سُر ڪاموڏ
داستان
پهريون
1
تون سَمُو، آءٌ گَندَرِي، مون ۾ عَيبَ اَپارَ
پَسي لِيءَ لَغارَ، مَتان مان ڳَرِ مَٽِيين.
[2143]
سمجهاڻي:
(نُوري ٿي چوي، ته اي ڄام تماچي!) تون بيشڪ سمو
سردار آهين ۽ آءٌ گندرن جي ذات مان هڪ مُهاڻي (مڇي
مارڻ واري) آهيان. مون ۾ ڳاڻيٽي کان ٻاهر عيب ۽
اوڻايون آهن. (منهنجو عرض آهي، ته) مون غريب جي
ڪپڙن مٿان ککيءَ جي بدبودار پاڻيٺ ڏسي، متان مون
کي وساري (ڌڪاري) ڇڏين.
2
تُون سَمُو، آءٌ گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ لَکَ
هِنَ منهنجي حالَ جِي توکي سَڀَ پَرکَ
ڪارَڻِ رَب اَلکَ، متان مان ڳَرِ مَٽِيين. [2144]
سمجهاڻي:
(اي ڄام تماچي!) تون سمو (ڄام ۽ سردار) آهين ۽
آءٌ (غريب) گندري (مهاڻي) آهيان. مون ۾ لکين
(ڪيترائي) عيب (گهٽتايون) آهن. منهنجي انهيءَ
(غريباڻي) حال جي توکي
`سموري
خبر آهي. آءٌ توکي ان بي مثل ربّ (ڌڻيءَ) جو واسطو
ٿي ڏيان، ته متان مون کي دل تان وساري ڇڏين.
3
تون سَمُو، آءٌ گَندَرِي، مون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ
پَسِي کِکِيءَ کوڙِ، مَتان مان ڳَرِ مَٽِيين.
[2145]
سمجهاڻي:
(اي ڄام تماچي!) تون سمو (حاڪم) آهين ۽ آءٌ گندري
(مهاڻي) آهيان. مون ۾ لکين، نه بلڪه ڪروڙين عيب
آهن. مڇيءَ جا ڍڳ (جن تي منهنجي مائٽن جو گُذر
آهي) ڏسي متان مون کي ڇڏي هليو وڃين.
4
تون سَمُو، آءٌ گَندَرِي، مون ۾ عَيبَنِ وِيہَ
پَسِي مِئَڪِي ڌِيءَ، متان مان ڳَرِ مَٽِيين.
[2146]
سمجهاڻي:
(اي سما ڄام!) تون سمو (سلطان) آهين ۽ آءٌ گندرن
منجهان آهيان. مون ۾ (هڪ نه پر) ويهه عيب آهن. مون
کي مهاڻن جي ڌيءَ سمجهي، متان مون کي (دل تان)
لاهي ڇڏين.
5
تون سَمُو، آءٌ گَندَرِي، مون ۾ عَيبَنِ لَکَ
پَسِي مِئَڪا ڪَکَ، مَڇُڻ مان ڳَرِ مَٽِيين.
[2147]
سمجهاڻي:
(اي ڄام تماچي!) تون سمو (بادشاهه) آهين ۽ آءٌ
ذات جي گندري آهيان. مون ۾ لک عيب ۽ مدايون آهن.
اَسان مهاڻن جا ڪکن جا ٺهيل پکا ڏسي متان مون کي
ڇڏي وڃين.
6
تون سَمُو، آءٌ گَندَرِي، مون ۾ عَيبَنِ جُوءِ
پَسِي راڻينِ رُوءِ، متان مان ڳَرِ مَٽيين. [2148]
سمجهاڻي:
(اي سما ڄام!) تون سمو (وڏيءَ ذات وارو) آهين ۽
آءٌ مهاڻن منجهان آهيان. آءٌ عيبن جو گهر آهيان
(مون ۾ عيبن جو وٿاڻ آهي). تون پنهنجي وڏ-گهراڻين
راڻين جو رنگ روپ ۽ سونهن ڏسي مون کي ڇڏي نه
ڏجانءِ!
7
تون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آءٌ مُهاڻِي مي
کِکِيءَ هاڻِيُون کارِيُون، حالُ منهنجو هي
مون ڏُهاڳُ مَ ڏي، آءٌ جا نالي سُيَسِ تُنهِنجي.
[2149]
سمجهاڻي:
اي ڄام تماچي! تون پاڻيءَ جي ڍنڍن جو والي آهين ۽
آءٌ غريب مهاڻي آهيان. مڇيءَ سان ڀريل ٽوڪريون جن
مان مڇيءَ جي بوءِ پيئي اچي، سنڀالي ويهڻ اسان جي
(اَباڻي) ڪِرت آهي. مون کي اڪيلو ڇڏي نه وڃجانءِ،
آءٌ ته تنهنجي نالي سان مشهور (منسوب) ٿي ويئي
آهيان.
8
مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گَاءُ
نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري رِيجهايائِين راءُ
سَمُو سَڀنِ مُلاءُ، هيريائِين حِرفَتَ سِين.
[2150]
سمجهاڻي:
نوري (مهاڻيءَ) جي دل ۾ ڪنهن به قسم جو هٺ يا
وڏائي هئي ئي ڪانه. هن صرف پنهنجي اکين ناز و ادا
(انگل) سان سمي حاڪم جي دل کي موهي وڌو. هُن
(بادشاهي خاندان جي) ٻين عورتن جي مقابلي ۾ پنهنجي
(عاجزي ۽ نماڻائيءَ واري) حيلي سان ڄام تماچيءَ کي
پاڻ ڏي مائل ڪري وڌو.
9
پاٻوڙو پيش ڪِئو، نَئُون نُوريءَ نيئِي
حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون سَمِيُون سَڀيئِي
نوازي نيئِي، گاڏي چاڙهي گَندَرِي. [2151]
سمجهاڻي:
نوريءَ (پنهنجن هٿن سان ٺاهيل) سوکڙيءَ طور پاٻوڙن
(ڪنول جي گلن) جو گلدستو ڄام تماچيءَ کي وڃي پيش
ڪيو. سما خاندان جون سڀ سهڻيون عورتون انهيءَ جاءِ
تي (انهيءَ مهل) موجود هيون. ڄام تماچي نوريءَ
مٿان موهجي ايترو راضي ٿيو، جو کيس گڏ (شاهي) گاڏي
۾ ويهاري پاڻ سان (سير تي) وٺي ويو.
10
کُوءِ سَميُون ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ
اُوچيءَ ڳاٽِ
وَرُ سي ڪِينجهَرَ ڄائِيُون جَنِ تَماچيءَ تاتِ
راڻينِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ ميءِ پِرائِيو. [2152]
سمجهاڻي:
سمن ۽ سومرن جون وڏ-گهراڻيون عورتون جيڪي ڳچي مٿي
ڪري وڏائيءَ سان هلن ٿيون، وڃي کڏ کوهه ۾ پيون،
(انهن جي مقابلي ۾) ڪينجهر جي مهاڻن جي نياڻين کي
جس هجي، جن کي ڄام تماچيءَ جي هر وقت يادگيري آهي.
انهيءَ ڪري سڀني راڻين جي هوندي نوريءَ،
ڄام تماچيءَ کي موهي پنهنجو ڪيو.
