سُر سري راڳ
داستان
پهريون
1
جيڪِين مَنجِهه جَهَانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي
لُطُفَ جِي لَطِيفُ چَئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَه
عَدُلِ ڇُٽان آن نه، ڪو ڦيرو ڪَجِ فَضُلَ جو.
[511]
سمجهاڻي:
(اي
خالق) هن جهان
(ڪائنات)
۾ جيڪي ڪجهه
(مخلوقات
يا شيون) آهن، اهي سڀ تنهنجي سهاري تي پيون هلن
(اهي سڀ تنهنجون محتاج آهن، پر تون ڪنهن جو محتاج
نه آهين). عبداللطيف چوي ٿو
(اي
سٻاجها سائين) تو وٽ مهر ۽ ٻاجهه جي ڪا کوٽ يا
گهٽتائي ڪانهي
(اها اڻ کٽ آهي). عدل انصاف
(حساب
ڪتاب) ٿيندو ته آءٌ بچي ڪونه سگهندس، تون ڪا بخشش
ڪر! (وڏي مهرباني ڪر).
[روميءَ مثنويءَ ۾ خدا ۽ ٻانهي يا خالق ۽ مخلوق جي
تعلق کي ڪيترن ئي مختلف طريقن سان سمجهايو آهي،
ليڪن هڪ هنڌ چوي ٿو:
تو چو جاني، ما مثال دست و پا،
قبض و بسط دست
از جان شد روا.
(دفتر پنجم، ب- 3313)
معنيٰ: تون ساهه وانگر آهين ۽ اسين هٿن پيرن وانگر
آهيون. هٿن پيرن جو هلڻ يا چُرڻ ساهه کان سواءِ
ناممڪن آهي.
مثنوي رومي ۾ هونئن ته دعا جا ڪيترائي بيت آهن، پر
هتي صرف هڪ پيش ڪجي ٿو.
اي خدا، اي فضل تو حاجت روا،
باتو ياد هيچکس نبود روا.
(دفتر
اول، بيت- 1860)
معنيٰ: اي مولا! تنهنجو فضل ئي منهنجي سولي سڻائي
ڪندو، تنهنجي مهربان نالي کان پوءِ ٻئي ڪنهن کي
ياد ڪرڻ درست ناهي.]
2
جيڪِين مَنجهِه جَهَانَ، سو سَڀ صِفَتَ تُنهِنجِي
قادِرَ تُنهِنجِيءَ قُدرَتَ جا مِڙيئِي مَڪَانَ
پَدَمَان ئِي پَري ٿِئا آگي جا اِحسَانَ
ظاهِرُ ساڻُ زَبانَ، ڳَڻي ڳَڻِيان ڪيتَرا.
[512]
سمجهاڻي:
(اي
مالڪ) جيڪي ڪجهه هن جهان ۾ آهي (جنهن ۾ هر قسم جي
مخلوقات اچي وڃي ٿي)، اهي سڀ جا سڀ تنهنجي صفت
(ساراهه)
ٿا ڪن. اي قادر! تنهنجي قدرت
(طاقت)
هر جاءِ تي هلندڙ آهي (ان کان ڪو هنڌ خالي ناهي).
اي مالڪ تنهنجا مخلوقات تي اربين احسان
(مهربانيون
۽ ٿورا) آهن، جيڪي هن ظاهري زبان سان ڳڻي ڪونه
سگهندس، اهي شمار نٿا ڪري سگهجن.
[روميءَ مثنويءَ ۾ وري هي انداز اختيار ڪيو آهي:
بي طلب تو اين طلب ما دادهء،
بيشمار و عد عطا بنهادهء.
(دفتر سوم، ب-1338)
معنيٰ: تون بغير گهرڻ جي اسان جون مرادون ۽ مطلب
پورا ڪرين ٿو. بلڪه بيشمار ۽ ڳڻڻ کان ٻاهر تو
نعمتون ڏيئي ڇڏيون آهن.]
3
سارِي رات سُبحَانُ، جاڳِي جَنِي ياد ڪِئو
اُن جِي عبَداللطِيفُ چَئي، مِٽيءَ لَڌو مَانُ
ڪوڙين ڪَنِ سَلامُ، آڳَہِ اَچِئو اُنِ جي.
[513]
سمجهاڻي:
(اهي
ٻانها) جن سڄي رات جاڳي الله سبحانـﮣ و تعاليٰ کي
ياد (ان جو ذڪر) ڪيو، عبداللطيف چوي ٿو ته مرڻ کان پوءِ انهن
(جي
قبر) جي مٽيءَ کي به عزت ملي ٿي،
(تڏهن
ته) ڪيترائي ماڻهو انهن جي ماڳ تي اچي سلام
(عقيدت
جو اظهار) ڪن ٿا.
[هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيٺيون بيت ڏسڻ
گهرجي.
خاک گور از مرد هم يابدشرف
تا نهد برگور او دل روي وکف.
(دفتر
ششم، بيت- 3008)
معنيٰ: هنن جي قبر جي مٽيءَ کي به شرف حاصل ٿئي
ٿو، تڏهن ته ماڻهو انهن جي قبر تي اچي منهن، هٿ ۽
دل رکن ٿا.]
4
ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نه وَڻجِئا
سِيهي جو سَيدُ چَئي، وَکَرُ وِهايومِ
اوچتو آيومِ، سَودو صَرافَنِ سِين. [514]
سمجهاڻي:
مون ڪچي شيشي جهڙي گهٽ قيمت واري جنس جو واپار ڪيو
۽ (سچن) موتين جهڙي قيمتي شيءِ مون نه ورتي. سيد عبداللطيف چوي ٿو
ته مون شيهي
(سستي
ڌاتوءَ) جو ويهي ڪاروبار ڪيو. هاڻي اوچتو صرافن
(ماڻڪ
موتين پرکڻ وارن) سان اچي واسطو پيو اٿم ته پشيمان
ٿي ويو آهيان
(تڏهن
خبر پيئي اٿم ته مون اجايو وقت وڃايو).
5
ڀَڳَمِ عَهدَ اَللہَ جا، ڪَچُ ڪَمَايُمِ ڪُوڙُ
پِڃرو جو پاپَن جو، سو چوٽيءَ تائين چُورُ
مَعلُومُ اَٿئِي مُورُ، ڳُوڙهو اِنهِينءَ ڳالَهه
جو. [515]
سمجهاڻي:
مون الله تعاليٰ (پنهنجي مالڪ)
سان ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ڪچا ڪم (ڏوهه گناهه)
ڪيا اٿم. منهنجو سڄو بدن ننهن کان چوٽيءَ تائين
گناهن سان ڀريو پيو آهي. (اي مالڪ)
توکي منهنجي انهيءَ سڄي ڳالهه (حالت)
جي ذري پرزي خبر آهي، (بس تون ڍڪيندين).
[مثنويءَ ۾ اها ساڳي ڳالهه هن ريت ملي ٿي:
عهد ما بشکست صد بار و هزار،
عهد تو چون کوه ثابت برقرار.
(دفتر دوم، ب- 2495)
معنيٰ: او اسان جا مالڪ، اسان پنهنجا واعدا سوين ۽
هزارين ڀيرا ٽوڙيا آهن، پر تنهنجو واعدو پهاڙ
وانگر پڪو ۽ اڏول آهي.]
6
وِتُ وِيمي جو جي لَهِين ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِين ڪا
سَا پَرُوڙِج ڳالَهڙِي وَڻِجارَنِ وَٽا
موتِي جَنِ هَٿا، آندَءِ گَهڻي اَدَبَ سِين. [516]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن توکي صحيح خبر پوي ته جيڪر پوءِ تون ٻيو ڪو
ڪاروبار نه ڪرين. اها حقيقت توکي (اصلي)
سوداگرن (سالڪن)
کان ئي معلوم ٿيندي، جن وٽان تون وڏيءَ سوچ سان
موتي وٺڻ ويندو آهين، (جيڪي انهيءَ سودي جي صحيح
سمجهه رکن ٿا).
جيڪڏهن توکي اهڙي (محفوظ) ڪاروبار جي خبر رکڻي
آهي، جو پوءِ توکي ڪڏهن به نقصان نه ٿئي (هميشه
منافعو ڪمائين)، ته اها ڳالهه توکي وڏن وڻجارن
وٽان معلوم ٿيندي. انهن جي ادب سان ئي توکي صحيح
موتي هٿ اچي سگهن ٿا.
7
سيوا ڪَرِ سُبحَانَ جِي ، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جالَ
سَوين وَهَنِ سَمُونڊرَ ۾، ماڻِڪَ موتي لالَ
جي ماسو مِليئِي مالُ، ته پُونجِيارا پُرُ ٿِئين.
[517]
سمجهاڻي:
(تون صرف) الله سبحانـﮣ تعاليٰ جي بندگي ۽ ٻانهپ
ڪر (توکي خبر
آهي صرف)
سمنڊ جي اندر ڪيترن ئي قسمن جا ماڻڪ موتي پيا آهن،
جيڪڏهن انهيءَ مال مان توکي ٿورڙو حصو به ملي وڃي
ته اي ٿورڙي موڙيءَ وارا (سيٺ)
تون پڻ مالا مال ٿي ويندين.
