سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:49 

داستان چوٿون

 

1

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، مارُو مَسَ مَڃِينِ

ڏُنگا ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا ڪي ٿِيُون ڏِينِ

جي مان لوهَ لاهِينِ، ته ڪوٺِيَنِ ۾ ڪِينَ هُئان! [2833]

       سمجهاڻي: اي سومرا سردار، هِتي (تو وٽ) اچڻ سان منهنجي سونهن (تهمت ۾ بدلجي) ختم ٿي ويئي آهي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ موٽي به وڃان ته منهنجا مائٽ مون کي مشڪل قبول ڪن (شايد نه ڪن!) (توکي خبر آهي) هن مهل تائين مون کي پنهنجي ڏاڏي پوٽين (سؤٽين) منجهان ڪيترين ڏوراپا ۽ طعنا موڪلي ڏنا آهن ۽ ڪيتريون اڃان ڏين پيون. (ڪاش!) تون منهنجا اِهي بند خلاص ڪرين ته جيڪر آءٌ هن محل جي ڪوٺين ۾ (هڪ گهڙي وڌيڪ) هرگز نه رهان!

2

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، سکَرَ جِهَڙِي سُونہَ

دِلِ ۾ دُکي دُونہَ، مُنهنجو مُنہُ ميرو ٿِئو. [2834]

       سمجهاڻي: اي سومرا سردار، مان پنهنجي سچي پچي ۽ اصل (مثالي) سونهن (عيب لڳڻ سان) وڃائي ويٺي آهيان. هاڻي منهنجي دل ۾ (هر وقت) دک درد جو دونهون پيو دکي، تنهن ڪري منهنجو رنگ مٽجي ڪارو ٿي ويو آهي (مان منهن کڻي هلڻ جي قابل نه رهي آهيان).

3

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنہُ ٿِئومِ

وَڃڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري. [2835]

       سمجهاڻي: اي سومرا سردار (عمر بادشاهه هِتي تو وٽ ڪوٽ ۾ رهڻ سان) منهنجي اصلي سونهن ۽ حسن برباد ٿي چڪو آهي. (عام خلق ۾) منهنجو منهن ميرو ٿي پيو آهي (مون تي خوامخواه ڪاراڻ جو ٽڪو لڳو آهي). (توکي خبر آهي ته) مون کي وري وڃڻو به اُتي آهي جتي (ذاتي) حسن ۽ سونهن (اخلاق ۽ پاڪيزگيءَ) کان سواءِ پهچڻ ناممڪن آهي.

[مثنويءَ ۾ روميءَ اهو فڪر زوردار نموني ۾ پيش ڪيوآهي ته حسن ۽ سونهن جو ازلي ۽ ابدي سرچشمو محبوب حقيقي يعني ذات خداوندي آهي، جيئن مشهور حديث آهي: ’ان الله جميل و يحب الجمال‘، الله تعاليٰ پاڻ حسين آهي ۽ حسن کي پسند ڪري ٿو. رومي چوي ٿو:

او جميل ست و يحب الحصال،

کي جوان نو گزيند پيره زال.

(دفتر سوم، ب-79)

معنيٰ: هو (ذات حقيقي) پاڻ حسين آهي ۽ حسن کي پسند ڪري ٿو. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته حسين نوجوان پوڙهي عورت کي (جيڪا حسن وڃائي چڪي آهي) پاڻ لاءِ پسند ڪري.]

4

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، هِتي اَچِي هاڻِ

ڪِيئَن لَهندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مُون هِتِ وِئو. [2836]

       سمجهاڻي: اي عمر سومرا، مان هِتي تو وٽ اچڻ سان اصلي سونهن ۽ سوڀيا کان محروم ٿي چڪي آهيان. هاڻي منهنجي اها گهٽتائي يا ڪمزوري لهڻ واري ئي ڪانهي. منهنجي سموري سونهن هِتي (اچڻ جي ڏوهه ۾) چَٽ ٿي ويئي.

5

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿِئُمِ ڪَمالُ

وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ

جي مُون ڏِينِ جَمالُ، ته پَسان مُنہُ پَهُنوارَ جو. [2837]

       سمجهاڻي: اي سومرا سائين، منهنجي سموري سونهن ويندي رهي ۽ منهنجي حسن و جمال واري خوبي پاڻ ڪاراڻ ۽ ڪوجهائپ ۾ بدلجي ويئي. اهڙي بڇڙي ۽ بدصورتيءَ واري حال ۾ آءٌ پنهنجي وطن ڪيئن واپس وڃي سگهنديس. (البت هڪڙو شرط يا حل آهي) جيڪڏهن منهنجو اهو ساڳيو حسن ۽ جمال واپس موٽي ملي ته جيڪر پنهنجي محبوب جو منهن وڃي ڏسي سگهنديس.

[رومي اهو ساڳيو حُسن حاصل ڪرڻ جو نسخو هن طرح ٻڌايو آهي:

عشق ورزي آن دريچه کردن ست،

کز جمال دوست سينه روشن ست.

چون شدي زيبا بدان زيبا رسي،

که رهاند روح را از بيکسي.

(دفتر ششم، ب-3001)

معنيٰ: عشق ڪرڻ سان اها دري کلي ٿي، جنهن سان تنهنجو سينو محبوب جي حسن سان ڀرجڻ لڳي ٿو. مطلب جڏهن تون پاڻ سهڻو هوندين، تڏهن هن سهڻي وٽ پهچندين ۽ تڏهن تنهنجي روح کي ان بيڪسي يا بيماريءَ کان ڇوٽڪارو ملندو.]

6

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، وَطَنَ وَڃان ڪِيئَن

حُسنَ ڌاران هِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَهُنوارَ کي. [2838]

       سمجهاڻي: اي سومرا حاڪم، منهنجو جيڪو حسن هو سو سڀ برباد ۽ ضايع ٿي ويو. هاڻي آءٌ وطن واپس ڪيئن ٿي وڃي سگهان. مان حسن ۽ سونهن کان سواءِ پنهنجي پرينءَ کي ڪيئن ٿي پَسي سگهان يا هُن سان ملي سگهان!

7

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، پَسان ڪِيئَن پَهُنوارَ

ڌُڻِي جا ڌَرارَ، تِنہِ رِءَ رُوءِ رُچَڻُ ناهِ ڪو. [2839]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) آءٌ پنهنجي سونهن ته وڃائي چڪي آهيان، ان حالت ۾ آءٌ ڪيئن پنهنجي پرينءَ سان ملاقات ڪري سگهنديس. سچ پچ جنهن کي کيت جهڙي ڌنار پاڻ چونڊي پسند ڪيو آهي، تنهن سان ملڻ کان سواءِ منهن تي ڪهڙي مُرڪ ايندي يا هن جي چهري تي ڪهڙي چمڪ ايندي؟

8

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، عُمرَ ٿِيَسِ اَسِيرَ

مارُو مَنجِھ مَلِيرَ، مُون سِين هِتِ هِيئَن ٿِئو. [2840]

       سمجهاڻي: اي سومرا صاحب، منهنجي سونهن ويئي (منهنجو سڀڪجهه ويو) جو هِتي تو وٽ اچي قيد ۾ قابو ٿي آهيان. هوڏانهن منهنجا ماروئڙا ملير ۾ (حيران ۽ پريشان) آهن ته هِتي وري مون سان اها حالت ٿي آهي (جو منهن کڻي سگهڻ جهڙي نه رهي آهيان)

9

سُونہَ وِڃايَمِ سُومَرا، ٿِيندِيَسِ ڪِيئَن قَبُولُ

ڪونِهي سُهُکُ سُولُ، پوچي مُنہِ پَهُنوارَ سِين. [2841]

       سمجهاڻي: اي سومرا سردار، منهنجي سونهن وڃائجي ويئي (۽ آءٌ بدصورت بڇڙي ٿي پيس)، ان بدصورتيءَ ۾ مون کي ڪير عزت ڏيندو. اهڙي بڇڙي ۽ بدصورت منهن سان پياري پنهوار وٽ پهچڻ ۾ ڪو نفعو نقصان يا سک ۽ سڻائي ڪانهي. (اتي قبوليت جو درجو ڪونه ملندو!)