وائي
هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويهي ساٽِيَنِ وِچَ ۾
نَوازِشِ نُورِيءَ جِي آههِ تَماچِيءَ تائِين
گندگيءَ گوشو ڪِئو، عَطُرُ اوتِيائِين
اَنڌا مَنڊا آئيا، سخا سَڏُ وِڌائِين
پَسو جُودُ جُوان جو، ڪو هَنڌُ ڪونه مَٽِيائين
قيمت ڪَمِيڻينِ سين جِهڙِي وَٽَ وَٽِيائِين
موتِي مَڇيءَ هَٽ تي ڪوڏِين جِيئن ڪَڍيائِين
پَسو ايءُ پيدا ٿيو جوهَرِي جِيائِين
ماڻِڪَ مياڻِين ۾ ڇِلرُن جِيئن ڇَٽيائِين
ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪَيائِين
پاڻِيٺُ آڻي پاڻَ سِين، لَعلُون سَڀِ لُٽيائِين
فيروزا فَقِيرَنِ تان گهوري سَڀِ گهورِيائِين
اُتي عبداللطِيف چَئي اُڇلي اَمُلَ ڏِنائِين.
[2153]
سمجهاڻي:
(ڄام تماچي) مڇيءَ وارن مهاڻن جي سٿ مان ئي هيري
جهڙي نوريءَ کي چونڊي پنهنجو ڪيو (پنهنجي وَني
ڪيائين). نوريءَ تي نوريءَ جي نوازش ۽ مڃتا فقط
ڄام تماچي جي لاءِ آهي. سمي ڄام جڏهن عطر پلٽئو ته
گندگي ۽ بدبوءِ خوشبوءِ ۾ بدلجي ويئي. هن جڏهن سخا
جو هوڪو هلايو، ته سڀ محتاج ۽ سوالي اچي گڏ ٿيا.
هن جوان مرد جي سخا کان ڪو ماڳ خالي نه رهيو ۽ ڪا
جاءِ واندي نه ڇڏيائين (هر جاءِ هر هنڌ سخا ۾
مشهور ٿيو). هن نادارن ۽ بيواهين ۾ قيمتي سوکڙيون
ونڊي ورهائي ڇڏيون، بلڪه مهاڻن جي مڇيءَ وارن
دڪانن تي موتين کي ڪوڏين وانگر ڪڍي پئي ڏنائين
(موتي عام ڪري ورهايائين). هنن جو ڀاڳ ڏسو ته ڪيئن
سندن وچ ۾ هيرن جواهرن جو اصلي جوهري اچي ظاهر
ٿيو، جنهن مهاڻن جي وستيءَ ۾ ماڻڪ موتي مڇيءَ جي
لاٿل ڇِلرن وانگر پَٽ تي ڇٽي ڇڏيا. جنهن سوال ٿي
ڪيو، ته ان کي سون ئي سون ٿي ڏنائين، باقي چانديءَ
جي رُپين جي ته راند لڳي پيئي هئي. (انهن جو حساب
نه هو). هو پاڻ (پنهنجي هٿن سان) آبدار موتي (تمام
قيمتي موتي) ورهائيندو رهيو ۽ هر قسم جا موتي سڀ
جو سڀ لُٽائي ڇڏيائين. ائين قيمتي فيروزا (هڪ
قيمتي پٿر) سڀني سوالي فقيرن مٿان گهوري ڦٽا
ڪيائين. عبداللطيف چوي ٿو ته اتي هن (سخي سردار)
املهه هيرا موتي پنهنجو پاڻ اڇلائي پئي ڏنا.
داستان ٻئو
1
ميءَ هَٿَ ۾ مَڪُرِي، ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ
سڄو ڏِينہُ شِڪارُ، ڪِينجهُرِ ۾ ڪالَهه ۾. [2154]
سمجهاڻي:
مهاڻي (نوريءَ) جي هٿ ۾ ٻيڙيءَ جو ونجهه هو ۽ ڄام
تماچيءَ جي هٿن ۾ مڇي مارڻ جو ڄار هو. ڪالهه
ڪينجهر ڍنڍ ۾ سڄو ڏينهن اهو شيل شڪار هو (ڄام جو
نوريءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي سير جو
منظر!).
2
سَميُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون
ڄامُ هَٿَنِ ۾ ڄارُ، جهُلي جهَٻيرَنِ وِچَ ۾.
[2155]
سمجهاڻي:
سميون راڻيون هر هر هار سينگار ڪري ڄام بادشاهه وٽ
پاڻ (وڻائڻ خاطر) هلي ٿي آيون، ليڪن ڄام تماچي
(هنن کان بيپرواهه ٿي) پنهنجي هٿن ۾ مڇي مارڻ وارو
ڄار کڻي جهٻير ذات جي مهاڻن (نوريءَ جي مائٽن) ۾
پيو اچ وڃ ڪري (جهومي ۽ جهولي).
3
گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾ ڪَڍَنِ ڪالوڙا
لوڙيُون کِينِ لَطِيفُ چَئي، آسَڻِ اَجوڙا
تَماچِيءَ توڙا، وَڻِي ويچارَنِ سِين. [2156]
سمجهاڻي:
هُو پنهنجي گوڏ (بدن جي هيٺين اَڌ کي ڍڪڻ لاءِ
ڪپڙي) ۾ پڪا لوڙهه ۽ پَٻڻ جون پاڙون (جيڪي کائڻ ۾
ڪم اچن) جهوليءَ ۾ کڻن ٿا. عبداللطيف چوي ٿو ته جن
جو کاڄ ڪچا ننڍا لوڙهه آهن، جن جي رهڻ وارا هنڌ ۽
ماڳ بنا ڪنهن ترتيب جي آهن، اهي نماڻا غريب مهاڻا
اصل کان ئي ڄام تماچيءَ کي وڻي ويا.
4
گَندَ جَنِي جي گوڏَ ۾، ڪُلهَنِ تي ڪُونڙيُون
اَنَ ناپي جِيُون اُنِ کي مَٿي تي مُوڙيُون
اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون، سَمي جي سلامَ تي. [2157]
سمجهاڻي:
هنن جي گوڏ (واري جهولي) پٻڻ جي پاڙن سان ڀريل آهي
۽ سندن ڪلهن تي وري ڪوڻين جي ڀري آهي. سندن مٿي تي
ڪوڻين مان نڪرندڙ ڪُمن جون ننڍڙيون ڳنڍيون ٻڌل
آهن. اهي مهاڻيون عورتون انهيءَ ريت (گويا) تيار
ٿي ڄام تماچيءَ جي سلاميءَ تي پيون اچن.
5
گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ
اُنِي جي اوطاقَ، راجا رِيجهِي آئِيو. [2158]
سمجهاڻي:
انهن مُهاڻن جون گوڏيون پٻڻ جي پاڙن (جيڪي کائڻ جي
ڪم اچن) سان ڀريل آهن ۽ سندن بدن جي مٿئين اڌ
(جيڪو گهڻو ڪري اگهاڙو ٿئي) سان پاٻوڙا چنبڙيل
آهن، جيڪي ڄڻ هنن جي پوشاڪ آهن. اهڙن (غريب ۽
مسڪين) مهاڻن جي گهر ۾ ڄام تماچي (سنڌ جو حاڪم)
پاڻ راضي ٿي هلي آيو.