8
سيوا ڪَرِ سَمُونڊَر جِي، جِتِ اَگُوچَرُ آهي
لَکين واڻَ لَطِيفُ چَئي ٿو نِيڍُو نَمائي
ٻَڌِي اولِي عاجَ جِي، وَڃُ چِٺِي چَلائي
نَظَرَ هيٺ نَبِيءَ جي هيجان هَلائي
ته مُهرِي مَٿائي، تو سَڄيائِي مَعافُ ٿِئي. [518]
سمجهاڻي:
تون سمنڊ جو سفر۽ وڻج واپار ڪر، توڻي جو اتي وڏو
گهڻو اونهو پاڻي آهي (جنهن جو انت ناهي).
عبداللطيف چوي ٿو نيڍوءَ جي نار ۾ وڏا وڏا ٻيڙا
اڳتي هلڻ کان عاجز ٿي پون ٿا، پر تون عاج سان جڙيل
ڳن مٿان (خاص دعا وارو)
ورق (تعويذ) ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ دل ۾ نبي ڪريم صلي الله
عليه وسلم جي سچي محبت رکي ٻيڙيءَ کي اڳتي
هلائيندو هلجانءِ (اميد آهي ته)
تو مٿان سڀ (ڳرا توڻي هلڪا)
محصول معاف ٿي ويندا.
9
سيوا ڪَر سَمُونڊَر جِي جِتي لَهرِ ڌَڪاءِ
”اِنمَا يُوَفِي الصابِرُونِ“ اِيءُ ٻيڙِيءَ
ٻَنڌَڻُ پاءِ
ته سامُونڊِري سَندياءِ، ڪَنين مَندِي نه سُڻيان.
[519]
سمجهاڻي:
تون سمنڊ جو سفر اختيار ڪر، توڻي جو (سمنڊ جي) هر
ڇولي ٻيڙن کي ڌڪن مٿان ڌڪ پيئي هڻي(ٻيڙا هر وقت
خطري ۾ آهن).
قرآن جي آيت ’الله صبر وارن جي واهر ٿو ڪري‘،
مطابق پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ اهو (پڙهيل) ڌاڳو (تعويذ) ٻڌ. اي سمنڊ جا مسافر (ڪڏهن تون ائين ڪندين)
تڏهن ڪنهن جي ڪنن تائين تنهنجي لاءِ ڪا خراب خبر
نه ايندي! (تون هر مصيبت کان محفوظ رهندين.)
10
سي پُونجِيارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُر سيوِئو جَنِ
آندائُون عَمِيقَ مان جهوتي جَواهِرَنِ
لَڌائُون لَطِيفُ چَئي، لَعلُون مان لَهرِنِ
ڪانهي قِيمَتَ تَنِ، مُلُ مَهانگو اُنِ جو. [520]
سمجهاڻي:
اهي (ٿوري) پئسي وارا (سوداگر)
وڏا شاهوڪار ٿي ويا جن سمنڊ جو سفر (واپار خاطر)
ڪيو. انهن کي وڏي اونهي پاڻيءَ مان جواهرن جي ملهه
جهڙا ڪيترا قيمتي موتي ملي ويا. عبداللطيف چوي ٿو
ته اهڙن (سچن طالبن)
کي ئي لهرن مان لعل لڀن ٿا، اهڙن موتين جي ڪا قيمت
ڪَٿي ئي نٿي سگهجي، انهن جي تمام وڏي قيمت آهي.
11
سَمُنڊُر جي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي ميڙِئا
چِلُڙَ جي چوئِينِ، تَنِ سانگوٽا سُتِيُون. [521]
سمجهاڻي:
جيڪي (اونهي وڏي) سمنڊ ۾ وڃن ٿا، اهي ئي ماڻڪ موتي هٿ ڪن ٿا. پر جيڪي ننڍي گپ چڪ واري
پاڻيءَ ۾ هٿ ٿا هڻن ۽ اُتي ڳولا ڦولها ٿا ڪن، تن
کي ورن وڪڙن وارا (ڏنگا ڦڏا) ڪوڏ ۽ (خالي) سپون ئي
ملن ٿيون.
12
سيوِئو جَنِ سُبحَانُ، وِير نه وڙهِي تَنِ سِين
ٻَڌِي تَوَڪَلَ تُرَهو، آرُ لَنگِهئا آسَانُ
توبَہَ جي تَسبِيحَ سِين تَرِي وِئا طُوفَانُ
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واهَرُو.
[522]
سمجهاڻي:
جيڪي ڌڻي تعاليٰ جي بندگي ۽ ٻانهپ ڪن ٿا، تن کي
(وڏي)
سمنڊ جي وير به نقصان نٿي پهچائي، اهي (دراصل) توڪل جي آڌار تي وڏي ۽ اونهي پاڻي مان به سولائيءَ سان گذري وڃن ٿا. هو
طوفان ۾ ڦاسڻ وقت توبه جو ورد ڪري ان مان صحيح
سلامت نڪري وڃن ٿا. (انهن جو راز اهو آهي ته)
انهن کي وچ (سمنڊ) ۾ ٻيڙين کي ڪاميابيءَ سان هلائيندڙ ملاح (رهبر ۽ رهنما)
ملي ويو آهي.
