سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:5 

سُر ڪلياڻ

 

داستان پهريون

 

1

اوَلِ اَللهُ  عَلِيمُ، اَعليٰ عالَمَ جو ڌَڻِي

قادرُ پَنهِنجِيءَ قُدرَتَ سِين قائِمُ آهِ قَدِيمُ

والِي واحِدُ وَحدَهُ رازِقُ رَبُ رَحِيمُ

سو ساراهِ سچو ڌَڻِي، چَئي حَمدَ حَڪِيمُ

ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙَئُون جوڙَ جَهانَ جِي.  [1]

سمجهاڻي: سڀ کان پهرين (تعريف جي لائق) الله آهي جيڪو سڀني کان وڌيڪ ۽ سدائين ڄاڻندڙ آهي. جيڪو سڀني کان مٿانهون ۽ سموري ڪائنات (جڳ جهان) جو مالڪ (مختار) آهي. (فقط) اهو ئي پنهنجي طاقت ۽ قوت سان (هر شيءِ تي) قادر (قدرت وارو) آهي. اُهوئي ازل (جنهن جي ڪا شروعات ناهي) کان محڪم ۽ موجود آهي. اُهو ئي مالڪ يعني موليٰ آهي. جيڪو هڪ ئي هڪ آهي، لاشريڪ ۽ اڪيلو آهي (هن جهڙو ٻيو ناهي) اُهو ئي سڀني کي روزي رسائيندڙ، پالڻ وارو ۽ هميشه ٻاجهه وارو آهي.

(بيشڪ) تون اهڙي سچي سائينءَ جي ساراهه ۽ تعريف ڪر، جيڪو وڏي ۾ وڏي حڪمت (دانائيءَ) وارو آهي. اُهو ئي سدائين سڀني کي پيو نوازي ۽ جوڙن (نر ۽ مادي) منجهان سڄي جهان کي پيو جوڙي ۽ خلقي. (فقط اُهو ئي پنهنجي مهربانيءَ سان) سڄي ڪائنات کي ٿو هلائي.

[هن بيت ۾ ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ جي ساراهه ۽ تعريف ڪيل آهي. هن بيت ۾ الله تعاليٰ جا سورهن نالا آندل آهن. الله جي نالن کي قرآن ۾ ’اسماءَ الحسنيٰ‘ (سهڻا نالا)، سڏيو ويو آهي. حديث جي ڪتابن ۾ عام طور الله سائينءَ جا نوانوي نالا ڄاڻايل آهن، ليڪن درحقيقت اهي نالا بيشمار يا اڻ کٽ آهن. ’الله‘  اسم ذاتي چئبو آهي، صوفين وٽ اهو ’اسم اعظم‘ به آهي.

الله جي ذات ۽ صفات ۾ ڪو شريڪ ناهي يا هو پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ هڪڙو (واحد) آهي. صوفين جي نظر ۾ مخلوقات يا موجودات الله جي اسمن ۽ صفتن جو مظهر آهي. ان لحاظ کان اول مان مراد اها ذات آهي جنهن جي نه ابتدا آهي ۽ نه آغاز آهي. الله اسم ذاتي هجڻ سان گڏ سڀني الاهي صفتن جو جامع آهي. يعني هن هڪ نالي وٺڻ سان سڀ نالا اچي وڃن ٿا.

’عليم‘ يعني گهڻو ڄاڻندڙ. هتي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته علم ڪلام موجب خدا جي ستن صفتن کي بنيادي صفتون چيو ويو آهي ۽ اهي آهن: حيات، علم، قدرت، ارادو، سمع، بصر ۽ ڪلام. عليم جو مطلب آهي ته الله هر شيءِ جي پيدا ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي ڄاڻي ٿو. هن جو ڄاڻڻ ان ڪري به ضروري آهي ته جيستائين ڪنهن شيءِ جي ڄاڻ نه هوندي، تيستائين ان جي تخليق ٿي نه سگهندي.

’اعليٰ‘ معنيٰ سڀ کان مٿانهون، جنهن کان مٿي ٻئي ڪنهن جو مرتبو ناهي. ’عالم جو ڌڻي‘ مان مراد مالڪ الملڪ جو اسم آهي. هو اهڙو مالڪ آهي جنهن کي اختيار آهي ته مخلوق تي جيڪو حڪم وڻيس سو هلائي، ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. قادر يعني قدرت وارو يعني هو ٻئي ڪنهن جي مدد کان سواءِ هر شيءِ کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ ان تي حڪم هلائڻ وارو آهي. قائم جو مطلب آهي ته هو پنهنجي ذات سان پنهنجو پاڻ قائم آهي، هو ٻئي ڪنهن وجود يا هستي جو محتاج ناهي. هن کي پنهنجي وجود لاءِ ٻئي ڪنهن سهاري جي ضرورت ناهي، بلڪ ٻيون سڀ شيون هن جي وجود سان قائم آهن. قديم مان مراد آهي ته هو ابتدا ۽ انتها کان پاڪ آهي. هن جي ذات ازلي ۽ ابدي آهي. هو آدجڳاد کان آهي.

’والي‘ مان مراد سنڀاليندڙ يا رکوالو آهي. ساري مخلوقات هن جي سنڀال ۾ آهي ۽ هو پنهنجي قدرت ۽ تدبير سان ڪائنات جو انتظام هلائي ٿو. ’واحد وحده‘ يعني هڪڙو هيڪڙائيءَ وارو. ان مان مراد آهي ته جيئن هو پنهنجي ذات ۾ هڪڙو آهي ته صفتن ۾ به هڪڙو آهي. هونئن واحد ان کي چئبو آهي جنهن جا ڪي به حصا ٿي نه سگهن. هو هر لحاط کان هڪڙو آهي.

رازق جو مطلب آهي ته هو سموري مخلوقات جي روزيءَ جو ضامن آهي، ۽ هر شيءِ کي روزي رسائي ٿو. ربّ مان مراد پاليندڙ آهي. هو زمين ۽ آسمانن جو پاليندڙ آهي ۽ هر ننڍي شيءِ کان وٺي وڏي شيءِ جو پالڻهار آهي ۽ انهيءَ جي پالنا جو سمورو بندوبست سندس ڪيل آهي. رحيم معني بخشيندڙ ۽ رحمت ڪرڻ وارو، جيڪو پنهنجن ٻانهن جي خطائن، ڏوهن ۽ گناهن کي ميٽي ٿو ۽ خاص طور آخرت ۾ معاف ڪرڻ وارو آهي.

