سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:2 

شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات

 

(1) نسب نامو، ولادت، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم وارو دور

شاهه عبداللطيف، سنڌ جي ’مُتَهلَوِي‘ ساداتن، يعني ’مُتَعَلوِي‘ يا مٽياري سيدن جي ’ڪريم- پوٽا‘ خاندان مان ٿيو، جيڪو مٿي شجري ۾ هڪ وڏي پاڙي ’جَراڙ‘ يا ’جَڙاڙ- پوٽا‘ جي هڪ شاخ آهي. انهيءَ پاڙي جو وڏو سيد جراڙ (جلال) هو جيڪو سيد شرف الدين جو فرزند هو. انهيءَ لحاظ سان ’جراڙ- پوٽا‘ ساڳئي وقت ’شرف- پوٽا‘ آهن. شرف الدين جو ڏاڏو سيد حيدر هرات شهر جي سيد مير عليءَ جو پٽ هو جيڪو مٿي امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد مان هو. انهيءَ لحاظ سان مٽياروي سيد شهر هرات جي سندن وڏي ڏاڏي مير علي(يعني سيد علي) جي اولاد سببان ’هِراتي سيد‘ آهن، پر مير علي هِراتي کان مٿئين نسب نامي جي اعتبار سان ’ڪاظمي سيد‘ آهن. مٽياروي سيدن جي شجري موجب سيد حيدر پهريائين سنڌ ۾ آيو ۽ هالا- ڪنڊي (قديم شهر هالا) ۾ اچي رهيو، جتي هالا قبيلي جي رئيس شاهه محمد بن دريا خان کيس پنهنجي نياڻي ڏني جنهن مان کيس ’علي‘ نالي پٽ ٿيو. سيد حيدر موٽي هرات ويو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين؛ پٽس سيد (مير) علي سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ ڪريم- پوٽا توڙي ٻيا سڀ مٽياروي سادات هن ’سيد علي سنڌي‘ جو اولاد آهن.

(الف) ساداتن جو مٽياري ۾ اچڻ. شجري جي روايت موجب، سيد (مير) علي (سنڌي) 802- 803هه وارن سالن ۾ هالا- ڪنڊي ۾ ڄائو هوندو، پر غالباً سندس والد سيد حيدر ڳچ وقت اڳ (اٺين صدي هجري جي آخر ۽ سمن جي حڪومت جي شروعاتي دؤر ۾) سنڌ ۾ آيو ۽ مير ’علي‘ سنڌي به 8- صدي هجري جي آخرڌاري ڄائو. هو هالا- ڪنڊي ۾ پنهنجن ناناڻن ۾ نپنو، جن کيس پرڻايو. هن ٻيو نڪاح تُرڪن جي قبيلي مان ڪيو. کيس ٽي پٽ ٿيا: احمد، شرف الدين ۽ مرتضيٰ عرف ڀرئو، جن سڀني کي اولاد ٿيو. سيد علي سنڌي جڏهن اولاد وارو ٿيو ته هالا- ڪنڊي مان لڏي اچي پينگهاري پرڳڻي سان لاڳو پرڳڻي جي ’متعلـﮣ‘ يا ’متعالـﮣ‘، يعني ’متهلو‘ (= ’مٽهالو‘، ’مَٽُ- هالو‘) شهر ۾ ويٺو، جنهن جي نالي مان ڀانئجي ٿو ته اهو هالا قبيلي جي سربراهن جي زمينداري ۾ هو جن پنهنجي ڏوهٽي کي جاگير ڪري ڏنو. اهو شهر هن وقت موجود ناهي، پر شهدادپور کان 8-9 ميل اوڀر طرف ’متهلو‘ ديهه ۽ تپو اُن نالي جي يادگار طور موجود آهن. سيد علي سنڌي ۽ سندس اڪثر اولاد، 9- صدي هجري وارو گهڻو عرصو ’متهلي‘ ۾ رهيا ۽ سيد علي به مُتهلي ۾ ئي وفات ڪئي. هنن سيدن پنهنجي دينداري، ديانتداري ۽ ڪامياب زمينداريءَ جي ڪري ديندار سلطان ڄام نظام الدين جي دور حڪومت (866- 914هه) ۾ وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو. متهلي طرف جڏهن پاڻي جي اڻاٺ ٿي، تڏهن هي سڄو خاندان 9- صديءَ جي پوين ڏهاڪن ۾ موجوده شهر مٽياري واري ماڳ تي لڏي آيو، جتي هو ’متهلوي‘ (=مُتهلي جا) سڏجڻ لڳا. هي هڪ علمي گهراڻو هو ۽ سندن تحريرن ۾ جيئن پوءِ تيئن ’متهلوي‘ کي ’متعلوي‘ ڪري لکيو ويو. مٽيارين وارو ماڳ اصل ۾ چانگن بلوچن جو شهر ’مَٽُ- آري‘ (آري جو مَٽُ) هو، پر هن سيد گهراڻي جي وڌندڙ اثر رسوخ سببان سندن نالي پويان ’متعلوي‘ به سڏجڻ لڳو جيتوڻيڪ عوام ۾ اصل نالي ’مَٽ- آري‘ پويان ’مٽياري‘ وڌيڪ مشهور ٿيو.

(ب) ڪريم- پوٽا پاڙو: مٽياري واري ماڳ تي لڏي اچڻ کان پوءِ، چاليهن پنجاهن سالن اندر، سنه 944 هجري ۾ سيد علي سنڌي جي پٽ شرف الدين جي اولاد (شرف- پوٽن) جي ’جَراڙ‘ يا ’جراڙ- پوٽا‘ پاڙي مان، لال محمد شاهه عرف لَلي شاهه جي گهر عبدالڪريم شاهه ڄائو، جيڪو پنهنجي درويشي ۽ دينداري، فڪر ۽ فهم، تصوف ۽ توڪل جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو. سندس والد جو گهر ’مٽياري‘ ۾ موجود جامع مسجد جي ڏکڻ- اولاهين ڪنڊ سان لڳو لڳ هو، جتان مسجد جي ديوار ۾ هڪ نشان يادگار طور اڄ تائين موجود آهي. شاهه لَلو پاڻ عابد زاهد ۽ سهروردي طريقي جو سالڪ هو. سندس گذر سفر اڪثر لاڙ طرف ٿيندو هو ۽ وفات پڻ اُتي ئي ڪيائين ۽ سهروردي سلسلي جي بزرگ شهاب الدين قريشي جي مقام ۾ مدفون ٿيو(1). جيئن ته شاهه لَلو پاڻ هڪ وڏو درويش هو، انهيءَ ڪري گهڻين جاين تي سندس پڻ معتقد ۽ مريد ٿيا، جن مان ڪي بلڙيءَ واري جُوءِ ۾ هئا،جن جي محبت ۽ عقيدي جي ڪري عبدالڪريم شاهه پنهنجي تعليم ۽ شادي بعد ’مٽياري‘ مان لڏي وڃي اُتي ويٺو. انهيءَ ڪري اُن ڳوٺ کي ’سيد پور‘ توڙي ’لَلاڻِي لوءِ‘(2) سڏيو ويو، پر جيئن ته اهو بلڙيءَ واري ڀيڻيءَ ۾ هو انهيءَ ڪري اُهو ماڳ به اُنهيءَ جُوءِ جي نالي سان ’بُلڙي‘ سڏجڻ لڳو. ميون شاهه ڪريم گهرٻار عيال سوڌو، سندس زندگيءَ جي وڏي عرصي تائين اُتي رهيو ۽ وفات به سنه 1032هه (1623ع) ۾ اُتي ڪيائين.

تصوف جي سلسلي ۾، ميين شاهه ڪريم ۽ سندس والد ٻنهي جي سهروردي طريقي سان نسبت باقي رهي، پر شاهه ڪريم پاڻ قادري طريقي سان وڌيڪ وابسته ٿيو. ميين شاهه ڪريم کي اَٺ پٽ ٿيا، جن مان چئن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو ويجهيو، ۽ ڏاڏي جي نالي سان سندن پاڙو ’ڪريم- پوٽا‘ ٿيو. سندس ٽئين نمبر فرزند جلال شاهه(13) جي اولاد مان شاهه عبداللطيف جو والد شاهه حبيب ٿيو.

