جا) آڌار  هاڻي تون انهن (اڌ پڪل) ڪچي دلي وارين کي اڪاري پار ڪر.

7

ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نه سُنهَڻِي

لَنگِهئو لُڙُ لَطِيفُ چئي، وَڇارَنِ وَهي

سا ڪِئَن نِيہُ نَهي، جِنہِ کي نِيہَ نَڌو کَڻِي. [3193]

سمجهاڻي: سنهڻي پڪي گهڙي جي ته پڇا ئي نٿي ڪري، ڪچي تي ترندي وڃي. عبداللطيف  چوي ٿو ته هوءَ درياهه کي پار ڪري وڃيو ميهار وٽ پهچي. ڀلا هوءَ اهڙي محبت کي ڪيئن ٿي ختم ڪري سگهي جنهن ۾  اڳيئي هوءَ ٻڌجي چڪي هئي.

8

اُونِهين ۾ اوهَري، ڪَهي ڪَچي ساڻُ

سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئي، پُڇي نه پَرِياڻُ

جَنِي پاسي پاڻُ، سي اَوَتَڙان ئِي اُکَتِيُون. [3194]

سمجهاڻي: سنهڻي اونهي پاڻيءَ ۾ گهڙي ڪچي دلي تي ئي ترندي وڃي. عبداللطيف  چوي ٿو ته هوءَ پڪي گهڙي جي (آواز مان) سڃاڻپ بابت خيال ئي نٿي ڪري. (حقيقت به اها آهي ته) جن جو پاڻ ڌڻي حامي آهي اهي ڏکين تڙن تان به ڪاميابيءَ سان پار لنگهي ٻاهر نڪرن ٿيون.

9

اَنگُ پُسِي رَنگُ ڪِئو، ڪوجو دَورُ دِلي

ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نه ٿِئو، ڪَچو مَنجِھ ڪِلي

تَران ٿِي تارِ گَهڻو، تُنہِنجي بَحرَ بِلي

ميهارومِ مِلي، آهِيان جَنہِ جي آسَري. [3195]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) منهنجي قسمت  جو انگ (لکيو) ڏسي دلي به عجيب رنگ (کيل)  ڪري ڏيکاريو. هاءِ افسوس جو ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ نه ڏنو. اي، مالڪ، هاڻي آءٌ هي سڄو عميق ساگر تنهنجي آسري تي پيئي تران. شال مون کي منهنجو ميهار ملي وڃي، آءٌ  جنهن جي آسري تي آهيان.

10

ڀانيُمِ نه ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو

آنڪي مَٿي اُسَرِي، رُوحَ ڏِنو ريلو

تيلاهِين ويلو، پِئُمِ واهُڙَ وِچَ ۾.[3196]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) مون کي خبر نه پيئي ته ڪو اهو دلو ڪچو آهي.   بلڪه مان ته ان جا ڳاڙها چٽ ڏسي ڀُلجي ويس، ڄڻ ته پڪو دلو کڻيو پيئي وڃان. وري جو آءٌ   انهيءَ ڪچي پڪي دلي مٿان چڙهي ويٺس ته منهنجي دل ميهار جي محبت ۾ غرق ٿي ويئي. انهيءَ (غلطيءَ سبب) ڪري آءٌ  واهڙ ۾  رهجي ويس ۽ ميهار ۽ منهنجي وچ ۾ جدائي پئجي ويئي.

11

ڪَڍِئا جي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوش ٿِي

پاڻِيءَ چِٽَر پُسائِيا، جَهلِي نه ڌاءَ ڌَمالَ

سُپَڪَ ڀانيا سُنهَڻِي، جوڀَنَ جي جَمالَ

آنڪي جا اَحوالَ، مَعلُمَ ٿِئا مِهراڻَ ۾. [3197]

سمجهاڻي:  (سنهڻي) دلي جي مٿان ڪنڀار جا ڪڍيل گل ۽ چِٽ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ليڪن جڏهن دلو پاڻيءَ ۾ پيو ته پهرينءَ سَٽ سان  انهيءَ جو رنگ اڏامي ويو. سنهڻي پنهنجي جوانيءَ جي جوش ۾ غلطيءَ وچان دلي کي پڪل سمجهي ويٺي. ليڪن ڪچي پڪي (پوريءَ ريت پڪل نه) گهڙي جا پرڪار درياهه جي پاڻيءَ ۾ يڪدم ظاهر ٿي پيا.

[ڪنڀار جي ٺاهيل ڪچن پڪن ٿانون جي سڃاڻپ ۽ رنگن چٽن بابت روميءَ مثنويءَ ۾ هن ريت چيو آهي:

چون سفالين کوزه ها را مي حزي،
امتحاني مي کني اي مشتري،
مي زني دستي بران کوزه چرا،
تاشناسي ازطنين اشکسته را،
بانگ اشکسته دگر گون مي شود،
بانگ چاؤش ست پيشش مي رود.


      (دفتر سوم، ب- 792 کان 7940)

معنيٰ: جڏهن تون ٺڪر جا ٿانو وٺندو آهين ته انهن کي چڪاسيندو آهين، تون انهن کي هٿ سان وڄائي ڏسندو آهين ته ڪهڙو صحيح آهي يا ڀڳل آهي. ڀڳل جو آواز ٻيو هوندو آهي. گويا آواز ئي تنهنجي رهنمائي جو ڪم ڪندو آهي.]

12

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، نه مُون آڏِي اَڏَ

ساهَڙَ سُڻِجُ سَڏَ، آءٌ تو آهَرَ تارِ تَران. [3198]

سمجهاڻي: ڪاري اونداهي رات ۽ ڪچو گهڙو (سنهڻي چوي ٿي) منهنجي سامهون ڪا جهل (واهه) ڪانهي، جنهن کي جهلڻ سان بچاءُ ٿئي. او ساهڙ، تون ئي منهنجا سڏ ٻڌي ساڻي ٿيءُ، آءٌ  تنهنجي آسري تي هن اونهي پاڻيءَ ۾ پيئي تران.