[مثنوي ۾ روميءَ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي
ڪشتيبان جي لقب سان ياد ڪيو آهي:
خيز بنگر کاروان ره زده،
هر طرف غوليست کشتيبان شده.
باش کشتيبان درين بحر صفا،
که تو نوح تا يني اي مصطفيٰ.
(دفتر چهارم، ب- 1458 ۽ 60)
معنيٰ: اي پيارا پيغمبر، اٿي هن ڦريل قافلي جي
واهر ڪر. چوطرف شيطان ڇانئجي ويو آهي ۽ پيو سڀني
کي گمراهه ڪري. هن ايڏي وڏي وشال سمنڊ ۾ تون
ڪشتيبان بڻجي وڃ. اي مٺا محبوب، جهان ۾ حضرت نوح
کان پوءِ تون ئي اهڙو ڪشتيبان آهين.]
13
سارِي راتِ سُجان، سَودو ڪَن صاحِبَ سان
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، هَلئا جوپَ جُوانَ
پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِهه لَنگهي وِئا. [523]
سمجهاڻي:
جيڪي سمجهه وارا (سالڪ)
آهن سي سڄي رات حق تعاليٰ سان (ٻانهپ جو)
سودو ڪن ٿا، اهي همت ۽ حوصلي وارا جوان پنهنجيون
ٻيڙيون (مڪمل ٻانهپ ۽ بندگيءَ جي سامان سان)
ڀري سفر تي نڪرن ٿا. اهي بهادر (عارف انسان)
ڪيڏو به وڏو پاڻي هجي ان مان گهڙي پلڪ ۾ (ڪاميابي
ءَ سان) گذري وڃن ٿا.
14
ڪَرَڦُلَ، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون تَرَ ۾ طاقيائُون
بَيرَقُون بَحرَنِ ۾ ڇوڙي ڇَڏيائُون
لاڄُنِ مَنجِهه لَطِيفُ چَئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون
نَذُرُ نَبِيءَ ڄامَ جو چَڙهندي چَيائُون
جي ڇوهي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين
ٻاجَهه سِين. [524]
سمجهاڻي:
وڻجارن وکر جو سامان جهڙوڪ لونگ، ڦوٽا، قيمتي
ريشمي ڪپڙا ، (ولايتي)
عرق وغيره مضبوط پيتين ۾ وجهي ٻيڙيءَ جي هيٺئين
تري ۾ حفاظت سان بند ڪري رکيو. سمنڊ ۾ سفر جي
شروعات سان ٻيڙيءَ تي لڳل جهنڊيون (جيڪي اڳ ۾
ويڙهيل هيون)
کولي ڇڏيائون. عبداللطيف چوي ٿو ته ٻيڙيءَ جي سڙهه
۽ رسن تي وري رنگين سڳن سان ٺاهيل موڙ (جهالرون)
ٻڌي ڇڏيائون. ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ وقت نبي ڪريم صلي الله
عليـﮧ وسلم جو نذر به باسيائون. (اي مالڪ)
جن تکي واءُ هوندي پنهنجا ٻيڙا هاڪاري ڇڏيا، تون
پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان انهن کي صحيح سلامت منزل تي
پهچائج.
15
ٻانَهپَ جو ٻيڙِينِ ۾ وَکَرُ وِڌائُون
موتِي مَعرفَتَ جا سَچا سَودِيائُون
”الَتائِبُ مِنَ الذَنبِ کَمَنُ لَاذَنبُ لُہُ“
اِيءَ کَٽ کَٽِيائُون
اُنِي جي آئُون، بَرڪَتِ بارُ لَنگهائِيان. [525]
سمجهاڻي:
سامونڊين پنهنجن ٻيڙن ۾ بندگي جو سڀ سامان (مالڪ
جي رضا خاطر)
ساڻ کنيو. ’گناهه کان توبه ڪندڙ، گناهه نه ڪندڙ
جهڙو آهي‘، جي قول تي عمل ڪندي (اصل) نفعو
ڪمايائون (ان ريت هو ڪيل گناهن کان آجا ٿي ويا).
آءٌ پڻ اهڙن عملن جي برڪت سبب سڀ بار کڻي منزل تي
پهچي ويندس.
16
جَنِي سَودي سَچَ سِين وَکَرُ وِهايو
بَخِرو ”لَهُمُ الۡبُشريٰ“ جو اُنِي لَئي آيو
تَنِ کي لَالَڻَ لَنگهايو، ساندارو سَمُونڊَر جو.