(ج) شاهه حبيب ۽ سندس ڪٽنب: شاهه حبيب، ميين شاهه ڪريم جو پڙپوٽو هو. سندس ڏاڏو جلال شاهه (يا جمال شاهه) غالباً پنهنجي والد ميين شاهه ڪريم جي وقت ۾ مٽياري ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن طرف هو جو ڦورن ڪنهن مائيءَ جو مال هنيو ۽ جڏهن شاهه پويان واهر ٿي ويو تڏهن ڦورن کيس شهيد ڪيو، ۽ هو ’گولي پير جي مقام‘ ۾ مدفون ٿيو. هي مقام شهدادپور تعلقي جي ديهه ۽ تپي ’جَما‘ ۾، ڀِٽ کان ست ميل کن اتر طرف آهي جتي جلال شاهه (جمال شاه) جي تربت موجود آهي. سندس شهيد ٿيڻ بعد سندس ٻار ٻچا جيڪڏهن مٽياري ۾ هئا ته به موٽي وڃي پنهنجي ڏاڏي سان ’سيدپور‘ (بلڙي) ۾ رهيا. جلال شاهه (جمال شاهه) جو فرزند عبدالقدوس شاهه به عابد ۽ درويش ٿيو جنهن اُتي وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي مزار جي ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف دفن ٿيو. کيس ٻه پٽ ٿيا: حبيب الله شاهه (حبيب شاهه) ۽ عبدالرشيد شاهه، جن ٻنهي کي اولاد ٿيو. دينداري درويشي جي ورڇ حبيب الله شاهه کي ملي. ميين شاهه ڪريم بعد، جملي ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو، ۽ سندس اعليٰ اخلاق، فيض ۽ فقيري جو خاص طرح سندس فرزند شاهه عبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر پيو. پڻ ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي شاعر ٿيو جنهن بيت چيا جن مان ڪي ’شاهه جي رسالي‘ ۾ موجود آهن. شاهه حبيب جي شاعريءَ جو پڻ شاهه لطيف تي اثر پيو.

شاهه حبيب پنهنجي والد جي وفات وقت، يا سندس وفات کان پوءِ، ڪجهه وقت لاءِ اچي مٽياري شهر ۾ رهيو. اُها جاءِ جتي هو رهيو(21) اُتي ٿي سگهي ٿو ته سندس گهر هو، ۽ ’مٽياري‘ ۾ سندس رهڻ انهيءَ ڪري ٿيو جو شايد اُتي سندس شادي ٿي. پوءِ عزيزن جي ساڻس اڻبڻت ٿي، جو درويش هاشم شاهه جيڪو کيس گهڻو گهرندو هو، تنهن جي چوڻ تي مٽياري کي ڇڏيائين. ڪن روايتن موجب شاهه حبيب هڪ شادي عزيزن مان ڪئي ۽ ٻي ٻاهران ڪئي جنهن مان شاهه عبداللطيف ڄائو. پر هڪ ته اهو پڪيءَ طرح معلوم ناهي ته سندس پهرين شادي ڪڏهن ٿي، ۽ ٻيو اهو به معلوم ناهي ته پنهنجن مان جيڪا شادي ڪيائين سا ڪهڙي پاڙي يا ڪهڙن عزيزن مان ڪيائين. مٽياروي سيدن جي پاڙن جا شجرا موجود آهن پر انهن ۾ شاهه حبيب جي ان شادي جو ڪو حوالو موجود ڪونهي. روايتن موجب، ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو: پر هڪ ته شاهه حبيب جي اولاد بابت جيڪي حوالا موجود آهن سي سندس وفات کان سوا- سئو سال کن پوءِ جا آهن ۽ ٻيو ته شاهه عبداللطيف جي وفات کان پوءِ (خاص طرح گادي نشينيءَ جي مسئلي تان) شاهه حبيب جي نرينه يا ٻئي اولاد بابت بيان پڌرا ٿيا، انهيءَ ڪري شاهه حبيب جي جملي ڪٽنب بابت ڪنهن پڪي نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. البت اهو يقيني آهي ته هڪ ئي گهر مان شاهه حبيب کي ٽي فرزند ٿيا جن مان فقط هڪ شاهه عبداللطيف باقي بچيو. ٻئي گهر مان، هڪڙن حوالن موجب جمال شاهه نالي فرزند ٿيو، ۽ ٻين موجب جمال شاهه ۽ مصري شاهه نالي ٻه فرزند ٿيا. ٽکڙ واري شجري موجب جمال شاهه جو پٽ ڪريمڏنو شاهه ٿيو، جنهن جو ڪوبه پٽ جمال شاهه نالي ڪونه هو؛ ٻين شجرن ۾ ان جو پٽ جمال شاهه نالي هو، جيڪو شاهه عبداللطيف بعد گادي نشين ٿيو. پٽن کان سواءِ شاهه حبيب کي ’بي بي بتول‘(21) نالي هڪ نياڻي هئي، جيڪا غالباً شاهه عبداللطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. ان سميت يا ان کان سواءِ، شاهه حبيب جي ٻن نياڻين جو ذڪر ٿيل آهي، پر مير سانگي ڄاڻايو آهي ته اها پڪ ڪانهي ته اُهي ڪهڙي گهر مان  هيون، پر ٻنهي جي شادي شاهه حبيب جي وقت ۾ ٿي. سانگي کي غلام محمد شاهه گدا ٻڌايو ته انهن مان هڪ مٽياري سيدن جي ’موسيٰ‘ پاڙي ۾ ڏنل هئي ته ٻي سمهـباڻي پاڙي ۾ ڏنـل هئـي(23). شـجرن جـي تحقيـقات مـان مـعلوم ٿـيو تـه: شـاهه حبيب جي هڪ نياڻي، سيد موسيٰ جي ڀاءُ سيد عيسيٰ جي اولاد ’عيسيٰ- پوٽـن‘  جي  پاڙي  مان  محمد حافـظ شـاهه جي پٽ کي پرڻايل هئي(34)؛ مگر شجرن مان تـوڙي زبانـي روايـتن مـان اهـا تصديـق نـه ٿي سگهي تـه ڪو شاهه حبيب جي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ به ڏنل هئي(41).

(د) شاهه عبداللطيف جي ولادت(1102هه): عام روايتن موجب، شاهه حبيب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو ۽ ڪنهن درويش کان دعا گهريائين، جنهن چيس ته: ”توکي پُٽ ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ.“(12). سنه 1300هه ۾ اتاريل هڪ بياض ۾ اها آڳاٽي روايت جيئن نقل ٿيل آهي، تنهن موجب اها دعا شاهه حبيب کي مٽياري شهر جي مست درويش هاشم شاهه ڪئي هئي، جيڪو پاڻ جراڙ- پوٽو هو ۽ شاهه حبيب جو عزيز هو. شجري مان پڻ اهڙي تصديق ٿئي ٿي ته ٻيئي همعصر هئا. شاهه حبيب دل ۾ ارادو رکي هاشم شاهه وٽ ويو، جنهن کيس ڏسي چيو ته ”حبيب مان لطيف جي بوءِ ٿي اچي.“(23) شاهه حبيب کي ڄڻ واڌائي ملي ته کيس عبداللطيف نالي پُٽ ٿيندو، جنهن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر ٻارڙو گذاري ويو. ساڳئي گهر مان ٻيو پٽ ڄائس تنهن جو نالو به عبداللطيف رکيائين، پر اُهو به گذاري ويو. وري به ساڳئي گهر مان ٽريو پُٽ ڄائس، جنهن جو نالو وري به عبداللطيف رکيائين، جيڪو بچيو ۽ اُهوئي شاهه عبداللطيف ٿيو. اهي ٽيئي ٻارڙا جنهن بيبيءَ مان ٿيا، سا عرس فقير ڏيري جي نياڻي هئي، جيڪو ملتان جي ولي غوث بهاؤالدين زڪريا جي خليفي قندر فقير ڏيري جي اولاد مان، ”ڌنؤنريات“ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي ”ثابت“ يا ”ثابت پوٽا“ نُک مان هو. هنن ڏيرن فقيرن جا ٻه سلسلا هئا: هڪڙا ”سايات“ يا سبزپوش (سائو ويس ڪندڙ) ۽ ٻيا ”ڌؤنريات“ يا سفيد پوش. اهي وڏا پهتل درويش هئا ۽ ’گنباٽ ڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضي جا رکوال ولي) ڪري سڏبا هئا. ثابت فقير پاڻ وڏو درويش ٿي گذريو، جو چيائون ته:

سوالي سچيءَ سڪ مان جي ’ثابت‘ کي سارين

تن  نــڪا  تـنـگي  تـوڻ  جـي، نــڪي اُڌارين(43).