13

ڪَچو تان ڪوهُ، پَڪو نظَرُ پِرِينءَ جو

ساهَڙُ مُنهنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺي ٿِيي ڏوهُ

جي ڇِٽرو جي ڇوهُ، پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي. [3199]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) جيڪڏهن دلو ڪچو آهي ته ڇا ٿي پيو، منهنجي محبوب جي نظر (مهر واري) ته پڪي (ڀروسي  جوڳي) آهي. منهنجو (حقيقي) محبوب ته ساهڙ ئي آهي، باقي ڏم کي ڏسڻ ته ڏوهه آهي. درياهه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو ڍرو هجي  يا تکو تير، پر مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته درياهه جي ٻئي پار (جتي ميهار آهي) ضرور وينديس.

14

آنڪو نِي آنڪو، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ

جِيءَ جَنِي جا جَمِ، پَڪا سي پُڇَندِيُون. [3200]

سمجهاڻي: بيشڪ (دلو) ڪچو سو ئي ڪچو نڪتو، پر مون کي ته اهو ڪچو ئي ڪم آيو. جن جا اندر ڍاول آهن (جن کي عشق جي اڃ ناهي) اهي ئي پڪا گهڙا پڇنديون.

[رومي وري هن ريت چوي ٿو:

چند بازي عشق با نقش سُبو،

بگذر را نقش سُبو و آب جو.

         (دفتر دوم، ب-1021)

معنيٰ: تون دلي يا ان جي چِٽن سان ڪيستائين عشق ڪندين. دلي جي چٽن کي ڇڏي ۽ درياهه جي پاڻيءَ (اصل مقصد ۽ مراد) کي هٿ ڪر.]

15

پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِهائِين

مُون کي تِئائِين، ڀيلو ڀاڱي آئِيو. [3201]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ ڪنڀار  جا ٿانو پڪل آهن (ڇو ته) پوري آوي پچائي اٿس. ليڪن انهن مان منهنجي حصي (نصيب) ۾ اهو هڪڙو اڌ پڪل دلو ئي نڪتو.

16

چِٽرايومِ چَئِي، عِشقَ پَئِي عَمِيقَ جي

آڻي رَکِئُمِ آبَ تي، مَٿي ڪُنَ ڪَهِي

لَهرِيَنِ مَنجِھ لَطِيفُ چئي، پُرزا ٿِئو پَئِي

سُپَڪُ هو صَحِي، پَرَ ڪَرَمَ کَڻِي ڪَچو ڪِئو. [3202]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) مون پاڻ چئي دلي تي چٽ ڪڍرايا، خاص طور جڏهن کان اونهي پاڻيءَ ۾ وڃڻ جو عشق لڳم. جڏهن اهو کڻي اچي پاڻيءَ ۾ وڌم ته ڪُنن ڏانهن هلڻ لڳو. عبداللطيف  چوي ٿو ته جيئن ئي وڏين لهرين ۾ پهتو ته ذرا ذرا ٿي ويو. سنهڻي (جو گمان) دلو ته صحيح پڪل هو پر منهنجي تقدير ان کي ڪچو بڻائي ڇڏيو.

17

جِتِ پَڪو ٿو پُرزا ٿِئي، تِتِ ڪَچو ڪَندو  ڪِيئَن

هُتِ حَقِيقَتَ هِيئَن، هِتِ ٿِي نالا پُڇِين نِيہَ جا!  [3203]

سمجهاڻي: جتي (درياهه جي سخت لهرين ۾) پڪو دلو به سَٽ نٿو جهلي ۽ ذرا پرزا ٿي وڃي ٿو، اتي ڪچو دلو ڇا ڌڪ جهليندو يا ڪيترو هلندو. جڏهن اصل حقيقت ائين آهي ته پوءِ تون ڪهڙا ٿي ڪچا پڪا دِلا پڇين (تون ته پنهنجي عشق جي مستي ۾ مست آهين ۽ نفعي نقصان کان بيخبر).

18

ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَر چَرِي ٿِي

ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سُنهَڻِي، وِيرِيَنِ ۾ وائِي

ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لَهرِيَنِ وِچَ ۾.[3204]

سمجهاڻي: سنهڻي پوريءَ ريت پڪل دلي جي سڃاڻپ نه هئڻ سبب گمراهه ٿي ويئي ۽ هوءَ رڳو گُل چِٽ ڏسي ديواني ٿي پيئي. لهرين ۽ ڇولين مان پڻ اهو آواز پئي آيو ”هاءِ هاءِ ويچاري سنهڻي ٻڏي ويئي“، (هوءَ ٻڏڻ واري نه هئي)  پر ڪچي گهڙي هن لال (ڪنوار)  کي لهرن وچ ۾ لوڙهي ڇڏيو.

[رومي تڏهن خبردار ڪندي چوي ٿو:

صورت ظاهر فنا گردد بدان،

عالم  معنيٰ  بماند  جاودان.

      (دفتر دوم، ب-1020)

معنيٰ: سمجهي ڇڏ، ظاهري صورت جلد فنا ٿيڻ واري آهي ۽ اصلي صورت هميشه باقي رهڻ واري آهي.]

19

ڪو جو ورِيو واءُ جِئَن ٻَرُ ٻانهُنِ ڇَڏِئو

اَڳي اِنَ تَڙاءُ، اُونداهِيائِي اُڪَران. [3205]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) هاڻي  حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو آهي ۽ اهڙو وقت اچي ويو آهي جو ٻانهن مان (ترڻ جي) طاقت ڇڏائجي ويئي آهي، ڇو ته اڳي انهن ئي (اونهن) تڙن تان اونداهيءَ اڌ رات جو (ٻانهن جي زور تي تري) اڪري  پار هلي ويندي هيس.

20

هَڻَندي ٿَڪَمِ هَٿَ، هِنئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون

لَڪُ لَهرِيَنِ گڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ

نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين. [3206]

سمجهاڻي: آءٌ  (ترڻ واسطي) هٿ پير هڻي هڻي ٿڪجي پيئي آهيان ۽ دل به اميد لاهي ڇڏي آهي. لهريون منهنجي چيلهه کان چڙهي هاڻي مٿي تي وري ويون آهن. ڪُنن منهنجي رهي کهي طاقت به کسي ڇڏي آهي.  (اهڙيءَ حالت ۾) او منهنجا ڀلا ڀانئڻ وارا سپرين، تون اچي ڀيڙو (نزديڪ) ٿيءُ.