[526]
سمجهاڻي:
جن انسانن (زندگيءَ ۾)
سچ جو سودو اختيار ڪيو (ڪوڙ ڪپت کان پاسو ڪيو) تن واسطي قرآن شريف جي آيت ’انهن لاءِ خوشخبري آهي‘، موجب انهن کي پورو
حصو (انعام) ملندو. اهڙن کي ئي اهو پيارو محبوب
(نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم)
سمنڊ جي پيٽ ۾ ڏکيو ڦيرو (جتان ٻيڙين کي ٻڏڻ کان
بچائڻ خاطر هڪ طرف کان ٻئي طرف ڦيرائجي) پار ڪرائي ٿو.
[مثنويءَ ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم کي سمنڊ
جي اڻانگي سفر ۾ روميءَ هن طرح ياد ڪيو آهي:
ره شناسي مي ببايد بالباب،
هر رهي را خاصه اندر راه آب.
خضر وقتي غوث هر کشتي توئي،
همچو روح الله مکن تنها روي.
(دفتر چهارم، ب- 1459 ۽ 61)
معنيٰ: جيڪو عقلمند، ڏاهو ۽ راهه جو ڄاڻو هجي، اهو
ئي رستي ۾ رهبر ڪجي، خاص طور سمنڊ جي پاڻيءَ يعني
سفر ۾. اي مٺا مرسل، تون ئي زماني جو خضر (اٿاهه
پاڻيءَ ۾ راهه ڏيکاريندڙ) آهين. تون حضرت عيسيٰ
وانگر اڪيلائي اختيار نه ڪر (ڇو ته پوءِ هنن
گمراهن کي ڪير دڳ لائيندو.).]
17
وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِئي
ويچِيندي وِلات ۾ ذَرو ٿِئي نه ضاعِ
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَہِ جَنهِن جي اُبَهِين.
[527]
سمجهاڻي:
سودي جو سامان سوچي سمجهي اهڙو خريد ڪر جيڪو (اڳتي
به ڪم اچي ۽) گهڻي وقت رکڻ سان به بيڪار نه ٿئي، ۽
جڏهن پري پرديس ۾ وڪڻجي ته ٿورڙو به نقصان نه ٿئي.
تون اڳتي اهڙو (قيمتي تحفي ڏيڻ وارو)
طريقو اختيار ڪر، جنهن سان سرخرو ٿئين.
[رومي پڻ مثنويءَ ۾ اهڙي صلاح ڏئي ٿو:
از کساد آن مترس و دُر ميفت،
که رواج آن نخواهد هيچ خفت.
(دفتر ششم، ب- 3544)
معنيٰ: تون اهڙن موتين جي اگهه ڪرڻ کان نه ڊڄ ۽
اهو خيال دل ۾ نه آڻجانءِ ته انهن جو واپار ماٺو
ٿي ويندو.]
18
وَکَرُ ڍيرَئون ڍيرَ، پَرَ وِهائُو ويسَلا
ڪَنِ وِهائي وَسِ ڪِئو وَکَرُ وَڏِيءَ ويرَ
ڪَنِي گهُمندي سيرَ، وَکَرُ وِڪامِي وِئو. [528]
سمجهاڻي:
سودي سامان جا
ڪيترا ۽ قسمين قسمين ڍير لڳا پيا آهن، پر خريدار
بي خبر ۽ بي سمجهه آهن، ليڪن ڪجهه اهڙا به آهن جن
پنهنجي پوري سوچ ۽ سمجهه سان سوير ۽ وقت اندر سودا
ڪري ڇڏيا. پر ڪي اهڙا به آهن جن رڳو (بازار) گهمڻ ۽ ڏسڻ ۾ سمورو وقت وڃائي ڇڏيو ۽ هوڏانهن مال
(سستو) وڪامي ويو.
[روميءَ پڻ اهڙن بي سمجهه خريدارن لاءِ هينئن چيو
آهي:
پرس پرسان کاين بچند و آن بچند،
از پئي تغيير وقت و ريشخند،
کي نظاره از اهل بخريدن بود،
آن نظاره گون گرديدن بود.
(دفتر ششم، ب- 831-32)
معنيٰ: رڳو اگهه پڇائيندا ٿا وتن ته هيءَ شيءِ
ڪيتري جي آهي ۽ هوءَ ڪيتري جي آهي. رڳو پنهنجو وقت
پيا وڃائين ۽ تفريح پيا ڪن. اهڙا تماشائي، خريدار
ڪڏهن ٿيندا آهن. هو محض تماشائي هجڻ جو مظاهرو پيا
ڪن.]