بيشڪ هر عقل ۽ شعور واري کي اهڙي سچي سائينءَ جي واکاڻ ۽ تعريف ڪرڻ گهرجي جيڪو واقعي تعريف جي لائق آهي. اهو ئي حڪيم يعني حڪمت وارو آهي ۽ شين جي حقيقت کي ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي شيءِ کي ڪهڙي ڪارج واسطي پيدا ڪيو اٿس. هن جو ڪوبه ڪم حڪمت کان خالي ناهي. هو ڪريم ان ڪري آهي جو سندس نعمتون بغير حساب آهن. هو پنهنجي مڃڻ ۽ نه مڃڻ وارن سڀني تي پنهنجي مهرباني ۽ ڪرم ڪري ٿو. اهو ئي اهڙو خالق آهي جنهن جوڙن مان جهان کي خلقيو آهي.

قرآن شريف ۾ پڻ ڪيترن هنڌن تي اها سمجهاڻي ملي ٿي ته هر شيءِ کي جوڙن جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي ته جيئن توهان ان مان هدايت حاصل ڪريو.

ومن کل شيءِ خلقنا زوجين لعلکم تذکرون (سورة الذاريات، آيت 49)

ترجمو:  ۽ اسان هر شيءِ جا جوڙا جوڙا بڻايا ته جيئن اوهان نصيحت وٺو.

مثنوي روميءَ ۾ به ان ڳالهه جي عام فهم سمجهاڻي ملي ٿي ته جهڙيءَ طرح تاڙي ٻن هٿن کان سواءِ نه وڄندي آهي، تيئن هيءَ ڪائنات هر لحاظ کان جوڙن جي صورتن جو منظر پيش ڪري ٿي. رومي چوي ٿو ته آسمان مذڪر آهي ته زمين مؤنث!

جمله  اجزاي جهان  زآن حکم پيش،

جفت جفت و عاشقان جفت خويش.

                        (دفتر سوم، ب 4401)

معنيٰ: هن جهان جا سڀ جزا حق تعاليٰ جي حڪم موجب جوڙا جوڙا آهن ۽ هڪ ٻئي جا عاشق آهن.]

2

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، اِيءُ وِهائجِ وِيءُ 

کَٽِين جي هارائِيين، هَنڌُ تُنهِنجو هِيءُ

پاڻان چوندءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو. [2]

سمجهاڻي: هو (الله تعاليٰ) هڪ آهي، سندس ٻيو ڪو مٽ ثاني ۽ شريڪ ڪونهي (خدا کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ناهي). (اي انسان) تون اهوئي وڏو نفعي وارو سودو خريد ڪر (اهائي سيڙپ ڪر). (ياد رک)تنهنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو هنڌ ۽ ماڳ اهو (موجوده جهان) ئي آهي. (ڪاميابيءَ جي صورت ۾ ملائڪ) ضرور توکي جنت ۾ پيالو ڀري ڏيندا ۽ چوندا ته اچي وٺ ۽ پيءُ!

3

وَحدَهُ  لاشَرِيڪَ  لَہُ،  هِي  هيڪَڙائِيءَ  حَقُ

ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرِسِيا. [3]

سمجهاڻي: ’الله‘ هڪڙو آهي ۽ هن جو ڪوبه شريڪ ناهي. وحدانيت (توحيد) جو حق ۽ سچ ۽ اصل اهوئي (يقين) آهي. باقي جيڪي دوئيءَ کي چنبڙيا (ٻيو ڪو ويساهه رکيو) ته اهي بيشڪ ڀليل ۽ گمراهه آهن.

[مثنويءَ ۾ توحيد جي سمجهاڻي ڏيندي، رومي چوي ٿو:

چيست  توحيد  خدا   آموختن،  خويشتن را پيش واحد سوختن.

در من وما سخت کردستي تو دست،   هست اين جمله خرابي از دو دست.

(دفتر اول، ب- 3011 ۽ 12)

معنيٰ: خدا جي توحيد جو ڇا مطلب آهي؟ پاڻ کي ان واحد هستيءَ ۾ فنا ڪرڻ آهي، پر تون ’مان ۽ تون‘ واري ٻيائيءَ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهين. مطلب ته اها ساري خرابي ٻن وجودن (پاڻ کي ذات کان الڳ رکڻ) ۾ آهي.]

4

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا

ڪِ تو ڪَنين نه سُئا، گهَٽَ اَندَرِ گهوڙا

ڳاڙِيندين ڳوڙها، جِتِ شاهِدَ ٿِيندَءِ سامُهَان. [4]

سمجهاڻي: هو پاڻ (الله تعاليٰ) هڪ آهي، ٻيو ڪوبه ساڻس برابر يا مٽ ناهي! اي ٻوڙا، ڇا تو اهو (هيڪڙائيءَ وارو) آواز يا سڏ ڪونه ٻُڌو؟ ڇا تو پنهنجي اندر مان اهڙي ڪا ڳالهه نه ٻُڌي! (افسوس!) حساب واري ڏينهن جڏهن تنهنجي سامهون گواهه اچي بيهندا تڏهن تون پيو روئيندين ۽ ڳوڙها ڳاڙيندين.

5

وَحدَهُ لاشرِيڪَ لَہُ، جان ٿوچَئِين اِيئَن

مَڃُ مُحَمدُ ڪارَڻِي، نِرتَئُون مَنجهان نِينهَن

تان  تُون  وڃئو  ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.    [5]

سمجهاڻي: جڏهن تون ائين چوين ٿو ته الله هڪڙو آهي ۽ ان جهڙو ٻيو ڪوبه ناهي (ان حقيقت تي ايمان آڻين ٿو) ته پوءِ تون حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي دل جي سچائيءَ سان راهه جو وسيلو ۽ واسطو ڪري مڃ (هن جي رسالت جو اقرار ڪر). ان کان پوءِ تون ٻين جي آڏو ڪيئن ٿو پنهنجو سر جهڪائين! (فقط هن کي ئي پنهنجي ڇوٽڪاري جو سبب ۽ ڪارڻ سمجهه)

[مثنويءَ ۾ وري هن سلسلي ۾ مشهور حديث ’لولاک لما خلقت الافلاک‘ جو حوالو پڻ ملي ٿي، جيئن چوي ٿو:

با محمد بود عشق پاک حقت

بهر عشق او را خدا لولاک گفت

(دفتر پنجم ب 2837)

معنيٰ: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سان الله جو عشق گڏ هو. انهيءَ عشق جي ڪري چيائين، ’جيڪڏهن تون نه هجين ته هي زمين ۽ آسمان پيدا نه ڪريان ها.‘]

 6

 وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، جَڏِهن چيو جَنِ

تَنِ مڃيو مَحمدَ ڪارَڻِي، هِيجان ساڻُ هِنيَنِ

تَڏِهن   منجهان   تَنِ،   اَوَتَڙِ   ڪونه  اولِئو.  [6]

سمجهاڻي: هنن جڏهن (پڪي ارادي سان) وحده لا شريڪ لـﮣ (ڪلمئه شهادت) جو اقرار ڪيو ۽ دل جي خوشيءَ سان محمد صلي الله عليـﮣ وسلم کي پنهنجو اڳواڻ ڪري تسليم ڪيو، تڏهن اهڙن ايمان وارن مان ڪوبه راهه کان ڀٽڪي نه ويو. (سڀئي ڪاميابيءَ سان منزل تي پهچي ويا).