 

وائي -1

آيَلِ! اَمَڙِ! تي جِيان، تي جِيان

جي  سارِينَمِ  سُپِرِين

گَهڙو ڀَڳو تان گھورِئو تان ڪِين تَرُ هِنيان

اَدَبُ اَکڙِيَنِ کي، ڏِيهاڻِي ڏِيان

سَئُون سُنهَايَمِ پيچَرو، ميهارَنِ مِيان

مَٿان ماڻِڪَ هيڪَڙي، لَعلُون لَکَ ڏِيان

ساهَڙَ مَٿان صَدَقو، ڏَهَ ڏَهَ ڏَمَ ڏِيان

اَچِين عَبدُاللَّطِيفُ چئي، ته  جانِبَ  نِتِ   جِيان. [3207]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) او امڙ، او سانئڻ، مان تڏهن ئي جيئري  رهنديس جڏهن مون کي سپرين ياد ڪندا. گهڙو ڀڄي پيو ته خير آ، سو تون اي دل، هاڻي پاڻ تر! مان (انهيءَ سوچ ۾) هر روز پنهجي اکين کي اهو ئي ادب پيئي سيکاريان.  مون کي ميهار محبوب ئي سنئون رستو ڏيکاريو آهي، انهيءَ هڪڙي املهه ماڻڪ (ميهار)  خاطر لکين لعل (موتي) صدقي ڪريان. بلڪه هڪڙي ساهڙ مٿان ڪيترائي ڏم قربان ڪري ڇڏيان. عبداللطيف چوي ٿو ته محبوب جي اچڻ سان آءٌ  مئل به جيئري ٿي پونديس.

[رومي اهڙي قسم جي ڪيفيت جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:

چون شکسته مي رهد اشکسته شو،

امن در فقرست اندر فقر رو.

(دفتر چهارم، ب- 2157)

معنيٰ: جيڪو ڀڳل ٽٽل هوندو آهي، اهو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سلامتي فقيريءَ ۾ آهي، فقيري اختيار ڪر.]

وائي-2

ويٺِي ڪِينَ وِساري، مَحَبَّتَ وِڌَڙِي ماري،

سا دِيوانِي يار وو! سا مَستانِي

دِلبَر      جانِي     ٿو   جِياري

جِنہِ کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سا گهايَلَ گَهرِ نه گهاري

ڏَمُ ڏُهيلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سوٽا ماري

ٻيلي پاسِ ٻُرَنِ جي، تَنِ کَرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري

ٻيلي ٻِنهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُّ مينهِيُون ٿو چاري

هُونِ هُنگارُون، پُونِ پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوستُ تَواري

هُوءَ جا پِڪَ  پِرِيَنِ  جِي،  آهِيان  تِنہِ آساري. [3208]

سمجهاڻي: سنهڻيءَ سڄڻ کي هرگز نه وساريو. هن کي ته محبت ماري وڌو هو. هوءَ ته ديواني هئي. يار لاءِ چري هئي. هن جو دلبر ئي سندس جياپو هو. جنهن کي ساهڙ جي سڪ هجي، سا گهر ۾ ڪيئن رهي سگهندي. ڏم ڏهوڻي مصيبت آهي، هو ڄڻ ته مٿي ۾ لٺيون پيو هڻي.  ٻيلي ۾ جيڪي چَڙا پيا وڄن، انهن جي آواز کيس ڀنڀلائي ڇڏيو. ٻيلي جي ٻنهي پاسن تي محب ميهار جون مينهيون پيون چرن. مال کي هڪلڻ جون هونگارون ۽ هڪلون پيون ٻڌجن. هرهنڌ منهنجي دوست جو آواز آهي. مون کي پرين پاڻ سُرڪ پياريندو، مان انهيءَ آسري تي آهيان.

 

داستان يارهون

 

1

جَرِ تَڙِ تِکَ تَوارَ، وَڻِ ٽِڻِ وائِي هيڪَڙِي

سَڀيئِي شَيءَ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ

هَمَہ مَنصُورَ هَزارَ، ڪِهڙا چاڙِهِئو چاڙِهِئين. [3209]

سمجهاڻي:  پاڻيءَ مان توڻي هر گهٽ گهيڙ مان اها ئي ساڳي تکي تنوار پيئي ٻُڌجي ۽  وڻن ٽڻن مان پڻ اهو ساڳيو آواز پيو نڪري ته سموري مخلوقات سوريءَ جي لائق آهي. منصور (جنهن کي ’اناالحق‘ چوڻ ڪري سوريءَ تي چاڙهيو هئائون) وارو آواز اچي رهيو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ هزارين لکين منصور آهن، تون ڪنهن ڪنهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڪنهن کي چاڙهيندين. (ڇو ته سموري مخلوقات وحدت جي وائي پيئي ڪري).

[مشهور صوفي حُسين بن منصور حلاج (922/301) کي بغداد ۾ سوريءَ تي چاڙهيو ويو، تنهن کان پوءِ صوفي ادب ۾ سوريءَ کي سچ ۽ عشق جي علامت قرار ڏنو ويو. هن بيت ۾ شاهه لطيف مثنوي روميءَ جي هيٺين شعرن جو گويا جواب ڏنو آهي:

جملهء ذرات دروي محو شد،
عالم ازوي مست گشت و صحو شد،
چون قلم در دست غداري بود،
بي گمان منصور بر داري بود.

        (دفتر دوم، ب- 8-1397)

معنيٰ: سڀ ڪجهه هن جي ذات ۾ گم ٿي ويو، سمورو جهان هن جي ڪري مست بڻجي هوشيار ٿيو. جڏهن (فتويٰ جو) قلم غدارن جي هٿ ۾ هوندو ته پوءِ منصور کي ضرور سوريءَ تي چاڙهيو ويندو!]