عرس فقير کي ٻه نياڻيون هيون: وڏي ڏنائين رب رکيي فقير ڏيري کي ۽ ننڍي نياڻي ڏنائين شاهه حبيب کي. شادي بعد، شاهه حبيب به سهريجن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو جتي سندس گهر ’سُئي قندر‘ واري تاريخي مقام کي بلڪل ويجهو اولهه طرف هو. اها گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديهه ’سُئي قندر جاگير‘ تعلقي شهدادپور ۾ آهي ۽ مقامي طور 60- 1950ع تائين اُتي جي سڀني ماڻهن کي اُن جي خبر هئي. ”سُئي قندر مقام“ کان نمبر جي لام تي اتر- اولهه طرف ۽ موجوده شاخ جي اوڀر، شاهه حبيب جي گهر لڳ هڪ کڏ هئي جنهن کي ”ساياتن جي کَڙ“ ڪري چوندا هئا. انهيءَ جي ڀرسان 1930ع تائين ڪنڊي جا وڻ بيٺل هئا، جيڪي ”شاهه حبيب جا ڪنڊا“ سڏبا هئا. اُتي سندس حويلي هئي جنهن جي ڀتين جون بِنائون به اُن وقت ماڻهن ڏٺيون. انهيءَ حويليءَ ۾ ئي شاهه حبيب جا پهريان ٻه پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ’سُئي- قندر مقام‘ ۾ دفنايا ويا. ٻنهي جون قبرون اڃا تائين موجود آهن(1).

ٽيون پٽ شاهه عبداللطيف به اُنهي ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو. هجري سنه مطابق اهو سال 1102هه هو، جنهن جي تصديق انهيءَ روايت مان ٿئي ٿي ته وفات وقت (1165هه) شاهه صاحب جي عمر 63 سال هئي. 13- صدي هجري (19- صدي عيسوي) تائين باخبر ۽ ڄاڻو ماڻهن وٽ سال 1102هجري شاهه صاحب جي ولادت جو مڃيل سال هو جو اُن وقت جي عالم فاضل شاعر سيد غلام محمد ”گدا“ اهوئي سال پنهنجي هيٺين تاريخي مادي واري شعر مان ڪڍيو(2).

گدا، سال توليد  سلطان  ’ڀٽ‘

شنيدم زهاتف ’عنايت شعار

        1102

شاهه عبداللطيف ڪٿي ڄائو ان بابت البت پوئين دور جا لکندڙ صحيح راءِ قائم ڪري نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هڪ ته سندن ڌيان تي اها ڳالهه ويٺل هئي ته شاهه صاحب جي امڙ ’دياني‘

خاندان مان هئي، يعني ته هالن پراڻن جي هئي، جنهن ڪري شاهه صاحب جي ولادت به اُن طرف ٿيڻ گهرجي ها. البت ٻئي طرف، مقامي طور تي جيڪا پڪي پختي ڳالهه هلندڙ هئي سا هيءَ ته شاهه صاحب جي امڙ، ’ڀٽ‘ کان اوڀر طرف ڏيرن فقيرن مان هئي ۽ انهي ڪري اُن طرف سندس ولادت جو فطري طور وڌيڪ امڪان هو. پر ’سُئي قندر‘ لڳ ڏيرن فقيرن جي ڳوٺ جي حوالي ڏيڻ سان، ’دياني‘ خاندان مان شاهه صاحب جي امڙ هجڻ واري نظريي جي نفي پئي ٿي، انهيءَ ڪري اوڀر طرف جا ٻيا حوالا آندائون: پوءِ هڪڙن ’ڀينءَ پور‘ کي ته ٻين ’هالا حويلي‘ کي شاهه صاحب جي ولادت جو ماڳ ڪري لکيو. لؤنگ فقير مهيسر، جنهن جي مزار شادي شهيد لڳ خيرپور ضلعي ۾ آهي، تنهن جي فقيرن ڪٿان ٻڌو ته شاهه عبداللطيف ’ڀينءَ پور ۾ ڄائو هو يا اُتي چلو ڪڍيو هئائين‘ سو اُتي وڏي مسجد ٺاهيائون (13). مير سانگي پوءِ ’لطائف لطيفي‘ ۾ اُن جو ذڪر ڪيو ۽ ’ڀئي پور‘ (’صحيح ڀينءَ پور‘) کي شاهه صاحب جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو(2). ان بعد مولوي دين محمد وفائي به ’لطف اللطيف‘ ۾ انهيءَ ساڳي ڳالهه کي ورجايو(32). ٻئي طرف ليلارام
وتڻ مل لالواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ’هالا حويلي‘ (ڀٽ کان 18 ميل ڏکڻ- اوڀر) جو نالو لکيو(
34)، پر اهو ڪونه ڄاڻايائين ته ڪهڙي زباني يا شاهدي جي آڌار تي هن اهو نالو لکيو. باوجود انهيءَ جي، لالواڻي جي پوئلڳي ڪندي گربخشاڻي به ’هالا حويلي‘ کي شاهه جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو(45). مرزا قليچ بيگ وري ’ڀينءَ پور‘ ۽ ’هالا حويلي‘ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي جو لکيائين ته: ڀٽائي صاحب جي ڄمڻ جي جاءِ ’هالا حويلي‘ ۾ هئي جا ’ڀئي پور‘ (صحيح ڀينءَ پور) سان لڳ ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي. جنهن گهر ۾ شاهه صاحب ڄائو هو اُتي پوءِ هڪڙي مسجد جوڙائي ويئي هئي جا اڃا تائين نصيرواهه جي ڪلهي تي بيٺل آهي(65). نصيرواهه جي حوالي کان سواءِ مرزا صاحب جي ٻي سڄي عبارت خيالي آهي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان سواءِ لکي ويئي آهي. شاهه لطيف ساڳئي وقت هالا حويلي ۾ ۽ ڀينءَ پور لڳ مسجد واري ڳوٺ ۾ تولد ٿي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ڀينءَ پور کان ’هالا حويلي‘ ڪافي پري آهي، ٻيو ته اها ڏکڻ- اوڀر طرف ڪانهي پر اتر- اوڀر طرف آهي. ’ڀينءَ پور‘ تعلقي حيدرآباد ۾ ۽ ’هالا حويلي‘ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي(67).

سنه 1958ع ۽ سنه 1959ع ۾، ۽ ان بعد 1974ع ۾ ۽ وري سنه 1976ع ۾، جڏهن راقم ’سُئي قندر‘ واري ماڳ توڙي ’گنباٽ‘ لڳ ڳوٺن ۾ وڃي پڇائون ڪيون ته اُتي هڪ روايت اها بيان ڪيائون ته شاهه حبيب ڪي سال ’سئي قندر‘ واري مقام لڳ اولهه طرف واري ڳوٺڙي ۾ پنهنجي حويليءَ ۾ رهيو، ۽ جڏهن اُتان لڏيو ته پوءِ ڪوٽڙي ويو. ٻي روايت جيڪا پوئين دور جي مصنفن جي لکتن کان متاثر ٿي بيان ڪئي ويئي سا هيءَ ته: ڇاڪاڻ جو پهريان ٻارڙا ڪين بچيا هئا، انهيءَ ڪري جڏهن شاهه عبداللطيف پيٽ ۾ ٿيو ته شاهه حبيب ماڳ مٽايو ۽ اُتان لڏي ويو. پر اهو دليل ايڏو وزندار ڪونهي ڇاڪاڻ جو شاهه حبيب پختي ارادي ۽ وڏي توڪل وارو بزرگ هو، جو باوجود پهرين ٻن ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ جي به ٽئين ٻار جو نالو عبداللطيف رکيائين، ته پوءِ وهم ۽ وسوسي ۾ اچي هن ڪيئن پنهنجو گهر ڇڏيو هوندو ۽ ماڳ مَٽايو هوندو! جيئن ته شاهه حبيب جي گهر واري جاءِ توڙي پهرين ٻن ٻارڙن جي ولادت ۽ وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاهديون توڙي پڪا پختا آثار موجود آهن، انهيءَ ڪري پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ٽيون ٻار ’عبداللطيف‘ (شاهه عبداللطيف) پڻ اُتي ئي اُن ساڳئي گهر ۾ ڄائو. ٿي سگهي ٿو ته ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادت بعد، سندس صحت عافيت ۽ دوا درمل خاطر شاهه حبيب ڪي ڏينهن وڃي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي رهيو هجي، پر اهڙي گمان موجب پڻ سندس ’ڀينءَ پور‘ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر اچي ٿو جو اُتي جا ڪي سما فقير غالباً سندس مريد ۽ معتقد هئا، جن مان ميان اسماعيل فقير سمو پوءِ شاهه عبداللطيف جو خليفو ٿيو(1). بهرحال جيڪڏهن اُتي شاهه حبيب جو رهڻ ٿيو ته به ٿوري وقت لاءِ ٿيو جو هو وري پنهنجي حويليءَ ۾ موٽي آيو(2).