7

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، جَنِ اُتو سِين اِيمانَ

تَنِ مَڃيو مُحَمدُ ڪارَڻِي، قَلَبَ ساڻُ لِسانَ

اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ،  اَوَتَڙِ  ڪَنہِ  نه  اولِئَا.  [7]

سمجهاڻي: جن ’وحده لاشريڪ لـﮣ‘ (شهادت جو ڪلمو) چئي ايمان (يقين) آندو ۽ جن حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي دل توڻي زبان سان (ٻنهي جهانن جو) ڀرجهلو ۽ سهارو ڪري قبوليو، اُهي ئي الاهي حڪم جي فرمانبرداريءَ ۾ سڀني کان اڳڀرا آهن ۽ اُهي ئي آهن جيڪي (ان ڪارڻ) ڪڏهن به ڪنهن اڻانگي تڙ ڏانهن ڌڪجي نٿا وڃن. (گمراهه نٿا ٿين ۽ سلامتيءَ سان منزل تي پهچن ٿا)

8

اَوتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ

هيڪان ئِي هيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سِين عالِمَ

بي بَها  بالِمَ،  آگي  ڪِئا  اَڳَهِين. [8]

سمجهاڻي: اهي (الله جا صالح ٻانها) ڪڏهن به راهه کان بيراهه نه ٿيا ۽ ڪٿي به ڀلجي يا ڀٽڪي نه ويا، بلڪ هو سڌو سنئون منزل تي وڃي پهتا. اُهي (عارف) ٻانها مالڪ حقيقي (ذات احد) ۾ ملي هڪ ٿي ويا (جڏهن سندن صفات ذات ۾ گم ٿي ويون). بيشڪ مالڪ سائين ازل کان ئي هنن پنهنجن پيارن کي املهه انسان ڪري پيدا ڪيو هو.

9

 آگي ڪِئا اَڳَهِين نِسوروئِي نُورُ

لاَخَوفُ عَلَيهِم وَلاَ هُم يَحَزَنُون، سَچَنِ ڪونهي سُورُ

مَوليٰ ڪِئو مامُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.  [9]

سمجهاڻي: مالڪ سائين اهي (عارف) ازل کان ئي خالص نور (هدايت ۽ روشني) ڪري پيدا ڪيا. قرآن جي آيت موجب انهن لاءِ ڪوبه خوف خطرو ڪونهي ۽ نڪي هو ڏک ڏسندا. الله تعاليٰ ازل کان ئي سندن حق ۾ اهڙي انگ (حڪم) لکڻ جو امر ڪيو آهي.

[مثنويءَ ۾ جابجا اهو ذڪر ملي ٿو ته الله جا خاص ٻانها نوراني فطرت وارا آهن.

جسم شان را هم ز نور اسرشته اند،

تا ز روح و از ملک بگذشته اند.

(دفتر سوم، ب-8)

معنيٰ: انهن جا جسم نور مان ٺهيل آهن ۽ انهيءَ ڪري هو روحن ۽ ملائڪن کان به وڌيڪ آهن.]

10

 وَحدَهُ جي وَڍِئا، ’الااللهُ‘ اَڌَ ڪِئا

”مُحَمدُ رَسُولُ اللهِ“ چَئِي، مسلمانَ ٿِئا

عاشِقَ عبداللطيفُ چئي، اِنَهِين پَہِ پِئا

جيلاه  ڌَڻيءَ  ڌُئا،  تي  وِئا  وَحدَتَ  گَڏِجِي.  [10]

سمجهاڻي: جيڪي ’هڪ الله‘ (لاالہٰ: هن کان سواءِ ڪو معبود ناهي) ۾ پنهنجي وجود کي گم ڪن ٿا ۽ ’فقط هڪ الله‘ (وحدت) ۾ پاڻ کي فنا ڪن ٿا ۽ جيڪي ’محمد رسول الله‘ (محمد صلي الله عليه وسلم، الله جو موڪليل پيغمبر آهي) چئي ايمان آڻن ٿا. عبداللطيف چوي ٿو پوءِ اُهي ئي عاشق ٻانها اُن راهه تي پڪا پختا ٿي هلڻ وارا آهن. بيشڪ جڏهن الله تعاليٰ اُنهن کي پاڻ گهري ٿو (هنن کان راضي ٿئي ٿو) تڏهن کين وحدت واري واٽ نصيب ٿئي ٿي.

11

وَحدَهُ    جي     وَڍئا،    ڪِئا    ’اِلاَاللهُ‘    اَڌَ

سي  ڌَڙَ  پَسِي  سَڌَ،  ڪَنہ  اَڀاڳي  نه  ٿِيي.  [11]

سمجهاڻي: جيڪي ’الله هڪ آهي‘ واري وائيءَ سان وڍجي ويا (فنا ۾ قدم رکيائون) ۽ ’فقط هڪ الله‘ چوڻ سان ڀاڱا ڀاڱا يا اڌو اڌ (مڪمل فنا) ٿي ويا، اهڙن وڍيل (فنا ۽ جذب ٿيل) ٻانهن (سالڪن) کي ڏسي، انهيءَ مٿانهين منزل (حال) تي پهچڻ جي خواهش ڪنهن بي نصيب کي ئي نه ٿيندي‘! (اهو حال فقط نصيب وارن لاءِ مخصوص آهي!)