10

مُنہَ موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ

ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ

اَکَرُ  مُون  اَڀاڳُ،  حُسنَ  تي  هِيئَن  ٿِئو. [2842]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجن مارُن جا منهن منڍ کان موچارا (اصل کان حسن وارا) آهن جيڪي ملير ۾ رهن ٿا (جن جو ماڳ مڪان ملير ۾ آهي)، هنن جو بخت نالائقن ۽ عيبدارن کي به نوازي ٿو. (اهي به محروم نٿا رهن). البت منهنجو بدبختيءَ وارو انگ ائين هو تنهن ڪري منهنجو حسن هيئن يعني ڪوجهو ٿي پيو (آءٌ عيبدار ٿي پيس)[مثنويءَ ۾ وري هن ريت چيو ويو آهي:

اي ز تو کس گشته جان ناکسان،

دست فضل تست درجانهارسان.

(دفتر چهارم، ب- 20218)

معنيٰ: اي (مالڪ) تنهنجي ڪرم سان نالائق به لائق بنجي وڃن ٿا. بيشڪ تنهنجي فضل ۽ ڪرم جو هٿ اسان جي روحن کي به نوازڻ وارو آهي.]

11

اُنَهِين جو اَڀاڳُ، ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو

قُل لَّن يُّصِيبَنَا اِلَّا مَا کتَبَ اللّٰهُ لَنَا هُوَ مَولٰانَا

اِيءُ مَعذِرَتِ ماڳُ

سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِي مَساوِي ٿِئو. [2843]

       سمجهاڻي: هر ڪنهن جو پنهنجو اڀاڳ (يا ڀاڳ) آهي، باقي قادر (سڀ ڪجهه ڪرڻ وارو) ساڳيو آهي، ٻيو ڪونهي (الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه طاقت وارو ۽ سگهه وارو ڪونهي). قرآن جي آيت، چئو (اي پيغمبر!) ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آهي، ان کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪجهه به نٿو ملي سگهي ۽ هو اسان جو موليٰ آهي، گويا هيءَ دنيا عذر قبول ڪرڻ جي جاءِ آهي. اهو اڀاڳ به سڀ سڀاڳ ئي آهي، مارئيءَ لاءِ اهي ٻيئي برابر يا هڪجهڙا آهن.

12

نِيَرُ نه لَهي نِينہَ جو، لوهَ جا وِئا لَهِي

ڪُنجِيُون جي قُفلَنِ جِيُون، سيڻَنِ هَٿِ سَهِي

وِئَڙا راڄَ رَهِي، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي. [2844]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) محبت جو مضبوط زنجير هرگز کُلڻ يا لهڻ وارو ناهي. ان جي مقابلي ۾ لوهه جو زنجير کُلي يا لهي سگهي ٿو، ڇو ته محبت جي قلف جو ڪنجيون سڄڻن جي هٿ وس آهن. ڪيترا راڄ (حاڪم) آيا ۽ ويا (ڪجهه ڪونه ڪيائون)، سو آءٌ ڪنهن کي گهٽ وڌ چوان يا برو سمجهان.

13

نِيَرُ نه لَهي نِيہَ جو، لوهَ جا لَهِي وِئا

مارُنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُهلا ڏِينہَ ٿِئا

ڏيهِي  ڏُورِ  وِئا،  ڏِيان  ڏوراپا  ڪَنِ  کي. [2845]

       سمجهاڻي: عشق جو هڪوار ٻڌل زنجير وري کُلڻ وارو ناهي، البت لوهه جو ٺهيل زنجير کُلي سگهي ٿو. مون کي مارن ۽ مائٽن کان سواءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. منهنجي ديس جا ماڻهو به مون کان پري هليا ويا، مون کي ڇڏي ويا، آءٌ ڪنهن ڪنهن کي ڏوراپا ۽ ميارون ڏينديس.

14

چِڪِي چِڪيَمِ چاڪَ، وَنهِيَنِ ويڙِيچَنِ جا

واجِهيندي وِصالَ کي، فنا ڪِيَسِ فِراقَ

سيئِي ساريَمِ سُومَرا، ٿَر جَنِي جا ٿاڪَ

مارُوءَ جي اوطاقِ، گَهڻو اُڪَنڊِي آهِيان. [2846]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مون کي جيڪي فراق جا ڦٽ پنهنجن سکين ستابن مائٽن ڏنا سي وري تازا ٿي کُلي پيا. سڄڻن سان وري ملڻ ۽ ملاقات جي انتظار ۽ اوسيئڙي مون کي فنا ڪري ڇڏيو. اي سومرا، مان انهن کي هر وقت پيئي ياد ڪريان جن جا ٿر ۾ گهر گهاٽ آهن.
سچ پچ جتي منهنجي مٺڙي ماروءَ جو گهر توڻي آسائش آهي، آءٌ ان جي ڏاڍي سڪايل ۽ ماندي آهيان.

15

مُنہُ مُنهنجو سُومَرا، مَرُ ميروئِي هوءِ

ڌوتوءِ ڌئُونرارَنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ

ڳِنهِي وَڃان لوءِ، لارُون جي لُڙِڪَنِ جِيُون. [2847]

       سمجهاڻي: اي سومرا بادشاهه، منهنجو منهن ڀلي اهڙو ميرو ئي هجي، اڻ ڌوتل هجي. ڇو ته متان منهنجو مارو چوي ته مون وڏ گهراڻين جي وچ ۾ ويهي منهن ڌوتو آهي (اڇي لباس وارن سان ويهي منهن ڌوتو اٿم). منهنجي تمنا آهي ته آءٌ لڙڪن جون لڙهيون وهائيندي پنهنجي ڳوٺ ۽ گهر پهچي وڃان  (ائين نه سمجهن ته آءٌ ڪڏهن به خوش هيس).

16

سِيلَ ڀَڃڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَٺِ مَ آڇِجِ پاڻِ

گَهڻين ٿورين ڏِينهَڙين، هِتان وِيندِيَسِ هاڻِ

مَڇُڻُ پوئِمِ ڪاڻِ، مَهَندان ڪا مَلِيرَ ۾. [2848]

       سمجهاڻي: اي سومرا سردار، سَت ڀڃڻ (عزت تان هٿ کڻڻ) واري خراب ڳالهه جي ڪڏهن به آڇ نه ڪجانءِ. آءٌ ٿورن گهڻن ڏينهن بعد هِتان تنهنجي ڪوٽ مان ضرور هلي وينديس. (آءٌ هِتي هرگز رهڻ واري ناهيان). مون کي هر وقت اهو ئي خيال پيو ستائي ته متان ملير وارن جي اڳيان مون کي ڪنهن گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوي يا ان جي ڪري پشيمان ٿيڻو پوي.