(هه) ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم. شاهه عبداللطيف جي ولادت جي تاريخ ڪٿي به لکيل ڪانهي، پر جيڪڏهن مهيني صفر سنه 1165هه ۾ وفات وقت سندس عمر ڀريا ٽيهٺ سال هئي ته پوءِ قمري سالن جي حساب سان سندس ولادت 1102هجريءَ جي صفر مهيني جي 14 تاريخ ڌاري يا ڪي ڏينهن اڳ پوءِ ٿي هوندي. ولادت کان اڳ سندس ٻه همنام سڳا ڀائر فوت ٿي چڪا هئا: هي ٽريو لطيف هو جيڪو وڃي بچيو هو، جنهن مان سندس والدين جي خوشي ۽ ساڻس پيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري ننڍڙو لطيف نه فقط ٻالجتيءَ واري دور ۾ پنهنجي پيءُ ماءُ جي محبت ۽ شفقت ۾ نپنو پر اها نعمت وڏي هوندي تائين ساڻس شامل حال رهي، جنهن سندس شخصيت کي سنواريو ۽ اُجاريو. ٻالجتيءَ ۾ ٻيو ٻارڙو جيڪو سندس ويجهو ساٿي هو، سو هو سندس ماسات محمد عالم ڏيرو جنهن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو.

ٻاراڻي وهيءَ واري هن دور ۾، لطيف جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو مرڪز سندس پنهنجي گهر وارو ڳوٺڙو هو، پر ان جو دائرو البت گنباٽ واري جُوءِ تائين وسيع هو. ان وقت ننڍڙي لطيف جي اچ وڃ سندس والده جي ڀيڻ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين، يعني گنباٽ واري تر ۾ (31) ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿيندي رهي.

نتيجي طور ٻالجتيءَ واري هن دور ۾، ڏيرن فقيرن جي قبيلي واري نج سنڌي ٻولي، جيڪا سندس مادري ٻولي پڻ هئي، سا ننڍڙي لطيف جي ذهن تي نقش ٿي ۽ زبان تي چڙهي ۽ اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ تي سندس ڪُلي طور دسترس ۽ ڪمال لاءِ پيش خيمو بني.

ان وقت مڪتبي تعليم جو دور هو جنهن موجب قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي تعليم معياري سطح تي ڏني ويندي هئي. والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري ڪري فوري طور تي ڪنهن مڪتب ۾ ڪونه ويهاريو: البت سندس تربيت گهر ۾ ئي ٿيندي رهي جو نه فقط والد شاهه حبيب پاڻ علم ۽ نظر وارو هو، پر والده به هڪ وڏي فاقيري گهر مان هئي. البت عبداللطيف جڏهن ڪجهه وڏو ٿيو ته روايتن موجب شاهه حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ اهڙن استادن وٽ ويهاريو جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽ پرهيزگار هئا. اُنهن اهڙي ته توجهه سان پڙهايو جو قرآن شريف عبداللطيف جي دل تي نقش ٿي ويو. اُنهن مان خاص استاد ميون نورمحمد ڀَٽِي هو، جنهن پوءِ کيس مڪتبي تعليم ڏني. ميون نورمحمد گنباٽ جي ڏيرن واري راڄ کي ويجهو اٺن کن ميلن جي پنڌ تي ”وانئين“ جو ويٺل هو(12) ۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. عبداللطيف جي پڙهائيءَ لاءِ شاهه حبيب کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو. هن شفيق استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي. ان بعد وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نه رهيو، پر ميون نورمحمد هميشه لاءِ شاهه حبيب وٽ ايندو رهيو ۽ عبداللطيف جيئن ته ويتر وڌيڪ ڄاڻ ڏانهن مائل هو سو ساڻس ملندو رهيو ۽ کانئس سکندو رهيو. بالآخر جڏهن شاهه عبداللطيف اچي ڀِٽ کي وسايو ته ميين صاحب کي پڻ سڏي اُتي کيس سندس اوطاق ليڪي ڏنائين ۽ ڀِٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. اهڙيءَ طرح نوجوانيءَ واري دور ۾ توڙي پوءِ شاهه عبداللطيف جو پنهنجي مشفق استاد سان ملڻ، وٽس ويهڻ ۽ ساڻس صحبت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو(23).

شاهه لطيف جي ننڍپڻ وارا ڪم ازڪم ٻارهن کن سال پنهنجن ناناڻن ڏيرن فقيرن ۾
سُئي قندر ۽ گنباٽ واري تر ۾ گذريا. اُنهيءَ عرصي ۾، ٻين ٻارڙن سان گڏ، گنباٽ سان لاڳو اولهه طرف، واريءَ جي ڀِٽن واري ايراضي (جنهن ۾ پوءِ هن ’ڀٽ‘ واري ماڳ کي وسايو) ۾ ننڍڙي لطيف مينهن وسندي رانديون ڪيون هونديون. اُن وهيءَ ۾ گنباٽ جي جُوءَ ۾ هر ماڳ ۽ ڳوٺ ڏٺائين، ۽ ٻارن توڙي وڏن جو پيار ماڻيائين. ننڍپڻ وارين انهن يادگيرين جو ئي نتيجو هو، جو پوءِ وڏي هوندي سارنگ جي هڪ بيت ۾، ،’گنباٽ‘ تي ڪرم جي ڪڪرن جي گونج جو ذڪر آندائين ته:

واهُندئان وِڄُ ٿي، گُڙيون ڏُونهه گنباٽ

اُنهيءَ ٻاراڻي وهيءَ ۾ سندس سنگت ۽ رفاقت فطري طور تي ڏيرن فقيرن جي ٻارن سان ٿي، جن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو ۽ جيڪي پوءِ وڏي هوندي سندس پيارا فقير ۽ معتقد ٿيا. اُنهن مان اَجن فقير ڏيرو ۽سُک فقير ڏيرو، ٻيئي شاهه صاحب جي حاضريءَ جا فقير هئا. جاني فقير ڏيرو به شاهه صاحب جو ننڍڙي هوندي جو ساٿي هو جنهن جو پُٽ عنايت پڻ ڏانهس گهڻو مائل ٿيو. پر شاهه صاحب جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو ۽ پيارو ساٿي سندس پنهنجو سڳو ماسات، رب رکيي فقير جو پٽ، محمد عالم ڏيرو هو، جيڪو پوءِ خاص فقير ۽ خليفو ٿيو؛ شاهه صاحب کيس ڀِٽ تي سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ۽ کيس ”محمد عالم سچو عالم“ ڪري سڏيو، پر عام طرح هو ’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ سڏجڻ لڳو. شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ فقراء جي سڄي نظام کي سنڀاليائين ۽ وڏي خدمت ڪيائين. وفات به ڀِٽ تي ئي ڪيائين، جتي سندس قبر شاهه صاحب جي روضي جي ٻاهران ڏکڻ طرف، ۽ تمر فقير جي تجر کان اوڀر طرف، تربتن جي اتر واري قطار سان لاڳيتي ڏکڻ طرف واري قطار ۾، اولهه کان ٻيو نمبر آهي.

 

(2) والد جي رهنمائيءَ هيٺ تربيت وارو دور (1115- 1120هه؟)

ننڍپڻ واري مڪتبي تعليم بعد، بلوغت توڙي نوجوانيءَ واري دور تائين شاهه لطيف جي تربيت پنهنجي والد شاهه حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ ٿي. هو هميشه گڏوگڏ هئا، اهڙو جو ڄڻ هڪٻئي جا رفيق هئا. شاهه حبيب پاڻ پڙهيل هو ۽ دعا خاطر تعويذ لکي ڏيندو هو. بعضي هو حال وارا بيت پڻ چوندو هو. عالمن ۽ عارفن جو صحبتي هو ۽ خود پاڻ پنهنجي وقت ۾ وڏو فيض وارو عابد زاهد هو. مير علي شير قانع کيس ”ڪريمي سلسلي جو ناميارو بزرگ ۽ وجد ۽ حال وارو ڪرامتن جو صاحب“ سڏيو آهي(1). سندس تاڪيد ۽ سعيو توڙي سندس نظر فيض اثر جو سايو، ٻيئي سڪيلڌي لطيف سان شامل حال رهيا. ٻئي طرف خود نوجوان لطيف ۾ پاڻ پنهنجو سوچڻ ۽ اعليٰ اخلاقي ۽ روحاني منزلن ماڻڻ جو ذوق ۽ جذبو موجزن ٿيو.