12

وَحدَهُ جي وَڍئا، ”اِلاَاللهُ“ سِين اورِينِ

هِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِينِ

مَعرِفَتَ جِي ماٺِ سِين ڏِسَ اَندَرِ ڏورِينِ

ڪُلهَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ  عبداللطيفُ  چَئي.  [12]

سمجهاڻي: جيڪي ’هڪ الله‘ (واري عشق) وڍي (فنا، ڪري) ڇڏيا سي ’فقط هڪ الله‘ واري وائي ڪن ٿا. اهي پنهنجي دل هر وقت حقيقت (حق تعاليٰ) ۾ گم ڪري ڇڏين ٿا ۽ هميشه طريقت (حق واري واٽ) تي پورو هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو معرفت (حق جي عارفانه ڄاڻ) جي منزل (نشان، اهڃاڻ) کي وڏي صبر ۽ سانت سان پنهنجي اندر ۾ ڳولين ٿا. عبداللطيف چوي ٿو اهڙا عاشق ئي پنهنجو سر ڪلهن کان ڪاٽي ٿا ڏين (هو پنهنجو ’پاڻ‘ وڃائڻ وارو درجو حاصل ڪن ٿا).

[روميءَ جي فڪر مطابق هيءَ قرب جي انتها يعني توحيد ذاتيءَ جو اظهار آهي جنهن جي سمجهاڻي حضرت زيد رضه جي حڪايت ۾ ملي ٿو، جڏهن هو چوي ٿو:

نه ازو نقشي بيابي، ني نشان

نه کهي يابي به راه کهکشان

شد حواس و نطق با پايان ما

محو نور دانش سلطان ما

(دفتر اول ب 3669 ۽ 70)

معنيٰ: هن جي وجود جو ڪو جزو ۽ ننڍو نشان به باقي نه بچيو. جيئن سج جي روشنيءَ کان پوءِ ڪنهن تاري جو نالو نشان نه رهندو آهي، اهڙيءَ طرح (ان مرحلي تي) اسان جا سڀ حواس ۽ ڳالهيون ان اصلي مالڪ جي نور ۾ گم ٿي ويا.]

13

سِرُ ڍوُنڍيان ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍُونڍيان سِرُ ناهِ

هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيون، وِيا ڪَپِجِي ڪانہِ

وَحدَتَ  جِي   وِهانہِ،   جي   وِئا   سي   وَڍِئا.  [13]

سمجهاڻي: پنهنجي سسي پيو ڳوليان (هٿ لائي پڪ پيو ڪريان) ته وري باقي جسم نٿو لڀي، پر جي وري جسم کي ٿو ڳوليان (هٿ ٿو لايان) ته سسي گم آهي (لڀي ئي نٿي). ٻيا عضوا هٿ، ڪرايون ۽ آڱريون ڪڏهن ۽ ڪيئن وڍجي ويا (ڪا خبر نٿي پوي). بيشڪ جن حق (توحيد ذاتي) جو مشاهدو ماڻيو، سي (اهڙيءَ ريت) وڍجي (ذات حق ۾ فنا ٿي) ويا.

14

تون چَئُه اَللهُ هيڪَڙو، وائِي ٻِي وِسارِ

تَنَ ۾ تَندُ توارِ، سَدا سُپِيرينِ جِي. [14]

سمجهاڻي: تون پنهنجي زبان سان الله جي هيڪڙائيءَ جو اقرار ڪر ۽ ان کان سواءِ ٻيون سڀ ڳالهيون وساري ڇڏ. تون هر وقت ۽ هر گهڙيءَ پنهنجي اندر ۾ ۽ هر هڪ ساهه پساهه ۾ ان پياري پرينءَ کي پيو ياد ڪر. (ان جي ياد کان هڪ لمحو ۽ ساعت به غافل نه ٿيءُ)

15

تون چئُه اَللهُ هيڪَڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي

جيڪا مُڪِي سَڄَڻين سِکِجُ تون سائِي

اوڙَڪَ  اِهائِي،  ڳولي  لَهِجُ  ڳالَهڙِي. [15]

سمجهاڻي: تون زبان سان هڪ الله جي هجڻ جو قول ۽ اقرار ڪر ۽ ٻيءَ هر ڳالهه کي ڇڏي ڏي. تون فقط اها ڳالهه سک جيڪا پاڻ ان مالڪ سائين (پنهنجن پيارن ٻانهن ذريعي) ڏياري موڪلي آهي. تون اڳي پوءِ انهيءَ اصلي ڳالهه کي ڳولي لهه (۽ اُن تي عمل ڪر).

16

تون چئُه اللهُ هيڪڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ

تَنُ هِنيين سِين گَڏِ، سَڄَڻُ  ساهَ  پَساهَ  ۾.  [16]

سمجهاڻي: تون الله جي وحدانيت جو کليل اقرار ڪر ۽ ٻي ڪنهن به ڳالهه ۾ نه پئو. تون ان حقيقي محبوب کي هر ساهه پساهه ۾ پاڻ سان گڏ سمجهه (هن جي ياد کان سواءِ هڪ دم به نه کڻ).

17

وَحدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثرتَ وَحدَتَ ڪُلُ

حَقُ حَقيقِي هيڪَڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ

هُو  هُلاچو  هُلُ،  بِالله  سَندو  سَڄڻين.  [17]

سمجهاڻي: هيڪڙائيءَ مان گهڻائي ٿي، پر گهڻائي توڻي هيڪڙائي دراصل ’ڪل‘ آهن (صورتن جي گهڻائي يا اختلاف وحدت جي نفي ناهي). بيشڪ حق تعاليٰ ئي حقيقت ۾ هڪڙو آهي. تون (انهيءَ حقيقت کي ڇڏي) ٻيءَ ڪنهن ڳالهه (ويساهه) تي لڳي گمراهه نه ٿيءُ. الله جو قسم هن سڄي جهان ۾ هر قسم جو غلغلو ۽ پڙلاءُ (شان ۽ وڏائي) انهيءَ حقيقي محبوب جو (سندس) آهي.

[وحدت مان ڪثرت جو ظهور ڪيئن ٿو ٿئي، ان جي سمجهاڻي مثنويءَ ۾ ڪيترين ئي تشبيهن ۽ تمثيلن سان ڏني وئي آهي.

منبسط بوديم و يک گوهر همـﮣ

بي سروپا بديم آن سر همـﮣ

يک گُهر بوديم همچون آفتاب

بي گره بوديم وصافي همچون آب

(دفتر اول ب 686 ۽ 87)

معنيٰ: اسين سڀ هڪ هنڌ هئاسون ۽ هڪ جوهر هئاسون. اسان جا هٿ پير ڪجهه نه هئا، سڀ اها ذات هئي. اسين سج وانگر هڪ موتيءَ جي حيثيت ۾ هئاسون. ان پاڻيءَ ۾ ڪا هيٺ مٿانهين نه هئي ۽ اسين صاف ۽ شفاف پاڻي هئاسون.