6
گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پِينَامُ
اُني کي اِنعامُ، مَڃرُ مِڙوئِي ٿِئو. [2159]
سمجهاڻي:
انهن مهاڻن جي گوڏ ۾ پٻڻ جون پاڙون (لوڙهه وغيره)
ٻَڌل آهن ۽ پٻڻ جا پاٻوڙا (جن جا پن وڏا ٿين) سندن
بدن جي مٿئين ڀاڱي جو ڍڪ آهن. انهن کي (سمي ڄام
طرفان) مَڃَر (پاڻيءَ ۽ ساوڪ واري ڍنڍ، جنهن ۾
مڇي، پٻڻ وغيره جام ٿئي) جي سموري ايراضي انعام
(محصول کان سواءِ معافي) ۾ ملي ويئي.
7
کاڄُ جَنِي جو کِکِيُون، مالُ جَنِي جا مَڏَ
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، هيڻا جَنِي هَڏَ
ڄامَ پَرِتِيَئِي لَڏَ، ساٽِينِ جِي سَيدُ چَئِي.
[2160]
سمجهاڻي:
جن ماڻهن جو کاڌو (صرف) مڇي آهي ۽ جن جو مال ملڪيت
(رڳو) اهي مَڏ (ڪاٺين ۽ ڪانن جا نوڙين سان ٻڌي
ٺاهيل مَنجا) آهن، سمي (سنڌ جي حاڪم) اهڙن ضعيف
ماڻهن سان وڃي مائٽي ڳنڍي. عبداللطيف چوي ٿو، ته
اي سما ڄام! هاڻي انهن مڇيءَ وارن جو مال اسباب
(مانُ ۽ عزت) تنهنجي حوالي آهي (توکي انهن جي پارت
هجي).
8
ڄارا ۽ کارا، مالُ جَنِي جو مَڪَرِيُون
تَماچِيءَ جي تَڪِيي اَچَنِ سَوارا
جي ميءَ مَڇيءَ مارا، سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا.
[2161]
سمجهاڻي:
مڇي مارڻ جا رڇ، مڇيءَ جون ٽوڪريون ۽ ننڍڙيون
ٻيڙيون ئي هنن جي سموري دنيا آهي. هو صبح جو سوير
ئي اچي ڄام جي سلامي ڀرين ٿا. (آخر ته) سمي ڄام
اهڙن مڇي ماريندڙ مهاڻن سان وڃي مائٽي ڳنڍي آهي.
9
کِکيءَ هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ
پاندُ جَنِي جي پاندَ سِين لَڳو ٿئي لَڄَ
سَمُو ڄامُ سَهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سِين. [2162]
سمجهاڻي:
هنن جي مڇيءَ وارين کارين ۽ ڇڄن مان تيز ۽ تکي ڌپ
پيئي اچي ڇو جو هنن جا ڪاٺين مان ٺهيل ٽوڪرا،
مڇيءَ جي آنڊن ۽ گجين جي بدبوءِ سان ڀريا پيا آهن.
(هنن ويچارن جي اها حالت آهي جو) جيڪڏهن هنن جي
ڪنهن ڪپڙي وغيره سان ٿورو پلئه به لڳي وڃي، (يا
ڀرسان گذرڻ ٿئي ته بدبوءِ سبب) ته اڳلو ڏاڍو
پريشان ٿي وڃي ٿو. (ليڪن، ڏسو ته سهي) سمو ڄام
(سنڌ جو حاڪم) پاڻ پنهنجي سر انهن مٿان نوازشون
پيو ڪري.
10
کارِيُون ڄارِيُون ڇَڄَ ڇِپِرِيُون، جِنِ جي
مَحَبَتَ مَڇيءَ ساڻُ
رَهَنِ وِهَنِ سِرِ ٻانڌيين، سَڀَئي بَدبُوءِ هاڻُ
لُڌِڙَنِ جيئن لَطِيفُ چَئي، پاڻِيءَ وِجهَنِ پاڻُ
تَنِ مَلاحَنِ جو ماڻُ، سَمي سِرِ ڪِئو پانهنجي.
[2163]
سمجهاڻي:
هنن (مهاڻن) جي محبت مڇيءَ جي ٽوڪرين، مڇي ڦاسائڻ
جي ڄارن ۽ تيلين مان ٺهيل تَڏين سان آهي. (مطلب ته
هنن جي محبت جو مرڪز مڇي آهي). هنن جو اٿڻ ويهڻ ۽
رهڻ سهڻ ڪاٺيءَ جي اهڙن وڏن بُنڊن تي آهي (جن ۾
هنن جا ڄار هر وقت لٽڪيل رهن ٿا) ۽ انهيءَ ڪري هو
(ويچارا) سڀ جا سڀ بدبودار آهن. عبداللطيف چوي ٿو،
ته هو هر وقت پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانور لُڌڙي وانگر
پاڻيءَ ۾ پيا تُڙڳن (پاڻيءَ ۾ اندر ٽٻيون هڻي ۽
وري ٻاهر نڪرن). اهڙن مهاڻن جا ماڻا (عزت ۽ مان)
سمي ڄام پنهنجي سر کنيا.
11
ڪارِيُون ڪوجهِيُون ڪُوَڙيُون، مُنہَ ميريون
مييُون
ڀاڪُرَ پائي ڀَنَ کي پاڻِيءَ ۾ پييُون
جي سامَ سَمي وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرفُ حِسابَ
جو. [2164]
سمجهاڻي:
اهي مهاڻيون جيڪي رنگ جون ڪاريون ۽ شڪل صورت ۾
ڪوجهيون آهن. جيڪي گدليون سدليون آهن ۽ جن جا
مُنهن اڻ ڌوتل آهن، جيڪي مڇي مارڻ جي وڏي ڄار کي
پڪڙي پاڻيءَ ۾ پيون تڙڳن، سي سڀ سمي ڄام جي پناهه
۾ اچي ويون آهن. (تنهن ڪري) هاڻي انهن تان هر قسم
جو حساب ڪتاب لهي چڪو آهي (انهن تان ڪوجهائپ ۽
ميراڻ واري ميار ختم ٿي ويئي آهي).
12
ڪارِيُون ڪوجهِيُون ڪُوَڙيُون، مُنہِ نه
موچارِيُون
وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي کِکيءَ جِيُون کارِيُون
اُنِي جِيُون آرِيُون، سَمي ري ڪيرُ سَهي. [2165]
سمجهاڻي:
اهي ويچاريون مهاڻيون عورتون ڪاري رنگ جون آهن،
سندن شڪل ڪوجهي آهي، مُنهن مُهانڊي ۾ بلڪل سُهڻيون
ناهن. اهي رستن تي مڇيءَ جي ڌپ واريون کاريون
(وڪڻڻ خاطر) رکي ويٺيون آهن. هاڻي انهن جا ماڻا ۽
انگل (ناز نخرا) سمي ڄام کان سواءِ ٻيو ڪير کڻندو.
13
پَنَ پَٻُڻِ، ڪُمَ ڪُوڻِيُون، مَٿي جَرَ جَرَڪَنِ
اچي رهيا ريلَ ۾ ڪارَڻِ ڪالُوڙِنِ
سَهسِين راڄِ سَيدُ چَئي پاسي تَنِ پَرَنِ
مِڙِي مَلاحَنِ، راتِ تَماچِي رانئِيو. [2166]
سمجهاڻي:
اهي مهاڻا پاڻيءَ (سان ڀريل ڍنڍ) ۾ جتي پَن (سائو
ڊگهو گاهه)، پٻڻ ۽ ڪُمن سان ڀريل ڪُوڻيون آهن،
انهيءَ هنڌ اچي ويٺا آهن. هو اتي وڏن ڪُمن کي
ڳولي پيٽ قوت ڪرڻ جي آسري تي لڏي آيا آهن.