پر هاڻي شاهه حبيب ڪوٽڙي ۾ لڏي آيو ۽ نوجوان لطيف جي ڏسڻ وائسڻ جو دائرو اُتر طرفان هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۾ بلڙي تائين، ۽ اولهه طرفان ڪوٽڙي واري علائقي کان وٺي اوڀر ڏانهن ڀِٽ ۽ گنباٽ تائين ۽ اُتان کان ڏکڻ ڏانهن نصرپور تائين وسيع ٿيو.

شاهه حبيب جو سُئي قندر مان لڏي ڪوٽڙي مغل ۾ ويهڻ: شاهه لطيف ڏهن ٻارهن کن سالن جو هوندو، جو شاهه حبيب ’سئي قندر‘ واري ڳوٺڙي مان لڏي وڃي اٺ نو ميل اولهه- ڏکڻ طرف ’ڪوٽڙي مغل‘ ۾ ويٺو. هڪ مقامي روايت موجب، سندس لڏڻ جو سبب اهو هو جو شاهه عبداللطيف اڃان سِرجيو ئي هو جو ڏيرن فقيرن مان ڪن درويشن شاهه حبيب کي چيو ته: ’قطب سِرجيو آهي ۽ هِت رجوعات ٿيندي. اسين فقير کٻڙن ۾ لڪا پيا آهيون. هاڻي يا اوهان وڃي ٻئي پاسي ويهو يا اسان کي لڏڻو پوندو.“ پوءِ شاهه حبيب وڃي گهران پڇيو ته بي بي صاحبه اميدواري جي تصديق ڪئي. فقيرن جي اها ڳالهه ئي سبب بني جو شاهه حبيب بالآخر سُئي قندر مان لڏيو. هيءَ روايت پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ڀانئجي ٿو ته سندس سهري عرس فقير ڏيري جي فوت ٿي وڃڻ جي ڪري شاهه حبيب ’سُئي قندر‘ واري ماڳ کي ڇڏيو ۽ گنباٽ واري ڀيڻيءَ مان لڏيو. سندس لڏڻ جو هڪ خاص سبب اهو به هو جو ’ڪوٽڙي‘ جو رئيس مرزا بيگ مغل، جيڪو سندس عقيدتمند هو، تنهن خير ۽ برڪت خاطر شاهه حبيب کي دعوت ڏيئي وٺي آڻي ڪوٽڙيءَ ۾ رهايو جو کيس دعا ۽ سهاري جي ضرورت هئي. مير صاحب سانگي جي بيان موجب، شاهه حبيب ڪوٽڙي شهر لڳ ٻاهران پنهنجو گهر ڪيو(1).  اندازو ٿئي ٿو ته اهو گهر، مرزا بيگ مغل جي حويليءَ واري ڪوٽ سان لاڳو الهندي طرفان هو جنهن کان اولهه طرف جهنگ ۽ لال لئو هو.

والد جي تربيت وارو دور: شاهه حبيب هاڻي پنهنجي سعادتمند فرزند کي پنهنجي صحبت ۽ رفاقت ۾ رکي سڄو توجھ سندس تربيت تي ڏنو ته جيئن هو ذهني، اخلاقي ۽ روحاني طور اعليٰ درجي کي پهچي. کيس هميشـﮣ پاڻ سان گڏ پئي رکيائين ۽ جتي پئي ويو اُتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ پئي وهاريائين. کيس وٺي اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي آخري آرام گاهه تائين پاڻ سان گڏ نيائين، ۽ پڻ شاهه ڪريم جي فقيرن سان ملايائين. ٻئي طرف ميين شاهه عنات سان ملڻ لاءِ کيس شاهپور- نصرپور تائين گهمايائين. اهڙيءَ طرح بلوغت ڏانهن اُسرندڙ، سالم طبع ۽ ذهين لطيف پنهنجي والد سان گڏ اُنهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجهه پرايو. هاڻي سندس ڏسڻ وائسڻ جو دائرو ويتر گهڻو وڌيو: يعني اُتر طرفان هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۽ بُلڙي ۽ ٺٽي تائين ۽ اوڀر طرف گنباٽ کان اڳتي ڀينءَ پور، هالا حويلي، شاهپور ۽ نصرپور تائين وڌيڪ وسيع ٿيو. البت سندس گهڻو سارو وقت ڪوٽڙيءَ ۾ ئي پئي گذريو: شاهه حبيب جهڙي اهل دل درويش پنهنجي صالح فرزند کي پاڻ جيڏن سان راند روند ڪرڻ کان ڪونه ٿي روڪيو، جو ان ننڍيءَ ٽهيءَ ۾ لطيف جو گز ڪمان کڻڻ يا ساٿي ٻارن سان لڪ لڪوٽي راند ڪرڻ جو ڪن روايتن ۾ ذڪر آيو آهي. پر شاهه حبيب ساڳئي وقت، وڏي سُرت سمجهه واري لطيف کي پنهنجي خاص توجهه، اعليٰ تربيت ۽ عارفانه نظر سان اعليٰ اخلاق ۽ نيڪ اعتقاد ڏانهن مائل ڪيو. نوجوانيءَ واري دور ۾ قدم رکڻ سان گڏ کيس طريقت جي راهه ڏَسيائين ۽ نفساني خواهشن تي ضابطي خاطر زهد ۽ جهد جي تلقين ڪيائين. پنهنجي والد بلڪ مرشد جي اهڙي هدايت ۽ رهبري هيٺ نوجوان لطيف لوڪ کان پاسيرو ٿي، جهنگ ۾ گوشائتو ويهي، ڌڻيءَ جي ياد ۾ محو ٿي، پنهنجي نفس کي نمائڻ ۽ پاڻ پچائڻ لڳو. هن خلق کان پري ٿي جن ماڳن تي رياضت ڪئي ۽ چِلا ڪڍيا تن سڀني بابت معلومات موجود نه رهي آهي، پر ٽن جاين بابت پوري پڪ آهي جتي هو وڃي گوشائتو ويٺو ۽ عبادت ۾ محو ٿيو. اهي جايون اڃان تائين نوجوان لطيف جي اُتي ويهڻ ۽ رياضتن ڪرڻ سببان مشهور ۽ محفوظ رهيون آهن.

انهن مان هڪ هو لَئي جو وڏو شاهي وڻ، جيڪو پوءِ ’لال لئو‘ سڏجڻ لڳو، جنهن جي جهُنڊ ۾ لطيف وڃي ويهندو هو. اهو وڻ ڪوٽڙي ۾ سندس گهر کي ويجهو اولهه طرف واري لاڳيتي جهنگ ۾ هو، جتي ڪنهن اڳئين درويش جو مقام هو ۽ جتي پوءِ شاهه لطيف جي ڪڍيل چِلي ۽ ڪشالي جي يادگار طور مسجد، کوهه ۽ جايون ٺهيون، جن جا آثار توڙي انهي ڀيڻيءَ وارا وڻ هن وقت (1999ع) تائين موجود آهن. لَئي جو وڻ جنهن جي جهُنڊ ۾ لطيف وڃي ويهندو هو سو اتر طرف، مسجد واريءَ جاءِ کي ويجهو آهي. ان جاءِ تي اڃان تائين هڪ جهونو ڏوڙو ڏنگو ’لئو‘ بيٺو آهي جيڪو چون ٿا ته ان اصلي ’لئي‘ جي بنياد مان آهي(1).  

ٻيو نشان غالباً خود ’ڀِٽ‘ واري اُها جاءِ هئي جتي پوءِ شاهه لطيف پنهنجو حجرو ٺهرايو. ان جاءِ تي هو هڪ وڻ جي جهُنڊ ۾ اڪيلو محويت واري حالت ۾ ويٺل هو جو قلندر شوري، جنهن اُتي پنهنجيون ڏاچيون پئي چاريون، کيس ڏٺو. ڏاچين پڻ کيس ڏسي ٽاهه کاڌو جو قلندر شوري ڊوڙي وڃي سندس ڳوٺ (جيڪو ڪوٽڙي کان ڪوهه کن ڀِٽ واري طرف هو) پنهنجي پيءُ صاحبڏني کي ٻڌايو جيڪو ساڻس گڏجي اُتي آيو پر اُها جاءِ خالي پيئي هئي. وڏيري صاحبڏني پوءِ پنهنجي پٽ (قلندر) کي سمجهايو ته: ’شاهه حبيب جو پٽ اڪثر هن جُوءَ ۾ ويراڳ ۽ بيخوديءَ واري حالت ۾ اچي ويهندو آهي، ۽ جيڪڏهن هو ٻئي ڀيري کيس ڏسي ته کانئس دعا گهري‘.