2

چُونِمِ جي هيڪارَ، ’مَ وَنءُ موٽِي سُنهَڻِي!‘

دُونهِينءَ پاسي دوستَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ

ٻانڌِيَڙا ٻِيهارَ، هُوندَ نه لِڱين لائِيان. [3210]

سمجهاڻي: جيڪڏهن منهنجا پرين  مون کي هڪ ڀيرو چون ته اي سنهڻي! پوئتي موٽي نه وڃ، ته جيڪر آءٌ  سڄي عمر دوست جي دونهين (ماڳ) وٽ گذاري ڇڏيان. ان ڪري آءٌ  نڪو درياهه ۾ گهڙان ۽ نه وري لڙهندڙ ڪاٺين جو سهارو وٺڻو پوي.

3

جيڪي گَهران مَ وَڃُ، جيڪي موٽُ مَ سُنهَڻِي

ٻِيُون ڀيري ڀَڃُ، هيڪَڙائِي هَٿِ ڪَري. [3211]

سمجهاڻي:  (سنهڻيءَ کي صلاح) يا ته پنهنجي گهر مان نڪري ٻاهر نه وڃ يا وڃين ته موٽي نه اچ. ٻن طرفن ڏانهن وڃڻ جي عادت ختم ڪر، هڪ ذات کي پنهنجو ڪر.

4

مَرِجُ وَٽِ ميهارَ، مَتان موٽين سُنهَڻِي

ساهَڙَ جا سِينگارَ، مَڇُڻِ ڏَمَ ڏيکارِيين! [3212]

سمجهاڻي: اي سنهڻي، تون پنهنجي محبوب ميهار وٽ مري  پئو ۽ پوئتي موٽ نه کاءُ. (ان ڪري جو) متان تنهنجي موٽڻ سان ساهڙ لاءِ ڪيل هار سينگار جي خبر ڏم  تائين  نه پهچي وڃي! (ڇو ته هو نفس وانگر هر وقت توکي گمراهه ڪرڻ گهري ٿو).

5

وَڃان ڪِينَ وَرِي، هُندَ رِءَ چَئي رَهِي رَهان

دُونهِينءَ پاسي دوستَ جي، ماڳِنہِ پُئان مَرِي

نه صُورَتَ نه سُونہَ ڪا، ڪيَسِ چِتَ چَرِي

وِصالان فِراقَ جِي، سُڄي ڳالَھ ڳَرِي

تيلاهِين تَرِي، مُنہُ ڳِنِئو موٽِئو وَڃان. [3213]

سمجهاڻي: منهنجي دل چوي ٿي ته آءٌ  موٽي واپس نه وڃان ۽ جيڪر محبوب جي بنا چوڻ جي به وٽس رهي پوان. بلڪه دوست جي دونهينءَ جي ڪنڊ پاسي ئي مري پوان. دراصل سنهڻي ظاهري صورت ۽ سونهن تي عاشق ڪانه ٿي هئي، بلڪه عشق (ازلي) سندس دل کي ديوانو ڪري ڇڏيو هو. ليڪن وصال کان وڌيڪ فراق جو ملهه آهي ۽ اها ئي وڏي ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري آءٌ  جيتوڻيڪ تري هن پار پهچي وڃان ٿي (ترسي سگهان ٿي) پر وري پنهنجو منهن وٺئو (مرضيءَ سان) موٽي اچان ٿي.

6

آءٌ ڪِ نه ڄاڻان اِيئَن، ته جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِيي

قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، تِنہِ کان ڪَنڌُ ڪَڍِبو ڪِيئَن

هِڪُ لِکيي ٻِئي نِيهَن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.[3214]

سمجهاڻي: مون کي اها خبر (پڪ) نه هئي ته ڪو پاڻيءَ ۾ گهڙڻ سان مون کي واقعي نقصان ٿيندو.  (اصل ڳالهه آهي ته) قادر جي جيڪا قضا يعني فيصلو  آهي ان کان ڪير بچي سگهندو. مان ته سمجهان ٿي ته مون کي هڪ منهنجي قسمت ۽ ٻيو منهنجي محبت ڇڪي آڻي درياهه جي ڇولين ۾ هنيو آهي.

7

نَه ڪانِيءَ نَه ڪانہَ، نَڪو ڏوهُ قَلَمَ جو

اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ ٻِئي جِي رَسي نه ٻانہَ

ڪَنہِ کي ڏِيان دانہَ، جِئَن قَضا قَلَمُ وَهائِيو. [3215]

سمجهاڻي:  (سنهڻي چوي ٿي) اهو ڏوهه نه ڪانهن (جنهن مان قلم ٺاهجي) جو آهي ۽ نه قلم جو، بلڪه منهنجي تقدير ۾ اهو انگ ائين لکجي چڪو هو ۽ اتي پهچڻ ٻئي ڪنهن جي وس کان ٻاهر هو. هاڻي آءٌ اها دانهن ڪنهن کي ڏيان، ڇو ته قضا جي قلم ائين لکي ڇڏيو هو.

8

تَرَڻَ جا طَعنا، سُهما ڏِينَمِ سَرتِيُون

درِياهَ دِيوانا، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي. [3216]

سمجهاڻي: مون کي سرتيون (محبوب ڏانهن) تري وڃڻ جا طعنا  تنڪا پيون هڻن ۽ منهنجي باري ۾ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون پيون ڪن. پر اي درياهه ديوانا، تون ئي منهنجي حال جي حقيقت ويهي ٻڌ.

9

تَران لَئه طَعني، مَٿي وَهَ واڪا ڪِئو

آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾، درياهَ دِيواني

قَلَمَ جي ڪاني، آڻي اولِيسِ اولَ ۾.[3217]

سمجهاڻي:  (سنهڻي سرتين کي جواب ٿي ڏئي)  مون کي ڀلي ترڻ جا طعنا  ملن، آءٌ  ته وڏي واڪي درياهه جي وهڪري ۾ پيئي وڃان. بلڪه درياهه ديواني ته مون کي پاڻ وڏي اونهي پاڻيءَ ۾ اچي وڌو آهي. دراصل اهو سڀ قضا جي قلم جو لکيوآهي، جنهن مون کي اونهي پاڻيءَ جي ڪُن ۾ ٿيلهي  ڇڏيو آهي.