مطلب ته صوفين جي نظر ۾ هستي يا وجود هڪڙو آهي، جيڪو مختلف صورتن يا تعينات ۾ ظاهر ٿئي ٿو. وري اهي صورتون يا تعنيات عارضي ۽ اعتباري يعني فقط نظر اچن ٿا. گويا شين جي ظاهري صورت هڪ وجود جي مرهونِ منت آهي ۽ ان کي وحدت الوجود چون ٿا.

اڳتي هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:

دمدمئه  اين ناي از دمهاي اوست

هاي هوي  روح از هيهاي اوست

               (دفتر ششم ب 2005)

معنيٰ: بانسريءَ جو اهو آواز ۽ شور هن جي ڪري آهي. اسان جي روح جو اهو هل هنگامو سمورو هن جو پنهنجو آهي.]

18

پاڻهِين جَل جَلالُہُ، پاڻهِين جانِ جَمالُ

پاڻهِين صُورت پِرينءَ جي، پاڻهِين حُسَنُ ڪَمالُ

پاڻهِين پِيرَ مُرِيدُ ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خِيالَ

سَڀُ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلومُ ٿِيي.  [18]

سمجهاڻي: ’الله‘ پاڻ ئي وڏي عظمت ۽ جلال وارو آهي ۽ پاڻ ئي سراپا سونهن آهي. پاڻ ئي (ذاتي طور) محبوب جي صورت آهي، پاڻ ئي حسن جو ڪمال (انتها) آهي. هو پاڻ ئي مرشد ۽ پاڻ ئي ’مريد‘ آهي. پاڻ ئي (پنهنجي ذات ۽ صفت جو) حقيقي پرتوو ۽ خيال آهي. (طالب کي) اهو سمورو حال (حقيقت جي ڄاڻ) پنهنجي اندر وجود ۾ غور و فڪر ڪرڻ مان ئي حاصل ٿئي ٿو.

[مثنويءَ ۾ اهو خيال ڪنهن حد تائين هن ريت ملي ٿو:

خوبرويان آئينه خوبي او،

عشق ايشان عکس مطلوبي او

هم بااصل خود رود اين خد و خال،

دائما در آب کي ماند خصال

جمله تصويرات، عکس آبجوست،

چون بمالي چشم خود جمله اوست.

(دفتر ششم ب 3081 ۽ 83)

معنيٰ: سڀ سهڻا ۽ حسين هن جو آئينو آهن ۽ انسانن ۾ عشق هن جي عشق جو عڪس آهي. حسينن جو حسن جڏهن موٽندو آهي ته اوڏانهن اصل وٽ ويندو آهي. پاڻيءَ ۾ عڪس ڪيستائين برقرار رهندو. هي سڀ صورتون پاڻيءَ ۾ عڪس آهن. جيڪڏهن تون پنهنجي اکين کي صاف ڪري ڏسندين (صحيح نظر پيدا ڪندين) ته سڀ ڪجهه هو پاڻ آهي.]

19

پاڻهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين ئِي مَحبُوبُ

پاڻهِين خَلَقي خُوبُ، پاڻهِين طالِبُ تَنہِ جو.  [19]

سمجهاڻي: هو (خالق) پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي ڏسي ٿو (پنهنجو ديدار پاڻ ڪري ٿو) ۽ پاڻ ئي پنهنجو معشوق (مطلوب) آهي. هو پاڻ ئي هر سهڻي صورت جو خلقيندڙ آهي ۽ پاڻ ئي ان جو طالب (مشتاق) آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هنن لفظن ۾ ملي ٿو:

جمله معشوق ست عاشق پردهء

زنده معشوق ست عاشق  مردهء

                          (دفتر اول ب 30)

معنيٰ: هر هنڌ ۽ هر صورت ۾ محبوب پاڻ آهي، عاشق ته صرف پردو آهي. اهڙيءَ ريت معشوق پاڻ ئي زنده آهي، عاشق ته مئل آهن (هنن جو ڪهڙو وجود يا زندگي ٿي سگهي ٿي!).

اڳتي چوي ٿو:

چونکه عاشق  اوست، تو خاموش  باش

اوچو گوشت مي کشد، توگوش باش.

                            (دفتر اول ب 742)

معنيٰ: جيئن ته هو پاڻ عاشق آهي، تنهن ڪري تون خاموش رهه. اهو ئي تنهنجي ڪن کي ڇڪي ٿو، تون صرف ڪن بنجي پؤُ.]

20

عاشِقُ چَئُه مَ اُنَ کي، مَ ڪِين چَئُه  مَعشُوقُ

خالِقُ چَئُه مَ خامَ تون، مَ ڪِين چَئُه مَخَلُوقُ

سَلِجِ تَنہ سُلُوڪُ، جو ناقِصيَان نِڱِئو. [20]

سمجهاڻي: تون (عارف) کي فقط عاشق نه سمجهه ۽ نه وري هن کي رڳو معشوق ڪري ڄاڻ. اي ناقص (گهٽ عقل وارا) تون هن کي خالق ڪري به نه سمجهه ۽ نه وري کيس محض مخلوق ڪري ڀانءِ! هيءُ سلوڪ (راز، معرفت جي ڳالهه) فقط ان سان بيان ڪر جيڪو ناقصائي (اڻ ڄاڻائي ۽ بي سمجهيءَ) واري حالت مان نڪري ٻاهر ٿيو هجي (ڪمال معرفت واري درجي کي رسيو هجي).

[مثنويءَ ۾ عورت جي تخليقي روپ کي بيان ڪندي روميءَ وٽ  هي الفاظ ملن ٿا:

پرتو حق ست آن، معشوق نيست

خالقست آن گوئيا، مخلوق نيست

(دفتر اول ب 2437)

معنيٰ: اهو سمجهه ته هن ۾ حق جو پرتوو آهي، اها ان لحاظ کان صرف معشوق نه آهي، منجهس خالق جي صفت آهي، ان ڪري رڳو مخلوق ناهي.

عارفن جي انهيءَ حالت جو بيان روميءَ جي هڪ مشهور غزل جي هنن مصرعن ۾ ملي ٿو:

مي گفت در بيابان رندي دهان دريده

عارف خدا نه دارد او نيست آفريده

معنيٰ: برپٽ بيابان ۾ هڪ رند وات ڦاڙي هينئن چئي رهيو هو ته عارف جو خدا ناهي ۽ نه وري هو پيدا ٿيل آهي!

ديوان گل جي مصنف خليفي گل محمد روميءَ جي مٿئين شعر جي ترجماني ڪندي هينئن چيو آهي:

جنين کان غير ويو ٿيا عين، ٿيا عرفان عالم ۾

نه ڪو خالق رکن پنهنجو، نڪو مولا نڪو تن رب.

