سُر ڪوهياري
داستان
پهريون
1
لَيلَ نه جاڳِينءَ لِکَ سِين، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ
قُم ٿِي پَهُچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نه جُڳاءِ
مُٺي مِزمانن سِين ويهي راتِ وِهاءِ
جيلاهَ نِنڊَر نِئَاءِ، تي روزُ روئِين ٿِي راهَ
۾. [1593]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تو رات جو هڪ پل به پنهنجي پنهونءَ لاءِ
اوجاڳو نه ڪيو، بلڪه سموري رات ننڊ (غفلت) ۾ گذاري
ڇڏي. ’اُٿ‘ ۽ هلي پنهونءَ کي ويجهو ٿيءُ، توکي هڪ
پل به ويهڻ (آرام) نٿو سونهي. اي اڀاڳي، توکي سڄي
رات جاڳي مهمانن سان ويهڻ گهربو هو، تون پاڻ ننڊون
پيئي ڪرين، تڏهن سدائين واٽ تي ئي ويٺي روئين.
[عربي ٻوليءَ جا ڪي خاص الفاظ چونڊي شاعريءَ ۾ آڻڻ
واري اها روايت مثنوي روميءَ ۾ پڻ ملي ٿي، جيئن
اهو ساڳيو لفظ ’قم‘ بلڪل ساڳئي انداز ۾ هن ريت
استعمال ٿيل آهي
اين همي گويد که آن ضالست وگم،
بي خبر از حال او و از امر ’قم‘.
(دفتر سوم، ب- 1503)
معنيٰ: هو ٻئي لاءِ چوي ٿو ته هو گمراهه ۽ ڀٽڪيل
آهي، اصل ۾ هو ان جي حال کان بيخبر آهي ۽ ’قم اُٿ‘
جي حڪم کان به غير واقف آهي].
2
لَيلَ نه جاڳِينءَ لِکَ سِين، نَومَ سُتِينءَ سَڀِ
راتِ
اوڳِي اوٺِيڙَنِ جا پَہَ پُڇِين پِرڀاتِ
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ ساٿِ، ته ڀورِي ڪِنہِ ڀالَ
مِڙِين. [1594]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تو سڄيءَ رات منجهان هڪ گهڙي به پنهنجي
سڄڻ پنهونءَ خاطر جاڳي نه گذاري، بلڪه ساري رات
سمهي گذاري ڇڏيئي. اي نادان، هاڻي صبح جو سويل
اُنهن اوٺين جي باري ۾ ڪهڙي پڇا ٿي ڪرين. تون وري
به اُنهن قافلي وارن سان گڏجي وڃ ته ڪنهن ڀاڳ واري
جي ڀلائي سان وڃي اُنهن سان ملين.
3
لَيلَ نه جاڳِينءَ لِکَ سِين، سُتينءَ راتِ سَڄِي
هِتان هوتاڻِينِ جِيُون وِيُون خُرزِينُون کَڄِي
ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪِنہِ ساٿِ مِڙِين.
[1595]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تو رات جو ٿورو وقت به پنهنجي پنهونءَ
جي يادگيري ۾ اوجاڳو نه ڪيو ۽ سڄي رات سمهي آرام ۾
گذاري ڇڏي. هوڏانهن قافلي وارن پنهنجو سامان اُٺن
تي ٺاهي ٻڌي رکيو ۽ نڪري ويا. اي نادان، (هاڻي به)
تون تکو تڪڙو هل شال ڪنهن حيلي بهاني سان وڃي کين
پهچي پوين.
4
اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَواري توڏَنِ
نَومُ نَوازي اُنِ جي مَرحَبَا موڏَنِ
رِڙهِي پَسُ روڏَنِ، ’اَليَومُ سِيرُوا‘ سَسُئي.
[1596]
سمجهاڻي:
(پنهونءَ جا
ڀائر) رات جو ويهي آرام ڪري، اُٺن کي تازو توانو
ڪري اٿيا. (انهن کي هڪ ته) ان (سسئيءَ) جي ننڊ
(ڪاهلي) پيئي نوازي (ڪامياب ڪري)، ٻي اُٺن کي بار
بار جي شاباس جيڪي تکا تيز هليا. (اي سسئي) پنهنجي
آهستي رفتار سان پڻ پنڌ ڪري، اُٺن کي پس، اڄ ئي
رواني ٿي اڳتي جو سفر ڪر(ن-ب) (جو هو اڃان ايترو
پري نه ويا هوندا).
5
غافِلِ غَفَلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِئن اَڻاسِي
اوجهَرِين
هُوءِ چُپاتا چَڙهي وِئا، وڃي پَهُتا توڙِ
نيڻين نِنڊَر اُکوڙِ، جِمَ وَڻَن ۾ واڪا ڪَرِين.
[1597]
سمجهاڻي:
اي سست ۽ ڪاهل! سستي ۽ آرس ڇڏ، تون بي شرم بنجي
ننڊ ۾ ويٺي جهوٽا کائين. هو قافلي وارا خاموشيءَ
سان اُٺن تي سوار ٿي وڃي منزل تي پهتا. (اڃان به
وقت آهي جو) يڪدم سجاڳ ٿي نه ته گهڻو پوئتي رهجي
وڃڻ ڪري جهنگل ۾ پيئي رلندينءَ ۽ رڙيون ڪندينءَ!.
6
نِنڊَر ويرياڻِي هوءِ، جيڏيُون جِمَ سُمَهو
مَڇُڻِ مُون جِئن روءِ، ڪا واڪا ڪِئو ويڙِ ۾.
[1598]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اي سرتيون، ننڊ دشمن آهي، تنهن ڪري
متان (ان تي اعتبار ڪري) سمهو، ورنه توهين پڻ مون
وانگر برپٽ بيابان ۾ وڏا واڪا ڪري پيون
روئينديون.
7
سَنجهي رَهيين سُمَهِي، غافلَ مَنجههِ ڳَهَرنِ
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي، ڪَرڳَلُ ڪِيوءِ نه ڪَنِ
سي ڪِئن مُحِبِ مِڙَنِ، جي سَنجهيئِي سُتِيُون.
[1599]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تون سوير سج لهڻ سان سمهي پئين ۽ گهري
ننڊ ۾ بي خبر ٿي پئجي رهينءَ. عبداللطيف چوي ٿو ته
تو اُٺن جو رڙڻ ۽ هُل به نه ٻُڌو. ڀلا، اهي محبوب
سان ڪيئن ملنديون جيڪي سويل سج لهڻ سان سمهي پون.
8
آلوڙِئو اَکِين، آيَمِ نِنڊَر اَڀاڳَ کي
هاڻي هِنَ بَنڀورَ ۾، گهاريان ڪارَڻِ ڪَنِ
اَدِيُون اوٺِئَڙن، هنِيين سِين هاڃو ڪِئو. [1600]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) منهنجي اکين ۾ ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳا
۽ مون کي نڀاڳ واري ننڊ کڻي ويئي. (پنهونءَ جي وڃڻ
کان پوءِ) هاڻي هن ڀنڀور جي شهر ۾ آءٌ ڪنهن جي
لاءِ ويهان (ڪنهن جو انتظار ڪريان). اي اديون، هنن
اُٺن وارن منهنجي دل سان وڏو قهر ۽ ظلم ڪيو.
9
جَڏهِن سُتِيُون جي، پَٿَرِ پيرَ ڊگها ڪَري
تَڏهِن تَنِي کي، ساٿَ سُتيئِي ڇَڏِئو.
[1601]
سمجهاڻي:
جيڪي پٿراڻي يا هنڌ تي بي فڪر ٿي سمهي پيون (غفلت
جي ننڊ ڪيائون) تن کي ساٿ (قافلي) وارن ننڊ ۾ سُتل
ئي ڇڏي ڏنو (۽ هو پاڻ روانا ٿي ويا).
10
اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِين، جِئن سُتِينءَ پيرَ ڊِگها
ڪَري
ننڊِران نِماڻينِ کي اوڀالا اَچَنِ
ليٽِيين ڪِيئَن لَطِيفُ چَئي هارِي رِي هوتَنِ
سي ڪِيئَن پُنهُون پَسَنِ، جن کي نِيرُ نِنڊَر جو.
[1602]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ کي نصيحت) اها بدبخت ۽ ندورين عورتن جي
عادت آهي جو آرام سان سمهي ننڊون ڪن، انهيءَ ننڊ
جي ڪري ئي کين هميشه ملامت ۽ طعنا ملن ٿا.
عبداللطيف چوي ٿو، اي نڀاڳي! تون هوت پنهونءَ کان
سواءِ آرام خاطر ڇو ليٽي پيئين، اُهي ڪيئن هوت
پنهل سان ملي سگهنديون جيڪي ننڊ ۾ جڪڙيل آهن.
11
وَڏي جاڙَ ڪِيَاءِ، جِئَن سُتِينءَ پيرَ ڊِگها
ڪَري
دَرِ ڀَر اُڀِيين دوستَ جي ته سُر ٻُرِ هُوندَ
سُياءِ
اَصُلِ آرِيءَ ڄامَ جي سَڳِي تون نه سِياءَ
پُنهونءَ سِين پِيياءِ، تون نِڀاڳِي نِنڊُرون
ڪَرِين.
[1603]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تو وڏي بيوقوفي ڪئي جو آرام خاطر سمهي
پيئين. جيڪڏهن تون فقط دوست جي دروازي وٽ ويجهي
هجين ها ته توکي هُنن جي وڃڻ جي خبرچار پئجي وڃي
ها، يا اهڙي قسم جو ڀُڻڪو ٻڌي سگهين ها. (توکي خبر
آهي ته) تون آري سردار جي ويجهن عزيزن يا سڳي
مائٽيءَ ۾ ناهين، پر تنهنجو ناتو رشتو هن (وڏيءَ
ذات) سان ٿيو آهي، ان صورت ۾ تون ڪيئن پيئي نڀاڳ
جون ننڊون ڪرين!.
12
سُتِيَسِ ڪِنہ سَڀَاڳَ کي ڀينَرُ ڏيئي ڀَرُ
جَتَنِ جَڏَارِي ڪي جو وَٺِي وِئَڙَمِ وَرُ
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَڇُڻِ روهَ رَتِيُون
ٿِئين. [1604]
سمجهاڻي:
اي جيڏيون، آءٌ ڪنهن بدبختيءَ جي ڪري بي خوف ٿي
سمهي پيس، ويتر جڏهن منهنجا ڏير هوت پنهونءَ کي
وٺي ويا، تڏهن مون کي بنهه بيمار ۽ بيوس ڪري
ڇڏيائون. پر اي جبل، تون مون کان ٽري پاسو ڪر،
منهنجي آڏو نه اچ، متان تون (منهنجي اڏول ارادي
سبب) ذرا پرزا ٿي وڃين! (مون کي مقصد کان روڪي نه
سگهين ۽ شڪست کائي وڃين).