عبداللطيف چوي ٿو، ته هنن جي ڀرپاسي ۾ قُوت گذر
لاءِ ٻين ڪيترن ئي راڄن جا ماڻهو به اچي پهتا آهن.
اهي سڀ ملاح گڏجي (ميڙ ڪري) رات جي پهر ۾ ئي سمي
ڄام وٽ لنگهي ويا ۽ هن کي رِيجهائي راضي ڪري
موٽيا.
14
پَنَ پَٻُڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، ڏوڏا بِههَ ڏاجونِ
نَعمتَ لوڙَ لَطِيفُ چَئي، کِيَڻُ مَڇِي کاڄونِ
رَهَنِ ٻَهَنِ سِرِ ٻانڌِيين، دُوءِ دَرا داجونِ
پارَسَ سِين پاسونِ، لڳا تي لالَ ٿيا. [2167]
سمجهاڻي:
پَن ۽ پَٻڻ، ڪُم ۽ ڪُوڻيون، ڏوڏيون (پٻڻ جي ٽِڪيءَ
اندر داڻا جيڪي کائڻ ۾ سوادي ٿين) ۽ بِهه (پٻڻ جي
زمين اندر پاڙ جيڪا کوٽي ڪڍجي ۽ پڻ رڌي کائڻ جي ڪم
اچي)، اهي شيون هنن ماڻهن جو ڏاج (يا بخشش) آهن.
عبداللطيف چوي ٿو، ته لوڙهه هنن لاءِ نعمت آهن ۽
هر وقت مڇي کائڻ سندن قُوت (غذا) آهي. اهي هر وقت
پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ڪاٺ جي منجن اَڏين تي ئي رهن سمهن
ٿا. هنن جو کاڌو ديو ۽ درو (ننڍڙي ڇِلر واري مڇي)
آهي. هنن مهاڻن جو جڏهن پارس (سمي ڄام) سان پاسو
لڳو (ڳانڍاپو ٿيو)، ته هو سڀ رَنگجي لال ٿي ويا
(خوشحال ٿي ويا).
15
قُوتُ جَنِي جو ڪُوڻِيُون، پَرَهَنِ پاٻوڙا
پايو مُنہُ مِهراڻَ ۾، ڪَڍَن ڪالوڙا
جَنِ تي ڏَنَ هُئا ڏوڙا، سي سَڀ اِنعامِي ٿِئا.
[2168]
سمجهاڻي:
هنن مهاڻن، جن جو کاڌو ڪُوڻيون (جيڪي پاڻهي پاڻي ۾
پيدا ٿين) آهن ۽ جن جي پوشاڪ پاٻوڙا آهن، هو (گهڻو
وقت) درياهه جي پاڻيءَ ۾ هيٺ ٽٻيون هڻي، ڪُوڻين
جون پاڙون(لوڙهه) ڪڍي اچن ٿا (جن کي کاڌي طور ڪم
آڻن ٿا). هنن تي ڳريون وصوليون هيون، پر (سمي ڄام)
اهي سڀ کين بخشش (مجرا) ڪري ڇڏيون.
16
تَڙِ تَريون ڍوئِينِ، ڪَنِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾
رَڇَ پنهنجي راڄ ۾ ويٺِيُون سَموهِينِ
مُهاڻِيُون موهِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[2169]
سمجهاڻي:
اُهي مهاڻيون ڍنڍ جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منجي
جهڙين ٻيڙين ۾ (مڇي) پيون ڍوئين ۽ وري سائي پَٽ تي
ويٺي ويٺي پاڻ ۾ رهاڻيون به پيون ڪن. هو ٻين جيڏين
سرتين سان گڏ ويهي (گِنجريل) رَڇن کي ويٺيون
سلجهائين. (جن مهاڻين جي اها حالت آهي) انهن ئي
تخت ڌڻي ڄام تماچيءَ کي پاڻ تي موهت ڪري وڌو.
17
ڪُمَ ڪالوڙا ڪُوڻِيُون، پَهَتِ جَنِي جِي پَرِ
لائي لِينگَ لَطِيفُ چَئي جُنبَنِ جَجهي جَرِ
گهوٽُ اُنِي جي گهَرِ، راجا ريجهِي آئِيو. [2170]
سمجهاڻي:
ڍنڍن مان ڪُم، ڪالوڙا ۽ ڪُوڻيون ڪڍي گذر سفر پيا
ڪن. عبداللطيف چوي ٿو، ته هو (بدن جي هيٺئين حصي
سان) ڪپڙي جو ننڍو ٽُڪر (گوڏ) ٻڌي، وڏي کان وڏي
پاڻيءَ ۾ هيٺ وڃن ٿا، اهڙن مهاڻن جي گهر وقت جو
بادشاهه گهوٽ بڻجي پنهنجي خوشيءَ سان هلي آيو.
داستان ٽئو
1
هيڏِيءَ ويرَ ڪِئاءُ، ڪِينجهُرَ ۾ باهِ ٻَري
نَڪو وَرنُ وِڄَ جو، نڪو چَنڊَر اُهاءُ
لَٿو پاندُ مُهاءُ، ميءِ چَڙهندي مَڪُرِي.
[2171]
سمجهاڻي:
ڪينجهر ڍنڍ ۾ اهڙي اَويليءَ مهل (رات جي وڳڙي ۾)
ڪٿان ۽ ڪيئن اهڙي باهه ٻري پيئي آهي. اهو وِڄ
(کنوڻ) جو چمڪو به ڪونهي ۽ نڪو وري چنڊ اڀرڻ وارو
سوجهرو آهي. (لڳي ٿو) نوريءَ جو ٻيڙيءَ تي چڙهندي
(ٿوري لوڏي سببان) منهن تان پلئهُ لهي ويو آهي.
2
نه وَڍي نه وِڪَڻِي، نه کِکيءَ لائي هَٿَ
ڪَرُ نايو ڪيتريُون مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ
جا سَمي وِهارِي سَٿَ، تَنہِ سِين ريسَ نه
ڪَنديُون راڻِيُون. [2172]
سمجهاڻي:
هُوءَ (نوري) نه ئي مڇي وڍي ٿي ۽ نه وڪڻي ٿي ۽ نه
وري ان کي هٿ لائي ٿي (آخر هُوءَ راڻي جو آهي)،
بلڪه ٻيون پاڻ جهڙيون ڪنڌ نمايو گڏجي کيس عرض ۽
التجا پيون ڪن (ائين ٿيڻو ئي هو). جنهن کي سمي ڄام
پاڻ راڻين جي وچ ۾ آڻي ويهاريو، تنهن سان ٻيون
ڪيئن رِيس ڪري سگهنديون!
3
نه وَڍي نه وِڪَڻي، نَڪِين کِکِي کاءِ
ڄامَ تَماچِيءَ لاءِ، پاڪُ رَکيائِين پِڃرو.