ڪن شارحن وري هن بيت مان حق تعاليٰ جي ذات احديت مراد ورتي آهي، جتي ڪي به مرتبا يا تعينات ڪونه آهن.]

21

’اَحدُ‘ ’اَحمَدُ‘ پاڻَ ۾، وِچان ’مِيم‘ فَرَقُ

ٿِئا مُستَغَرَقُ، عالِمَ اِنهِين ڳالهِه ۾. [21]

سمجهاڻي: ’احد‘ ۽ ’احمد‘ جي وچ ۾ (ظاهري طور) فقط ’ميم‘ جو تفاوت آهي. پر عالم (وڏا ڄاڻو) انهيءَ فرق واري نڪتي کي سمجهڻ ۾ غرق آهن ( پر سمجهي نه سگهيا آهن)

22

اَحَدان اَڳي جا هُئِي، سُوڌِي سا صِفَتَ

اَپَرِ اِشارَتَ، پَرَ سِڌَنِ کي سُٿَرِي. [22]

سمجهاڻي: ’احد‘ واري صفت (مرتبي) کان اڳ ’ذات حق‘ جي هر صفت سندس ذات سان وابسته هئي (ذات کان الڳ نه هئي). جيتوڻيڪ اها وڏي ڳجهارت آهي، پر صحيح ۽ سالم سمجهه وارن لاءِ سولي ۽ آسان پڻ آهي.

[هن بيت ۾ الله تعاليٰ جي ذات ۽ سندس صفات جي نوعيت جي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. علم ڪلام يا الاهيات جو اهو هڪ وڏو مسئلو آهي ته ڇا خدا جون صفات سندس عين آهن يا غير، اهي قديم آهن يا حادث. عقليت پسند چون ٿا ته خدا جون صفتون سندس عين آهن. صوفين جي مطابق خدا جون صفتون نه سندس عين آهن نه غير، ليڪن اهي حق تعاليٰ سان گڏ آهن.

رومي مثنويءَ ۾ خدا جي صفات جي سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي:

آنکه بي تعليم بُد ناطق، خداست،

که صفات او ز علتها جداست.

(دفتر چهارم، ب- 3041)

معنيٰ: جيڪو بنا ڪنهن سيکارڻ ۽ سکڻ جي ڳالهائڻ واروآهي، اهو خدا آهي. ڇو ته هن جون صفتون ڪنهن سبب جي ڪري ناهن (اهي هن سان پنهنجو پاڻ آهن.)]

23

صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ري ناهِ

’اُو‘  اُن هــي ئون  آهِ، پَرِ  ٻِيءَ  ٻِيَائِي  ٿِيا. [23]

سمجهاڻي: صفت جو واسطو ’ذات‘ (احد) سان آهي، ۽ ’احد‘ (ذات) صفت کان الڳ ناهي. اها ’صفت‘ ان ’ذات مان ئي‘ آهي، پر ٻيءَ صورت (ظاهري حالت) ۾ اهي ٻيئي هڪ ٻئي کان الڳ آهن.

[جيئن اڳئين بيت ۾ واضح ٿي چڪو ۽ هتي اها ئي ڳالهه وڌيڪ واضح ڪئي ويئي آهي. هن سلسلي ۾ سج جي روشنيءَ جو مثال ڏنو ويندو آهي. سج مان نڪرندڙ روشني سندس صفت آهي، پر ڌرتيءَ تي پهچندڙ روشني ان کان الڳ آهي. ان روشنيءَ کي سج ڪونه چئبو، ڇو ته سج پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي. پر جيڪڏهن سج نه هجي ته روشني به نه هوندي. ان ڪري چئبو ته روشني سج جو مظهر آهي. ان لحاظ کان صوفي چون ٿا ته هيءَ مخلوقات يا ڪائنات خدا جو مظهر (ظاهر ٿيڻ جي جاءِ) آهي. مثنويءَ ۾ ان جي سمجهاڻي هن ريت ملي ٿي:

اي  صفاتت  آفتاب     معرفت،

و آفتاب چرخ بند يک صفت.

(دفتر دوم، ب- 53)

معنيٰ: اي اها ذات، جنهن جون صفتون سج وانگر سڃاڻڻ جو ذريعو آهن، ليڪن هي ظاهري سج ته صرف هڪڙي صفت تائين محدود آهي.]

24

’هُو‘ پُڻ آهي ’هِنَ‘ سِين، ’هِيءُ‘ نه ’هُنئَان‘ ڌارَ

اَلانسانُ سِرِي وَاَنَا سِرِهُ، پَرُوڙِجِ پَچارَ

ڪَندا وِئا تَوارَ، عالِمَ عارِفَ اِهِڙِي. [24]

سمجهاڻي: هو (حق تعاليٰ) هن مخلوقات سان گڏ آهي (هن کان پري ناهي) ته هيءَ (انسان) پڻ هن (ذات حق ۽ حقيقي وجود) کان الڳ ناهي. (سالڪن جي گفتي) ’انسان منهنجو راز آهي ۽ آءٌ انسان جو راز آهيان‘ تي چڱيءَ طرح غور ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. وڏي علم وارا توڻي عارف (معرفت جا صاحب) اها ئي ڳالهه ڪندا (سمجهائيندا) ويا آهن.

[هن سلسلي ۾ صوفي آئيني ۾ صورت يا عڪس سان پنهنجو مقصد واضح ڪن ٿا. جهڙيءَ طرح آئيني ۾ نظر ايندڙ شڪل اصل کان سواءِ پنهنجو ڪو وجود ڪانه ٿي رکي ۽ جيئن اها اصلي شيءِ هٽي وڃي ٿي ته عڪس به گم ٿي وڃي ٿو. ٻنهي ۾ جيڪو واسطو آهي، اهو هن طرح ته عڪس جو آئيني ۾ وجود اصل کان سواءِ ناممڪن آهي جڏهن ته اصل پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي ۽ وجود اصل ۾ ان جو آهي. صوفين جي اصطلاح ۾ اصلي صورت کي ’ظاهر‘ ۽ آئيني ۾ نظر ايندڙ صورت کي ’مظهر‘ چئبو آهي.