[مثنوي روميءَ ۾ اڪثر وڻن ٽڻن ۽ جبلن پهاڙن سان
خطاب جو انداز ملي ٿو ڇو ته روميءَ جي نظر ۾ انهن
کي پنهنجا حواس آهن. هن مطلب وارو هڪ هنڌ هيءُ شعر
ملي ٿو.
گوشت پاره آدمي از زور جان،
مي شگافد کوه را با بحر و کان.
(دفتر اول، ب-1477)
معنيٰ: انسان جيڪو گوشت جو ٽڪرو آهي پر پنهنجي
اندر جي زور سان پهاڙن توڙي سمنڊن ۽ کاڻين کي به
ڏاري وجهي ٿو.
هڪ ٻئي شعر ۾ سڌو سنئون چوي ٿو.
عشق جوشد بحر را مانند ديگ،
عشق سايد کوه را مانند ريگ.
معنيٰ: عشق سمنڊ کي ديڳ وانگر گرم ڪري ڇڏي ٿو، ۽
پهاڙ کي ريتي ۽ واري وانگر پيهين ڇڏي ٿو].
13
سُتِينءَ سَوارِي، مُنہُ ويڙهي مُئَنِ جِيئَن
ڏِٺَئِي نه ڏيرَنِ جا چؤڌارِي چارِي
مارِيندَئِي مارِي، پِرِهِ سُورَ پِرينءَ جا.
[1605]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تون سويل ئي مئل ماڻهن وانگر منهن کي
ڪپڙي سان ڍڪي سمهي پئين. تو (اهڙي غفلت سبب)
پنهنجي چوگرد پنهونءَ جي ڀائرن جا بيهاريل جاسوس
(پهريدار) به نه ڏٺا. او مت جي ماريل، هاڻي توکي
صبح جو سويل اٿڻ مهل (جڏهن هو وڃي چڪا هوندا) دوست
جي جدائيءَ جا اهي صدما ۽ سور ماري پورو ڪري
ڇڏيندا.
14
مُنہُ ويڙهي مُئَنِ جِئَن سُتِينءَ سَنجهيئي
اوجاڳو اکِينِ کي ڄانتوءِ نه ڏيئِي
هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِينِ کي ڪَرِين.
[1606]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تون سج لهڻ مهل ئي مئلن جيان منهن کي
ويڙهي سيڙهي ننڊ پئجي وئين، تو پاڻ کي اوجاڳي جي
تڪليف نه ڏني، اکين کي ان لاءِ نه هيرايئي. (ڇا
اها سڄي غلطي تنهنجي ناهي؟) توکان اها وڏي ڀُل ۽
بيوقوفي ٿي آهي، پر تون اٽلو هنن قافلي وارن ڪيچين
کي پيئي ڏوهه ڏين؟
15
توکي ڳَهَرَ ڳَرو ڪِئو، هُوءِ ٿا هوتَ هَلَنِ
ڳوڙها سِرِ ڳَلنِ، جِمَ وِهاڻِيءَ وَهائِيين.
[1607]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) توکان ننڊ جا کيپ خمار ئي نٿا لهن (توکي
ڪا سُرت ناهي)، هوڏانهن هوت بلوچن جو قافلو تيار
ٿي هلڻ وارو آهي. (جيڪڏهن تنهنجو اهو حال آهي ته)
تون رات جي پوئين پهر يا پرڀات جو لڙڪ وهائيندي
رهجي ويندينءَ. (تنهنجي نصيب ۾ روئڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ
لکجي ويو آهي).
16
ڪِيُئِي نه ڪَمِيڻينِ جِئن اوجاڳو اَڄاڻَ
اَسارِي، اِهَڙيءَ پَرِ پيَئِي ڪيچينِ سِين ڪاڻَ
ٻانهِي چايو پاڻَ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون
سُمَهِين.
[1608]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) اي نادان، توکان اوباش عورتن جيترو به
اوجاڳو نه ٿيو. اي غافل، تو انهيءَ ڪُڌي ۽ ڪِريل
روش جي ڪري ڪيچين وٽ پاڻ کي ڪيرائي وڌو آهي (ذليل
ڪري ڇڏيو). تون پاڻ کي ٻانهي ۽ گولي ٿي چورائين،
پر سڄي سڄي رات سمهڻ (غفلت) ۾ گذاري ٿي ڇڏين!
17
جيڏيُون جي مان وِسَهو ته نِنڊَر مَ هيريو نيڻَ
اَصُل اَسارنِ جا سُتي وَهيا سيڻَ
وِهاڻِيءَ جا ويڻَ، ٿِيُون لُوٺِيون سَهَنِ لوڪَ
۾.
[1609]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اي سرتيون، جيڪڏهن مون تي اعتبار
ڪريو (مون کي صحيح سمجهو) ته پاڻ کي ننڊ جي عادت
هرگز نه وجهو. جيڪي بي خبر ٿيون رهن، تن جا سڄڻ
کين ننڊ ۾ ئي ڇڏي وڃن ٿا. اُهي بي لڄيون پوءِ خوار
ٿي صبح جا طعنا مهڻا ويهي پاڻ ٻُڌن ٿيون ۽ برداشت
ڪن ٿيون.
وائي
مُنهنجِي شَهَر بَنڀورَ ۾، گِلا ڪا مَ ڪَري
لِکيو تان نه ٽَري، ٻَڙِي جيڏِيُون
گِلا ڪا مَ ڪَري!
جو سِينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناه ڳَري
جِهڙي تِهَڙي حالَ سِين، وَڃان پيرَ ڀَري
جِنہِ وَڻِ ويهِي هَلئِا سَڄَڻَ سانگُ ڪَري
لامُون تِنہِ وَڻَ سَندِيُون لوڏي لايان ڳَري
قَضا جا ڪَرِيمَ جي ڪِنہِ کان ڪِينَ ٽَري
جيڪِين لِکئو لوحَ ۾، پارِيان سو پَري. [1610]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اڙي جيڏيون، او سرتيون، ڀنڀور جي
شهر ۾ منهنجي ڪا برائي نه ڪري (مون کي ڏوهه نه
ڏيو، مهڻا ۽ طعنا نه هڻو). اهو سڀ منهنجي لکيي ۽
نصيب ۾ هو ۽ جيڪو لکيل هوندو آهي، اهو ٽري نه
سگهندو آهي. (آءٌ ڇا ڪريان) منهنجي سرتين کي جيڪو
سونهي ٿو (اُهي گهرن ۽ ورن واريون آهن) سو منهنجي
ڀاڱي ۾ ڪونهي. مان ڪيئن به هجان (ڪيڏي به اڀاڳي ڇو
نه هجان)، پر هر حال ۾ محبوب ڏانهن وينديس. منهنجا
سڄڻ سفر ۾ جنهن وڻ هيٺ آرام ڪري وري اٿي هليا، آءٌ
ان وڻ جي هر ٽاريءَ کي (آسيس خاطر) ڳچيءَ ڳل
لائينديس (چُمنديس). بيشڪ قادر جي مقرر قضا ڪنهن
تان به ڪانه ٿي ٽري ۽ جيڪي لوح قلم ۾ لکيل آهي،
اهو ضرور پورو ٿيڻو آهي.
داستان ٻئو
1
ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايُون ڪَرِين
مُون تَنِ اَندرِ تِيئنَ وَهي، جِئَن وَڻُ وَڍي
واڍو
اِيءُ ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نا ته پَٿَرِ ڪيرِ پَنڌُ
ڪَري. [1611]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اي جبل، تون زورآور ۽ سنگدل آهين،
تون مون سان سختيون ۽ ستم پيو ڪرين. منهنجي اندر ۾
اهڙيءَ طرح وڍ ۽ چير پيا پون، جيئن واڍو وڻ کي
(ڪرٽ سان) وڍيندو ۽ ڪٽيندو آهي. اهو سڀ تقدير جو
اڻ ٽر لکيو آهي، جو مون کي جبل ۽ پهاڙ جا پنڌ ڪرڻا
پيا آهن.
[مولانا روميءَ جو نظريو آهي ته نباتات توڻي
جمادات کي پنهنجا حواس آهن، ۽ ان باري ۾ فقط اهل
دل باخبر آهن. هن ۽ هيٺ ايندڙ ٻين بيتن کي انهي پس
منظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
نطق آب و نطق خاک و نطق گل،
هست محسوس حواس اهل دل.
(دفتر اول، ب- 3279)
معنيٰ: پاڻي، مٽي ۽ آلي مٽيءَ جي ڳالهه ٻولهه کي
اهل دل ٻڌن ۽ سمجهن ٿا].
2
ڏُونگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گڏِجان ته چَوان
ڀِنيءَ ٿِئين ڀَنوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ
سَنداءِ
چَڱِي ڪانه ڪِياءِ، پيرُ وِڃائِي پِرِينءَ جو.
[1612]
سمجهاڻي:
اي جبل، (ڏونگر کي ڏوراپو) مان جڏهن هاڻي پنهنجي
پرينءَ سان ملنديس ته ضرور تنهنجيون ڏنل تڪليفون
کيس بيان ڪري ٻڌائينديس. تون رات جي پوئين پهر
(مڪمل ماٺ ۽ سنسان هجڻ سبب) ڏاڍو خوفائتو ٿي ويندو
آهين ۽ ٻيو تنهنجا خطرناڪ ور وڪڙ سخت منجهائيندڙ
آهن. اي جبل، (مٿان وري) تو منهنجي پرينءَ جي پيرن
جا (رَهيل کُهيل) نشان مٽائي گم ڪري مون سان چڱائي
نه ڪئي (بلڪه منهنجي تڪليفن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو).
3
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِين جو، ڪافَ نه ڏِيين ڪو
قَطارئا ڪالَهه وِئا ڪي توڏا وَٽان تو
هوتُ مُئِيءَ جو هو، ڪو ساجَنُ اُنَهِين ساٿَ ۾.
[1613]
سمجهاڻي:
اي ڏونگر، اي جبل، تون منهنجي سڄڻ جو ڪو پار پتو
ئي نٿو ڏين، ڪا خبر ئي نٿو ٻڌائين ته تو وٽان ڪي
(اُٺن جي قطار سان) قافلي وارا گذري ويا. توکي خبر
آهي (تون ڇو ڪونه ٿو ٻڌائين؟) ته منهنجو سپرين
انهيءَ قافلي ۾ هو يا ڪونه؟
[رومي مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ پهاڙن ۽ جبلن لاءِ هينئن
کولي چوي ٿو:
ما سميعيم و بصيريم و خوشيم،
با شما نا محرمان ما خامشيم.
(دفتر سوم، ب- 1019)
معنيٰ: اسان ٻڌون ٿا، ڏسون ٿا ۽ خوش ٿيون ٿا. ليڪن
توهان ڌارين ۽ اڻ واقفن لاءِ خاموش ۽ ماٺ ۾ آهيو.]