[2173]
سمجهاڻي:
هُوءَ (نوري) راڻي ٿيڻ کان پوءِ نه مڇي وڍي ٿي ۽
نه وڪڻي ٿي، نڪو مڇي کائي ٿي، بلڪه هُوءَ هر وقت
پنهنجي سرير کي ڄام تماچي (جهڙي وڏي حاڪم) لاءِ
پاڪ صاف پئي رکي.
4
نه وَڍي نه وِڪَڻي، نه کَڻي ۾ کاري
اَهَنَ سَهَنَ ساهِميون، ڌُرئان نه ڌاري
سا ئِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپِجي.
[2174]
سمجهاڻي:
هُوءَ (نوري) هاڻي نه مڇيءَ کي وڍي ٿي ۽ نه وڪڻي
ٿي ۽ نه وري کاري ۾ کڻي ٿي. (راڻي جو ٿي!) هُوءَ
ڪاڻ واري تارازي (جنهن ۾ مڇيءَ وڪڻڻ وقت پهريائين
ان جو کوٽ ڪڍجي) کي مورڳو پاڻ وٽ رکي ئي ڪانه!
بلڪه هينئر هوءَ اها (راڻين واري) روش پيئي هلي،
جيڪا سمي جهڙي حڪمران جي محل ۾ سُونهي ٿي ۽ هلي
پيئي.
5
نَه وَڍي نه وِڪَڻي، نه ماري نه ڏاري
کارو وِڌائِين کُوهَ ۾ نِرتَئُون نِهاري
سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپِجي. [2175]
سمجهاڻي:
هوءَ (نوري) نه مڇي وڍي ٿي، نه وڪڻي ٿي ۽ نه وري
ٻُنجيل (بند) مڇيءَ کي چيري (ٻه ڦاڪون) ٿي، بلڪه
پوريءَ طرح سوچي سمجهي پنهنجو کارو کڻي کڏ کُوهه ۾
اڇلي ڇڏيو اٿائين. هوءَ اها ئي ريت رسم پيئي نباهي
(راڻين واري ريت رسم) جيڪا سمن ڄامن جي شاهي گهر ۾
رواج مطابق آهي.
6
ٻِيڙو پوئي ٻانہَ ۾ ٻِي نه ٻَڌي ڪا
توڏَرُ تِنہِ جُڳاءِ، سَمُو سِڪي جِنہِ کي. [2176]
سمجهاڻي:
هُن (نوريءَ) پنهنجي ٻانهن (ڪرائيءَ) ۾ رڳو
(شاديءَ جي وقت خوشبوءِ سان واسيل) هڪڙو ٻِيڙو ئي
ٻَڌو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نٿي ڪري (هار
سينگار نٿي ڪري) (ڇو ته) موڙ مثل منهن وارو آڏو
سينگار انهن کي سونهي ٿو جن لاءِ سمو ڄام پاڻ سِڪي
ٿو.
7
هٿين پيرين آرکَڻين، مُنہِ نه مُهاڻِي
جِئن سَڳو وِچِ سُرَندَڙي، تِئن راڻِينِ ۾ راڻِي
اَصُلِ هُئي اُن کي اَهَلَ ڄاماڻِي
سَمي سُڃاڻي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانہَ ۾. [2177]
سمجهاڻي:
(نوري) هٿن، پيرن، هلت چلت ۽ منهن مهانڊي ۾ مهاڻي
لڳي ئي ڪانه ٿي، بلڪه جئن سُرندي ۾ سڳو سونهي ٿو،
تئن نوري راڻين ۾ راڻي سونهي ٿي. (سُرندي ۾ وڄت
لاءِ اٺ رُڪ جون تارون ۽ هڪ (رودو) سڳو ٿئي، جنهن
مان بنيادي وڄت وارو سُر ’سا‘ نڪري). حقيقت ۾ هوءَ
اٿڻ ويهڻ جي انداز مان ئي ڄامن واري (وڏ گهراڻي)
پيئي لڳي. تڏهن ته سمي ڄام کيس صحيح سڃاڻي سندس
ٻانهن (ڪرائيءَ) ۾ رنگين ڏور يعني ڳانو ٻَڌو (پرک
ڪري کيس پنهنجي پَٽ راڻي بڻايائين).
8
ڪو جو ڪامَڻُ مي، آهي اَکَڙِيَنِ ۾
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو ناڀُون پايو ني
عِشقُ اِيئن ڪَري، جِئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪِئو.
[2178]
سمجهاڻي:
هن (نوريءَ) کي اکين ۾ اهڙو ڪو جادو هو، جو ڄام
تماچيءَ جي دل کي منڊي ۽ جڪڙي کڻي سوگهو ڪيائين.
اهو عشق آهي، جو ائين ٿو ڪري، تان جو ڄام تماچي
(جهڙي بادشاهه) کي مهاڻن وارو ڄار ڪلهي تي کڻڻو
پيو.
9
جِهَڙِي سِجَ ڪَڪورَ، تِهَڙِي ميءِ اکينِ ۾
ڪِينجهُرِ ٻِنهِي ڪَنڌيين، ميئُون ٽِلَنِ مورَ
تماچِيءَ طَنبورَ، راتِ وڄايا ريلَ ۾. [2179]
سمجهاڻي:
جهڙي سج جي سهڻي هلڪي ڳاڙهاڻ هوندي آهي، تهڙي
سونهن هن (نوريءَ) جي اکين ۾ هئي. ڪينجهر ڍنڍ جي
ٻنهي ڪنارن تي مهاڻيون مور جي چال سان پيون هلن
چلن ۽ ڦرن. ڄام تماچيءَ (ڄڃ جي صورت ۾) سڄي رات
تنبورن وارن کي وٺي اچي ڍنڍ جي مٿان سرسبز ميدان
تي وهانءَ جي محفل مچائي (وهانءَ واري رات جو
نظارو).
10
جي ڄامان اَڳي ڄائِيُون، تَنِ جِي نِرِتِ نورِيءَ
کي ناهِ
نه مَنَهِن نه مارَڪي، نه وَڃَنِ ڪَنہِ وِهانہِ
سي ڪِينجهُرِ ڪَنڌيءَ ڪانہِ، جَنِ تماچِي تَڪِيو.
[2180]
سمجهاڻي:
يعني ته جيڪا ظاهري صورت آهي، ان کان اڳ به ڪا
حقيقت آهي. اُهي سميون جيڪي اڳ ٿي گذريون تن جي
نوريءَ کي خبر ناهي. اهي شادين ۾ منهن مارڪي وڃڻ ۽
ٻي ريت رسم کان الڳ هيون، جن جو تڪيو ئي خود پاڻ
تماچي هو سي ڪينجهر ڪناري ڪين رهيون (ن.ب).
[رومي عالم ارواح ۾ اهل الله جي ان ڪيفيت بابت
هينئن چيو آهي:
پير ايشانند کين عالم بنود،
جان ايشان بود در درياي جود.
پيش ازين تن عمر ها بگذاشتند،
پيشتر از کشت بر برداشتند.
(دفتر دوم، ب- 168-9)
معنيٰ: اهي (عارف ڪامل) ان وقت پير (شيخ) هئا،
جڏهن هي جهان ڪونه هو. تڏهن هنن جا روح حق جي
درياهه ۾ موجود هئا. ظاهري وجود ۾ اچڻ کان اڳ هنن
عمريون گذاري ڇڏيون آهن. هن دنيا جي کيتيءَ کان اڳ
هنن ڪيترا فصل کڻي کائي ڇڏيا آهن.]