17

سِيلَ ڀَڃڻَ جِي سُومَرا، مَٺِ مَ آڇِجِ مُورِ

گهڻين ٿورين ڏينهَڙين، وِيندِيَسِ هُت ِحُضورِ

مَڇُڻُ ٿِي مَلُورُ، ڪَنڌُ مٿاهون نه کڻان! [2849]

       سمجهاڻي: اي سومرا سردار، مون کي سَت (سچائي) ترڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪڏهن به نه چئجانءِ. (مون کي پڪ آهي ته) آءٌ گهڻن نه بلڪ ٿورن ڏينهن کان پوءِ هِتان هلي وڃي مارن جي روبرو حاضر ٿينديس. ڪٿي ائين نه ٿئي جو آءٌ تهڙيءَ مهل (پنهنجي ڪنهن عيب سبب) پريشان ٿي وڃان ۽ منهن مٿي کڻي نه سگهان.

18

سِيلَ ڀَڃڻَ جِي سُومَرا، مَٺِ مَ آڇِجِ مِيرَ

گهڻين ٿورين ڏينهَڙين، وِيندِيَسِ هُتِ هَمِيرَ!

مَڇُڻُ مَنجِھ مَلِيرَ، ڪَنڌُ مَٿاهون نه کَڻان. [2850]

       سمجهاڻي: اي سومرا سردار، مون کي سَت (سچائي) ترڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪڏهن به نه چئجان. آءٌ ٿورن ڏينهن کان پوءِ هِتان هلي وڃي مارن جي روبرو پيش پونديس. متان ائين نه ٿئي جو آءٌ تنهن مهل پنهنجي عيب (گهٽتائي) سبب ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهان.

19

مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نه سُومَرِيَنِ

سَنڪو ناهِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ

سَتُرُ سي سِکَنِ، جَنِ ويڙِيچو وُجُودَ ۾. [2851]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اي عمر، سومرين عورتن کي ماروءَ (مالڪ، ڌڻيءَ) جي ريت رسم جي ڪهڙي خبر. هنن کي تن بدن ۾ ڪو خوف (خدا جو) ڪونهي، تڏهن ته هو پنهنجي مرضيءَ موجب جيئن وڻين ٿو تيئن اٿن ويهن ٿيون. (هو پاڻ کي مرضيءَ جو مختار سمجهن ٿيون ۽ مون جهڙين بابت هنن کي ڪا ڪهل ڪانه ٿي اچي). ڍڪ پردو اُهي ٿيون سکن (عمل ڪن) جن جي اندر ۾ سڄڻ جي سنڀار (طلب) آهي.

20

هِنَ مُنهنجي حالَ جو، وِرِهُ نه ويڙِيچَنِ

عُمَرُ اَٻاجهو گَهڻو، سانگُ نه سُومَرِيَنِ

چُران تان چُورُ ٿِيان، نِيَّرَ ڪِينَ نَمَنِ

هِڪُ لِڱين لوهَ چُرَنِ، ٻِي وِجُلَ ويڙِيچَنِ جِي. [2852]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي شڪايت) منهنجي هن مجبوريءَ ۽ بي وسيءَ جو منهنجن مائٽن کي ڪو ارمان ۽ افسوس ڪونهي. عمر بادشاهه الڳ ظالم بنجي بيٺو آهي ۽ هن جي عورتن سومرين وٽ ڪو قياس ڪونهي (جو اُهي کڻي ڪو منهنجو خيال ڪن). مان ٿورڙو به چري پري نٿي سگهان، جو منهنجا زنجير (ٻيڙيون ايڏيون سوگهيون ٻڌل آهن) ذرو به هيڏي هوڏي ڪونه ٿا ٿين. هڪ طرف اهي لوهه جا (ڳرا) زنجير منهنجي لڱن سان پيا گسن ته ٻئي طرف ماروئڙن جا ايذاءَ ۽ سور هردم پيا اڀرن ۽ لهن.

 

وائي

عُمرَ آءٌ مَرِي تان نه ڇَڏِيندِي، لو!

مِٽِري مارُوئَڙَنِ جِي

مِينهين اُٺين مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندِي

سِڙِي مُنهنجي سُومَرا ٿَرين ڪِينَ ٿَڪِيندِي

هَمِيراڻا هَٿڙا، مِهِرِي ڪِينَ مَڃِيندِي

جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو، ماڙِيءَ سِين نه مَٽِيندِي. [2853]

       سمجهاڻي: اي عمر سومرا، آءٌ مري وينديس، پر ڪڏهن به ماروئڙن سان مائٽي ۽ سڱ ڪونه ڇڏينديس (تنهنجو رشتو هرگز قبول نه ڪنديس). جڏهن مينهن وسندا ته آءٌ پنهنجي پياري پرينءَ سان لڏ ۾ گڏ هونديس. اي سومرا، مرڻ کان پوءِ به منهنجي ميت (جنازو) ٿر تائين کڻي وڃڻ ۾ ڪانه ٿڪبي (آءٌ مري به ٿر وڃڻ کان ڪونه ٿڪبس). اهي تنهنجا اميراڻا هٿ، هيءَ زال ذات (مارئي) ڪڏهن قبول ڪانه ڪندي. آءٌ جهانگيئڙن جي جهوپن جو تنهنجي محل ماڙين سان ڪڏهن به سودو نه ڪنديس. (آءٌ توکي قبول ڪري، هتي ڪونه ويهنديس جو اها نوبت اچي، يا اهي ماڙيون پسند ڪري پاڻ هتي ويهي رهان).

 

داستان پنجون

 

1

جِهَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِهَڙِي وَڃان تَنِ ڏي

لالائِيءَ جا لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندَنِ اُٺا مِينهَن

ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻو، سَڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن

ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، هِتي اَچِي هِيئَن

ڪَنڌُ کَڻندِيَسِ ڪِيئَن، مَنَهِن مارُوئَڙَنِ جي. [2854]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) ڪاش آءٌ جهڙي سَتي (عزت واري) هِتي اچڻ کان اڳ هيس تهڙي ساڳي عزت سان واپس مارن وٽ وڃان. عبداللطيف چوي ٿو تڏهن منهنجا مارو اهڙو خوش ٿيندا جو ڄڻ ته مٿن مندائتو (زوردار) مينهن وسي پيو آهي ۽ هر طرف ڳاڙها گل ٽڙي پيا آهن. (سرهائيءَ جي ڪري سندن چهرا رت ورڻ ڪري سرخرو يعني لال پيا نظر ايندا). مون تي ساري عمر لاءِ محل ۾ رهڻ جو طعنو مقدر ٿي چڪو آهي. هِتي اچڻ سبب آءٌ پنهنجي مڙس آڏو ميار واري (قصور وار) ٿي پيئي آهيان. هاڻي ان صورت ۾ آءٌ پنهنجن ماروئڙن جي گهر ۾ وڃي ڪهڙو منهن کڻي گهمنديس.

2

جِهَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِهَڙِي وَڃان تَنِ ڏي

ڦِران ۽ ڦَرَ چارِيان، هِنيُون چَئيمِ هِيئَن

وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي ڪاڻِ لَهَندِيَمِ ڪِيئَن

مُندائِتي مِينهَن، سُونهان سَرَتِيَنِ وِچَ ۾. [2855]

       سمجهاڻي: آءٌ جهڙي (پاڪدامن) پنهنجي مارن وٽان هِتي پهتي آهيان، (منهنجي تمنا آهي،) اهڙي ئي پاڪ صاف واپس وڃي وٽن پهچان. منهنجي دل ٿي چوي ته آءٌ آجي هجان ۽ پيئي گهمان ڦران ۽ (ٻڪرارن جيان) مال جا ڦر چاريان. پر آءٌ پنهنجي ديس واپس ڪيئن وڃان، مون ۾ اها هيڏي وڏي گهٽتائي (خامي) جو ٿي پيئي آهي (ان جو پورائو ڪيئن ٿيندو!). (ڪاش اهو عيب لهي پوي جو) آءٌ مينهن جي موسم ۾ وري سرتين سان گڏ هجان.