4
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِينِ جو، ڪافَ نه ڏئين ڪَلَ
قَطارِئا ڪالَهه وِئا ڪي توڏا توهِين جَهلَ
سُڻِي هوتُ هَڪَلَ، مانَ ٻُڌِي ٻاروچَلُ وَري.
[1614]
سمجهاڻي:
اي ڏونگر، اي پهاڙ، تون منهنجي سڄڻ جي ڪا خبرچار
ئي نٿو ٻڌائين. ڇا ڪالهه تنهنجي ئي ڀرسان (بلڪه تو
وٽان) اُٺن جي قطار وارو ڪو قافلو ڪونه لنگهي ويو؟
(توکي منهنجو ڪو خيال نه آيو!) شل، منهنجي ڪا رڙ ۽
دانهن ڪوڪ ٻڌي منهنجو ٻاروچو سڄڻ موٽي پوي!
5
ڏُونگَرَ ڏوراپو، پِهرِين چُندِيَسِ پِرينءَ کي
پَهَڻَنِ پيرَ پِٿُون ڪِئا، تَرِيُون ڇِنِيُون تو
رَحَمُ نه پِيُوئِي رُوحَ ۾ قَدَرُ مُنهنجو ڪو
واڪو ڪَندِيَسِ وو، مُون سِين جَبَلُ ٿو جاڙُون
ڪَري.
[1615]
سمجهاڻي:
اي پهاڙ، سڀ کان پهرين مان پنهنجي پياري پنهونءَ
سان تنهنجي اها شڪايت ۽ دانهن ڪنديس ته پٿرن
منهنجا پير ڦٽي ڇڏيا ۽ منهنجي هٿن جون تريون تو
زخمي ڪيون. (مان کيس اهو به ٻڌائينديس ته) توکي
پنهنجي اندر ۾ مون تي ذرو به رحم نه آيو ۽ منهنجو
ٿورڙو به خيال نه ڪيئه. مان دانهون ڪري کيس چونديس
ته جبل مون سان گهڻيون جٺيون ۽ ڏاڍا ستم ڪيا بلڪه
ويل وهائي ڇڏيا.
6
ڏُونگَرَ مُون نه ڏُکوءِ، اَڳَ ڏُکوئِي آهِيَان
تيلاهِين تَنگُون ڪَرِين جيلاهِين آءٌ جوءِ
سارِيان ڪونه سُکوءِ، سُورَ گَهڻيئِي سَنڀَران.
[1616]
سمجهاڻي:
اي پهاڙ، مون کي وڌيڪ رنج ۽ تڪليف نه ڏي. آءٌ اڳي
ئي تڪليفن ۾ آهيان ۽ ڏاڍي ڏکويل آهيان. (مان
سمجهان ٿي) تون مون کي ضعيف عورت سمجهي پاڻ گهڻيون
سختيون پيو ڪرين. آءٌ تنهنجو ڪو سک ۽ آرام نٿي
سنڀران، ڇو ته تو مون کي رڳو سور ئي سور ۽ ڏک ئي
ڏک ڏنا آهن.
7
ڏُونگَرَ ڏُکويَنِ کي دِلاسا ڏِجَنِ
گهڻو پُڇجي تَنِ کي جَنِ وَٽان هوتَ وَڃنِ
تُون ڪِيئن سَندا تَنِ، پاهَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[1617]
سمجهاڻي:
اي پهاڙ، جيڪي ڏکويل آهن، تن کي تسلي ۽ دلاسا ڏجن
تن سان همدردي ۽ غمخواري ڪجي ۽ انهن جو گهڻو خيال
رکجي (خاص طور) جن وٽان سندن سڄڻ هليا ويا هجن. اي
پهڻئو، اي پٿرئو، توهان اهڙن ڏکويلن ۽ مصيبت جي
ماريلن جا پير ڇو ٿا زخمي ۽ رتورت ڪريو؟ (وڌيڪ
تڪليف ڇو ٿا ڏيو).
8
ڏُونگَرَ ڏُکَ پَئي، ڪِئَمِ توسِين ڳالَهڙِي
پاڻان آءٌ مُئِي، سُورُ سُڻائي پِرينءَ جو. [1618]
سمجهاڻي:
اي ٽَڪر، مون ڏک وچان بلڪ ڏک ۾ ڀرجي ويهي توسان
پنهنجو دلي حال اوريو (ته من تون مون سان همدردي
ڪرين ۽ منهنجا غم غلط ٿين) پر (ائين نه ٿيو جو
توکي مون تي ڪو قياس نه آيو) آءٌ پاڻ ويتر مصيبت ۾
پئجي ويس جو توکي پنهنجي سپرينءَ وارا ڏک سور ويهي
ٻڌايم (ڇو ته ان سان زخم وڌيڪ تازا ٿي ويا).
9
ڏُونگَرَ مُون سِين رو، ڪَڍِي پارَ پُنهونءَ جا
سَڄَڻُ هُئوم هيڪَڙو، وِئو ڦوڙائي سو
”جَف القَلَمُ بِمَاهُوَ کائِنُ“، وَهِي قَلَمُ
وِئو
ڪِنہِ کي ڏِيان ڏوه، مُون سِين ايرادي اِيئن ڪِئو.
[1619]
سمجهاڻي:
اي ڏونگر، تون مون سان گڏ ويهي رؤُ ۽ اوڇنگارون
ڏيئي منهنجي پنهل جون سهڻيون وصفون بيان ڪر.
منهنجو هڪڙو ئي ساجن هو سو مون کان جدا ٿي ويو.
’قلم خشڪ ٿي ويو، جيئن ٿيڻو هو‘ موجب ائين ئي لکيل
هو. (ان صورت ۾) مان ڪنهن کي ڏوهه ڏيان؟ بس، مون
سان تقدير ۾ ائين هو يا ڌڻيءَ جي مرضي ائين هئي.
[مثنوي روميءَ ۾ ’ جف القلم بما هو کائن‘ ڪيترا
ڀيرا آيل آهي، هڪ هنڌ چوي ٿو.
من همي گويم: برو، جف القلم،
زآن قلم بس سرنگون گردد علم.
(دفتر اول، ب-3851)
معنيٰ: مان چوان ٿو وڃ ’قلم خشڪ ٿي چڪو‘، انهيءَ
قلم سان ڪيترا قسمت جا جهنڊا لهي چڪا آهن.]
اڳتي چوي ٿو تون هن ذات جي هٿ ۾ هڪ اوزار آهين
جنهن جي هلائڻ وارو هو پاڻ آهي].
10
ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو سِين اورَڻَ آئِيُون
جي اَچَنِ ڦوڙايُون، ڏِجَنِ دِلاسا تَنِ کي.
[1620]
سمجهاڻي:
اي ڏونگر، ڏکن جون ماريل ۽ ستايل توکي پنهنجو
احوال ٻُڌائڻ آيون آهن. اُهي جيڪي فراق واريءَ حال
۾ تو وٽ اچن ٿيون، تن سان غمگساري ڪجي ۽ دلاسا ڏيڻ
گهرجن.
11
ڏُونگَرَ ڏُکويَنِ کي ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙا
گهوڙا ڙي گهوڙا، وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو. [1621]
سمجهاڻي:
اي پهاڙ (تون ڏس) هِنن ڏکن جي ستايل عورتن جا لڙڪ
خشڪ ٿيڻ وارا نه آهن، سندن ڳلن تان ڳوڙها وهڻ کان
بس ئي ڪونه ٿا ڪن. هاءِ افسوس، اهڙو ظلم ۽ ناحق جو
انهن کي قافلي وارا جَت پاڻ وڌيڪ لاچار ۽ اپاهج
ڪري ڇڏي پيا وڃن.
12
ڏُونگَرَ ڏينهاڻِي، پاڻُ مَٿانءِ ئي گهورِيَان
تو ۾ رِهاڻِينِ، سَدا ٻاروچَنِ جِيُون. [1622]
سمجهاڻي:
اي ٽَڪر، آءٌ پاڻ کي تو مٿان هر روز پيئي قربان
ڪريان، (تون مون کي ان ڪري ايڏو پيارو آهين جو) تو
۾ هر وقت هوت ٻروچن جون ڪچهريون ۽ رهاڻيون لڳيون
پيون آهن (مون کي هنن جي خوشبوءِ پيئي اچي).
13
ڪي جي ڪَڍيا پارَ، ڏُکيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾
سُڻِي سا تَوارَ، مِرُو پِئا مامَري. [1623]
سمجهاڻي:
غمزده سسئي ۽ ڏونگر (جيڪو سسئيءَ جا ڏک ڏسي ڏکويل
ٿي ويو) پاڻ ۾ گڏجي ايتريون دانهون ڪري رنا ۽
ورلاپ ڪيائون، جو سندن اُهي دانهون ۽ آلاپ ٻڌي
جهنگ جا جانور به ڏکارا ۽ غمگين ٿي روئڻ ۾ شامل ٿي
ويا.
14
ڏُکِي ڏُونگرُ پاڻَ ۾، ٻَئي ويٺا رُونِ
ڪِنہَ کي ڪِينَ چُونِ، مَنجهِنِ جو مَچُ ٻَري.
[1624]
سمجهاڻي:
سورن جي ستايل سسئيءَ ۽ ڏکويل ڏونگر پاڻ ۾ (ڳراٽڙي
پائي) ويٺا روئن ۽ روڄ راڙو ڪن. سندن اندر ۾ جيڪو
مچ پيو ٻري تنهن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه به نه پيا
ٻُڌائين.
15
سَڄَڻَ ميخُون ڏونگَرِين، ڏُونگَرَ ڀُونيين ڪِيرَ
اِهَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهندِينءَ ڪي ٻِيا.
[1625]
سمجهاڻي:
منهنجا سپرين جبلن ۽ پهاڙن جون ميخون آهن ۽ اُهي
جبل وري هن ڌرتيءَ لاءِ ڪِير ۽ ڪِلا آهن (قرآن
شريف جي هڪ آيت ڏانهن اشارو). اي سسئي، اهڙا والي
۽ وير (سگهارا) سڄڻ توکي ٻيا ڪٿي ملندا يا لڀندا
(تنهن ڪري تون اُنهن سان پنهنجو ناتو هر صورت قائم
رک).
وائي
آهيان جَنِ سَندِي،
مُون کي تان سي نه ڇَڏِيندا هوتا
پَهائِيندِيَسِ پُنهونءَ کي، آئُون ڳِچِيءَ پائي
گَندِي
ويٺِي آهيان واٽَ تي، آهيان آسَرَوَندِي
پِرينءَ پُڄاڻا هِتِهِين، رَتِي تان نه رَهَندِي
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پِرينءَ مِلَندِي.
[1626]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي آس) مان جن جي آهيان، سي مون کي ڪونه
ڇڏيندا. (مون کي اها ئي اميد آهي) آءٌ ڪنڌ ۾ ڪپڙو
وجهي (منٿ ميڙ ڪري) پنهنجي پنهونءَ کي پرچائينديس.