11
تِهڙو ڪِينجهرُ ۾ ڪِينَ ٻِئو، جِهَڙي سُونہَ
سَندِياسِ
مَڏَ مِياڻيون مَڪُرا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ
رِيسُون راڻِينِ ڇَڏِيُون، وهي ڪانه وَٽاسِ
مورِڇَلُ مَٿاسِ، هَڻي ڄامُ هَٿَنِ سِين. [2181]
سمجهاڻي:
نوريءَ جي سونهن وارو سموري ڪينجهر ۾ ٻيو ڪو ئي
ڪونه هو (هوءَ پنهنجو مٽ پاڻ هئي). نوريءَ جي صدقي
۾ ملاحن جا مَڏ مياڻيون مڪڙا محصولن کان آجا ٿي
ويا. نوريءَ سان ڪنهن به راڻيءَ مقابلي ۾ ڀرسان
اچي ويهڻ وارو خيال ئي ڇڏي ڏنو. (آخر اهو ڏينهن
آيو جو) سمو ڄام پاڻ پنهنجي سر مٿانئس مور جي کنڀن
جو وڏو وڃڻو پيو هلائي (ائين عزت افزائي ڪري).
12
ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري
جَنِ وِهَڻَ نه ڏِنُسِ وَٽَ ۾، ٿِئا سَلامِي سي
نورِيءَ نازَ ڪَري، عالَمُ اِنعامِي ڪِئو. [2182]
سمجهاڻي:
سمي ڄام (جهڙي حڪمران) پنهنجي ڪلهن تي مڇيءَ وارو
ڄار کڻي رکيو (مڇيون مارڻ لڳو)، اهو سڀ عشق جي ڪري
ٿيو. (اهوئي عشق جو ڪمال آهي). جن جي ڀرپاسي ۾ هُو
هرگز ويهڻ وارو نه هو، سي ئي سندس سلامي (مائٽ)
ٿيا. (درحقيقت) نوريءَ جي ناز سموري جهان کي بخشش
۽ معافي لائق بنائي ڇڏيو.
وائي
تِنہ کي ڪيرُ چَوَندو مي،
اِيءَ سَمي جا سَمَگَئِي
سَمي جي سُهاڳ جو مِينڍو ڳُتو مي
عالَمُ انعامي ڪِئو نوريءَ نازَ ڪَري. [2183]
سمجهاڻي:
هُن (نوريءَ) کي ڪير مهاڻي عورت چوندو، جنهن کي
سمي ڄام (بادشاهه) پاڻ نوازيو هجي. هن سمي ڄام سان
قرب ۽ پيار جو (مضبوط) رشتو قائم ڪري ڇڏيو. هن جي
پيار کي پنهنجي وارن (جي چڳن) ۾ سموئي ڇڏيائين.
نوريءَ جي انهيءَ ناز (محبت واري نازڪ انداز)
سموري دنيا جهان کي انعام اڪرام ۽ نوازشن جي لائق
بڻائي ڇڏيو.
[هن وائيءَ جي آخر ۾ حضور نبي صلي الله عليه وسلم
جي ذات ڏانهن اشارو واضح آهي، جيئن رومي پڻ هڪ هنڌ
چوي ٿو:
باز گشته از دم او هردو باب،
در دو عالم دعوت او مستجاب.
(دفتر ششم، 170)
معنيٰ: هن جي صدقي انسانذات لاءِ ٻنهي جهانن جا
دروازا کلي پيا. ٻنهي جهانن ۾ هن جي دعوت کي
قبوليت جو شرف آهي.]
داستان چوٿون
1
نه ڪِنہ ڄائو ڄامَ کِي، نَڪو ڄامَ وِياءُ
ننڍي وَڏي گَندَري، سَڀِنِ آه سِياءُ
”لَم يَلِد وَلَم يُولَد“، اِيءَ نَجابَتَ نِياءُ
ڪِبِرُ ڪِبِرِياءُ، تَختُ تَماچِي ڄامَ جو. [2184]
سمجهاڻي:
نه ڪنهن ڄام کي ڄڻيو آهي ۽ نه وري ڪنهن کي ڄام
ڄڻيو آهي. (پر) ڄام جو هر ننڍي توڻي وڏي مهاڻيءَ
سان ناتو آهي (هن جو سڀني سان واسطو ۽ تعلق آهي).
قرآن جي آيت ”نه ڪنهن کيس ڄڻيو آهي ۽ نه هن ڪنهن
کي ڄڻيو“ سندس اعليٰ شرف جو اُهڃاڻ آهي. هو وڏي
وڏائيءَ وارو آهي، سندس تخت ايڏو ئي شان مان وارو
آهي.
(هن بيت ۾ شاهه لطيف واضح ٿو ڪري، ته ’ڄام‘ مان
سندس مراد الله پاڪ جي ذات آهي. اهڙيءَ طرح ڪن ٻين
بيتن ۾ اهڙا ٽاڻا ملن ٿا، جتي ’نوريءَ‘ مان مراد
رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي ذات آهي ۽ ڪن
بيتن ۾ وري نوري مان مراد الله جا اولياءَ پڻ
آهن).
[هن بيت سان لاڳو مثنويءَ جو هي شعر ڏسو:
’لم يلد لم يولد‘ ست او از قدم،
ني پدر دارد نه فرزند و نه غم.
(دفتر سوم، ب- 1319)
معنيٰ: اهو مالڪ سائين آهي، جنهن کي اصل کان ’نه
ڪنهن کي هن ڄڻيو ۽ نه هن مان ڪو ڄائو‘. هن جو نه
پيءُ آهي ۽ نه ڪو پٽ ۽ نه ڪو چاچو اٿس.]
2
تَڙُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، تَماچِي تَڙ راءُ
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تماچِي کاءُ
ته تون تَماچياءُ، تَماچِي تي لَهِين. [2185]
سمجهاڻي:
هيءُ تڙ (ٻيڙين کي بيهارڻ جي جاءِ) تماچي ڄام جو
آهي ۽ ڄام تماچي پاڻ ئي اُن جو مالڪ ۽ حاڪم آهي.
تون تماچي (نالي ڪو عام ماڻهو) سنڌ جي والي ڄام
تماچيءَ جي محفل ۾ وڃي کاءُ ۽ پيءُ. من ائين
توسان ڄام تماچي راضي ٿي پوي ۽ تون پنهنجي دل جي
تمنا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃين.
3
ڄامُ تَماچِي آئيو سُڀَتِ ٿِي صلاحَ
مورُ مَرَڪِي هَليو سَندو راڻين راءُ
لَٿِي لِڪَ لَطِيفُ چَئي ڪيو شمسُ شُعاعُ
پِيڙهِيءَ ويٺو پاتشاه مَٿِسِ ڇَٽُ ڇُڳاءُ
ڪوڙين قَناتُون لَڳِيُون مياڻينِ مَٿاءُ
لٿو ڏَنُ ڏيهاءُ، مَرُ ٿِيُون مَرَڪَنِ مَڇِيءَ
وارِيُون.