3

هيڪَ نه جي ڄاياسِ، ٻِئو ڄاپَندِهِين جي مَران

گَهنگَهرُ گَهڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي. [2856]

       سمجهاڻي:  (مارئي پنهنجي حال تي افسوس ڪندي پيئي چوي) آءٌ هڪ ته ڄاپان ئي نه ها، (پر جي ڄايس ته ٻيو ائين ٿئي ها جو) ڄاپڻ سان ئي هوند مران ها. آءٌ ڄاپي (وڏي ٿي) پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ماروئڙن لاءِ وڏو جنجال ۽ مصيبت ٿي پيئي آهيان.

[هن ساڳئي مطلب ۽ معنيٰ ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

کاشکي مادر نزادي مرمرا،

يا مرا  شيري  بخوردي  در چرا.

      (دفتر پنجم، ب- 2261)

معنيٰ:  ڪاش، مون کي ماءُ نه ڄڻي ها يا مون کي جهنگل ۾ شينهن کائي چٽ ڪري ها.]

4

پَڪا پَهُنوارَنِ ڏي، ميوا مَڃَرَ مَڪَ

عُمَرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ هَماري حقَ

لوئِي ۽ لَڪَ، سَمُنِ سُپيرِيَنِ سِين. [2857]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو خيال) منهنجن ماروئڙن جي ملڪ ۾ گهڻائي ميوا پچي تيار ٿيا آهن جن ۾ کٻڙ جا پيرون ۽ ڪيترين ولين جا گل ۽ گونچ (ڦَريون) شامل آهن (جيڪي کائڻ ۾ لذيذ ۽ سوادي آهن). اهڙي صورتحال ۾ منهنجو من ملير لاءِ سَٽون پيو ڏئي. منهنجي هيءَ اوڍيل لوئي ۽ ڀٽن جا لَڪ مون کي پرينءَ سان گڏ هلڻ ۽ ويهڻ جي ياد پيا ڏيارين.

5

سَکَرَ سيئِي ڏِينہَ، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾

وَسايَمِ وَڏَڦُڙا، مَٿي ماڙِيءَ مِينہَ

واجھاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِينہَ

نِيَرُ مُنهنجي نِينہَ، اُجاري اَڇو ڪِيو. [2858]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اهي ڏينهن واقعي سجايا ۽ سدورا هئا جڏهن مان بندياڻي هيس. جڏهن مون (پنهنجن اکين مان) وڏڦڙا مينهن پنهنجي ساڻيهه جي جهوپن بدران ماڙيءَ ۾ ٿي وسايا. تڏهن مون جيترو گهڻو پنهنجي ماروءَ کي ملڻ (وصال) لاءِ سچي سڪ سان ساريو سنڀاريو ٿي تيترو آءٌ وڌيڪ تازي تواني پئي ٿيس. منهنجي نينهن نير کي وڌيڪ اجاري اڇو ڪيو. (قيد ۽ بند جي سختين منهنجي محبت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو)

6

اَللهُ! اِيئَن مَ هوءِ، جِئَن آن مَران بَندَ ۾

جِيَڙو جَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ

پِهِرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنَمِ ڏِينهَڙا. [2859]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي دعا) اي الله سائين، شل ائين نه ٿئي جو آءٌ هن قيد ۾ مري وڃان، جتي منهنجو جسم زنجيرن ۾ سوگهو آهي ۽ آءٌ (ماروئڙن لاءِ) پيئي ٿي رات ڏينهن روئان ۽ رڙان. (منهنجو اهو هڪڙو عرض ضرور قبول ڪجانءِ ته) مان پهرين پنهنجي ملڪ ملير وڃي پهچان، پوءِ ڀلي منهنجو ساهه نڪري وڃي!

7

بَندِي ٻِئا قَرارَ، آءٌ ٿِي لوچان لوهَ ۾

مَٿي  تَنَ  تَوارَ،  سَدا  سانبِيَڙَنِ  جِي. [2860]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مون کان سواءِ ٻيا قيدي ۽ باندي چپ ۽ آرام ۾ آهن، پر آءٌ رڳو لوهه جي ڪڙين ۾ پيئي ڳڻتيون ڪريان ۽ ڏک محسوس ڪريان. منهنجي تن من ۾ سدائين پنهنجن سڄڻن ساٿين جي يادگيري آهي. (هو هڪ گهڙي به منهنجي دل تان ڪونه ٿا وسرن)

8

آءٌ بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي ٻِئا بندِ

ڪِ مُونهِين لَڳو ميهَڻو، ڪِ مُونِهين ڪَڙو ڪَنڌِ

مَران  جي  هِنِ  هَنڌِ،  نِجاهُ  مَڙهُ  مَلِيرَ  ڏي. [2861]

       سمجهاڻي:  (مارئي سوچ ۾ آهي) ڇا رڳو آءٌ هن قيد ۾ بند آهيان يا ڪي ٻيا به مون وانگر هن بند ۾ آهن؟ ڇا هتي اچڻ فقط مون لاءِ طعنن جو باعث آهي ۽ ڇا رڳو منهنجي ڳچيءَ ۾ ڳٽ پيل آهي؟ (اي سومرا!) جيڪڏهن (انهيءَ حالت ۾) آءٌ هِتي قيد ۾ مري وڃان ته (مون تي هڪڙو احسان ڪجانءِ) منهنجي ميت ملير ڏي ضرور موڪلي ڏجانءِ!

9

حَقاڻُو مُون هُتِ ٿِئو، آءٌ هِتِ بَندِياڻِي

ساري ساڏوهِيَنِ کي، ڪوٺِيين ڪُماڻِي

لَڳَمِ لوهَ لَطِيفُ چئي، ويٺِيَسِ وِساڻِي

مَنان مارُوءَ جِي نه لَهي، کَپَتِ کِجاڻِي

سَمُنِ   سَچاڻِي،   اُٺي   آهِمِ   اُنِ   سِين. [2862]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجو حق (مڙس، ڪانڌ) هُتي ملير ۾ آهي ۽ آءٌ هِتي قيد ۾ بند آهيان. مان ملير جي ڄارين ۾ پڪل پيرن کي ياد ڪري هِتي ڪوٽ جي ڪوٺين ۾ ماندي پيئي ٿيان. عبداللطيف ٿو چوي ته منهنجو جسم لوهه جي ڪڙين ۾ بي حال ۽ بي وس آهي. منهنجي اندر مان ماروءَ جي باري ۾ ڳڻتي ۽ فڪر وڃي ئي ڪونه ٿو. (شل) منهنجو پنهنجي محبوب سان مينهن جي موسم ۾ ملڻ جو وعدو سچو ثابت ٿئي!

10

مُنهنجو تُورُ تَلِيَنِ ۾، آءٌ هِتِ بَندِياڻِي

مُون ڏاڏاڻي ڏيہَ ۾، ڦِڙِهِ ۽ لاڻِي

ڪَندِيَسِ رِهاڻِين، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾. [2863]

       سمجهاڻي: منهنجو مڙس ڀٽن جي تراين ۾ پيو وقت گذاري ۽ آءٌ هِتي بند ۾ آهيان. هن مند ۾ منهنجي اباڻي وطن ۾ ڦڙه ۽ لاڻيءَ جا ٻوٽا وڌي وڏا ٿيا آهن. (اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن) آءٌ پنهنجي پرينءَ وٽ وڃي ساڻس روح رهاڻيون ڪنديس.