مان انهيءَ لاءِ واٽ تي ويٺي انتظار ڪريان ۽ آسرو
نٿي لاهيان. مان پنهنجي پنهل کان پوءِ هڪ پَل به
هتي ڪونه رهنديس. قادر ڪريم جي مهربانيءَ سان ضرور
محبوب سان وڃي ملنديس.
داستان ٽئو
1
سُتي پُونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا
پُنهونءَ جي پيڪانَ جِيُون راسِيُون مَنجهان رُڪَ
هَنيَمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوڏيان لوهُ نه نِڪَري.
[1627]
سمجهاڻي:
اي امڙ، مون کي ننڊ ۾ به هوت ٻاروچي جا ڊپ کان ڇرڪ
پيا اچن. (اوچتو جاڳي ٿي ويهان) هُن (جي پنبڻين)
جا تير ۽ انهن جون فولادي چهنبون اڻ گُس آهن. مون
کي هوت پنهونءَ اهڙو ڀالو هنيو آهي جو لُڇڻ ڦٿڪڻ
سان به هيڏي هوڏي چُري ئي نٿو (اهو لوهه جي ڪِير
وانگر مضبوط لڳل آهي).
2
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان اُٺُ ناه
وِهاڻِيءَ ٿِي ووڙِيَان، ڪيچِي وِئَڙا ڪانہِ
جي مُٺِيءَ مَنَ مانہِ، سي اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾.
[1628]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مان سمهي پيس ته قافلي وارا هليا
ويا، وري جڏهن جاڳيس ته ڪو اُٺ سواريءَ لاءِ ڪونه
هو. هاڻي رات جي پوئين پهر اُٿي مان کين ڳوليان
پيئي ته هو ڪيڏانهن هليا ويا. (منهنجي نااهليءَ
جو) جيڪي سڄڻ هر وقت منهنجيءَ دل ۾ هئا، سي مون
وٽان وڃي چڪا هئا.
3
ڪُوڪِئو پُڇي ڪوهُ، هَئي هَئي ڪِئو هَٿَڙا هَڻي
سا ڏُکائِي نه ڏِئي مَٿي ڏيرَنِ ڏوهُ
رائو روئِي روهُ، مُنڌَ ڳوڙهنِ سين ڳَچُ ڪِئو.
[1629]
سمجهاڻي:
سسئي ڪوڪارون ڪريو پيئي پهاڙ ۾ پڇائون ڪري ۽ هاءِ
هاءِ ڪريو پيئي منهن مٿو پِٽي. اهڙي ڏکويل حالت ۾
به هوءَ پنهونءَ جي ڀائرن تي ڏوهه نه پيئي ڏئي
(هُنن کي پنهونءَ جي جدائيءَ لاءِ ذميوار نه پيئي
سمجهي) پر سسئي روئي روئي (ايتري رُني جو) جبل ۽
رائي ريتيءَ کي پنهنجن ڳوڙهن سان پُسائي آلو ڪري
ڇڏيائين.
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ ساڳئي قسم جي تشبيهه ملي ٿي،
جڏهن بخارا ڏانهن ويندڙ عاشق پنهنجو حال هن ريت
بيان ڪري ٿو:
هر کجا يابي تو خون بر خاکها،
پي بري باشد يقين از چشم ما.
(دفتر سوم، ب-4703)
معنيٰ: رستي تي جتي به رت هاريل ڏسين، سمجهي ڇڏ ته
اُهي اسان جي اکين جا ڳوڙها آهن
هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو.
شب همي جوشم در آتش همچو ديگ،
روز تا شب خون خورم مانند ريگ.
(دفتر سوم، ب- 3893)
معنيٰ: مان سڄي رات باهه تي رکيل ديڳ وانگر ڪڙهان
ٿو ۽ صبح کان رات تائين ريتي وانگر پنهنجو خون
پسينو پيئان ٿو].
4
ڇَپَر پيرَ ڇِنَامِ، آءٌ ڪَنہِ پَرِ هَلان ڪيچَ ڏي
ڏيرَنِ ڏُکَ ڏِنامِ، ڪِينَ ڏُکويَسِ ڏُونگرين.
[1630]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) منهنجا پير پهاڙ جي پٿرن زخمي ڪري
ڇڏيا (پير ڦاٽي پيا ۽ آءٌ هلڻ کان لاچار ٿي پيس)،
هاڻي آءٌ ڪيچ جو پنڌ ڪيئن ڪنديس. مون کي ٻنهي هڪ
پنهونءَ جي ڀائرن اَهنج ڏنا ۽ ٻيو مون کي اُنهن
جبلن گهڻيون تڪليفون ڏنيون.
5
اَچِي رَسُ عَلِيلَ کي اَجها تُون آرِي
وَٺِي ويچارِي، ڪَميڻِي ڪيچِ نِئو. [1631]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي ٻاڏائي) او منهنجا ڀرجهلا آري ڄام، (تون
منهنجو آسرو ۽ اميد آهين). تون اچي هن بيمار وٽ
پهچ ۽ هن لاچار ۽ عاجز عورت کي پاڻ سان ڪيچ وٺي
هل.
6
جيهِي جي تيهِي، ٻانهِي ٻاروچَنِ جي
حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيهِي
اَصُلِ آرِيءَ ڄامِ جي پَلَئهِ آءٌ پيئِي
هُوءِ جا پائنِ پيرَ ۾ تِنہِ جُتيءَ نه جيهِي
وِساري ويهِي، تَنِ ڪيچَينِ کي ڪِيئَن رَهان.
[1632]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) آءٌ جهڙي تهڙي آهيان يا جيئن به
آهيان مگر ٻاروچن جي ٻانهي ۽ گولي آهيان. مون عاجز
عورت جي هوت پنهونءَ سان ڪهڙي دعويٰ ٿي سگهي ٿي
(ته هيئن ڪر يا هيئن نه ڪر). آءٌ ته منڍ کان آري
ڄام جي حوالي يا اُن جي بلي آهيان. آءٌ هوت
پنهونءَ جي پير ۾ پاتل جُتي جي برابر به ناهيان،
(اهڙيءَ صورت ۾) آءٌ هنن سڄڻن کي (جن سان منهنجو
ڪو مقابلو يا برابري ڪانهي) ڪيئن وساري ڇڏيان يا
دل تان ميساري ڇڏيان.
7
ٻانهوٽِي ٻانهِي، زر خَريدَ جَتن جي
سي ڪِئن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ اَندرِ جانِي
اَڱَڻِ اَمانِي، شالَ ڪيچِينِ جِي ڪامَ ٿِئي.
[1633]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) هڪ آءٌ ٻانهين وانگر اُنهن ٻاروچن
جي بلڪه ناڻي سان ورتل يا خريد ٿيل ٻانهي آهيان.
ٻيو اُهي سڄڻ جيڪي منهنجيءَ دل ۾ گهر ڪري ويا آهن،
سي ڪيئن ٿا وسري سگهن. (منهنجي ڌڻيءَ در دعا آهي
ته) شل ڪيچين وٽ هُنن جي سامهون منهنجي ڪا
بي مُهت ۽ بي عزتي نه ٿئي.
8
جو سَڳَرُ سنئون مون، سو ئي آڇِئو جيڏِيُون
پَئي پُراڻو نه ٿِئي، اڃان نيہُ نَئون
ته مُون ڏِينهُن سَنئُون، جي ٻِيهَرَ ٻاروچي
مِڙان.
[1634]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي زباني) مون کي جيڪو سڌو رستو نظر آيو،
يعني جيڪو منهنجي سچي سڪ ۽ نينهن وارو سنئون رستو
آهي، اُهو ئي مون پنهنجن جيڏين کي ٻڌايو. ڀلي
منهنجو عشق اڃا نئون آهي، پر اُهو وقت گذرڻ سان
پراڻو نه ٿيندو. منهنجي لاءِ اُهوئي ڏينهن سدورو ۽
سڀاڳو ٿيندو جڏهن آءٌ ٻيهر وڃي هوت پنهونءَ سان
ملنديس.
وائي-1
سَڳَرَ مَنجههِ سُڻِين، يا اَللهَ!
سَڏَ مُنهِنجا سُپِرين
ڪا جا اُڻُڪَ اوٺِيين، ڪَرَهَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جيئَن، ڳالهائِينِ ڳَنڍِينِ.
[1635]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي آزي نيازي) يا الله، منهنجا سائين، تون
هن ساٿ واري راهه ۾ منهنجو عرض قبول ڪر. اُٺن وارن
کي ايڏي اُڻ تڻ آهي جو اُٺن کي تيز ۽ تڪڙو پيا
ڪاهين. ڪاملن جو شيوو آهي ڪچيءَ تند وارو نازڪ
ناتو نباهڻ، اُهي ساڳئي وقت ڳالهائين به ۽ ڳنڍين
به (ڄاڻو ڪوري ساڳئي وقت ويٺلن سان ڳالهائيندا به
پيا ته ٽٽل تند کي به چپٽيءَ جي موڙ سان پيا
ڳنڍيندا).
وائي-2
مُون کي نيندا ساڻُ، ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي، اَلو
اَلو!
”لاتَقَنطُوا مِن رَحَمةِ الله“، پِرِينِ چَيو
پاڻُ
”اِن اللهَ يَغفِرُ الذُنُوبُ جَميعاَ“، سَچو
اِيءُ پَرياڻُ
ڏِيندا وِئا ڏُکِيءَ کي اَللهَ لَڳِ
اُهڃاڻُ. [1636]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي آزي) او الله سائين، شل منهنجن ٻاروچن
کي منهنجي لاءِ ڪو روح ۾ رحم پوي. ’الله جي رحمت
مان نااميد نه ٿيو‘ اهو پرينءَ پاڻ چيو آهي.
[قرآن پاڪ جي آيت ’لاتقنطوا‘ بابت روميءَ هن ريت
سمجهاڻي ڏئي ٿو.
ورکند آن دير، هان زنهار تو،
ورد خود کن دمبدم ’لاتقنطوا‘.
(دفتر ششم، ب- 19150)
معنيٰ: جيڪڏهن هو دير ڪري ته تون ڪڏهن به هٿ نه
کڻ. بلڪه تون هر گهڙيءَ اُهو ئي ورد ڪر جو چيو اٿس
’توهين نااميد نه ٿيو‘.
’بيشڪ الله سڀ ڏوهه بخشڻ وارو آهي‘ (قرآن). اهو
صحيح سچو اهڃاڻ آهي، هو مون ڏکويل کي الله واسطي
اِهو ئي نشان پتو ڏيئي ويا آهن (ته تنهنجون مدايون
معاف ٿيڻ واريون آهن!).