ٽيون نشان اهو هو جيڪو هاڻي ’شاهه جو ڪنڊو‘ ٿو سڏجي، جيڪو ڀِٽ کان ڏيڍ ميل کن اوڀر- اتر طرف (ريلوي اسٽيشن کان به اوڀر ڪنب داڙون- شهدادپور واري رستي تي) آهي ۽ جتي اڃان تائين وڻن جو جهُنڊ موجود آهي، ان جو ذڪر اڳتي ايندو. پر مٿين روايت جيڪا ان وقت جي اکين ڏٺي شاهد قلندر شوري کان بيان ٿيل آهي ۽ پڻ سندس والد وڏيري صاحبڏني جي زباني تصديق ٿيل آهي ان مان ظاهر آهي ته شاهه حبيب مسلسل طور وڏي ڌيان ۽ پختي ارادي سان پنهنجي پياري فرزند جي تربيت پئي ڪئي ته هو زهد ۽ رياضت جي ذريعي روحاني طور ڪماليت جي درجي کي پهچي. مٽياري جي درويش هاشم شاهه جي عبداللطيف جي ولادت بابت ڪيل دعا واري روايت مٿي بيان ٿي چڪي آهي. شاهه حبيب بيشڪ پنهنجي ڀلاري عزيز هاشم شاهه جي دعائيه لفظن تي پڪو يقين رکيو هو: ’لطيف جي بوءِ اچڻ‘ يعني خوشبوءِ ٿيڻ وارا لفظ معنيٰ خيز هئا. شاهه حبيب ٻالجتيءَ کان وٺي لطيف جي هر طرح تربيت ڪئي هئي ۽ هاڻي جڏهن کيس ڪجهه اهڙو ڀروسو ٿيو ته عبداللطيف زهد ۽ عبادت ذريعي ڪافي ترقي ڪئي آهي تڏهن پنهنجي اطمينان خاطر، کيس درويش هاشم شاهه وٽ وٺي ويو. ان وقت شاهه لطيف جي عمر 15 کن سال هئي. هاشم شاهه نوجوان لطيف ۾ اعليٰ صلاحيتن جا آثار ڏٺا، پر باوجود رياضت ۽ عبادت جي هن درويش کيس اڃان به وڌيڪ ترقي ۽ ڪمال طرف ترغيب ڏيندي چيو ته:

’حبيب جو پٽ (اڃان) پچي راس نه ٿيو آهي‘

ڪمال کي پهچڻ واري تربيت اڳيئي سندس والد طرفان جاري هئي، پر هن ترغيب ويتر نوجوان لطيف ۾ نئون جذبو جاڳايو جو هو موٽي اچي زهد ۽ عبادت ۾ مشغول ٿيو (”باز ورع اختيار کرد“) ۽ مسلسل مجاهدي سان بالآخر مجازي رنگ کي مَٽيائين ۽ پنهنجي اندر جي آئيني کي ايترو ته اُجاريائين جو ڏسڻ پسڻ ۽ فهم فڪر جا طور طريقا مٿس عيان ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت ’ڪنڊي واري ماڳ‘ تي سندس ياد الاهي ۾ محويت ۽ ان موقعي تي پنهنجي والد شاهه حبيب طرفان پيار ڀري پڇا تي سندس ڏنل جواب مان ملي ٿو. جيئن ته شاهه لطيف هاڻي وڏو هو انهيءَ ڪري پنهنجي والد کي حال ڏيندو هو ته هُو ڪٿي وڃي ٿو چلو ڪڍي؛ اڪيلائيءَ ۾ عبادت لاءِ ويهڻ کان پوءِ شاهه حبيب سندس سماءُ لهندو هو ۽ پڻ روحاني واردات ۾ سندس حال ڀائي ٿيندو هو. هڪ ڀيري، وچان هڪ ٻن ڏينهن جي وٿي پئجي ويئي ۽ واءُ لڳڻ ڪري ڪنڊي واري جاءِ کي مٽي گهيري ويئي ۽ لطيف جي جسم تي پڻ لٽ چڙهي ويئي. ان حالت ۾ کيس ڏسي شاهه حبيب جي دل ڀرجي آئي (جيئن تصغير ۾ آندل پيار ڀريي لفظ ’انگڙا‘ مان ظاهر آهي) ۽ چيائين ته:

”لڳي لڳي واء، ويا انگڙا لٽجي“

والد جو هيءُ دلنواز آواز ٻڌي شاهه لطيف پڻ ساڳئي جذبي سان جواب ڏنو ته:

”پَئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.“(1)  

شاهه لطيف جو هيءُ جواب، جنهن ۾ ساڳئي دلپذير بيان ۽ ساڳي دلپذير معنيٰ ۾ ٻي سِٽ چئي بيت پورو ڪيائين، سو اِن عمر ۾ سندس اعليٰ شاعرانه شعور جو آئينو آهي؛ پر اُن کان وڌيڪ اهو سندس اندر جي اوجر ۽ روحاني رُتبي تي شاهد آهي ڇاڪاڻ جو هن جواب ۾ سندس پنهنجي ’نيستي‘، ’ڀرپور سڪ ۽ صبر‘ ۽ ’عشق الاهي ۾ رچي راس ٿيڻ‘ جا سڀ اهڃاڻ سمايل آهن(1).  

پير هاشم شاهه سان پهرئين ڀيري ملڻ کان پوءِ شاهه لطيف ٽي سال کن سانده رياضتون ڪيون. هينئر سندس عمر 18 سال کن هئي. شاهه حبيب هاڻي جڏهن ٻيهر کيس درويش هاشم شاهه جـي خذمـت ۾ وٺـي ويـو. تڏهن هن لطيف کي محبت ۽ شفقت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ دعا ڏيندي چيو ته:

”لطيف جو چراغ روشن ٿيندو.“

يعني ته ’آئنده لطيف جو پنهنجو چراغ روشن ٿيندو‘، يا ٻي مراد ته ”هن وقت به روشن آهي پر اڃان اڳتي هلي گهڻو وڌيڪ روشن ٿيندو“(2).  ٻنهي حالتن ۾ هيءَ ورندي واڌائي واري هئي: هڪ طرف شاهه حبيب کي اطمينان ٿيو ته سندس والدانه تربيت جو مقصد پورو ٿيو، ته ٻئي طرف شاهه لطيف کي مستقبل ۾ شمع روشن ٿيڻ واري واڌائيءَ سان گڏ ويتر وڌيڪ ترغيب ملي ته کيس سلوڪ ۽ معرفت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به اڳتي قدم وڌائڻو آهي. درويش هاشم شاهه پوءِ سگهو ئي تاريخ 12- ربيع الاول سنه 1120هه ۾ وفات ڪئي. اُن وقت شاهه لطيف جي عمر ڀريا ارڙهن سال هئي. آئنده تربيت جي واڳ هاڻي خود سندس پنهنجن هٿن ۾ هئي: شفيق والد پنهنجو فرض پورو ڪري چڪو هو، ۽ درويش هاشم شاهه پڻ سندس نالو وٺي کيس دعا سان نوازيو.

 

(3) پاڻ پنهنجي تربيت ۽ ڪماليت ڏانهن قدم وڌائڻ وارو دور (1120- 1142هه)

نوجوان لطيف جو ’خود پاڻ پنهنجي تربيت وارو‘ هيءُ دور ويهه- ٻاويهه کن سال مسلسل طور جاري رهيو. اهو سندس زندگيءَ جو خاص الخاص طلب ۽ تلاش، پرجهه ۽ پروڙ وارو دور هو، جيتوڻيڪ سندس عارفانه تحقيق جو سلسلو سڄي عمر تائين هلندو رهيو. زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان، هيءُ دور ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو: هڪ پهرين پنڌرهن سالن (1120- 1135هه) وارو دور، جنهن ۾ سندس سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ ڪجهه پرانهان هئا، ۽ ٻيو پوين پنجن- ستن کن سالن وارو دور (1135- 1142هه)، جنهن ۾ سندس ٻاهرين پنڌن سان گڏ ’ڀِٽ واري ڀيڻيءَ‘ تي پڻ توجهه ٿيو. انهن ٻنهي دورن ۾ حق ۽ حقيقت جي مسلسل طلب ۽ تلاش جا اڳتي هلي جيڪي نتيجا نڪتا ۽ جن جا اهڃاڻ شاهه عبداللطيف جي پوئين دور واري زندگي ۾ نمايان ٿيا، تن جي بناءَ تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته هن عرصي ۾ سندس عملي ۽ فڪري ڪشالي جو رخ خاص طرح هيٺين پنجن طرفن ڏانهن رهيو: 1. ڏسڻ پسڻ ۽ پرجهڻ پروڙڻ خاطر سير سفر جو سلسلو شروع ڪيائين، 2. شاديءَ جي رسم پوري ڪيائين، 3. عارفانه زندگيءَ جي عملي راهه رسم جي ڄاڻ لاءِ پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽ طور طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، 4. سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ ميين شاهه ڪريم جي بيان ڪيل نُڪتن ۽ حقيقتن توڙي مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل رازن کي پروڙڻ طرف توجهه ڪيائين، ۽ 5. ٻين جي تلقين لاءِ، پنهنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ واين ذريعي ظاهر ڪرڻ جو پهه ڪيائين.