11

لوءِ وَڃِي ڪو چوءِ، مُنهنجو مارُوئَڙَنِ کي:

ڇانگان ڇِڄي ڇيلڙو، جي ڪِنہِ جو هوءِ

صَحِيُ وَڙولِينِ سوءِ، آءٌ ڪِيئَن وييَسِ وِسَرِي. [2864]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو ڏوراپو) منهنجن مارن کي ڪو وڃي هي نياپو ڏئي ته جيڪڏهن ڌڻ مان ڪو ننڍو ڇيلو جدا ٿي ويندو آهي ته جنهن جو هوندو آهي، ته اهي ان جي چڱيءَ طرح ڳولا ڦولها ڪندا آهن. پر هڪڙي آءٌ آهيان جيڪا مارن کان بلڪل وسري ويئي آهيان (جو اُن لاءِ وڇڙيل ڇيلڙي جيتري به پڇا ڳاڇا ڪانه ڪيائون!)

[رومي ڏسو ته هن ڳالهه کي ساڳئي انداز ۾ ڪيئن ٿو بيان ڪري

کي کم از بره کم از بزغاله ام،

که نباشد حارس از دنباله ام.

(دفتر چهارم، ب- 232)

معنيٰ:  مان ٻڪري، يا رڍ جي ٻچي کان به ويل آهيان ڇا جو سمجهو ٿا ته منهنجي رکوالي لاءِ ڪو ڌنار ئي ڪونهي!]

12

جي ڪَرَ لَڌائُون، ته بَندِيءَ بَندُ نه سارِيو

مارُوئَڙَنِ آئُون، جيڪُسِ وييَسِ وِسَرِي. [2865]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي شڪايت) جيڪڏهن منهنجا مائٽ رڳو منهنجي خيريت جي خبرچار ئي رکن ها ته جيڪر آءٌ هي قيد ۽ بند جون تڪليفون وساري ويهان ها. پر شايد ماروئڙا مون کي بلڪل ڀُلجي ويا آهن.

13

جيڪَرَ ڪِينَ جِيان، جاڙَ جِيان ٿِي جيڏِيُون

اَکِيُون مُنہُ مَلِيرَ ڏي، ڪِهَڙو نَڪُ نِيان

ڪِنہِ کي ڏوهُ ڏِيان، اَڳَهِين مُنهنجي اَنگَ ۾. [2866]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) آءٌ هوند جيئري نه هجان (منهنجو وس پڄي) آءٌ وڏي تڪليف ۾ پيئي جيان (لاچار جيان پيئي). جيتوڻيڪ منهنجو منهن هر وقت ملير ڏانهن آهي ۽ ان طرف کان اک ئي نٿي ڪڍان. پر سوچيان ٿي ته وڃڻ وقت ڪهڙو نڪ کڻي وينديس (ڪهڙي منهن سان وينديس). پر (ان سڄي صورتحال لاءِ) آءٌ ڪنهن کي ذميوار ڪانه ٿي سمجهان، اهو سڀڪجهه منهنجي نصيب ۾ اڳ ائين لکيل هو.

14

واجهائي وَطنَ کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ

گورَ مُنهنجي سُومَرا، ڪِجِ پَهنوارَن پاسِ

ساري ڏِينِ سَرتِيُون، مَنجهان وَلِيَنِ واسِ

مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙُه مَلِيرَ ڏي. [2867]

       سمجهاڻي:  (عمر کي وصيت) جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ديس ملير کي ياد ڪندي هِتي قيد ۾ مري وڃان ته اي سومرا، منهنجي قبر منهنجن مائٽن پنهوارن وٽ ڪجانءِ. جيئن منهنجيون جيڏيون سرتيون ياد ڪري مون کي (منهنجي ميت کي) ولين جي خوشبوءِ جو واس ڏين. (آءٌ سمجهان ٿي) مان مُئل وري جيئري ٿي پونديس جيڪڏهن منهنجو لاش ملير ۾ وڃي پهچندو!

15

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساهُ

بُتُ مُنهنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاهُ

پَرَڏيهِياڻِي پِرِينءَ رِءَ، ڌارَ مَ ڌَريجاهُ

ٿَڌِي وَسائِجاهُ ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿاهُ

جي پويون ٿِئي پَساهُ، ته نِجاهُ مَڙُهه مَلِيرَ ڏي. [2868]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي وصيت) جيڪڏهن ساڻيهه ڏانهن نهاريندي ۽ ياد ڪندي منهنجو هِتي بنديخاني ۾ ساهه نڪري وڃي ته منهنجو مڙهه هِتي بند ۾ نه (ٿوري دير لاءِ به) جهلجو (هِتي هرگز دفن نه ڪجو). مون پرديسياڻيءَ کي پنهنجي پرينءَ کان (مُئي پڄاڻان) ائين ڇني ڌار نه ڪجو. بلڪ مون مُئل جي مٿان ٿَر جي ٿڌي واري وجهي پوري ڇڏجو. (آخري عرض) جڏهن منهنجا پساهه پورا ٿيڻ تي هجن ته منهنجو ميت ملير ڏي موڪلي ڏجو!

16

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساهُ ڏِيان

هِيءُ سِرُ ساڻيہَ سامُهُون، مُنهنجو نِجُ مِيان

مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان

مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙُه مَلِيرَ ڏي. [2869]

       سمجهاڻي: جيڪڏهن آءٌ پنهنجي وطن کي ياد ڪندي ان الفت ۾ مري وڃان ته اي ميان عمر سومرا، منهنجو ڌڙ سر (سوڌو) اتي ضرور پهچائجو. منهنجي خواهش آهي ته منهنجو مقام (قبر واري جاءِ) منهنجن مارن سان گڏ هجي ته وڃي ٿر ۾ ٿانيڪي ٿيان. مان (سمجهان ٿي) مان جيئري ٿي پونديس بشرطيڪ منهنجو مڙهه ملير وڃي پهچي.

17

ڳِچِيءَ ڳانا لوههَ جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ

پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ

چارِي چَوگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ

ڇَنِ نه ڇَڄي آهِيان، اِهَڙِيءَ سِٽَ سَرِيرَ

مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجُ ڪِين پَنهوارَ کي. [2870]

       سمجهاڻي:  (مارئي پنهنجي دکدائڪ حالت بيان ٿي ڪري) منهنجي ڳچيءَ ۾ لوهه جي سنگهر (هار وانگر پيل آهي) ۽ سڄو جسم زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. پيرن ۾ الڳ ٻيڙيون پيل آهن ۽ ڪوٺيءَ کي وري لوهي سيخون لڳل آهن. ڪوٽ جي ٻاهران چوڌاري اڱڻ ۾ چوڪيدار ۽ پهريدار آهن، جن تي وري عمر جا خاص ماڻهو نگراني پيا ڪن. مان (خواب خيال ۾) مارن جي جهوپڙن ۽ جاين (لانڍين) کي ويجهي نه آهيان، اجهو منهنجي جسم سان اهو حال آهي. اي ملير جا مارو (منهنجا مالڪ) تون اچي هن پهنوار عورت جي پرگهور لهه!