داستان چوٿون
1
پَرَتَوو پُنهونءَ جو جُھڙَ جِئن جهالا ڏي
آءٌ تِنہِ آرِيءَ کي، وَٺيو راهَ رُئان
گَهڻو. [1637]
سمجهاڻي:
منهنجي سپرينءَ هوت پنهونءَ جي (حسن جو) جلوو ڪڪرن
(۾ کنوڻ وانگر؟) وانگر چمڪا پيو ڏئي. مان اهڙي
سهڻي سڄڻ کي راهه ۾ ڳوليندي پيئي وڃان ۽ روئان ۽
رڙان (ته شل هُنن سان وڃي ملان).
2
پَرَتَوو پُنهونءَ جو سَهائِي سياهُ
مُنہُ ڏيئِي مُون آئِيو رَنگارَنگي راهُ
پِهِرين ڏِيندا پاهُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
[1638]
سمجهاڻي:
هوت پنهونءَ جو جلوو ڪاري رات اونداهيءَ ۾ سوجهرو
آهي. مون کي جيڏانهن ڪيڏانهن سامهون اُهو گهڻن
رنگن وارو منظر نظر آيو، محبوبن جي عاشقن سان اها
روش هوندي آهي ته پهرين هو تڪليف ڏيندا آهن (ماڻا
۽ ناز نخرا ڪندا آهن، ۽ آخر ۾ پنهنجي محبت جو
اظهار ڪندا آهن. پنهنجي عاشق کي محبت جي رنگ ۾
رنگي ڇڏيندا آهن (اهو سمان عاشقن سان محبوبن جي ان
رنگين روش جو جهلڪو آهي جنهن ۾ ڪاري باهه ۽ ڳاڙهي
رنگ جي آميزش هوندي آهي. هو عاشقن کي پهريائين
پاهيندا (ڇليندا) ۽ پوءِ رڱيندا (ملم رکندا) آهن
(ن-ب).
3
پَرَتَوو پُنهونءَ جو، ڪِين ڇانئِين ڪِين اُسَ
قَريباڻِي ڪُسَ، آهي ڪَرَ ٻَڪَرَڙي. [1639]
سمجهاڻي:
هوت پنهونءَ جو جلوو ڪڏهن اُس (وانگر گرم) آهي ته
ڪڏهن ڇانو (وانگر ٿڌو) آهي. (ٿڌاڻ ۽ تپش گڏوگڏ).
محبوبن جي سختي ۽ آزمائش واري روش ائين آهي جيئن
ويچاري ڇيلڙي لاءِ ڪوس! (ن.ب)
4
پَرتَوو پُنهونءَ جو رُڳيائِي راحَتَ
ڀانيان ڏيههُ ڀَوارِئُون ساجَنَ لاءِ صِحَتَ
مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[1640]
سمجهاڻي:
منهنجي محبوب (جي حسن) جو جلوو سراسر سڪون ۽ فرحت
آهي. مان پنهنجي سڄڻ جي ڪري خوف خطرن وارو ماڳ ۽
ملڪ پاڻ لاءِ وڌيڪ چڱڀلائيءَ وارو سمجهان ٿي. اُن
آري ڄام جو ڏنل ڏک توڻي تڪليف منهنجي لاءِ لذيذ ۽
وڻندڙ آهي.
5
ڳائو نه وائو، اَديُون آرِيچَنِ جو
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، ڇَڏي رِڻُ رائو
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[1641]
سمجهاڻي:
آري ڄام جي قافلي وارن جو ڪو آواز يا چوٻول ڪونه
ٿو ٻُڌجي (ڪو ڀُڻڪو، ڪو ڳالهاءُ به ڪونهي). هو پَٻ
جبل ٽپي پرتي ويا بلڪه دشت مان به لنگهي ويا. اُهي
هن ويچاري سسئيءَ کي جدائيءَ جو وڇوڙو ڏيئي پاڻ
هليا ويا.
6
جِئَنِ جِئَنِ تَپي ڏِينہُ، تِئَن تِئَن سَڄَڻُ
سارِيان
پَگهَرَ سا ئِي پَرِ ڪِي جِنہِ پَرِ وَسي مِينہُ
ڇالَ مَ ڇِڄِي نِينہُ، ڪَمِيڻيءَ جو ڪيچَ ڏي.
[1642]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) جيئن سج مٿي چڙهڻ سان ڏينهن گرم
ٿيندو وڃي، تيئن آءٌ سڄڻ کي وڌيڪ ياد پيئي ڪريان.
گرميءَ جي ڪري پگهر مون کي اهڙيءَ طرح پُسائي آلو
ڪري ڇڏيو، جيئن مينهن وسي ڀِڄائي ڇڏيندو آهي. (مگر
منهنجي دعا آهي ته) شال ڪيچ وارن سان منهنجو پيار
جو ناتو ڪنهن به ريت نه ٽٽي (شل اهو دائم ۽ قائم
رهي).
7
جِئَن جِئَن ڀِڄي راتِ، تِئَن تِئَن ساجَنُ
سارِيان
مُون کي مُون پِرِينِ جِي، تَنَ ۾ طَلَبَ تاتِ
ٻاروچاڻِي ذاتِ، ڀينُرُ بُکِي آهِيان.
[1643]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) جيئن رات گذرندي پيئي وڃي، تيئن مون
کي منهنجو ساجن گهڻو پيو ياد پوي. ائين منهنجي
اندر ۾ سڄڻ جي هردم ياد ۽ طلب وڌندي پيئي وڃي. اي
اديون! آءٌ پنهنجيءَ پَر ۾ هن ٻاروچي لاءِ بيحد
بکايل (مشتاق) آهيان.
8
سُمَهو ڪِيمَ سَرَتِيُون، جيڏِيُون ڙِي جاڳو
هَلَڻَ جو هُلُ ٿِئو، سَنڀُوڙو ساڳو
ڏيندِي سُنگُ سَڀَڪا، لَڪَ مَٿي لاڳو
اَدِيُون اوجاڳو، ڀينَرُ مُون ڀاڱي پِئو. [1644]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي صلاح) اي سرتيون، او جيڏيون، سمهي
ننڊون نه ڪريو،
بلڪه اُٿي ويهي اوجاڳو ڪريو. اُٺن جي قطار جي
تياري ۽ هلڻ جو گوڙ شور پيو ٻُڌجي. جيڪا به انهيءَ
تياريءَ ۽ ساٿ سان هلندي، ان کي لَڪن لنگهڻ وقت
نذرانو توڻي ڏنَ ڏيڻو پوندو. او اديون (توهين
سمجهو ڇو نٿيون) انهيءَ ڪري رات جو جاڳڻ منهنجي
نصيب ۾ آهي.
9
مُون کي جَنِي ماريو آن ڪي گَڏئا سي
تَنَ ۾ طاقَتَ ناه ڪا اَدا اُنِي ري
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلانہَ ڳالههِ ڳَرِي ٿِئِي.
[1645]
سمجهاڻي:
(سسئي واٽ ويندڙن کي پيئي چوي) اي ادا، مون کي جن
ماريو آهي، حال کان بيحال ڪيو آهي، اُهي توهان سان
ڪٿي مليا يا گڏيا؟ ڇو ته منهنجي بدن ۾ اُنهن کان
سواءِ هلڻ جي ڪا قوت ۽ سگهه نه رهي آهي. آءٌ مجبور
ٿي توهان کي پنهنجو اهو ڏک بيان ڪري پيئي ٻڌايان،
جو هاڻي منهنجي لاءِ (اڳتي وڌڻ)ڏاڍي ڏکي ڳالهه
(برداشت کان ٻاهر) ٿي پيئي آهي.
10
سُڃاتُمِ سيئِي، مُون کي جَنِي ماريو
پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَهُڻ ٿِئا ٻيئِي
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
[1646]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي ٻڌائي) مون اُنهن کي سڃاڻي ورتو آهي جن
مون کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. مون کي هوت پنهونءَ ئي
پنهنجن ٻنهي اکين جا تير ڏاڍي زور سان هڻي ڪڍيا
آهن، جيڪي ٻٽا ٻٽا (ٻه ٻه دفعا) ٿي لڳا آهن. هاڻي
منهنجي حالت علاج ڪندڙ طبيبن حڪيمن جي وس کان ٻاهر
آهي. فقط سڄڻ هٿ ئي شفا وڃي رهي آهي، (هُو ئي
منهنجو علاج ڪري شفاياب ڪري سگهي ٿو.)
[مثنوي روميءَ ۾ عشق جي ان تصور کي گهڻو اجاگر ڪيو
ويو آهي، جڏهن هو چوي ٿو ته اهو ساڳيو محبوب ئي
آهي جيڪو ماري به ٿو ته وري جياري به ٿو. انهيءَ
ڪري دنيا جا ظاهري طبيب نه بلڪه عشق ئي آخري دوا
آهي جنهن سان عشق جي بيمار کي شفا ملي ٿي. روميءَ
جي نظر ۾ عشق ئي جالينوس طبيب آهي، بلڪه ان کان به
وڌيڪ.:
شاد باش اي عشق خوش سوداي ما،
اي طبيب جمله علت هائي ما.
(دفتر اول، ب-27)
معنيٰ: شل خوش رهين اي منهنجي چريائيءَ جا عشق،
تون ئي منهنجي سڀني بيمارين جو طبيب بلڪه حاذق
حڪيم آهين.]
11
سي ٿي سُڃاڻان، مون کي جَنِي مارِيو
لوهُو ناهِ لِڱَنِ ۾، سَنڌَ مِڙَئِي ساڻا
دارُونءَ جا داڻا، ڏِنمِ هوتَ هَٿنِ سِين.
[1647]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) هاڻي مون کي پڪ ٿي آهي ته مون کي
ڪنهن ماري (بيمار ڪري) ڇڏيو آهي. منهنجي جسم ۾
ڪنهن به قسم جو رَتُ سَت نه رهيو آهي تنهنڪري آءٌ
بلڪل لاچار ٿي پيئي آهيان. اهڙي حال ۾ هوت پنهل ئي
پنهنجن هٿن سان اچي منهنجي دوا درمل ڪري.
وائي-1
ٻاروچي ساڻُ ٻَڙِي جيڏيُون
هيڪَرَ ٿِيان هيڪاندِي
چَڙهي نه سَگهان چوٽيين، دوستَ بِنا دِلِ ماندِي
پَهُچائيجُ پُنهونءَ کي، هيءَ پيادَڙِي پانڌِي
ڀينَرُ هِن ڀنڀورَ ۾، آئُون اَيرادڙِي آندِي
پورِهيتِ پُنهونءَ ڄام جِي، باندِين جي آءٌ باندِي
ڪَرَمَ ساڻ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌِي
نِماڻِيءَ نَصِيبَ ٿئي پُنهونءَ
پيراندِي. [1648]
سمجهاڻي:
اَئي ڀينر! اَئي سرتيون! (دعا ڪريو) شل آءٌ هڪ
دفعو وري پنهنجي پنهل سان وڃي ملان. آءٌ جبلن ۽
پهاڙن جي اوچين چوٽين تي چڙهي نٿي سگهان، ۽
پُنهونءَ کان سواءِ منهنجي دل پريشان ۽ اداس آهي.