ë نسب نامي وارو سڄو تفصيل مٽياروي سيدن جي روايتي شجري تان ورتل آهي، جيڪو اصل فارسي ۾ هو ۽ جنهن جا فقط سنڌي اُتارا هن وقت موجود آهن. سيد حيدر جي سنڌ ۾ اچڻ تائين هن شجري جي موجوده روايت ۾ البت ڪي نقص آهن: هڪ ته سيد حيدر کان امام موسيٰ ڪاظم تائين ڏنل نسب نامي ۾ ڪي پيڙهيون کٽل آهن، ۽ ٻيو ته سيد حيدر غالباً امير تيمور جي هندوستان تي حملي کان اڳ سنڌ ۾ آيو.

(1) بزرگ ’شهاب الدين جو مقام‘ بدين شهر کان ڏيڍ ميل کن اتر- اولهه طرف آهي ۽ عوامي زبان ۾ ’شاهه بدي‘ (شهاب الدين) جو مقام سڏجي. بدين شهر جو نالو پڻ ’شهاب الدين‘ (= شهاب دين= شاهه بدين= بدين) جي نالي پويان پيو. شاهه للي جي مزار ان مقام ۾ موجود ۽ مشهور آهي.

(2) يعني ’شاهه ڪريم لَلاڻي جو ڳوٺ‘ (لَلاڻي مان مراد ’للي جو پُٽ‘ آهي) جنهن بابت ڪنهن مرادوند بيت چيو ته:

                                                                              وانءُ للاڻي لـوءِ،  جت  ولايت  ونڊ  ٿئي

معرفت  مڪان  ۾  وڻ  ٽــڻ  وائي  چوءِ

ساٿِيڙي سڀڪهين  پاند  پنئو   ٿو   پوءِ

سيد پيرُ سنـدو، مان پَسي حالُ هَٿَ کڻي.

(1) اوائلي مصنفن، مير علي شير قانع توڙي ٻين، جن ’بيان العارفين‘ واري شجري کي سامهون رکيو تن هيءُ نالو ’جلال‘ ڪري ڄاڻايو آهي. البت ان کان پوئين دور ۾ اهو نالو ’جمال شاهه‘ ڪري لکيو ويو.

(2) چون ٿا ته اها جاءِ پوئين ويجهي وقت ۾ مرحوم ’ماڪن شاهه‘ جي حوالي هئي. 1940ع ڌاري اُتي نم جا ڪي وڻ هئا، ۽ پڻ چوديواري سان هڪ ننڍڙي ڪوٺي بيٺل هئي، پُراڻين ڀتين سان ۽ هيٺاهين ڇت سان، جنهن تي پٽيون تڏا هئا ۽ هيٺ زمين تي به ڪي تڏا پيل هئا. اهي شاهه حبيب جا ڪک سڏبا هئا. ماڻهو ادب ڪندا هئا ۽ اُتي ختما چلا ڪڍندا هئا.

(1) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص ص 180- 181 روايت مشهور آهي ته انهي ڪري ئي کيس ادب وچان بيبي بتول، بيبي راڻي يا بيبي سردار سڏيندا هئا.

(2) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 173.

(3) ٽکڙ واري شجري ۾ صاف ائين ڄاڻايل آهي. محمد حافظ شاهه بن گهريو شاهه پاڳارو هو.

(4)  سمهباڻي، يعني سيد سمهبه ابن عبدالوالي (بن دين محمد بن شاهه ڪريم) جو اولاد. کيس چار پٽ هئا. عبدالرحمان، عبدالحڪيم، بهارو ۽ ابوالفتح. جيڪڏهن شاهه حبيب جي نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي ته (پيڙهين ۽ وقت جي اندازي مطابق) اها خود سمهبه شاهه جي ڪنهن پٽ کي ڏنل هوندي.

(1)  مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته شاهه صاحب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو، پوءِ ڪنهن اولياء کان دعا گهريائين، جنهن کيس يقين ڏياريو ته: ”توکي پٽ ڄمندو، جو زماني جو غوث ٿيندو ۽ تنهن جو نالو عبداللطيف رکجانءِ“ (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص 13). البت اهو ڪونه ڄاڻايائين ته کيس اها ڳالهه ڪٿان معلوم ٿي يا اهو ولي ڪهڙو هو جنهن دعا ڪئي. هيءَ روايت مٽياري ساداتن جي خانداني روايت آهي، جيڪا مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽ اعتبار جوڳي آهي. ڪافي ڳولا بعد آخرڪار هيءَ روايت راقم کي تحريري صورت ۾ ملي. اها تحرير جيتوڻيڪ پوءِ جي آهي، پر يقيني طور ڪنهن آڳاٽي ذخيري تان نقل ٿي. جن لفظن ۾ اها نقل ٿيل آهي، تنهن کي ٽکڙ جي ’منعماڻي‘ پاڙي وارن سيدن جي زباني بيان ٿيل روايت چوڻ مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اها لکت انهن ئي وٽ محفوظ رهي آهي. اڄ کان هڪ صدي اڳ سنه 1300هه ۾ جنهن اها نقل ڪري لکي، تنهن کي وري ”ڇنڇر ڏينهن ڏهين تاريخ ربيع الاول سنه 1361هه“ ۾ حافظ بسمل ٽکڙائي اتاريو. اهو بياض محترم قمرالزمان شاهه جي مهربانيءَ سان راقم جي مطالعي هيٺ آيو.

(2)  درويش هاشم شاهه جڏهانڪر مستي ۽ مجذوبي ۾ آيو ته هندوستاني ڳالهائڻ لڳو. غالباً قلندر شهباز تي ڪن ٻاهرين عقيدتمندن سان ڳالهائيندي اها ٻولي اختيار ڪيائين. اسان هت سندس قول هندوستاني بدران سنڌيءَ ۾ ڪري لکيا آهن.

(3) ثابت فقير ايڏي وڏي درجي وارو هو جو کيس ’ميان ثابت‘ ڪري سڏيو ويو. سندس قبر ’سُئي قندر‘ واري قبرستان ۾ ڏيرن فقيرن جي خاص مقام ۾ هڪ اوچي ٿلهي تي آهي جنهن تي ست قبرون آهن، جن مان اولهه طرف کان پهرين قبر ثابت فقير جي آهي ۽ سِر تي پڻ نالو ’ميان ثابت‘ لکيل آهي.

(1) سنه 1959ع ۾ جڏهن راقم شاهه حبيب جي گهر واري جاءِ وڃي ڏٺي ۽ پڻ اندر مقام ۾ شاهه عبداللطيف جي اُنهن سڳن ڀائرن جون قبرون وڃي ڏٺيون ته اُهي تازو ڪجهه وقت اڳ نئين سِر ٻَڌايون ويون هيون. هڪ تي ’عبداللطيف‘ جي نالي جي سِر لڳل هئي، پر ٻيءَ تي جيڪا سِر هنئي ويئي هئي، تنهن تي ’عبدالرشيد‘ نالو لکايو ويو هو، حالانڪ اڳ ٻنهي تربتن تي ’عبداللطيف‘ نالا لڳل هئا. ٽکڙ واري شجري ۾ به شاهه عبداللطيف جي ٻين ٻن ڀائرن جا نالا ساڳيا ’عبداللطيف‘ ڄاڻايل آهن.

(1) ڄم يا چلو ڪري ڀانيل جاءِ مسجد سان لڳو لڳ اُتران آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح شاهه صاحب سان منسوب ڪئي وڃي ٿي. ٻه ڳوٺ هڪ ٻئي سان لاڳو ۽ ويجها آهن: ’ڀينءَ پور‘ اتر طرف، ۽ سمن جو ڳوٺ ’لڌا سما‘ (’لڌا‘ سمن جو پاڙو) ڏکڻ طرف آهي.

(2) لطائف لطيفي، ص 29.

(3) لطف اللطيف، ڪراچي، 1950ع، ص- 10.

(4) لالواڻيءَ جو شاهه عبداللطيف بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب، ڇپيل سنه 1889ع، ص-1.

(5) گربخشاڻي، شاهه جو رسالو جلد-1، ص-11.