19
هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري
دَنگِي هِن دَرياهَ مان هَلائي هاڪاري
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري. [529]
سمجهاڻي:
بيشڪ انسان (ٻانهي)
جي دل ۾ هڪڙي ڳالهه هوندي آهي، پر مالڪ (رب تعاليٰ)
هن لاءِ ٻي رٿ ڪندو آهي. اهوئي مالڪ آهي جيڪو
(دنيا جي)
هن درياهه مان (زندگيءَ جي)
ٻيڙيءَ کي اڳتي هلائي ٿو، اهوئي ننڍين وڏين ٻيڙين
کي پاڻيءَ ۾ تاري سولو سڌو منزل تي پهچائي ٿو.
[رومي مثنويءَ ۾ اهو خيال هنن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو:
هر زمان دل را دگر رائي بود،
آن نه ازوي ليک از جائي بود.
(دفتر سوم، ب- 1644)
معنيٰ: هر وقت ۽ هر گهڙيءَ دل ۾ هڪ خيال ايندو
آهي، پر اهو سمجهه ته اهو دل مان نه ايندو آهي،
بلڪه ڪنهن ٻئي هنڌان ايندو آهي.]
20
هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان اِيءُ آگي جو عَجَبُ
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ
مان. [530]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ انسان جي دل ۾ هر وقت پنهنجي سوچ هوندي
آهي پر مالڪ سائين هن لاءِ پنهنجي تدبير ڪندو آهي.
اهو ان مالڪ جو عجب احسان آهي، جو اونهي ڪُن مان
به ڪڍيو ٻاهر ڪري. اهو ان ڌڻيءَ جو وس (قدرت)
آهي جو ٻڏندڙ ٻيڙا اونهن ڪُنن مان صحيح سلامت ڪڍي
ٻاهر ڪناري تي آڻي ٿو.
21
هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اَللہُ
ڪَڍي اُونِهين ڪُنَ مان، اُڪاري اوڙاهُ
تَنہِ واحِدَ کي واهَ، جو سُتَڙُ سَڀيئِي ڪَري.
[531]
سمجهاڻي:
انسان جي دل ۾ ڇا به هجي، پر جيڪو ڪجهه ڪري ٿو،
اهو الله تعاليٰ ئي آهي. اهوئي اونهن ڪنن مان ٻاهر
ڪڍي ٿو ۽ (موتمار)
پاڻيءَ جي گهراين مان اُڪاري پار ڪري ٿو. بيشڪ
انهيءَ واحد جي واکاڻ ڪجي، جيڪو سڀني کي سولائيءَ
سان منزل تي پهچائي ٿو.
22)
هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي اَللہُ ڪَري
پاڻ هِي وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻ هِي ڪَنڌِيءَ ني
سُتَڙِ سي ڍوئي، جي تَڙِ تَوائِي مَڪُرا. [532]
سمجهاڻي:
انسان جي اندر ۾ هڪڙي سوچ آهي پر ان کان ٻيءَ طرح
جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، سو الله تعاليٰ ڪري ٿو. هو پاڻ
ئي ڪنن جي حوالي ڪري ٿو ته وري پاڻ ئي ڪناري ڏانهن
وٺي اچي ٿو. جيڪي ٻيڙا طوفان جي ڪري توائي ٿي وڃن
ٿا (واٽ وڃائي ويهن ٿا)
تن جي به سولي سڻائي ڪري کين تڙ (بندر)
تي رسائي ٿو.
23
هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جوڙي جوڙَ جَبارُ
ڪَڍي اُونِهين ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو آڌارُ
جَهازُ جوهَرِيَنِ جو، تَنہِ ڀَئِي مَ ڏي ڀَتَارُ
ننڍا وَڏا مَڪُرا سَڀ پَسَندا پارُ
مُنہُ مَدِيني سَامُهُون جِت مُحمد شاهه موچارُ
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري. [533]
سمجهاڻي:
انسان پنهنجي ذهن ۾ هڪ رٿ رٿي ٿو، پر قادر قدرت
وارو هن لاءِ ٻي رٿ ڪري ٿو. اهو انهيءَ آقا جو
اختيار آهي ته اونهي ڪُن مان ڪيئن سلامت ڪڍي ٿو.
اي مالڪ، موتين سان ڀريل جهاز کي ٻڏڻ کان ٻاهر رک.
تون ننڍن وڏن ٻيڙن کي به اهو پار پساءِ جتي مديني
جو مير، سهڻن جو سردار آهي. بيشڪ سٻاجهو سائين،
جيڪو سڀني جا عيب ڍڪيندڙ آهي، سڀني کي سولائيءَ
سان منزل تي پڄائيندو.
24
اُٿِي اورِ اَللہَ سِين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ
مَحَبتَ سَندو مَن ۾ ماڻِڪُ ٻارِجُ مَچُ
اِنَهين پَرِ تُون اَچُ، ته سَودو ٿِيَئِي سَڦَرو.