(او مالڪ! منهنجي التجا آهي) هن پيرين پنڌ ڪندڙ
مسڪين عورت کي پنهونءَ وٽ هلي پهچاءِ. مون کي مالڪ
سائينءَ جي ارادي ئي ڀنڀور ۾ آندو (جتي منهنجو
پنهونءَ سان سڱ ٿيو). آءٌ پنهون ڄام جي پورهيت
(خدمت ڪندڙ) ٻانهين جي به ٻانهي آهيان. مون سان
قادر ڪرم ڪندو جو ڪيچ وارا ئي اچي منهنجا ڪانڌي
ٿيندا (نيٺ پنهنجو ڪندا). شل، هن عاجز کي پنهونءَ
جي پيرانديءَ ۾ جاءِ ملي.
وائي-2
ڏيرَنِ مُلِ ڏاڍائِي، يا اِلاهي!
آئُون اَسُونهِين، اَوَتَڙ آڏا
سَوَلِي ڪَرِين سَچا ڌڻِي، اڳيان اُونداهِي
آهي اَڀاڳَ اُنِ کي، جَنِي واٽَ وِڃائِي
رِءَ فَضلَ رَبَ جي، مُوران ماڙِ نه ڪائِي. [1649]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) او الله سائين، هوت پنهونءَ جي
ڀائرن جي دل ۾ ڏنگائي آهي ۽ آءٌ بلڪل اڻڄاڻ اٻوجهه
آهيان. اڳيان ڏاڍا ڏکيا پنڌ آهن، اي سچا سائين،
تون ڪا سولي سڻائي ڪرين. اڳتي وڏي اونداهي پيئي
سُجهي. اُهي نڀاڳيون چئبيون جن سڌي واٽ (محبوب سان
ملڻ وارو گس) وڃائي ڇڏي آهي. بيشڪ مولا جي
مهربانيءَ کان سواءِ ٻي ڪا مدد ۽ واهر ڪانه آهي.
داستان پنجون
1
رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو ويٺِي وِرِهِ چَران
اِنَ عَذابان اَڳِهِين مادَرِ ڇو نه مَران
اَدِيُون سي نه اوهان، جي مان سُورَ سَرِتِيون.
[1650]
سمجهاڻي:
آءٌ جڏهن کان پنهنجي پرينءَ کان جدا ٿي آهيان،
تڏهن کان وٺي دردن ۽ سورن کي پنهنجو کاڄ سمجهي
پيئي کاوان. اي امڙ، جيڪر آءٌ انهيءَ ايذاءُ سَهڻ
کان اڳ مري وڃان ها. اي اديون، توهان وٽ اُهي سور
ناهن جيڪي مون کي مليا آهن، (مون جهڙا سور ۽
تڪليفون توهان وٽ ناهن).
2
رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِهَ چَران ويٺِي
ٻانڀَڻَ کي ٻَروچَ رِءَ ٿِي ڏُکَنِ سان ڏيٺِي
تو پُڄاڻان سُپِرين آءٌ سُورن سانڀيٽِي
جا مَرضَنِ مَريٽِي، سا سَرتِيُون ڪِيئن سَگهِي
ٿِئي.
[1651]
سمجهاڻي:
آءٌ پنهنجي پرينءَ کان جدا ٿي پنهنجا ڏک سور کائي
ويٺي پيٽ ڀريان. هوت پنهونءَ جي فراق ئي سسئيءَ کي
ڏکن سان سڃاڻپ ڪرائي. (هن کان اڳ سسئيءَ کي سورن
جي ڪا خبر ڪانه هئي). پنهونءَ جي وڇوڙي کان پوءِ
اُهي سور ئي هئا جن سسئيءَ کي سنڀالي پنهنجي ڀاڪر
۾ ورتو. اي اديون، (سسئي) جنهن کي (برهه جهڙي)
بيماريءَ اچي وڪوڙيو، سا ڪيئن صحتمند ٿي سگهندي؟
3
سَرتِيون ڪِيئَن سَگهي ٿِئي، ويڙهي جا وِرِهَنِ
چِتُ جِنہِ جو چُورُ ڪِئو ڏُکويو ڏُکَنِ
پُڄاڻا پِرِينِ، اَدِيون اَگهِي آهِيَان. [1652]
سمجهاڻي:
اي جيڏيون، اها ڪيئن ٿي چڱي ڀلي ٿي سگهي جيڪا برهه
جي بيماريءَ جي ور چڙهيل هجي يا جنهن جي دل کي
دردن نپوڙي ڇڏيو هجي (جنهن جي دل ۾ رڳو درد ئي درد
هجي). مان پنهنجي پرينءَ کان وڇڙي هردم ناچاق ۽
ناخوش آهيان (آءٌ هن کان سواءِ ڪيئن چاق ٿي
سگهنديس).
4
سَرَتِيُون سَرَهائِي، مُون تان ڏِٺي ڪانَه ڪا
ڏِيهاڻِي ڏيرَنِ ۾ وَڃَڻَ جِي وائِي
جي نه آءٌ ڄائِي، ته عَيبُ نه لَڳو اوٺِيين.
[1653]
سمجهاڻي:
اي منهنجون سرتيون، (جڏهن کان منهنجو پنهونءَ سان
سڱ ٿيو آهي)، مون هن وقت تائين ڪا خوشي نه ڏٺي
آهي. هر روز منهنجا ڏير يعني پنهونءَ جا ڀائر
(پنهونءَ کي گڏ وٺي) وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن.
(هُنن جون ڳالهيون ٻڌي مون کي لڳي پيو) جيڪڏهن آءٌ
پيدا ئي نه ٿيان ها ته هُنن کي (گهٽ ذات سان
مائٽيءَ وارو) عيب نه لڳي ها (طعنو نه ملي ها).
5
جي حَبَ نه هَلَڻُ سِکِيُون، سي جَڏِيُون ميڙِ
جَليلَ
لَنگهائي لَطِيفُ چَئي نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ
ثَمرُ ٿِئَڙَمِ سُڃ ۾ دوساڻا دَلِيلَ
وِساري وَسِيلَ، مَتان مارڳِ ڇَڏِيين.
[1654]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اي مالڪ سائين، جيڪي حب نديءَ جو
پنڌ ڪرڻ نه سکيون آهن (اٻوجهه ۽ اپاهج آهن) تن کي
تون محبوب سان ملاءِ. عبداللطيف عرض ڪري ٿو ته (اي
مالڪ) اهڙين بي پهچ ۽ بي وسيلين کي تون ئي ڪيچ وٺي
هل (تون ڪو اُنهن جو بلو ڪر). اهڙي برپٽ بيابان ۾
تنهنجي دوستيءَ ۽ ڀروسو ئي منهنجي سفر جو سامان ۽
توشو آهي.
اي بي وسيلن جا وسيلا، هن محتاج ۽ عاجز کي منزل تي
پهچڻ کان اڳ راهه ۾ ڇڏي نه ڏجان.
6
اَچِئو اَچِئو چُون، ’ويههُ، وِئا ته گهورِئا‘
سَرَتِين سانگُ سُکَنِ سان، مُون جِئَن رَتُ نه
رُونِ
اُوءِ مَرُ ويٺِيُون هُونِ، مُون سانگاتُو سُورَ
ٿِئا. [1655]
سمجهاڻي:
منهنجيون سرتيون مون وٽ هر هر اچي پيون چون تون
ماٺ ڪري ويهه، هو ويا ته صدقي ٿيا. منهنجين سرتين
جو صرف سُکن سان واسطو آهي، هنن ڪڏهن مون وانگر
(جدائيءَ ۾ پرينءَ) کي روئي ياد ڪونه ڪيو آهي
(هُنن کي جدائيءَ جي درد جي خبر ئي ڪانهي). هاڻي
اهي ڀلي ويٺيون رهن، پر منهنجو لاڳاپو سورن سان ئي
آهي (مون کي سورن سان ئي نباهڻو آهي).
7
پَسي اُڃ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو
سَسُئِي سندي سُورَ جي لَڪَنِ مَٿي لاٽَ
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويَنِ جا.
[1656]
سمجهاڻي:
سخت اڃ ۽ تپش سبب جبل به ڦاٽي پيو يا جبل ۾ ڏار
پئجي ويا. سسئيءَ سورن ۽ دردن کان اهڙي وٺي دانهن
ڪئي جو (ٻاڦ بنجي) جبل جي لَڪن مٿان دونهين جي
هڪڙي لاٽ وانگر پڌري ٿي پيئي. جبل ۾ (هلندي سسئي
رتورت ٿي ويئي، جنهن ڪري) جتي ڪٿي هن جي رت جا
ڇنڊا ڏسڻ ۾ آيا.
8
پَسو جوءِ جَرا ٿِي، ٻِلَرُ لَڳُسِ ٻاڻُ
سا مُنڌَ مَري نه جيئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀُوڙِي سَيدُ چَئي.
[1657]
سمجهاڻي:
ڏسو ته هوءَ عورت (سسئي) ڪيئن ٻن انگهن واري تير
لڳڻ سان ذرا پرزا ٿي ويئي. سندس اها حالت وڃي ٿي،
جو هوءَ نڪي جيئرن ۾ رهي نڪي مئن ۾. رڳو پيئي ڦٿڪي
۽ لُڇي ۽ پاڻ کي کڻي هيڏانهن هوڏانهن پئي اڇلي.
عبداللطيف چوي ٿو ته تڏهن به سسئي ويچاري سورن سان
گڏجي اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي.
9
پاڙي ناهِ پَرُورَ، ته ڪا راتِ رَنجائي گُذرِي
ٻانڀَڻِ ٻاروچَلَ جي گهائي وِڌِي گهُورَ
پَلِٽِيَسِ پُنهونء ڄامَ جا پُورَنِ مَٿي پُورَ
هِڪ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
[1658]
سمجهاڻي:
اوڙي پاڙي ۾
(سرتين سميت) ڪنهن کي خبر نه پيئي ته (سسئي)
پنهونءَ جي وڇوڙي سبب اُها رات ڪيئن لڇندي گذاري.
هن ويچاريءَ ٻانڀڻ عورت کي پنهل جي عشق واري هڪڙي
تيز نگاهه ئي ڦٽي اڌ مئو ڪري ڇڏيو. انهيءَ حالت ۾
هن ويچاري سسئيءَ کي پنهون جي پيار ۾ گذريل گهڙيون
هر هر ياد پيون اچن. آخر ۾ سسئيءَ سان ساٿي صرف
سندس سور رهجي ويا ۽ ٻنهي گڏجي پنهونءَ کي ڳولڻ
لاءِ سفر جاري رکيو.