10

تَران تان مَران، وَران تان وَهُ وِتَرو

مَنَ ۾ مُحِبَّ ميهارَ جا، اَچَنِ گُهورَ گَهران

پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوهَ ڏَران

وِچان ڪِيئَن وَران، ڪَنڌِيءَ مُنهنجو ڪارَڻِي. [3218]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تران ٿي ته به مران ٿي پر جي واپس ٿي ٿيان ته پاڻيءَ جو وهڪرو پاڻ وڌيڪ  تيز ٿي ويو آهي. محب ميهار جا خيال ۽ پور اندر ئي اندر ۾ پيا اُڀرن. وري پوئتي جڏهن پاڙيوارين کي ٿي ڏسان ته اڃا وڌيڪ ڏوهه پيا ڏڪن. آءٌ  وچ (وهڪري) مان پوئتي ڪيئن موٽان، جڏهن ته منهنجو اُڪارڻ وارو يعني مددگار هُن ڪناري تي آهي.

11

سِڪَ تُنهنجي سُپِرِين، جِيئَن تَران تِئَن تارِ

تُونهِين رَهِين رُوحَ ۾، تُونهِين اَنگَنِئان ٻارِ

پِرِين! تُنهنجي پارِ، واجھائِيندي وَرِهَ ٿِئا. [3219]

سمجهاڻي: اي منهنجا محبوب، جيئن آءٌ  توڏانهن ترڻ شروع ڪريان ٿي، تيئن منهنجي محبت وڃي وڌندي. تون ئي منهنجي روح ۾ (اندر) اچي ويهي رهيو آهين ۽ تون ئي منهنجي عضون (بدن)  کان ٻاهر پڻ آهين. او سائين، تنهنجي طرف ڏسندي ۽ انتظار ڪندي مون کي سالن جا سال گذري ويا آهن.

12

سِڪَ تُنهنجي سُپِرِين، ڪَپي ۽ ڪوري

سَگهان نه چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِيہَ جو. [3220]

سمجهاڻي: اي محبوب، تنهنجي محبت مون کي ڪهي ڇڏيو آهي ۽ (ڪاتيءَ وانگر) پيئي وڍي. بيشڪ آءٌ  تنهنجي قرب جي ڪڙين ۾ ايڏي جڪڙيل آهيان جو آءٌ  انهن کي هيڏي هوڏي چوري به نٿي سگهان.

13

سِڪَ تُنهنجي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ

ٻَڙهڪِئو ٻاهَرِ نِڪري، کُورِيءَ کانئي کَلَ

ري سِيراهِي سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين. [3221]

سمجهاڻي: اي محبوب، تنهنجي محبت اندر ۾ جهلجڻ واري ناهي، اها ٽهڪندڙ (پاڻيءَ جي ٻاڦ وانگر) ٻاهر نڪري پوي ٿي ۽ باهه جي کوري وانگر کل کي ساڙي ڇڏي ٿي. منهنجي محبوب سيراهي (واڍي جو اوزار  جنهن سان سوراخ ڪڍجن) کان سواءِ ئي مون ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن.

14

سِڪَ تُنهنجي سُپِرِين اَندَرِ ٿِي اَجهاڳَ

مَنجِھ ڀَرِيائِين ماڳَ، پَلٽِئو پارِيُون ڪَري. [3222]

سمجهاڻي: اي منهنجا سڄڻ، منهنجي اندر ۾ تو لاءِ بي انت ۽ اڻ کٽ محبت آهي. ان اندر ئي اندر ۾ سڀ  ڪنڊون ۽ پاسا ڀري ڇڏيا آهن، بلڪه انهيءَ محبت اندر ئي اندر ۾ اٿلون کائي واهيون ۽ اَڏون ٺاهي ڇڏيون آهن.

15

ڪِين تَران، ڪِين تارِ مُون، ڪِين سَگهان

ڪِين سَگُھ

آڏو ڏيجِ مَ گَگُھ، مُون هيڪَلِيءَ وَلَها. [3223]

سمجهاڻي: اي پيارا پرين، ڪجهه آءٌ  پاڻ (همت ڪري) تران ٿي ۽ ڪجهه تون اچي مون کي تار. ائين ڪجهه همت آءٌ  ڪريان ٿي ڪجهه همت تون ڏيار. اي، هن هيڪليءَ عورت جا سنڀاليندڙ، اڳيان ڪا رڪاوٽ اچڻ نه ڏجانءِ  (تون هر حال ۾ سڄڻ ۽ ساڻي ٿيءُ).

16

سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين

ايڏِي سَگَھ سَچَا ڌَڻِي توهِين کي جُڳاءِ

تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِهرَ تَنِي کي پاءِ

ميڙائي جو ماءُ! ڪانگُ لَوَندو ڪَڏَهِين. [3224]

سمجهاڻي: اي مالڪ جيڪي سڪ ۾ سڪايل آهن ۽ محبت جون ماريل آهن، انهن کي وڇڙيل ملاءِ. اها ايڏي طاقت توکي ئي جڳائي ٿي. منهنجي دل (رات ڏينهن)  جن کي گهري ٿي، انهن جي اندر ۾ به محبت جي ذري وجهه. اي امڙ، خبر ناهي ته ميلاپ جو ڪانگ ڪڏهن اها ٻولي ٻوليندو (اهو نياپو کڻي ايندو).

17

ڏِٺي ٿِئَڙَمِ ڏِينہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪهڙا پِرِين

نيڻَ ڀَرجِي نِينہَ، پَلٽِئا پارِيُون ڪَري. [3225]

سمجهاڻي: مون کي پرينءَ ڏٺي گهڻو وقت گذري ويو آهي. خبر ناهي سڄڻ ڪيئن هوندا ۽ ڪهڙي حال ۾ هوندا. انهن جي سڪ ۽ سوز ۾ منهنجون اکيون (بادلن وانگر) ڀرجي آيون آهن ۽ اهي نيسارا ڪري وهڻ لڳيون آهن.

18

ڏِٺي ڏِينہَ ٿِئام، ڪُہُ ڄاڻان ڪِهڙا پِرِين

وَلِيَنِ جِيئَن وَرِئامِ، گُوندَرَ غَمَ پِرِينِ جا. [3226]

سمجهاڻي: محبوب جي ديدار کي الائجي ڪيترو وقت گذري ويو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي هاڻي ڪيئن هوندا. (گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري)  هن جي ياد جا غم ۽ ڏک ولين وانگر مون کي وڪوڙي ويا آهن.