[2186]
سمجهاڻي:
ڄام تماچيءَ پاڻ اچڻ جي مهرباني ڪئي آهي (اُن کان
وڌيڪ) ٻي ڪهڙي سهڻي ۽ سڀاڳي مهل ٿي سگهي ٿي. هو
مور وانگر ٽلي خوش ٿي اڳتي وڌي هلڻ لڳو، اهو ئي ته
راڻين جي دلين جو راجا آهي. عبداللطيف چوي ٿو، ته
لڪل ڳالهه پڻ ظاهر ٿي پيئي، جو هو سج وانگر پنهنجي
پوري روشنيءَ سان پڌرو ٿيو. هو تخت بخت جو وارث
ٿيو، جنهن ڪري شاهي تاج جو مالڪ بڻيو. هر هنڌ سڀني
مِياڻين ۾ ڪيترائي طنبو طولان لڳي ويا (جشن جو
سمان ٿي ويو). ڏيهه مٿان مڙئي محصول معاف ٿيڻ سان
سڀ مهاڻيون ڀلي پيون کلن ۽ خوش ٿين.
[هن بيت ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ذات
ڏانهن اشارو واضح آهي. مثنويءَ ۾ وقت جي هڪ امير
يعني ڄام جي باري ۾ هي اشعار ملن ٿا ۽ اتي پڻ سندن
ذات بابرڪات مراد آهي:
بادشاهي کن به بخشش اي رحيم،
اي کريم ابن الکريم ابن الکريم.
اي رخ چون زهره شمس الضحيٰ،
اي گداي رنگ تو گلگونها.
تاج کرمناست بر فرق سرت،
طوق اعطيناک آويز برت.
(دفتر پنجم، ب- 3566 ۽ 7269)
معنيٰ: اي رحم ڪرڻ وارا، پنهنجي بادشاهيءَ کي ڏسي
هن کي ايترو بخشش ڪر. اي سخي، سخاوت جا جانشين
تنهنجو چمڪندڙ چهرو روشن سج وانگر آهي. تنهنجي
سونهن آڏو گلن جا سڀ رنگ محتاج آهن. تو مٿان
نوازشن جو شاهي ڇٽ لٿل آهي. تنهنجي ڳچيءَ ۾ ’بيشڪ
اسان توکي گهڻو ڪجهه ڏنو‘ جو هار پيل آهي.]
4
ڄامُ تماچِي آئيو، وَرِي ٿِي وَراڻَ
ڪِينجهُرِ ٻِنهِي ڪَنڌِيين راتو ڏِينہِ رِهاڻَ
پَرچِي ويٺو پاڻُ، ٿِيُون مَرَڪَنِ مَڇِيءَ
وارِيُون.
[2187]
سمجهاڻي:
ڄام تماچي هيڪر وري ڪينجهر تي (شاهي دٻدٻي سان)
آيو آهي ۽ ڪينجهر وارن جو ٻيهر بخت کلي پيو آهي.
ڪينجهر جي ٻنهي ڪنارن تي ڏينهن رات جشن جو سمان
آهي. ڄام پاڻ راضي ٿي وٽن هلي آيو آهي، تڏهن ته
مڇي مارڻ واريون (مهاڻيون) خوشيءَ ۾ نٿيون ماپن
(هنن جي منهن تي مرڪ ڇانيل آهي).
5
سَڀيئِي سُهاڳِڻِيُون، سَڀِنِ مُنہَ جَڙاءُ
سَڀَڪَنہِ ڀانيو پاڻَ کي، ايندو مون گهَرِ راءُ
تان پيٺو تِنہ دَراءِ، جِئن پَسي پاڻَ لَڄائِيُون.
[2188]
سمجهاڻي:
ڄام تماچيءَ جون سڀئي گهرواريون (راڻيون) منهن تي
هر قسم جا هار سينگار ڪري سهي سنڀري تيار ٿي
ويٺيون. هر ڪنهن جو خيال هو، ته ڄام تماچي هُن وٽ
ئي ايندو، پر بادشاهه (محل جي) اهڙي دروازي اندر
گهڙي ويو، جنهن کي ڏسي هُو سڀ لڄي ٿي ويون
(بادشاهه راڻين کي ڇڏي نوريءَ وٽ هليو ويو).
6
نُوريءَ جي نَوازِئو، ٿِئو تَماچِي تي
گاڏي چاڙهي گَندَرِي، ماڙهُو ڪِئو مي
ڪِينجهُرِ چوندا ڪي، ته سَچُ سَڀائِي ڳالَهڙِي.
[2189]
سمجهاڻي:
نوريءَ جي نوازش سان ئي تماچي وڃي ڄام تماچي ٿيو
(مشهور ٿيو). نوريءَ سان گڏ گاڏي ۾ ويهڻ سان سمو
ڄام عزت ۽ مرتبي وارو ٿيو. ڪينجهر ۾ ڪي ضرور شاهدي
ڏيندا، ته اها ڳالهه ائين ئي آهي (سچ اهو آهي).
[مثنويءَ ۾ اهو خيال روميءَ سلطان محمود ۽ اياز جي
آکاڻيءَ ذريعي هينئن پيش ڪري ٿو:
شاه شاهان است بلکه شاه ساز،
وز برائي چشم بد نامش اياز.
(دفتر پنجم، ب- 1882)
معنيٰ: دراصل هوئي (اياز) بادشاهن جو بادشاهه آهي،
بلڪه بادشاهه گر (ٺاهيندڙ) آهي. البت نظر بد کان
بچڻ لاءِ سندس نالو اياز آهي.]
7
سَرَ صَلابَت سُپرين، مَرَڪَڻَ تون مَ مَريجُ
آهِين ٺارُ اَکِينِ جو، وَٽان مُون مَ وڃيجُ
تَماچِي تَڳيجُ، ڪو ڏِينہُ ڪِينجهُرِ ڪَنڌِيين.
[2190]
سمجهاڻي:
اي سروقد جهڙا سهڻا سڄڻ! سدائين مرڪڻ وارا! شل
سلامت رهين، تون ئي منهنجي اکين ۽ (هينين) جو ٺار
آهين. مون وٽان نه وڃجانءِ (مون کي ڇڏي نه ڏجانءِ)
اي ڄام تماچي! شل تون سدا سلامت رهين ته جيئن
ڪينجهر جا ڪنارا آباد رهن (ڪينجهر) وارا آسودا
رهن).
[مثنويءَ ۾ صلابت جو لفظ ٻه دفعا استعمال ٿيو آهي.
لطيف پڻ هڪ دفعو پنهونءَ لاءِ اهو لفظ ڪم آندو آهي
۽ هتي ٻيو دفعو ڄام تماچيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو:
پيش آن انوار نور روز دُرد،
از صلابت نورهامي سترد.
(دفتر سوم، ب- 2002)
معنيٰ: هن جي نور آڏو ڏينهن جي روشني به جهڪي ٿي
پوي ٿي. هن جي سونهن ئي ته آهي، جيڪا سڀني روشنين
کي ڍڪي ڇڏي ٿي.]
8
ڪو ڏِينہُ ڪِينجهُرِ ڪَنڌِيين تُون تَماچِي تَڳُ
اُوچو ٿِئو اَڳُ، مون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾. [2191]
سمجهاڻي:
اي ڄام تماچي! شل تون هن ڪينجهر جي ڪنارن تي وڏي
ڄمار ماڻين! (اُنهن کي رونق بخشين!)، تنهنجي
انهيءَ (ڪرم نوازيءَ جي) ڪري ملاحن ۾ منهنجو مانُ
مٿي ٿيو آهي.