10
پيئِيءَ اچن پُورَ، ويٺي پاڻا وِتَرا
گهڻين ڀتين گهائِيو، گهَٽُ پريان جي گهُورَ
هڪ سَسُئِي ٻِيا سُورَ، وِئا وَڳندا پاڻ ۾. [1659]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مان سمهي يا ليٽي پوان ٿي (جيئن
خيال بدل ٿئي) پر پرينءَ جي يادگيري گهٽجڻ جي
ناهي. پر جي اُٿي ويهان ٿي ته سڄڻ پاڻ وڌيڪ ياد
اچنم ٿا. منهنجي اندر ۾ جيڪي پرينءَ جا قسمين
قسمين گهاؤ لڳل آهن، سي وڌيڪ گهرا ٿيندا پيا وڃن.
آخر ۾ سسئي ۽ سور هڪ ٻئي سان رلجي ۽ گڏجي اڳتي
وڌندا رهيا.
11
هاڪُون هاڙهي سَنديُون مُون اَڳهين ٿي سُيوُن
ڪِيچان اوري ڪيتَريُون مَعذَوريُون مُيُون
واٽُون وِيههَ ٿِيُون، ڪُهُه ڄاڻان ڪيهِيءَ وِئا.
[1660]
سمجهاڻي:
مون هاڙهي جي اها مشهوري اڳيئي ٻُڌي هئي ته ڪيڏو
ڏکيو اڻانگو جبل آهي ۽ ڪيتريون ويچاريون هيڻيون ۽
ضعيف عورتون ڪيچ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي مري ختم ٿي
ويون. هاڙهي ۾ هڪ نه پر ويهه واٽون آهن، خبر ناهي
ته هُو پنهل جي قافلي وارا ڪهڙي واٽ وٺي ويا آهن
(آءٌ ڪهڙي واٽ سان وڃي کين پهچان).
12
واٽُنِ صَحيُ وِئا، وَڻَ مَنجهائُنِ واسِئا
اِهَڙا هوتَ هُئا، سُڃَ ڪِئائُون سُرَهِي.
[1661]
سمجهاڻي:
(هڪ لحاظ کان مٿئين بيت جو جواب) هُو پنهل جي
قافلي وارا ضرور صحيح واٽ سان ويا هوندا ۽ هُنن جي
ڪري رستي جا وڻ به واسجي خوشبوءِ وارا ٿي پيا
هوندا. منهنجا هوت پنهونءَ وارا اهڙا ئي ته هئا جن
جي گذرڻ سان برپٽ به سُرها ۽ خوشبودار ٿي ويا. (اي
سسئي) تون اها صحيح واٽ سڃاڻي هل ته ڪامياب
ٿيندينءَ).
وائي
توڻي نِينِ نه نِينِ، اَلو مِيَان!
آئُون اُنِي جِي آهِيان
زورو هِن ضَعِيفَ سِين ڪامِلَ ڪوهُ ڪَرِينِ
پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هُوءِ نه جهَلِينِ
جَتَ پانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽِينِ
پِڪَ پَدَمنَئُون اَڳرِي، سُرڪِي مانَ سَڃِينِ
ٻانهِي ٻاروچا پانهِنجي، سَڳرِ مانَ سَڏِينِ.
[1662]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) ڀلي هوت پنهونءَ وارا مون کي پاڻ
سان وٺي وڃن يا نه، پر آءٌ اُنهن جي آهيان. اي
ڪامل، توهين هن ناتوان عورت سان ايڏو ڏاڍ ۽
زورآوري ڇو ٿا ڪريو. مان هُنن سان پيدل هلي نٿي
پُڄي سگهان، ۽ هُو وري پنهنجن اُٺن کي ڪٿي ترسائين
ئي ڪونه ٿا. قافلي وارا اوٺي وڃي پنهنجي ملڪ پهتا،
منهنجو جاني شل وڌيڪ ترسي پوي. سندس محبت جي ميء
جو هڪ ڍُڪ پدمن کان وڌيڪ قيمتي آهي. شل هو مون کي
اُهو هڪ ڍڪ پيارين. شال اُهو ٻاروچو واٽ ويندي
پنهنجي هن ٻانهيءَ کي ياد ڪري پاڻ سان گڏ وٺي وڃي.
داستان ڇهون
1
ڪِنہِ پَرِ رُئان پِرينءَ کي، روئِي نه ڄاڻان
مَٿي ڪِئو ڀُوڻان، هَنجهُنِ هاڻا هَٿَڙا.
[1663]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) آءٌ ڪهڙيءَ ريت پرينءَ لاءِ روئان
مون کي اهڙي روئڻ جو ڏانءُ ئي نٿو اچي، جنهن کي
ٻُڌي منهنجا پرين مون وٽ موٽي اچن. آءٌ پنهنجن
ڳوڙهن سان ڀريل هٿ مٿي کنيو پيئي هلان! (ڌڻيءَ در
ٻاڏايان).
2
ڪِنہِ پَر رُئان پِرينءَ کي، پُڇڻِ ناه پَچارَ
اَندرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجهه خُمارَ
گِريي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾. [1664]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي پريشاني) آءٌ آخر ڪهڙيءَ ريت پنهنجي
پرينءَ لاءِ روئان؟ ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي ته آءٌ
ڇو ٿي روئان (ماڻهن لاءِ اها ڪا ڳالهه ڪانهي). ان
ڪري آءٌ اندر ئي اندر ۾ سڙي پچي بيهوشيءَ جي عالم
۾ پيئي آهون دانهون ڪريان. شايد ٻاروچن ۾ غم جي
ڳالهه سڻائڻ جو ڪو ٻيو نمونو آهي (جو هو منهنجي
روئڻ بابت پڇن ئي ڪونه ٿا).
[مثنوي روميءَ ۾ انهيءَ ساڳي ڪيفيت جو اظهار بخارا
جي عاشق جي زباني هن طرح ڪيل آهي:
من ميان گفت و گريه مي تنم،
يا بگريم يا بگويم چون کنم،
گر بگويم فوت مي گردد بکا،
ورنه گويم چون کنم شکر و ثنا.
(دفتر سوم، ب-4759)
معنيٰ: مان ڳالهائڻ ۽ روئڻ جي وچ ۾ آهيان، روئان
يا ڳالهايان، ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن ڳالهايان ٿو ته
روئڻ بند ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن روئان ٿو ته شڪرانو ۽
تعريف ڪيئن ڪريان؟ اڳئين (ٽين سِٽ) بيت ۾ لفظ
بڪاءُ يعني روئڻ به اچي ٿو.]
3
ڪِنہِ پَرِ رُئان پِرينءَ کي، پارُ نه ڄاڻان پَنڌُ
ڪيچِينِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو هَڻان.
[1665]
سمجهاڻي:
مان پنهنجي ساجن لاءِ ڪيئن روئان (هڪ اها ڳالهه
سمجهه ۾ نٿي
اچي)، ٻيو مون کي وڏي آواز سان روئڻ ڪونه ٿو اچي ۽
نڪو پنڌ جي ڪا پوري خبر آهي. ليڪن هنن ڪيچين کي
ياد ڪري ڪنڌ هيٺ نوائي رکي رکي وڏي رڙ دانهن پيئي
ڪريان!
4
ڪِنہِ پَرِ رُئان پِرينءَ کي، پارُ نه ڄاڻان پيرُ
ڀَنَڻُ مون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لايو سيرُ
آرِيءَ لاءِ اُلِيرَ، رَقصُ ڀاڱي رَنَ جي.
[1666]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي حالت) آءٌ پنهنجي سڄڻ خاطر ڪيئن روئان،
مون کي پار ڪڍي روئڻ نٿو اچي. مان ته روڄ راڙي جي
حوالي ٿي ويئي آهيان ۽ سورن دردن منهنجي اندر ۾
واٽون ٺاهي ڇڏيون (منهنجو اندر سورن سان ڀرجي ويو
آهي). آءٌ آري ڄام لاءِ ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري اُٿي پيئي
بيهان ۽ بي حال (مٿي اگهاڙي) ٿي پيئي ڦيريون پايان
۽ اهائي لوچ پوچ منهنجي قسمت ۾ لکيل آهي.
[’رقص‘ روميءَ جو پسنديده اصطلاح آهي ۽ مولوي
سلسلي ۾ ’رقص درويشان‘ رائج آهي. مثنوي روميءَ ۾
پڻ بيخود ٿيڻ يعني پاڻ وڃائي رقص ڪرڻ جو ذڪر ملي
ٿو:
رقص و جولان برسر ميدان کند،
رقص اندر خون خود مردان کند.
(دفتر سوم، ب- 95)
معنيٰ: اهي مرد رقص ۽ مستي جنگ جي ميدان تي ڪندا
آهن. اهي پنهنجي رت ۾ وهنجي رقص ڪندا آهن.
اڳتي چوي ٿو:
چون رهند از دست خود دستي زنند،
چون رهند از نقص خود رقصي کنند.
(دفتر سوم، ب- 96)
معنيٰ: جڏهن هو پنهنجو پاڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا
ته تاڙيون وڄائن ٿا ۽ جڏهن پنهنجي گهٽتاين کان
ٻاهر نڪرن ٿا ته رقص ڪن ٿا.]
5
ڪِنہِ پَرِ رُئان پِرينءَ کي، رُئَڻُ مُون نه
رِهاءِ
بَرَنِ مَنجههِ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ
جيڏِيُون. [1667]
سمجهاڻي:
آءٌ پرينءَ واسطي ڪيئن روئان، روئڻ مون سان
نٿو ٺهي، مون سان نٿو لڳي (روئڻ کان ٻيو ڪجهه
ڪرڻ گهرجي). ڇو ته، اي جيڏيون، رڻ پٽ ۽ بيابان ۾
مون روئڻ ۽ روڄ راڙي جو انداز ٻيءَ طرح ٻُڌو يا
ڏٺو (جيڪو مون کي نٿو اچي).
6
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنَ کي، هَلِجُ پاسي هيڪَ
وَرُ نه سَهي ويڪَ، تون ٽريڏِي ٽريڏايُون ڪَرِين.
[1668]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ کي نصيحت) دوئي يا ٻيائيءَ کي بلڪل ڪڍي
(باهه ڏيئي) ڦٽو ڪر ۽ فقط اڪيلي (ذات) طرف وک
وڌاءِ، تنهنجو خاوند ۽ مالڪ نظر ڦير واري معمولي
وٿي ۽ ويڪر کي به برداشت نٿو ڪري پر تون ٽيڏائيءَ
جو شڪار (ڦِريل نظر واري) بنجي هڪ جي بدران هر
ڀيري ٽي شيون پيئي ڏسين (هڪ کي ٽي پيئي سمجهين)
[مثنوي روميءَ ۾ ٽيڏائيءَ بابت ڪيترا شعر ملن ٿا،
مثلاً:
بيند ديدهء چون اکمل بود،
فرع بيند چونکه احول بود.