18

ڇَنِ نه ڇَڄي هيٺِ، ڪُڇَنِ آهِيان ڪوٽَ ۾

لوئِيءَ سِين لَطِيفُ چئي، ڀِيڙِيو ٻَڌان بيٺِ

سَرَهِيُون سي سَرتِيُون، وَطَنِ جَنِي ويٺِ

اُتِ سَپِجي اُنَ سَسَنِ جِي، هِتِ رَچائِنِ ريٺِ

ماڻِيان شالَ مَلِيرَ ۾، مُندائِتِي ميٺِ

ڏيهِيا مُون سِين ڏيٺِ، ڪا مَددَ ڪِجاهُ ماڙِيين. [2871]

       سمجهاڻي: آءٌ مارن وٽ ڪنهن ڇني يا ڇپر هيٺ نه آهيان، بلڪ آءٌ ڪوٽ جي ڪوٺيءَ (خراب ڇني) ۾ آهيان. عبداللطيف چوي ٿو ته آءٌ (مارئي) اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي چيلهه کي (حفاظت خاطر) لوئيءَ سان ڇڪي پيئي ٻَڌان. (منهنجي مقابلي ۾) اهي سرتيون ڪيڏيون نه خوش آهن، جن جي رهايش پنهنجو ساڻيهه آهي. اُتي (منهنجي ديس ۾) ننڍڙن گهٽن جي نرم اُن پيدا ٿئي پر هِتي ريٽي (وڏن گهٽن جي پڪي اُن) کي رڱي پوءِ ڪم آڻن. منهنجي دل ٿي گهري ته آءٌ ملير ۾ وڃي مند جون مٺيون شيون کاوان. اي منهنجا ملير وارؤ، اوهين هِتي اچي مون سان ڪا ملاقات ڪريو ۽ منهنجي ڪا مدد ڪجو.

19

ڇَنِ نه ڇَڄي آهِيان، ڪُڇَنِ ۾ ڪوٽَنِ

اِيندِهِين پيئَمِ اُبَتا، پَيڪَڙا پيرَنِ

هَٿَ ڪَڙِيُون هَٿَنِ، ڄَنگُهون ٻانهُون ڪاٺَ ۾. [2872]

       سمجهاڻي: آءٌ پنهنجن پنهوارن جي ڇنن ۽ ڇپرن ۾ نه آهيان بلڪ آءٌ ڪوٽن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيئي آهيان. مون کي هِتي اچڻ سان ئي پيرن ۾ اُبتيون ٻيڙيون (سختيءَ خاطر) وجهي ڇڏيائون. هنن مون کي هٿن ۾ هٿ ڪڙيون هڻي، منهنجون ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏيون آهن (وڏي بُنڊ سان جڪڙي رکيون آهن جنهن کي چوري نه سگهجي) (مون کي باندياڻي بنائي ڇڏيو آهي).

20

هَٿين هَٿَ - ڪَڙولَ، هِنيَڙي پييَمِ هُنَ جا

سانگِي ساريَمِ سُومَرا جي ڍاٽِي پاسي ڍولَ

ٻاٻاڻَنِ سِين ٻولَ، ڪِئَمِ نه ڪوٽَ وِهَڻَ جا. [2873]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) بيشڪ منهنجي هٿن ۾ (عمر بادشاهه جون ظاهري) هٿ ڪڙيون لڳل آهن، پر منهنجي دل ۾ محب ماروءَ جون هٿڪڙيون لڳل آهن (جيڪي ظاهري هٿڪڙين کان وڌيڪ مضبوط آهن). منهنجي دل وري هُن جي قرب جي ڪڙن ۾ سوگهي آهي. اي سومرا، مان ڍٽ جي ڀرپاسي ۽ پسگردائيءَ ۾ رهندڙ سانگيئڙن کي پنهنجي پرينءَ سان گڏ پيئي ياد ڪريان. مون پنهنجن اباڻن سان هِتي اچي ويهڻ جو وعدو ڪونه ڪيو هو. (مان ته هُنن سان گڏ رهڻ جو وچن ۽ اقرار ڪيو هو).

21

هَٿين هَٿَ - زَنجِيرَ، هِنيَڙي پييَمِ هُنِ سان

مارُو مَنجِھ مَلِيرَ، آءٌ اُڪَنڊِي ڪوٽَ ۾. [2874]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجي هٿن ۾ توڻي دل ۾ محبوب جي محبت جا زنجير پيل آهن، پر منهنجا ماروئڙا ملير ۾ آهن ۽ آءٌ هِتي عمر جي ڪوٽ ۾ پيئي سندن اوسيئڙو ۽ انتظار ڪريان.

22

زيرِيين ٻيڙِيين لوههَ ۾، ڳَٽين ٿِيَسِ ڳاهُ

سَنئُڪي سَندي سُومَري، هَڏِ نه چاڙِهيُمِ ماهُ

سَرتِيُون دُعا ڪِجاهُ، ته ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي. [2875]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي شڪايت) مون کي هيٺ ٽنگن ۽ پيرن ۾ لوهي زنجير آهن ته ٻئي طرف ڳچيءَ ۾ پيل ڳٽ آهن، جن مورڳو ماري ڇڏيو آهي. عمر سومري جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سبب هڏن تان ماس لهندو وڃي، (اصل ساهه ئي سُڪي ويو آهي). او جيڏيون، او سرتيون، مون کي دعا ڪجو ته شل رڍن جي اُن واري لوئي ڍڪيندڙ عورت مارئيءَ جي عزت صحيح سلامت رهي.

23

ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، کَٿيرو ئِي خُوبُ

ميرو  ئِي   مَحبُوبُ،   اَسان   مارُو   مَڃِئو. [2876]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) آءٌ ٻيو مڙس (ساجن) هرگز ڪونه ڪنديس. منهنجي لاءِ اهو کٿيءَ اوڍڻ وارو (پنهوار) ئي خوبصورت آهي. مون هن کي ئي پنهنجو محبوب، ڀلي اهو ميرو آهي، (ڪهڙو به آهي) سچي دل سان تسليم ڪيو آهي.

24

ميرِي جي ڌَٻَرِي، مَرُ مَٿي تي هوءِ

مَتان  مارُو  چوءِ،  ته  واچا  ويئِي  وِسَرِي. [2877]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجي مٿي کي ڍڪڻ واري لوئي ڀلي ميري ڇو نه هجي، پر اها شل مٿي تان نه لهي. (منهنجي مان مريادا جو شان اها ئي آهي). ڇو ته متان منهنجو محبوب يا سڄڻ ڪڏهن ائين نه چئي وجهي ته مون (ماروئڙن سان ڪيل) وچن کي وساري ڦٽو ڪيو (مان پنهنجي وعدي تي قائم نه رهيس).

25

اَڃان ڪَتي ڪالَ، جا مَٿي ڏِنِيَمِ مارُوئين

سا ڪِيئَن لوئِي لاهِيان، مَٿان لِڱنِ لالَ

مارُنِ  مِڙِي  شالَ  ڏَهِيُون  توءِ  ڏيکارِيان. [2878]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مون لاءِ اها تازي ڪتيل کٿي آهي (اها ڪڏهن پراڻي ٿيڻ واري ناهي) جيڪا مون کي مارن مٿي ڍڪڻ لاءِ ڏني آهي. آءٌ پنهنجي جسم کان اهڙي لاکيڻي رڱيل لوئي ڪيئن الڳ ڪريان. مان ته سوچيان پيئي ته جڏهن مارن سان ملنديس ته کين انهيءَ کُٿل ۽ ڦاٽل لوئيءَ جا پوڇڙ به ڏيکارينديس (ته مون ڪيئن ان کي ساهه کان وڌيڪ سانڍيو آهي)

25 (الف)

اَڌ لوئِي جو اَنگَ تي، اَڌَ ۾ ٻَچا ٻارَ

اِهڙا جَن اَطوار، تَن جي سامَ پَرتِيئي سومرا.