مثنوي روميءَ ۾ خالق ۽ مخلوق جي تعلق کي ڪيترن ئي طريقن سان سمجهايو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

بي تعلق نيست مخلوقي بدو

آن تعلق هست بي چون اي عمو

زانک فصل وصل نبود در روان

غير فصل و وصل ننديشد گمان

(دفتر چهارم ب-3695)

معنيٰ: هي مخلوق پنهنجي خالق سان تعلق ۽ لاڳاپي کان سواءِ هرگز ناهي. اهو تعلق ڪيفيت (ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت آهي) کان بالاتر يعني بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. روح مادي کان پاڪ آهي تنهنڪري ان ۾ ڳنڍجڻ ۽ جدا ٿيڻ جي صفت ڪانهي، پر ڇا ڪجي جو انسان جو وهم ۽ گمان وصل (ميلاپ) ۽ فصل (جدائي) کان سواءِ ڪو تعلق نٿو سمجهي.]

25

سُڃاپي نه صُورَتَ ري، ’صُورَتَ‘ هَڏِ مَ سوجِهه

ٿِيءُ ٻاراڻي  ٻوجِهه،  وِڃائي  وُجُود  کي. [25]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ هن (’ذات حق‘) کي صورت واري ذريعي کان سواءِ سڃاڻي نه سگهبو، پر تون انهيءَ ’صورت‘ کي نه پچار ۽ ويچار (جو عقل ان ڳالهه کي پهچي نه سگهندو). بيشڪ هن (حق ۽ حقيقت) کي سمجهڻ لاءِ ٻار جي مثال ٿيءُ (وڌيڪ سکڻ لاءِ تيار ٿيءُ). پنهنجي وجود جي نفي ڪر (پنهنجي ڪم علميءَ جو اقرار ڪر).

[رومي مثنويءَ ۾ وڏي دليل بازيءَ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته اصلي محبوب صورت کان پاڪ آهي.

آنچه معشوق ست، صورت نيست آن

خواه عشق اين جهان، خواه  آن جهان

            (دفتر دوم ب 703)

معنيٰ: جيڪو اصل ۾ معشوق آهي، ان جي ڪا صورت ۽ شڪل ناهي. پوءِ اهو هن جهان جو عشق هجي يا هن جهان وارو هجي.]

26

صورتَ سوجهه مَ تَنہ جِي، ڄاڻي ٻُجهِين جو

اِيءُ سُخُنُ آهي سو، جو مُنہَ مُقابِلِ نه ٿِيي. [26]

سمجهاڻي: تون هن (ذات حق) جي صورت تي اجايو نه سوچ ۽ نه ويچار (ڇو ته) تون هن کي ايمان ۽ يقين سان سمجهي سگهين ٿو. اهو (حق جي ذات ۽ وجود جو) مسئلو اهڙو آهي جيڪو فقط دليل بازيءَ سان حل نٿو ڪري سگهجي. (صوفين جي نظر ۾ حقيقت يعني ذات حق ظاهر آهي ۽ مخلوقات مظهر يعني صورت آهي.)

[رومي اها سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي ته حقيقي محبوب لڪل يا ڳجهو آهي، البت هن جي صورت (ظاهري جلوو) نمايان آهي. اصلي دوست پري آهي پر سندس ڪشش برپا آهي. ان ڪري چوي ٿو:

اين  رها  کن،  عشقهائي  صورتي،

نيست بر صورت، نه بر روي ستي.

                        (دفتر دوم ب 702)

معنيٰ: خبردار، هي صورتن وارو عشق ڇڏي ڏي. ڇو ته اصلي عشق صورت تي مبني نه آهي، ان ۾ تنهنجي خوبرو زال جو چهرو به شامل آهي. (تنهنجو اصل معشوق پردي ۾ آهي).]

27

ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينہُ اِيءُ صِفَتَان نُورُ

جِتي پِرينءَ حُضُورُ، اُتي رَنگُ نه رُوپُ ڪو. [27]

سمجهاڻي: رات ڪاري ٿئي ٿي ۽ ڏينهن اڇو ٿئي ٿو. اهو سڀ روشنيءَ جي صفت سبب آهي. (ڪاراڻ ۽ اڇاڻ واري صورت ’صفاتي‘ آهي، ذاتي ناهي) پر جتي ذات حق پاڻ جلوه گر آهي. تتي (اڇاڻ ۽ ڪاراڻ وغيره وارو) ڪوبه رنگ روپ آهي ئي ڪونه!

[روميءَ اها سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي:

شب نبُد نور و نديدي رنگها

پس بضد نور پيدا شد ترا

ديدن نور ست، آنگه ديد رنگ

وين بضد نور داني بي درنگ

(دفتر اول ب 1128 ۽ 29)

معنيٰ: جڏهن رات جو روشني نه هئي ته توکي رنگ ڏسڻ ۾ ڪونه آيا. اها ڳالهه توکي روشنيءَ جي ضد (اونداهيءَ) جي ڪري سمجهه ۾ آئي. مطلب ته پهرين روشني آهي جنهن سان رنگ کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ اها سموري ڄاڻ توکي روشنيءَ جي ضد (اونداهي) جي ڪري ملي ٿي.

اڳتي چوي ٿو:

اين عجب کين رنگ از بيرنگ خاست

رنگ بابيرنگ چون درجنگ خاست

(دفتر اول ب 2470)

معنيٰ: تعجب اهو آهي ته سڀ رنگ اڪثر بي رنگيءَ (حقيقت مطلق) مان پيدا ٿين ٿا. ان صورت ۾ رنگ ۽ بيرنگيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو جهيڙو؟

اها سمجهاڻي هن ريت به ڏئي ٿو:

نور حق را نيست ضدي در وجود

تابه ضد او را توان پيدا نمود

(دفتر اول ب 1135)

معنيٰ: جيئن ته الله جي نور جو ڪو ضد آهي ئي ڪونه، (ٿي ئي نٿو سگهي) ان ڪري هو ظاهر نظر نٿو اچي سگهي. (هن جو ڪو رنگ روپ ڪونهي).]

28

سو هِيءُ سو هُو سو اَجَلُ سو اَللهُ

سو پِرِين سو پَساهُ، سو ويرِي سو واهِرُو.  [28]

سمجهاڻي: هيءَ (شيءِ) يا هو (پاڻ) يعني هِتي يا هُتي (هر هنڌ)، تقدير يعني هر شيءِ جو مقدر اهو ئي پاڻ الله آهي. اهو پاڻ ئي دلين جو دلبر به آهي ته هر ساهه پساهه ۾ به پاڻ آهي. اهو ئي نقصان رسائيندڙ به آهي ته حقيقي مددگار ۽ دوست به وري پاڻ آهي.

[صوفين جي سمجهاڻي موجب هر شيءِ حق جو مظهر آهي، پر حق جي ذات يا پاڻ ان شيءِ تائين محدود يا مقيد ناهي. هن جو هر شيءِ ۾ جلوو ڏسي سگهجي ٿو، ڇو ته هو ڪنهن شيءِ کان جدا به ناهي. مثنويءَ ۾ اها سمجهاڻي هن ريت آهي:

گاه خورشيد و گهي دريا شوي،

گاه کوه قاف و عنقا شوي.