(دفتر پنجم، ب- 1709)
معنيٰ: جڏهن اک سڄي هوندي آهي ته هر شيءِ کي صحيح
ڏسندي آهي، پر ٽيڏي اک هڪ جي بجاءِ ڪجهه حصو ڏسندي
آهي].
7
اَڃان تون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسَرِي
سُونهِين ٿِيءُ سُواٽَ، ته مَنجهان دِلِ دَڳُ
لَهِين.
[1669]
سمجهاڻي:
تون اڃان واٽ کان اڻ واقف ۽ ڀُليل (گمراهه) آهين،
توکي رستي جي خبر ناهي تون سِڌي راهه تي ناهين.
تون سنئين سڌي راهه اختيار ڪر ته توکي پنهنجي اندر
مان ئي اُهو رستو يا دڳ ملي ويندو (توکي سنئين واٽ
معلوم ٿي ويندي)
[مثنوي روميءَ ۾ اهو مطلب هن ريت سمجهايو ويو آهي:
جهد مي کن تا رهي يابي درون،
ورنه ماني حلقه وار از در برون.
(دفتر اول، ب- 975)
معنيٰ: ڪوشش ڪر ته اندر مان دڳ لهين ورنه دروازي
تي ڪڙي وانگر ٻاهر ٽنگيل رهجي ويندين.]
8
مَتان ڪا مُنڌَ ڏِئين پانهِين پَسِي پَٻُ
اڳيان ڪَئهُ مَ ڪَٻُ، اِيءَ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
[1670]
سمجهاڻي:
اي عورت (سسئي)، پٻ وڏو جبل آهي پر ان کي ڏسي متان
ڊڄين ۽ پوئتي موٽ کائين. تون نڪي سُس (ڊڄ) نڪي سست
ٿيءُ. اهو تنهنجي اندر جو گمان (پاڻ سان دليل بازي
ته هيئن ڪريان ۽ هيئن نه ڪريان) ئي تنهنجي لاءِ
وڏي روڪ ۽ رنڊڪ آهي.
9
ڏاڍي لُکَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ
ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، هَريا مُون نيڻَ ٿِيا.
[1671]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) جبل جي لَڪن ۾ ساڙيندڙ گرم هوا يعني
جهولو پيو لڳي جيڪو پٽن ۽ ميدانن کي به ساڙي ڇڏي
ٿو. پهاڙن ۽ ٽڪرن ۾ سخت ساڙيندڙ هوا پيئي هلي
(جنهن سان جسم جلي ٿو وڃي)، پر منهنجي اکين مان هر
وقت ڳوڙها پيا ڳڙن.
10
”مَنزِل دُور مَن تَنها“، رِڻَ ۾ نَڪا راهَ
جَبَلَ جوراڻا گهَڻو، ڏُونگَرَ ڏُکيا ڏاهَ
ويچاريءَ جِي وَرَ ري وِندرُ ڪانهي واهَ
هوتاڻِي همَراهَ، اَچِي رَسُ عَليلَ کي.
[1672]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي التجا) ’منزل پري ۽ آءٌ اڪيلي آهيان‘ ۽
ان سان گڏ برپٽ بيابان ۾ ڪا واٽ نظر نٿي اچي. جبل
زور وارا ۽ ڏاڍا ڏکيا آهن ۽ انهن ۾ ڏکيا ڏس پتا
آهن. سسئيءَ لاءِ وندر (ندي) واري ملڪ ۾ سندس مڙس
کان سواءِ ٻيو ڪو آسرو ڪونهي. (اهڙي ڏکي حالت ۾)
اي هوت بلوچ، تون اچي هن بيمار ۽ لاچار وٽ پهچ.
11
”مَنزل دُور مَن تَنَها“، جِت ساٿِي نه پانڌِي
سسئي جي سِڙيءَ سِين ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي
هي جا دوست دَرِماندِي، تِنہِ کي پارس رسج پٻ ۾.
[1673]
سمجهاڻي:’منزل
پري ۽ آءٌ اڪيلي آهيان‘، مون سان گڏ سفر جو ڪو
ساٿي ته ڇا پر ڪو ٻيو پنڌ ڪرڻ وارو به ڪونهي.
سسئيءَ جي ڪائي (لاش رکي هلڻ لاءِ کٽ) کي پنهون ۽
ٻيا ڪيچ وارا اچي ڪانڌي ٿيا آهن. سسئي جيڪا لُڪن ۾
اچي ڦاٿي، تنهن ويچاريءَ کي تقدير اِتي آڻي
پڄايو. سسئي پنهنجي پرينءَ لاءِ ڏاڍي حيران پريشان
آهي، سو اي پارس پرين، تون اچي هن جبل ۾ پهچ ۽ هن
جي ڪا واهر ڪر.
12
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُن سِين
جي اُوءِ اوڳُڻَ ڪَن ئي اَسُئِي، ته تون ڳُڻانِي
ڳِنُ
پُٺيءَ لَڳِي پِنُ، هِنَ سُونهاري سَنگَ ۾. [1674]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) جيڪڏهن هُو توسان پنهنجو ناتو ٽوڙين،
تڏهن به تون پاڻ کي انهن سان ڳنڍ (جيئن ڪوري
اُميري ڏيئي ڇنل تند کي ڳنڍيندو آهي). اگر هو
توسان ڪوبه سٺو ورتاءُ نه ڪن توکي گهٽ وڌ ڳالهائين
ته تون اهو ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏ (درگذر ڪري ڇڏ) ۽
انهيءَ جي باوجود به تون پنهنجن ڳڻن (نياز نوڙت)
سان کين خريد ڪر (پاڻ ڏي مائل ڪر). تون انهن وڏي
مان مرتبي وارن ساٿين جي ٽولي پٺيان دعائون
گهرندي. هل ته شل پنهونءَ سان ملاقات ٿئي.
13
مَنَزَلِ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏ مَ سيرُ سِڪَڻَ جو
لَئُون جِي واٽَ ۾ لَٽِ، لَئُون رِءَ حَيفُ
هُوئَڻَ کي.
[1675]
سمجهاڻي:
(اي سسئي) تون انهيءَ پري ڏورانهين منزل کي ڇڏي نه
ڏي (اوڏانهن وڃڻ جو خيال نه بدلاءِ)، نڪي اُنهيءَ
واٽ جي سڪ ۽ محبت کي ترڪ ڪر، محبت ۽ پيار واري
اُنهيءَ رستي کي بند نه ڪر (ان باري ۾ سوچ به نه)،
ڇو ته محبت ۽ پيار کان سواءِ جيئڻ وارن تي افسوس
آهي. (محبت کان سواءِ حياتي پشيماني لائق آهي).
وائي -1
زارِي سا ڪَندِيَسِ زارِي، اَلو اَلو!
ڪوهياري ساڻُ آءٌ جا ڪَندِيَسِ زارِي
ٻاروچي ســاڻُ، آءٌ جا ڪَندِيس زارِي
ڪِينَ جِيندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريان جي آءٌ
مارِي
ڪَري ڪوهيارو هَليو، مُون سِين قِيامَتَ ڪارِي
هندُوئَنِ جِئن هولِي ڪَري، مُون ڌُوڙِ مَٿي تان
وارِي
مُون کي ڳَهَرَ ڳَرو ڪِئو، نِنڊرَ نِدورِي آءٌ
ڳارِي
چُڪِيءَ کي چاڙهي نِئو، آڻي سي بوتا بارِي
مان وِرِمَنِ وِچَ ۾، اولاڻي اُٺَ آرِي.
[1676]
سمجهاڻي:
آءٌ پنهنجي
پياري پنهونءَ کي ميڙ منٿ ڪنديس، هُن جي آڏو آزي
نيزاري ڪنديس، آءٌ پنهنجي پنهونءَ کي پرچائڻ لاءِ
وسان ڪين گهٽائينديس. اي سرتيون، مون کي سڄڻن جي
سور ماري وڌو آهي، انهيءَ ڪري آءٌ جيئري ڪانه رهي
سگهنديس. منهنجو ڪوهيارو قريب مون لاءِ ڪاري قيامت
برپا ڪري هليو ويو آهي. (هن جي جدائيءَ سبب) مون
هندن وانگر، جيئن هوليءَ تي ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح
مون پنهنجي مٿي تي رنگدار خاڪ ۽ مٽي وڌي آهي. مون
کي اکين تي ننڊ جو کيپ چڙهي ويو، ۽ ان نڀاڳيءَ ننڊ
مون کي برباد ڪري ڇڏيو.
او منهنجا سائين، هن ٿڪل ۽ بيحال عورت کي توهان
پنهنجن ڀلن اُٺن تي چاڙهي پاڻ سان وٺي وڃو. شل
ائين ٿئي جو هو ساٿ جا سرواڻ وچ ۾ رستي تي اُٺن
تان بار لاهي ٿوري دير ترسن!.
[مثنوي روميءَ ۾ گريه زاري يا روئڻ ۽ روڄ جي وڏي
فضيلت بيان ٿيل آهي، جو ان کي هو مالڪ سان ٻانهي
جي قربت جو وڏو ذريعو سمجهي ٿو.
زاري و گريه قوي سرمايه ست،
رحمت کلي قوي تراديه ست.
(دفتر دوم، ب-1951)
معنيٰ: عاجزي ۽ روئڻ يعني گريو ۽ زاري خدا جي رحمت
کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ قوي سبب آهي].
وائي -2
جِنہِ لَئِي آهِيان ڏُونگرِ ڏورِي، ماڙهُو چُونَمِ
ڀوري
تِنہ ٻاروچي کي ٻاجَهه پَـئي!
تِنہ ڪوهياري کي ڪَهَلَ پَئي!
آئُون سُتِي هُو هَلِيَا، لائي وِئَڙا لورِي
روئِي رڱِيندِيَسِ رَتَ سِين، ساڻُ چُئاڪَنِ چورِي
نِئو نماڻي پاڻَ سِين، ڇَپَرِ ڇَڏئو مَ ڇورِي
مانَ موٽن سپرين، آهيان جَنِ جِي گهوري.
[1677]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مان جنهن هوت ٻاروچي لاءِ ڏونگر
پيئي ڏوريان ۽ جنهن ڪري ماڻهو مون کي چَري ٿا چون،
شل هُن کي مون تي ڪو رحم پوي، مون تي مهربان ٿئي.
آءٌ سُتي پيئي هيس، جو هُو مون کي ڏک ڏيئي هليا
ويا، انهيءَ جدائي ۾ مون پنهنجو چولو روئي روئي رت
سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي. او آري ڄام، هن عاجز کي
پاڻ سان گڏ وٺي وڃو ۽ هن ڇوري ڇنيءَ کي ائين اڪيلو
جبل ۾ رولي نه وڃو. شل ائين ٿئي ته منهنجا سپرين
مون وٽ موٽي اچن، جن کي آءٌ ڳولهيان پئي (جن جي
مون کي طلب آهي). |