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي التجا)، جن مارن وٽ پنهنجي بدن ڍڪڻ لاءِ رڳو هڪ اڻپوري لوئي آهي، جنهن سان هو پنهنجا عضوا به ڍڪين ٿا ته پنهنجن ٻارن ٻچن کي به (سيءَ کان) بچائين ٿا. اي عمر سومرا، اهڙن غريب ماروئڙن جي نياڻيءَ کي تون پاڻ وٽ سامَ سمجهي پناهه ڏي.

26

جيڪُسِ اُٺا مِينہُ، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾

ڪالَھ سَڄوئِي ڏِينہُ، اَکڙِيَنِ اُڪِيرِئو. [2879]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو گمان) شايد مون کان پوءِ (منهنجي هِتي ڪوٽ ۾ قابو ٿيڻ بعد) ملير ۾ وڏا مينهن پيا آهن، جو ڪالهه سڄو ڏينهن منهنجي اکين به وسڻ (روئڻ) کان بس نه ڪئي آهي.

 

وائي

رَهِي مَنجِھ مَلِيرَ، مُون تان ڪوهُ ڪِئو!

مُون تان ڪِينَ ڪِئو

مُون هَٿان مُنہِنجا ڌَڻِي، سَهسين ٿِئا صَغِيرَ

پَکي مَنجِھ پَهُنوارَ جي، ڪوڙين ڪِئَمِ ڪَبِيرَ

تُون   ڏِئين،   مُون   ڌَڻِي   دِلاسو   دِلگِيرَ. [2880]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو پڇتاءُ) مون ملير (هن جهان) ۾ رهندي ڇا ڪيو؟ ڪجهه نه ڪيو! اي منهنجا مالڪ، مون هٿان سوين صغيرا يعني ننڍا ڏوهه گناهه ٿيا، پهنوارن جي پکن ۾ پڻ مون کان سوين هزارين وڏا ڏوهه گناهه ٿي ويا (مان شرمنده ۽ شرمسار آهيان). اي منهنجا مالڪ سائين، تون ئي هن دلگير ۽ درمانديءَ کي بخشش جو آسرو ڏيندين.

داستان ڇهون

 

1

لِينگڙِيارِي لوءِ ۾، جَنِي لاءِ ٿِياسِ

تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نه پُڇيئاسِ

جَهروڪَنِ جهورِيو هِنئُون، ڪوٺِينِ آءٌ ڪُٺِياسِ

مارُنِ مُونجَھ مُياسِ، ماڙِينِ مارِيَسِ ڪِينَڪِين. [2881]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو ڏوراپو) مون جن جي لاءِ ههڙا حال (اڀرا ۽ اٻالا) ڪَيا، جو منهنجا ڪپڙا به ڦاٽي ليڙون ليڙ ٿي ويا، تن منهنجي ذري برابر به خبرچار نه ورتي. (مون کي وساري ويهي رهيا). محل جي مٿين ديوار مان ٻاهر نڪري بيهڻ (فرحت) وارين جاين (جتي راڻيون ۽ شهزاديون اچي بيهن) توڻي ڪوٽ جي اونداهين ڪوٺين مون کي نسورو ڪاتيءَ سان ڪهي ڇڏيو. (ڇا به هجي پر آءٌ سمجهان ٿي) مون کي ماروئڙن جي ڏک ۽ سڪ ماري وڌو، باقي محل جي ماڙين مون کي ڪونه ماريو.

2

ٿَرَنِ ٿيلِي نه مَران، مُون مارُو مَ ٿيلِينِ

پَتَ ڀَرِيي پَهُنوارَ جا، مَرُ ٿِيُون ڏُنگا ڏِينِ

اَمُرُ جي نه مَڃِينِ، سي ڏوٿِي ڏولائي پِئا. [2882]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي خواهش) شل آءٌ ٿر وارن جي ڌڪاريل (نا پسنديده) ٿي نه مران ۽ ٻيو منهنجا مارو مون کي پاڻ ڌڪاري پري نه ڪن (مون کان نفرت نه ڪن). باقي منهنجو سڄڻ، جنهن کي مون ۾ وڏو ويساهه آهي، تنهن جا ڀلي (سرتين طرفان) مون کي طعنا ۽ مهڻا ملن. (هن کي مون ۾ پڪو ڀروسو آهي). جيڪي مارو ماڻهو ڏٿ تي گذران ڪن ٿا، اهي جيڪڏهن الاهي امر (تقدير) کي نه مڃيندا ته وڏيءَ تڪليف ۾ پوندا (مون سان ٿيل واقعي کي به هو الاهي امر ڪري مڃين).

3

آءٌ ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَهُنوارَنِ پَچارَ

جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رِءَ لُهارَ

ميخُون مَحَبَّتَ سَندِيُون، هِنيَڙي مَنجِھ هَزارَ

کارو پاڻي کُوهَرين، سِنجِيان آءٌ سَوارَ

ٻَڪَرَ شالَ ٻِيهارَ، عُمرَ چارِيان اُنِ جا. [2883]

       سمجهاڻي: اي سومرا، آءٌ پنهنجن پنهوارن (مائٽن) کي ڪيئن وساريان (ڪيئن نه ياد ڪريان!) جن جي محبت جي ميخ منهنجي اندر ۾ بنا ڪنهن لوهار (ظاهري وسيلي) جي لڳي آهي. (ازل کان لڳل آهي) بلڪ منهنجي دل ۾ هنن جي محبت جون هزارين ميخون لڳل آهن. (اهي ڏاڍيون سوگهيون کتل آهن). مان اُتي کوهن ۽ تڙن تي صبح جو سوير اٿي وڃي پاڻي ڪڍندي هيس. اي عمر بادشاهه، منهنجي دل ٿي چوي ته آءٌ جيڪر (بنا دير) اُتي پهچي وڃي ٻيهر ٻڪريون ۽ مال چاريان.

4

پَهُنوارَنِ پاٻوهِيو، وَرِيا واهُوندا

ساريَمِ سيڻَ سَيِّدُ چئي، گاڏيلِيُون گُوندا

ڀِٽُنِ ڀَرِ هُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا. [2884]

       سمجهاڻي: منهنجا پهنوار خوش ٿيا آهن جو واهوندي جا واءَ (سياري جي پوري ٿيڻ واري هوا) لڳڻ شروع ٿي ويا آهن. عبداللطيف چوي ٿو مون کي پنهنجيون سهڻيون قدآور سرتيون ۽ ٻاڪري مال جا ننڍڙا واڙا پيا ياد اچن. منهنجي سياڻي عقلمند مڙس جا چؤنرا ۽ مَنهنَ اڃان تائين ڀٽن جي ڀر تي مٿي هوندا (سياري تائين رهڻ مٿي ڀٽن تي هوندو جو مٿي سيءُ ڪونهي ۽ هيٺ تَلين ۾ سيءُ هوندو)

5

پَهُنوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِي وَسَ واهُوندَنِ

لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ

پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَنِ نوراڀَنِ

اُوءِ ٿا ڪورِينِ ڪُنئرِي، سَرتِيُون مَٿان سَسَنِ

عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ

کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اُونچِيُون اُتِ اُڄُنِ

ڪَڍِئو پيڻَ ڪَهَنِ، مَلِيرِ گُهرِجِين مارُئِي! [2885]