19

ڏِٺي ڏِينہَ ٿِئامِ، ڪُہُ ڄاڻان ڪِهڙا پِرِين

سَهسِين سِڄَنَ اُلَهِي، واجھائِندي وِئامِ

تَنِ رِءَ سالَ پِئامِ، جَنِ رِءَ ساعَتَ نه سَهان. [3227]

سمجهاڻي: مون کي محبوبن سان ملاقات ٿئي ڪو وقت ٿيو آهي، پتو نٿو پوي ته اهي هاڻي ڪيئن آهن ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. انهن سڄڻن جو انتظار ڪندي ڪئين سج لهي ويا. جنهن محبوب کان سواءِ هڪ گهڙي گهارڻ به مشڪل هئي، تن کان جدا ٿئي سالن جا سال گذري ويا آهن.

 

وائي

وَڃي  سا  راتِ  وِهاڻِي،

پَسَڻَ  ڌاران  پِرِينءَ  جي

هِهِڙا  اوڏا  سُپِرِين،  تو  ڪِئَن  نِنڊَر  رِهاڻِي. [3228]

سمجهاڻي: پرينءَ جي پسڻ کان سواءِ رات گذري ويئي. (ياد رک) تنهنجو محبوب تمام گهڻو ويجهو آهي پر تو ننڊ (غفلت) سان ياري رکي آهي، انهيءَ ڪري ديدار کان محروم آهين.

داستان ٻارهون

 

1

ٻوڙِيين، چاڙَهِيين، تُون ڌَڻِي، ٻِئي جِي دَعويٰ

رَسي نَه دَمُ

هِنَ منهنجي حالَ جو، ميهَرَ ئِي مُعلَمُ

رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، ڪو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾. [3229]

سمجهاڻي: اي مالڪ، ٻوڙين يا تارين سڀ تنهنجي وس آهي. اتي ٻئي ڪنهن جي ڪا حجت يا زور نٿو هلي سگهي. هن منهنجي حال جو رهبر ۽ رستو ڏيکاريندڙ منهنجو ميهار ئي آهي. بس تون ئي هن اڻ پڪل دلي جي پت رک، جيڪو  ڏکئي تڙ تي تمام اونهيءَ پاڻي ۾ اچي ڦاٿو آهي.

2

پاڻِي سَهي نه پيرُ، لَهرِ نِياپو نَه مُئي

آڻي ڏِيندُمِ ڪيرُ، سُڌِيُون سانبارَنِ جِيُون. [3230]

سمجهاڻي: پاڻي (تک ۽ اونهائيءَ  سببان)  پير کوڙڻ نٿو ڏئي ۽ نه وري لهر جي ڪا اڳواٽ خبر پوي ٿي (اها اوچتو ۽ تکي اچي مٿان ڪڙڪي ٿي). (اهڙيءَ حالت ۾) مون کي سامهون درياهه جي ٻئي طرف منهنجن پيارن جون خبرون ڪير آڻي ڏيندو؟

3

لَهرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ هيڪَڙو

اُونِهي هِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ

جِتِ ناهِ نِهايَتَ نِيہَ جِي، اُتِ کُوءِ پنهنجي خاصَ

تَرَڻَ جِي تلاسَ، لاهِ ته لالَڻَ لَڳِ ٿِيين. [3231]

سمجهاڻي: درياهه جي لهرين جا لکين روپ ۽ لباس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ هڪ آهي (ڪثرت ۽ وحدت جي سمجهاڻي). انهيءَ اونهي اسرار يا سوچ سمجهه (کوجنا) ۾ نه پئو. (ساڳيءَ ريت) عشق ۽ محبت جي ڪا انتها ڪانهي. تنهن ڪري ان بابت پڻ تون پنهنجي (خاص) خواهش کي ختم ڪري ڇڏ. تون پنهنجي ترڻ واري تمنا کي پڻ ترڪ ڪر تڏهن تون محبوب جي ويجهو وڃڻ جهڙي ٿيندينءَ.

[هن بيت جي مفهوم بابت مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

بحر وحدانست فرد و زوج نيست،

گوهر و ماهيتش، غير  موج نيست.

        (دفتر ششم، بيت 2030)

معنيٰ:  وحدانيت جو ساگر هڪ ئي هڪ آهي، جنهن ۾ ٻه ۽ ٽي جي ڳڻپ ناهي، ان جا موتي هجن يا مڇيون، اهي سڀ لهرون ئي آهن (ان کان جدا ناهن).]

4

نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ

عَدَدُ  ناهِ  عِشقَ،  پُڄاڻِيءَ  پاڻَ  لَهي. [3232]

سمجهاڻي:  (عشق جي ڪيفيت)  نڪو سورن جي ڪا انتها آهي ۽ نڪو وري عشق ۽ محبت جي ڪا پڄاڻي ٿي سگهي ٿي. عشق جو ڪو عدد ناهي جنهن مطابق ختم ٿئي. اهو پنهنجي انت تي پاڻ پهچي ٿو.

[روميءَ جو نظريو پڻ ساڳيو آهي ته عشق پنهنجي وصف پاڻ ڪري ٿو. ٻيو ان جو بيان نٿو ڪري سگهي.

عقل در شرحش چو خر در گل بخفت،

شرح عشق و عاشقي، هم عشق گفت.

          (دفتر اول بيت 110)

معنيٰ: عقل عشق جي شرح ڪري اهو ائين آهي جيئن گڏهه چڪڻ ۾ ڦاسي پوي. عشق توڻي عاشقيءَ جي شرح  بس عشق پاڻ ٻڌائي سگهي ٿو.]

5

عَدَدُ ناهِ عِشقَ جو، سُڻِي ٿِيءُ سِياڻِي

ڪانِهي پُڄاڻِي، مَهندان مُنڌَ ميهارَ جي. [3233]

سمجهاڻي: عشق جو ڪو انگ يا عدد مقرر ناهي (اڻکٽ اسرار آهي). اها ڳالهه ٻڌي چڱيءَ طرح سمجهه ۽ سياڻي ٿيءُ. (ساڳيءَ ريت) اي عورت (سنهڻي) ميهار جي اڳيان محبت جو ڪوبه ڇيهه يا انت ڪونهي.