[534]
سمجهاڻي:
(اي غافل انسان)
تون (سجاڳ ٿيءُ ۽)
اٿي الله کي ياد ڪر ۽ ڪوڙ ڪپت وارن ڪمن کي ترڪ ڪر
(پاڻ کي انهن کان بچاءِ).
تون پنهنجي دل مان ٻيائي ۽ ڪينو ڪڍي ڇڏ، ڇو ته ان
مالڪ کي رڳو سچ (نيڪي)
پسند آهي. پنهنجي اندر ۾ (هر ڪنهن سان)
محبت جو سهڻي شعاع وارو مچ ٻارج، جڏهن تون اها هلت
۽ روش اختيار ڪندين ته پوءِ (الله وٽ) تنهنجو سودو اگهامندو يعني تون ڪامياب ٿيندين.
25
جي تُون ٿِئين اَللہَ جو، ته عالَمُ سَڀَ سَندوءِ
”مَن لَہُ الۡمَوليٰ فَلَہُ الکُلَ“ پِرينِ پاڻَ
اُتوءِ
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وانءُ تُون لَهرِنِ گَڏِئو.
[535]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تو پاڻ کي (ظاهري اسباب ترڪ ڪري)
الله جي حوالي ڪيو، ته پوءِ هي (سمورو)
جهان به تنهنجو آهي. ’موليٰ جنهن جو آهي، سڀ ڪجهه
تنهن جو آهي،‘ اهو انهيءَ سهڻي سائين پاڻ فرمايو
آهي. (اهڙيءَ صورت ۾ خطرناڪ)
ڪنارو يا ڪپ توکي ڪجهه نه ڪري سگهندو، تون ڀلي
(وڏين)
لهرن وچ ۾ هلندو وت.
وائي-1
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمُنَ اَمانَ!
يا اِلٰهي! ٻاجَهه ٻيلاٽِي ڀانئِيَان
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناهِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصيانَ
خَبَرَ ناه خَبَرَ جِي، نِسورا نِسيَانَ
والِي! رَسِجُ وَهِلو، اَرَکَ ٿِئا انسانَ
سُڻُ سَٻاجها سُپرِين، نِرَتُون نِگَهبَانَ
مَديُون پَسِي مُنهِنجِيُون شَرمايا شَيطانَ
هِنَ مُنهِنجي حالَ کي هَي هَي ڪَنِ حَيوانَ
سائين سُکاڻِي آهيِين سامُونڊِرين سُبحانَ
وَرُ وَسِيلا سُپِرين! تارِجِ مان طُوفانَ
تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجُ تُون رَحمانَ
ٻيلِي جو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ
ويٺو پِني پِنَڻَو، ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ
.................................................................
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا گولَن جا گُذرانَ
آهيان اَندوهَنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ
سُوالِي تو سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ
وِلها سَڀِ وَنهيان ڪِئا تُنهنجِي جُودَ جُوانَ
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلي سَندا ٻانَ
وِيرَ وَسِيلو آهِيين داڙُو ۾ دِيوانَ
لاَءِ ڏُهارِيَنِ ڏيهَه کي خِيمو اَڏئو خانَ
اُتي عَبَداللَطِيفَ جِي سُڻِجُ ڪا سُلطانَ. [536]
سمجهاڻي:
اي منهنجا موليٰ (توکان سواءِ ٻي ڪا واهه مون کي
ڪانه ٿي سُجهي.) اي ڌڻي، مون کي پنهنجي امن ۽
سلامتي ۾ رک. اي مالڪ، تنهنجي ٻاجهه ئي منهنجي
لاءِ (وچ درياهه ۾)
بچاءُ جي جڳهه (ننڍڙو ٻيٽ) آهي. منهنجا ايترا ڏوهه
گناهه آهن جو انهن جو شمار ڪونهي، اڳتي جي ڪائي
خبر ناهي (خبر جي خبر ناهي) ۽ هن باري ۾ سراسر ڀل ۽ ويسر ڪئي اٿم. اي مالڪ، تون ڪا جلدي مدد ڪر،
باقي انسان سڀ بي صبرا ٿي ويا آهن. اي رحم وارا
سپرين، منهنجي (فرياد)
ٻڌ، تون ئي ته نظر رکندڙ ۽ سنڀاليندڙ آهين. مون
کان ايتريون برايون ٿيون آهن، جو انهن کي ڏسي
شيطان به شرمائجي وڃن ٿا. منهنجو اهو حال آهي جو
ان کي ڏسي جانور به افسوس ڪرڻ لڳن ٿا. او سائين،
سمنڊ ۾ (ڦاٿل)
مسافرن جو تون سبحان ئي سلامتي ۽ سولائي ڪندڙ
آهين. اي مالڪ، تون ئي وسيلو بنجي هن طوفان مان
اچي تار، منهنجو ترڻ وارو ترهو اونهي پاڻيءَ ۾ ٽٽي
چڪو آهي، هاڻي تون ئي پنهنجو رحم ڪري مون کي تار.