(6) مرزا قليچ بيگ احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، راقم جو سنواريل ڇاپو، 1392هه/ 1972ع، ص-9.

(7) ميين شاهه عنات رضوي، پنهنجي حياتيءَ جي آخري سالن 1130هه- 1133هه ڌاري (جڏهن شاهه عبداللطيف به ٽيهن سالن کن جو هو، ۽ ماڻهن ۾ توڙي ميين شاهه عنات وٽ سندس عزت هئي) وڏيري ڏهيسر پليجي تي ڏمرجي هيٺيون بيت چيو، جنهن ۾ رخ بدلائيندڙ درياءَ کي خطاب ڪندي هالا حويلي کي به بددعا ڏنائين ته واريءَ ۾ لٽجي پورجي وڃي:

ڳاهڪي کي ڳُڙ ڪري پلـيجاڻي پاءِ

واري جا ولايت جي هالا حـويلي لاءِ.

شاهه عبداللطيف جي ميين شاهه عنات سان محبت هئي. جيڪڏهن شاهه عبداللطيف هالا حويلي ۾ ڄائو هجي ها ته اها ڳالهه ميين شاهه عنات کان ڳجهي ڪانه رهي ها (جو هالا حويلي نصرپور کان فقط چار ميل پري هئي) ۽ پاراتي ۾ ان جو نالو نه آڻي ها (مٿين بيت لاءِ ڏسو ميين شاهه عنات جو ڪلام، مقدمو ص 35، لطائف لطيفي، ص- 164.)

(1) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص- 169.

(2) سنه 1964ع ۾ هن سلسلي ۾ پڇائون ڪندي، حڪيم قاضي محمد بخش مرحوم 9- آگسٽ 1964ع تي نصرپور ۾ تصديق سان ٻڌايو ته: سيد جيئندل شاهه (اصل ويٺل ’هالا حويلي‘ جو جيڪو پوءِ اچي ڳوٺ عثمان شاهه جي هُڙي ۾ ويٺو) چوندو هو ته ڀٽائي صاحب ’هالا حويلي‘ ۾ ڄائو ڪونه هو، پر وڏي هوندي ’هالا حويلي‘ مان سندس لنگهه هو، جو اتان ’لڌا سما ۽ ڀينءَ پور‘ ڏانهن پنهنجن مريدن فقيرن وٽ ويندو هو. اها واٽ هن طرح هئي: ڀٽ، اڏيرولال، هالا حويلي، نصرپور ۽ اتان ’لڌا سما‘ ۽ ’ڀينءَ پور‘ جيڪي ٻيئي لڳولڳ آهن.

(1) ’گنباٽ‘ هڪ وڏي ايراضي جو نالو هو. موجوده صورتحال موجب، اها ايراضي شهدادپور تعلقي جي حدن ۾، شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم جي وچ ۾ ريلوي لائين کان اولهه طرف ويندي وڏي واهه سکر بئراج تائين، اتر ۾ ’مَلدَسي‘ ۽ ’گولي پير‘ تائين، ۽ ڏکڻ ۾ ڳوٺ ’مُلي مکڻ‘ تائين هئي. سمن جي دور کان وٺي هي هڪ وڏي آباد ايراضي هئي. ترخانن جي دور ۾ هيءَ ايراضي شاهه قاسم بيگلار جي جاگير ۾ هئي، جنهن هتي گنباٽ وارو قلعو ٺهرايو جنهن جا آثار ’مِٺن فقير ڏيري‘ جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ اولهه طرف، ويندي 1976ع تائين موجود هئا، ۽ راقم پاڻ ڏٺا.

(2) ’وانئين‘ يعني ننڍڙي ’وانءَ‘ يا ننڍڙو ڳوٺڙو، جنهن کي سانگي، مرزا قليچ بيگ ۽ لالواڻي ’وائي‘ ڪري لکيو. سانگي ڄاڻايو آهي ته اهو ڳوٺ اڏيري کي ويجهو آهي. لالواڻي جنهن سنه 1889ع ۾ ان بابت پڇا ڪئي هئي، سو لکي ٿو ته اهو ڳوٺڙو اڏيري کان چار ميل ۽ ڀٽ کان ٻارهن ميل پري آهي ”جتي هن وقت ابڙا رهن ٿا“ (1899ع ۾ ڇپيل انگريزي ڪتاب، ص-11)

(3) ڀٽ تي ميين نورمحمد واري اوطاق 1954ع تائين موجود هئي. ان سال مٿي درگاهه ڏانهن ويندڙ رستي کي سرڪاري طور ڪشادي ڪرڻ وقت اها ’ميين جي اوطاق‘ رستي جي وچ ۾ اچي ٿي ويئي ۽ ’بل ڊوز‘ ڪري ڊاٺي ويئي. پوءِ فقط هڪ کوهي باقي وڃي رهي هئي جيڪا رستي جي پوري وچ تي هئي ۽ مٿان ڪنهن ڍڪ سان ڍڪي ڇڏي هئائون، جيڪا راقم پاڻ ڏٺي هئي. ’ميين جي اوطاق‘ ۾ هڪ ’دڪي‘ ٺهيل هئي جيڪا چُن سان لتل هئي؛ پويان ميان ان جي خاص سنڀال ڪندا هئا ۽ روزانو ڇنڊڦوڪ ڪندا هئا ڇاڪاڻ جو بعضي شاهه صاحب جڏهن پنهنجي استاد وٽ ايندو هو ته ان دڪيءَ تي اچي ويهندو هو. ميين نورمحمد جي پٽ ميين ولي محمد جي شاهه صاحب وٽ وڏي عزت هئي، ايتري قدر جو وفات بعد ميين ولي محمد ئي شاهه صاحب کي غسل ڏياريو ۽ جنازي نماز پڙهائي.  

(1)  ”مير حبيب الله کـﮣ همانا ذات اقدسيش ناموس سلسلـﮣ کريميـﮣ وبکرامات ظاهره اظهر من الشمس است“ (مقالات الشعراء، ص357). ”هميشه صاحب وجد و حال بود واستغراق کمال داشت.“ (تحفة الڪرام، مطبع ناصري دهلي، 3X173).

(1)  اهڙو اشارو سانگي جي نظم ۾ آهي: (لطائف لطيفي، ص 61):

بوده در قرب شهرش خانـﮣ آباد    ازان سيد حبيب شاهه آزاد

(1)  لطائف لطيفي، ص-144.                     

(1)  لطائف لطيفي (ص 93- 94) جي پڙهڻي ”پسڻ خاطر“ آهي. لالواڻي جي انگريزي ڪتاب (”شاهه لطيف“، ص- 18) ۾ ڏنل پڙهڻي ”پسڻ ڪارڻ“ آهي.

(1)  سانگي، هن اهم واقعي جي اصليت بدران ان جي بالڪل اُبتڙ هڪ عامي روايت کي قلمبند ڪيو آهي (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص ص 144- 145) ته: شاهه لطيف ان وقت ننڍو ڇوڪرو هو ۽ محض راند خاطر ٻين ڇوڪرن سان گڏجي اُتي ويو هو ۽ راند ڪندي هو هڪ ڪنڊي جي ٿڙ واري پور ۾ وڃي لڪو يا ان جي آڏو واريءَ جو دڙو هو تنهن ۾ لڪو جو کيس ڪوبه ڏسي نٿي سگهيو. ٻيا ڇوڪرا بالآخر موٽي ويا پر پاڻ اُتي ئي عبادت ۾ محو ٿي ويو. هن روايت ۾ هيءُ راند وارو بيان گهڻو پوءِ ڳنڍيو ويو ته جيئن ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاهه صاحب جي ڪرامت وڌيڪ روشن ٿئي. پر ان موقعي تي شاهه حبيب ۽ شاهه لطيف جي چيل پُرمعنيٰ سٽن مان ظاهر آهي ته شاهه لطيف ان وقت راند واري وهيءَ کان وڏو هو، ۽ پنهنجي ڪيل رياضت توڙي شاهه حبيب جي تربيت جو مٿس گهرو اثر پئجي چڪو هو.

(2) ان بعد هن روايت ۾ هيٺيان لفظ آهن:

”پوءِ (شاهه حبيب) سمجهيو ته ڪمال حاصل ٿيو آهي. پوءِ

ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪيائون ۽ مريد ڪيائون.“

ظاهر آهي ته اهي الفاظ پوءِ راويءَ طرفان وڌايل آهن. هاشم شاهه واري زباني سان ڄڻ انهن جي ڪابه مناسبت نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ جو درويش ”هوگا“ (ٿيندو) جو لفظ چيو ۽ نه ”هو گيا هي“ (ٿي ويو آهي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org