[مثنوي روميءَ ۾ هن سلسلي جو هيٺيون بيت ڏسو:

عشق را با پنج وباشش کار نيست،

مقصد ا وجز  که  جذب  يار نيست.

                 (دفتر ششم، بيت-5)

معنيٰ: عشق جو پنجن يا ڇهن سان واسطو ناهي. ان جو مقصد محبوب جي توجه کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.]

6

گِهڙِئا سي چَڙهِئا، اِيهِين اَٿيئِي

مَئي مَتي مِهراڻَ ۾، پَئُه ٽَپو ڏيئِي

ته ميهارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاهَ سِين. [3234]

سمجهاڻي: جيڪي درياهه ۾ گهڙن ٿا، اهي ئي نڪري پار پون ٿا. اهو ئي دستور آهي. انهيءَ ڪري زور سان وهندڙ ۽ ڀريل درياهه ۾ ٽپو ڏيئي گهڙي  پئو. تڏهن تو کي تنهنجو (محبوب) ميهار سيڻاهه سان سنڀريل  ملي ويندو! (مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ کان نه گهٻرائجي.)

[عشق نتيجن ۽ حالتن کان هميشه بي پرواهه هوندو آهي. رومي به ائين چوي ٿو:

لا ابالي  عشق  باشد  ني  خرد،

عقل آن جويد کز آن سودي برد.

                   (دفتر ششم، ب- 1967ع)

معنيٰ: بيپرواهه ۽ بي خوف عشق هوندو آهي ۽ نه عقل. عقل هميشه ان ڳولا ۾ هوندو آهي، جتان کيس فائدو ٿئي.]

7

تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جي سِيرَ نه گِهڙي سُنهَڻِي

هِتِ حَياتِيءَ ڏِينهَڙا، هَڏِهن تان نه هُئي

چُڪي تِنہِ چَرِي ڪِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُهِي

سُنهَڻِيءَ کي سَيِّدُ چئي، وِڌو قُربَ ڪُهِي

هُنهين هُوندَ مُئِي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿِئا. [3235]

سمجهاڻي: سنهڻي هرگز مشهور نه ٿئي ها (سندس نالو نه ٻُڌجي ها) جيڪڏهن هوءَ درياهه جي سير ۾ نه گهڙي ها. هونئن به حياتيءَ جا ڏينهن هميشه لاءِ ته ڪو نه ٿا ملن. هوءَ ته کير جي اها چُڪي چَکي چَري ٿي پيئي، جيڪا کيس ميهار پاڻ ڏهي ڏني هئي. سيد (عبداللطيف) چوي ٿو ته سنهڻيءَ کي ميهار جي قرب ڪهي وڌو هو. مري ته هونئن به ضرور ها (ڇو ته موت برحق آهي) پر عشق سبب ٻڏڻ جي ڪري سندس درجو مٿانهون ٿي ويو.

[صوفين وٽ حديث آهي ته جيڪو عشق ۾ مئو اهو شهيد آهي. رومي چوي ٿو:

هست برمؤمن شهيدي زندگي،

برمنافق  مُرد  نست   و  زندگي.

(دفتر دوم، ب- 1076)

معنيٰ: ايمان وارن لاءِ شهادت زندگي آهي. منافق لاءِ موت ۽ تباهي آهي.]

8

سَهَسين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مِهراڻُ

وَهِ وِڃايو پاڻُ، هَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سِين. [3236]

سمجهاڻي: درياهه سوين عورتن کي ٻوڙيو آهي پر هن عورت (سنهڻي) درياهه کي ٻوڙي ڇڏيو. (سنهڻيءَ جي عزم ۽ ارادي) درياهه جي موج مستيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. هن کي درياهه جون زوردار لهرون روڪي نه سگهيون. آخر ۾ اهي بي اثر ٿي ويون.

[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:

صورت خود چون شکستي، سوختي،

صورت کل را شکستن آموختي.

(دفتر سوم، ب-579)

معنيٰ: جڏهن تو پنهنجي صورت کي ڀڃي ۽ ساڙي ڇڏيو (فنا ڪري ڇڏيو) ته پوءِ تون ٻي هر صورت کي ڀڃي ۽ ٽوڙي وجهندين.]

9

سو ساهَڙُ، سو سُنهَڻِي، سائِرُ پڻ سوئِي

آهي نِجوئِي، ڳُجَھ ڳُجھاندَرَ ڳالَهڙِي. [3237]

سمجهاڻي: ساهڙ پاڻ ئي سنهڻي به آهي ته ساگر (درياهه) به آهي. ساهڙ، سنهڻي ۽ درياهه سڀئي هڪ آهن. (ڪثرت آهي ئي ڪانه، سڀ وحدت آهي) ليڪن اصل ۾ اها وڏي راز يا رمز واري ڳالهه آهي.

[هن بيت ۾ ’توحيد وجودي‘ ڏانهن اشارو آهي، جنهن لاءِ مثنوي روميءَ جو هيٺيون شعر ڏسڻ گهرجي:

خود  همو  آبست   وهم   ساقي   و  مست

هرسه يک شد چون  طلسم  تو  شکست.

       (دفتر ٻيو، بيت- 716)

معنيٰ: اهو پاڻ پاڻي آهي. پاڻ پياريندڙ آهي ۽ پاڻ ئي مست  ٿيندڙ آهي. اهي ٽيئي تڏهن هڪ ٿي وڃن ٿا، جڏهن تنهنجي جسم جو طلسم ٽٽي ٿو پوي.]

10

جي تو بيتَ ڀانئِيا، سي آيَتُون آهِينِ

نِئو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي. [3238]

سمجهاڻي: هيءُ ڪلام، جنهن کي تون صرف بيت (عام شاعري) ڪري سمجهين ٿو، اهي دراصل آيتون (قرآن جي آيتن وانگر رهنمائي لاءِ) آهن. (انهن ۾ اهو تاثير آهي جو) اهي بيت دل کي (حقيقي) محبوب سان ملائن يا ڳنڍي ڇڏين ٿا.