تو اين نه باشي و نه آن درذات خويش،

اي فزون از ومها وز بيش بيش.

(دفتر سوم، ب- 57 ۽ 58)

معنيٰ: تون ڪڏهن سج آهين ته ڪڏهن درياءَ، ڪڏهن ڪوه قاف جبل ته ڪڏهن عنقا پکيءَ وانگر بي نشان. ليڪن پنهنجي ذات ۾ تون نه هي آهين، نه هو آهين. بيشڪ تون هر خيال ۽ سمجهه کان مٿي ئي مٿي (ماورا) آهين.]

29

ڪوڙيين ڪايَائُون تُنهنجيُون، لَکَڻَ لَکَ هَزارَ

جِيءُ سَڀَڪَنہِ جِيءَ سِين، دَرَسَنُ ڌارو ڌارَ

پِرِيَمِ تُنهنجا پارَ، ڪِهِڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان. [29]

سمجهاڻي: (اي منهنجا مالڪ)، تنهنجون صورتون بي شمار آهن ته تنهنجون وصفون ڪروڙين (ڳڻپ کان ٻاهر) آهن. جيتوڻيڪ هر ساهواري ۾ ساڳئي قسم جو ساهه (حياتي) آهي پر سندن شڪل ۽ صورت الڳ الڳ آهي. اي منهنجا محبوب، تنهنجون ايتريون صفتون آهن جو آءٌ انهن مان ڪهڙيون بيان ڪري ڪهڙي بيان ڪريان.

30

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ  وائِيءَ جو جي لَهِين

هُئا  اَڳَهِين  گَڏُ،  ٻُڌَڻَ  ۾  ٻه  ٿِئا. [30]

سمجهاڻي: جيڪو پڙاڏو آهي سو اصل ۾ سڏ (آواز) ئي آهي. (اصلي آواز کان سواءِ پڙاڏي جو وجود ڪونهي)، بشرطيڪ تون (اصل آواز ۽ ان جي پوئتي موٽيل آواز جي) ان ڳالهه کي سمجهي سگهين. (توکي خبر هجڻ کپي) اصل ۾ اُهي ٻيئي گڏ (هڪ) هئا، پر ٻُڌڻ ۾ (وٿيءَ پوڻ سببان) ٻه جدا آواز لڳا.

[مثنويءَ ۾ اها سمجهاڻي هن ريت ملي ٿي:

آن نداي که اصل هر  بانگ  و نواست،

خود ندا آنست و وايد باقي صداست.

    (دفتراول، ب- 2107)

معنيٰ: اهو آواز ئي اصل ۾ هر قسم جو آواز ۽ صدا آهي. آواز فقط اهو ئي آهي باقي ٻيو سڀ ان جو پڙاڏو يا موٽ وارو آواز آهي.]

31

جَنِ کي جِئَائِين، پِرينِ پاڻُ پَسائِيو

تَنِ  کي  تِئائِين،  لِيا  پائِڻُ  آئيا. [31]

سمجهاڻي: جن کي جتان محبوبن ديدار ڪرايو يا جلوو ڏيکاريو تن کي پوءِ تنهن جاءِ تان (ان نموني) محبوب جي ديدار ڪرڻ جي عادت پئجي ويئي.

32

سَڀَڪَنهِين ڏانہَ سامُهُون، ڪو هَنڌُ خالِي نانہِ

اَحدان جي اَرڳِ ٿِئا، سي ڪانهِرَ ڪِبَا ڪانہِ

مُحِبُ مَنجِهين مَنَ مانہِ، مُون اَڄاڻَندي اُجِهئَو. [32]

سمجهاڻي: هو (مالڪ سائين) هر هنڌ سامهون آهي ۽ هن کان سواءِ ڪا جڳهه خالي ناهي (هو هر هنڌ موجود آهي). پر ان جي باوجود جيڪي وحدانيت کان پري پئجي ويا، سي بي همت چئبا ۽ ڪنهن ڪم جا ناهن. محبوب حقيقي ته منهنجي اندر ۾ ئي آهي، مون اڻڄاڻائيءَ ۾ اجايو کيس ڪٿي ٻاهر پئي ڳوليو.

33

سَڀَڪَنهِين ڏانہَ سامُهُون، ڪو هَنڌُ خالِي ناهِ

ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاهِ، پاهَتُ ئِي پِرِينءَ سِين. [33]

سمجهاڻي: اهو مالڪ سائين هر هنڌ موجود آهي، ڪابه اهڙي جاءِ نه آهي جتي هو نه هجي. تون پنهنجي اجائي پڇا ڳاڇا واري عادت ڇڏي ڏي. سڄڻ سائينءَ سان صرف محبت ۽ قرب واري ناتي سان نباهڻ گهرجي.

وائي

ڪِئَن آن لَهَندِي سي، اي يا اَللهَ!

ڪِئَن آن لَهَندِي سي، وَحَدَهُ جي وَڍِيا

جِتي وَحدهُ وَڍَ ٿِئي يا اللهَ! ڪو تِتي مُون کي ني

سِسِي ڏِيان ساهَ سِين، يا اللهَ! آءٌ  تَنہِ  پانڌِيءَ  کي۔     [34]

سمجهاڻي: او منهنجا مالڪ، سٻاجها سائين، آءٌ ڪهڙيءَ طرح انهن (عارفن ۽ عاشقن) کي ڳولي لهان جيڪي تنهنجي وحدت جي وائيءَ جا گهايل آهن. او منهنجا الله، شل ڪو مون کي به اُتي وٺي وڃي جتي توحيد جو اهو معرڪو متل آهي. آءٌ جيڪر پنهنجو سر ساهه سوڌو انهيءَ واٽهڙوءَ جي حوالي ڪريان جيڪو رڳو مون کي ان دڳ سان لائي.

[مثنويءَ ۾ الله جي عاشقن جي انهيءَ ڪيفيت ڏانهن ڪيترن ئي هنڌن تي اشارا ملن ٿا. هڪ هنڌ چوي ٿو:

رقص جولان بر سر ميدان کنند،

رقص اندر خون خود مردان کنند.

(دفتر سوم، ب- 96)

معنيٰ: اهي جنگ جي ميدان ۾ ڪُڏندا ۽ نچندا اچن ٿا ۽ اهي مرد ئي پنهنجي رت ۾ وهنجي رقص ڪن ٿا.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org