9
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻراهِ
اچي وَڃي وِچَ ۾ تَماچِيءَ جي ساءِ
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڪِينجهُرُ هِندورو ٿِئي. [2192]
سمجهاڻي:
هيٺ صاف شفاف پاڻي آهي ۽ مٿان وڻن واري ساوڪ ۽
ڀرپاسي ۾ وري وڻ ٽڻ آهن (واه جو دل لُڀائيندڙ
نظارو آهي). ڄام تماچيءَ جي سڪ ۽ پيار جو ٻڌي اُتي
هرڪو ئي پيو اچي وڃي. (سياري ۾) جڏهن اتر جو
(هلڪو) واءُ ٿو لڳي، تڏهن ڪينجهر جون هلڪيون
ڇوليون (ڄام ۽ نوريءَ واري) ٻيڙيءَ کي هندورو ڪري
ٿيون ڇڏين.
10
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃرُ، پاسي پِرِين سَندامِ
ڪوڙيين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونه رَهيو. [2193]
سمجهاڻي:
هيٺ ڍنڍ ۾ صاف اوجل پاڻي آهي، ڀرپاسي ۾ وڻن جي
سهڻي ساوڪ آهي ۽ مون سان گڏ منهنجا پرين ۽ پيارا
آهن. منهنجا سڀئي (ڪروڙين) مطلب پورا ٿي ويا ۽
ڪوبه اڻپورو ڪونه رهيو (مون جيڪي گهريو پئي اُهي
سڀ اميدون پوريون ٿي ويون).
11
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌيءَ ڪَونرَ ٽِڙَنِ
وَرِي واهُوندَنِ، ڪِينجهُرُ کَٿُورِي ڪِئو.
[2194]
سمجهاڻي:
هيٺ ڍنڍ ۾ صاف شفاف پاڻي پيو پسجي، ڀرپاسي کان وڻن
جي ساوڪ جو نظارو آهي. ڪينجهر جي ڪناري تي (ننڍي
پاڻيءَ ۾) ڪنول جا گل ٽڙيا بيٺا آهن. وري جو
واهُندو (بهار جي موسم جو اولهه ڏکڻ کان گهُلندڙ
واءُ) لڳو ته سموري ڪينجهر سُڳنڌ ۽ سرهاڻ ٿي ويئي.
12
پَکَنِ پوءِ پَچَارَ، اَڄُ تَماچِي آئِيو
مَرَڪَنِ مَلاحَنِ جا مَٿي ٻانڌَنِ ٻارَ
نَنڍي وَڏي گَندَرِي پُويو پائي هارَ
وَڏِي ڄام ڄَمارَ، جِنہِ مِياڻِيُون موکِيُون.
[2195]
سمجهاڻي:
اڄ هر هنڌ ملاحن جي گهرن ۽ جهوپڙن ۾ اها ڳالهه
پيئي هلي ته ڄام تماچي هنن وٽ اچڻ وارو آهي،
انهيءَ سبب ملاحن جا ٻار ٻچا جيڪي مڇي مارڻ وارن
ماڳن تي آهن، سي خوش ٿي کِلي رهيا آهن. مهاڻن جون
ننڍيون نيٽيون توڻي وڏيءَ عمر واريون عورتون سڀ
پاڻ کي سينگاري پيون هلن. شال ڄام تماچي اڃا وڏي
حياتي ماڻي، جنهن ملاحن جون وستيون ۽ واهڻ نوازي
ڇڏيا (خوشحال ٿي ويا).
13
پَکا پَکارِئو، ڄامُ تَماچِي آئِيو
گُوندَرُ لاهيو گَندرِيُون، آتَڻُ اُجارِئو
مَڪُرِيُون سِين موتِيين سَهجان سِينگارِئو
ڪِينجهُرُ قَرارِئو، سَمي ڄامَ سَمَگِئو. [2196]
سمجهاڻي:
توهان پنهنجا اجها يا ڇَپر صاف سهڻا سڌا ڪري اڏيو
جو توهان وٽ ڄام تماچي آيو آهي. اي مهاڻيون، توهان
پنهنجا غم غلط ڪريو (وساري ڇڏيو) ۽ پنهنجا آتڻ
ٻُهاري صاف سُٿرا ڪريو. بلڪه پنهنجين ننڍين ٻيڙين
کي موتي هڻي شوق سان سينگاريو. ڪينجهر ۽ ان جي
آسپاس رهندڙ هڙئي مهاڻا ڄام جي اُن بخشش جي ڪري
ڏاڍي سک ۽ چين ۾ آهن.
14
مَنَهِن مَلاحَنِ جي آيو ڄامُ ڄُلِي
ماڳين پييُون مَسنَدُون جهُڳينِ پاس جهُلِي
عَطرَ ۽ عَبِيرَ جي اچي ڇولَ ڇُلِي
ڪِينجهُرُ سَڀُ ڪُلِي، اُنِي کي انعام ٿِئو.
[2197]
سمجهاڻي:
ڄام تماچي پاڻ هلي انهن مهاڻن جي گهرن ۾ آيو آهي.
انهيءَ ڪري ملاحن جي جهوپڙين وٽ هنڌين ماڳين شاهي
کٽون وڏي شان سان رکجي ويون آهن. ان کان پوءِ اتي
عطر ۽ عنبير جي خوشبوءِ جي اوت اوتان ٿي ويئي
(خوشبوءَ جي درياهه جي ڇولي اٿلي پيئي). سمورو
ڪينجهر پسگردائيءَ سميت مهاڻن کي بخشش ٿي مليو (سڀ
وصوليون معاف ٿي ويون) .
وائي
تو دَرِ آيَسِ سامَ، سَما ڄامَ!
ســــــــامَ تُـــنــهــِنــجِــــي
نه سَمي نه سومَرِي، آهيان گَندَرِي غلامَ
آهي مُنهنجي مُنہَ ۾ مَڇِيءَ بُوءِ مُدامَ
سَمي بِنا سَرتِيُون، ڪينجهُرُ ڀانيان قِيامَ
اَللهَ، عبداللطيفُ چَئي، مون تان لاهِه مَلامَ.
[2198]
سمجهاڻي:
اي سما! ڄام! آءٌ تنهنجي در تي پناهه جي لاءِ آئي
آهيان. آءٌ تنهنجي توهه پيئي طلبيان. آءٌ سمين ۽
سومرين مان نه آهيان، آءٌ ته گندري (مهاڻي قوم
مان) خسيس ٻانهي آهيان. منهنجي وات مان مڇي کائڻ
جي ڪري سدائين مڇيءَ واري بوءِ پيئي اچي. سمي ڄام
کان سواءِ منهنجي لاءِ ڪينجهر ڪاري قيامت برابر
آهي.. عبداللطيف چوي ٿو، ته الله جي واسطي مون تان
اها خواري ۽ عتاب ختم ڪر.
[مثنويءَ ۾ روميءَ اهو خيال هينئن پيش ڪيو آهي:
اي خدا اين بنده را رسوا مکن،
گر بدم من سر اين پيدا مکن.
معنيٰ: اي مالڪ سائين تون هن ٻانهي خوار کي ۽ ذليل
نه ڪر. مان جيڪڏهن برو ۽ بدڪار آهيان ته منهنجو
اهو راز ظاهر نه ڪر.] |