11

جي قِيامَ مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سُپِرِين

تِهان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جِيُون. [3239]

سمجهاڻي: جيڪڏهن قيامت ۾ به منهنجا محبوب ملي وڃن ته جيڪر ويجها ڀانئيان. باقي وصل (حقيقي ميلاپ) اڃا اڳتي آهي. تنهن ڪري ان جون واڌايون پڻ پري آهن.

[مثنوي روميءَ ۾ هن شعر بابت هي دليل آهي:

زانکه   تاريخ  قيامت  راحد  است

حدکجا آنجا که وصف ايزد است.

            (دفتر پنجم، بيت -2190)

معنيٰ: ڇو ته  قيامت جي تاريخ مقرر آهي (جيتوڻيڪ معلوم ناهي). ائين (عشق) جي حد ڪٿان ملندي، جو اهو خدا جي هڪ وصف آهي.]

 

وائي

ڪِهَڙي مَنجِھ حِسابَ، هُئڻُ مُنهنجو هوتَ ري

گولِي ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونِهي سُولُ ثوابُ

نَڪِين تَقاوَتَ ۾، نَڪِين مَنجِھ رَبابَ

خُدِيان ئِي خُوبُ ٿِيين، لاهِيين جي لُعابَ

پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنبِئو مَنجِھ جُنابَ

هادِيءَ سِين هُنِ پارَ ڏي، رِڙهِي ساڻُ رِڪابَ

چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، ’آءٌ‘ جَهلِ عُقابَ

دِيدُ وِڃاءِ مَ دوستَ جو، هَلِي مَنجِھ حِجابَ

ڪَثرَتَ آهي قُربَ ۾، اِدغامين اِعرابَ

سو نه ڪَهِين شَيءَ ۾، جيڪِين مَنجِھ تُرابَ

هُوءِ جي جَهرَڪِئا جَرَ تي، سي تان سَڀَ حُبابَ

فَنا وِجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ

ڏي طَهُورا تَنِ کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ

مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ

هُئڻ مُنهنجو هوت ري، ڪِهڙي مَنجِھ حِسابَ. [3240]
 

سمجهاڻي: آءٌ  محبوب کان سواءِ ڪيئن جيئري رهي سگهان ٿي. يعني محبوب کان سواءِ منهنجو جيئڻ نٿو ٿي سگهي. (او سنهڻي) تون ٻانهي آهين ته گناهن کان پري ڀڄ، ليڪن (ظاهري) ثواب واري رسمي حال ۾ پڻ ڪو فائدو (سهڻائي) ڪونهي. (حق حقيقت)  نڪي ظاهري پرهيزگاريءَ ۾ آهي ۽ نڪي راڳ رنگ ۾ آهي. تون پاڻهين پاڻ سهڻو صاف ٿي پوين جيڪڏهن تون پنهنجي مٿان (ڪوريئڙي وانگر) تاڻيل پردو هٽائي ڇڏين. تون پليت هوندي به پاڪ ٿي پوين، بشرطيڪه  انهيءَ ناپاڪائيءَ واري حالت ۾ ڌڻيءَ در دل جي حضور سان مشغول ٿي وڃين. مرشد ۽ راهه ڏيکاريندڙ جو رڪاب مضبوط جهل ته هلي هن پار پهچندينءَ. ’آءٌ‘  يا ’پاڻپڻي‘ کي چور جهڙي ڳجهي  چنبي سان عقاب وانگر سوگهو جهل، (رسمي) حجاب ۾ رهي دوست جي ديدار کان محروم نه ٿيءُ (’آءٌ‘ ۽ ’هو‘ جي) قرب ۾ ڪثرت يعني  گهڻائي آهي پر اعرابن جي ادغام (’هو‘ سان هڪ ٿيڻ) واري حالت ۾ هيڪڙائي آهي. انسان کي جيڪي ڪجهه نياز نوڙت ۽ هيٺانهينءَ سان ملي ٿو، اهو ٻي ڪنهن پاڻيءَ جي سطح تي جيڪي ڪجهه چمڪندڙ نظر اچي ٿو اهي سڀ پاڻيءَ جا ڦوٽا آهن (انهن جي ڪا حقيقت ڪانهي). (اي انسان) پنهنجي وات (هر ڳالهه) کي فنا جو سبب بناءِ ۽ پاڻ کي ڪباب (پچڻ واسطي تيار ڪر). طهورا شراب (جنت ۾ ملڻ وارو مشروب) انهن کي ملندو، جيڪي انهيءَ جي طمع رکن ٿا.

        هن مُٺل عورت (سنهڻي) لاءِ مرض (عشق) ۾ سڀئي سوال جواب (سمجهائڻ ۽ جهل پل بابت) بي معنيٰ ٿي ويا. آخر ۾ چئي ڏنائين پرينءَ کان سواءِ منهنجو هِت گذارڻ يا جيئرو رهڻ ڪنهن به حساب يا ليکي ۾ صحيح ناهي.

[هن وائيءَ جي ڪيترين ئي مصرعن ۾ روميءَ جو فڪر سمايل آهي، ليڪن هتي هڪ ٻن مصرعن تي اڪتفا ڪجي ٿي. ’تراب‘ جو اشارو انسان ڏانهن آهي. رومي هن باري ۾ چوي ٿو:

چون خلقنا کم نشيدي من تراب،

خاک  باشي   جُست   از  رومتاب.

                (دفتر سوم، ب- 454)

معنيٰ: جڏهن تو اهو ٻڌي ڇڏيو ’اسان توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو‘ (قرآن) ته پوءِ توکي مٽي يا خاڪ ٿيڻ گهرجي. ان کان منهن نه موڙ.

ٻي مصرع ۾ آندل لفظ ’لعاب‘ ڏانهن هن ريت اشارو آهي. اهو لفظ انهيءَ ساڳئي مفهوم ۾ روميءَ هڪ شعر ۾ هيئن ڪم آندو آهي.

از لعاب خويش پرده نور کرد،

ديدهء ادراک خود را کور کرد.

(دفتر چهارم، 463)

معنيٰ: ڪوريئڙو پنهنجي وات مان پاڻيٺ ڪڍي روشنيءَ کان لڪڻ خاطر ڄار ٺاهي ٿو، پر ان ريت هو ڄڻ پاڻ کي ڏسڻ کان انڌو ڪري ٿو.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org