اي ٻڏندڙن جا ٻيلي (واهرو)
تون شل موٽي اچي ماڙ (مهرباني)
ڪرين. هي پنڻ وارو ته پنڻ لاءِ ويٺو آهي، تون هن
سواليءَ تي ڪو ڀلائيءَ جو ڀيرو ڪر. بيشڪ خالق مالڪ
ئي پنهنجن ٻانهن تي مهربانيون ڪري کين نوازي ٿو،
مان پڻ انهيءَ غم ۾ غلطان ۽ هردم پناهه پيو گهران
. او داتا، تو سوالين کي دان ڏيئي ڀري (خوش ڪري)
ڇڏيو. جيڪي سڃا هئا، تن کي تو مالدار ڪري ڇڏيو،
اها سڀ تنهنجي سخا ۽ برڪت آهي. مون کي ڇڏي نه
ڏجانءِ، او سائين، منهنجي واهر ڪندڙ ۽ بچاءُ ڪندڙ
تون ئي آهين. او سائين، تون ئي منهنجو واهر وسيلو
آهين ۽ انصاف (حشر) ويل منهنجو ڀرجهلو ۽ ساڻي آهين. سڄي جهان جي گنهگارن لاءِ اتي سردارن
جي سردار خيمو کوڙيو آهي، انهيءَ اوکيءَ ويل، اي
سچا سلطان، سردارن جا سردار، عبداللطيف جي دانهن
ٻڌجانءِ!
وائي-2
مُون ۾ تُون موجُودُ، آءٌ اَڳاهِين آهِيَان
اَکِيُون اَکڙِيَنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ
تيلاه رَسِئا بُودَ کي، جيلاه ٿِئا نابُودُ
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو
وُجُودُ. [537]
سمجهاڻي:
(اي محبوب)
مون ۾ (منهنجي اندر ۾)
تون موجود آهين (سدائين وسين ٿو)،
پر آءٌ (پاڻپڻي)
جي ڪري توکان پري آهيان (توکان جدا آهيان).
ٻي معنيٰ: آءٌ همت ۽ حوصلي سان اڳتي آهيان. (ن. ب)
جيتوڻيڪ اهو (اصلي) قرب اهڙو آهي جو اکيون اکين
سان ملي نوڙي سلام پيون ڪن. حقيقت اها آهي ته جيڪي
پاڻ کي نابود (فنا)
ڪن ٿا، اهي ئي بود (بقا)
حاصل ڪن ٿا. انهيءَ در تي (الله جي حضور ۾)
اهي ئي قبول پون ٿا، جيڪي پنهنجي وجود ۽ هئڻ تان
هٿ کڻن ٿا.
[هن وائيءَ ۾ مثنوي روميءَ جي ان ننڍي آکاڻي وارو
فڪر شامل آهي جنهن مطابق جڏهن هڪ عاشق پنهنجي
محبوب جو دروازو کڙڪايو ته هن اندران پڇيو ’ڪير
آهي‘؟ عاشق جواب ڏنو ’آءٌ‘(فلاڻو).
محبوب جواب ڏنو پوءِ تون موٽي وڃ ڇو ته هتي ٻن مان
(آءٌ)
جي جاءِ ناهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ عاشق کي اها
ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ هن واپس اچي در کڙڪايو، محبوب
پڇيو ’ڪير؟‘ عاشق چيو، ’تون‘(مان نه)،
محبوب چيو ته هاڻي ڀلي هليو اچ، رومي چوي ٿو:
گفت اکنون، چون مني اي من در آ،
نيست گنجاي دو من در يک سرا.
(دفتر اول، بيت- 3063)
معنيٰ: تڏهن محبوب چيو هاڻي ’تون‘ مان آهين ته
’مان‘ وٽ هليو اچ. ڇو ته هڪ جاءِ ۾ ٻه ’مان‘ نٿا
ماپي سگهن.
هن وائيءَ جي ٻئي بيت لاءِ روميءَ جو هيءُ شعر
ڏسو:
ديدن ديده فزايد عشق را،
عشق در ديده فزايد صدق را.
(دفتر دوم، ب-3231)
معنيٰ: اکين جو نظارو عشق کي وڌائي ٿو. عشق ئي دل
۾ ان نظاري کي سچو ڪري ڏيکاري ٿو.
هن مطلب وارو ٻيو شعر هن ريت آهي:
ديده تو چون دلم را ديده شد،
شد دل ناديده غرق ديده شد.
(دفتر دوم، ب- 99)
معنيٰ: جڏهن تنهنجون اکيون منهنجي دل جون اکيون
بڻيون تڏهن منهنجي بي نور دل کي اکين جو نور ملي
ويو.] |