       سمجهاڻي:  (مينهن کان پوءِ ٿر جو نظارو) ٿر جا سڀ مارو لوڪ ڏاڍا سرها آهن جو سياري جي مند جي خاتمي جي هوا مينهن آندو آهي. عبداللطيف چوي ٿو سياري جي ٿڌ موڪلائڻ سان مال جي ننڍڙن ڦرن جا ڪچڙا کُر پڪا ٿيڻ لڳا آهن. پائر ۾ هر جڳهه ليلڙن جي پٺين تي اُن (ڏاس) وڏي ٿيڻ واري آهي. مارو ماڻهو ننڍڙن گهيٽن جي پٺيءَ تان صاف سٿري ۽ نرم اُن پيا ڪترين. اي عمر (اهڙي ماحول ۾) سرتيون مڙسن جي ويجهو (گڏ) ويهي بي فڪريءَ سان اُن پيون ڪتين (ڍيرا ٺاهين) ۽ کائر ۾ جتي ڪٿي اهڙيون سٺيون کٿيون اُڻي تيار پيون ڪن. اُتي منهنجيون سرتيون کٿين مان پيڄي ڪڍي پيون چون ته ملير ۾ مارئي (جهڙي سگهڙ) جي وڏي ضرورت آهي. (هو مون کي قابليت جي ڪري ياد پيون ڪن).

6

پَهُنوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِي واهُوندَنِ وَسَ

عُمَرَ! اُنَهِين ڏيہَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ

وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلُرُ نِڱِئو لَسَ

آڻِئو وِجَهنِ آهُرين، سَندا ٽُوهَنِ ٽَسَ

ميوا مَڃَرَ ماکِيُون، سَڀَڪا چَکَنِ چَسَ

ماڙِيءَ وِهي مَسَ، مَلِيرِ وِيندِي مارُئِي. [2886]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو خواب) منهنجا ماروئڙا (هن مند ۾) گهڻا سرها ٿيا آهن، جو واهوندي وارو زوردار مينهن پيو آهي. اي عمر، مون کي پنهنجي ديس جي ڏوٿين ۽ سانگين کان اها خبر ملي آهي. اُتي وڻن ۽ ولين تي ڀرپور ٻور آيو آهي ۽ گل ڦل ٽڙيا آهن. زمين تي هر هنڌ لُلر (هڪ قسم جي ڀاڄي) عام جام نڪري نروار ٿيو آهي. هنن (مال جي چاري واسطي) ٽوهن کي ٽڪرا ڪري سڪائي ڍڳ ڪيا آهن.

هو ٻيا ميوا سڱر توڻي ماکي وغيره جهڙين سڀني شين جو سواد  پيا وٺن. اي عمر، هاڻي مارئي محل ۾ هڪ پل به ڪانه ترسندي ۽ هوءَ ضرور پنهنجي ملڪ ملير وڃي پهچندي.

7

آڻِينِ ۽ چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏِينهاڻِي سُومَرا

سَٿا ڪِئو سَيِّدُ چئي، سانئُون سُڪائِينِ

مَنجھان لَنبَ لَطِيفُ چئي، چائُرَ ڪِئو چاڙهِينِ

پُلاءُ نه پاڙِينِ، عُمَرَ آرهاڙِيءَ سِين. [2887]

       سمجهاڻي: اي عمر، مارن کي روزانو جڏهن ڪا کائڻ واري شيءِ ملي تڏهن کڻي اچي پچائين. (هو وڏي توڪل وارا آهن). عبداللطيف چوي ٿو ته هو سانئون جو گاهه آڻي سَٿيون ٻڌي سُڪائيندا آهن ۽ لنب جي داڻن کي چانورن وانگر پچائي کائيندا آهن. اي عمر (هو گرميءَ جي مند ۾) جيڪو ڏٿ (سڱر، پڪا ۽ پيرون وغيره) ملائي رڌي (مٺاڻ سان گڏي) طعام تيار ڪن ٿا، ان سان هو (تو واري) پلاءُ کي مَٽ يا برابر ڪونه ٿا سمجهن.

7 (الف)

توڻي تُوتَ پَچَنِ، کَجُوريون لامُون ڪَري

ساءِ نه تِنہِ اَچنِ، سَڱر جو ساڻيههَ جو.

       سمجهاڻي: (اي سومرا سردار) توڻي جو تو وٽ خوشبودار تُوتن جا پڪل وڻ ميوي سان ٽمٽار ٿيا بيٺا آهن، پر مان انهن کي پنهنجي وطن جي سِڱرين جي برابر به نٿي سمجهان، جو مون کي انهن سڱرين جو سواد انهن تُوتن کان وڌيڪ مِٺو ٿو لڳي.

8

تَنِ وَنهِيَنِ ويڙِيچَنِ ۾، سَدائِين سُڪارُ

چُونڊِئو آڻِئو چاڙهِينِ، سَندا ڏَونرَنِ ڏارُ

جَنِ جو ويڙِيَنِ سِين واپارُ، سي ڏوٿِي هُونِ نه ڏُٻَرا. [2888]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) هُنن سُکين سانگين وٽ سدائين سُڪر سَڻائي آهي، جيڪي ججها ڏونئرا چونڊي (ڪِرڙ جو ڦل) رڌي تيار ڪري کائين ٿا. اهي ڏٿ تي گذر سفر ڪندڙ مارو ماڻهو جيڪي پنهنجي ويجهڙائيءَ ۾ پيا اٿ ويهه ڪن ۽ وڻج واپار ڪن، سي ڪڏهن به ڏکيا ڏينهن ڪونه ٿا ڏسن. (هو پريشان ڪونه ٿا ٿين)

9

مَٿِنِ ٽُوهَ ٽَسَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ

کُڙِيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پَگَهرُ سِين پيرَنِ

اِيءُ وَرُ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏائِين لَکِئو. [2889]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) هُنن مارن جي مٿي تي ٽوهن سان ڀريل ڳريون ٽوڪريون آهن جن مان پاڻي پيو ڳڙي (هو پاڻ ڳري بار جي ڪري سهڪندا اچن). هُنن جي پيرن جون کڙيون دز ۽ مٽيءَ سان ڀريل آهن. مون هُنن جي هلڻ جي لوڏ (انداز) مان ئي سمجهيو ته اهي منهنجا ماروئڙا ۽ ويڙهيچا آهن.

10

ٿوري قُوتَ قَرارِئا، وَڏي سَٻَرَ سَتِ

کَٿِيَنِ کيہَ ڀَڪُلِئا، ڀُوڻَنِ اِهڙِيءَ ڀَتِ

پَهُنوارَڪِي پَتِ، پيهِي پُڇُ مَلِيرَ ۾. [2890]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجا پهنوار ٿوري کائڻ وارا آهن ۽ هميشه سگهه ۽ صبر وارا آهن. هُنن جي کٿين (اوڍڻ وارين لوين) تي دز ۽ مٽي لڳل آهي، اهڙي حال ۾ هو پيا گهمن ڦرن ۽ هلندا وتن (ڪو عيب نٿا سمجهن). (اي عمر!) اهڙن پهنوارن جي ريت رسم (عزت ۽ اعتبار) جي باري ۾ پڇا ڪرڻي اٿئي ته ملير ۾ وڃي پڇي اچ.

11

پاڻِهي پَچِي پيئِيُون، رِءَ واهِيَتَ، رِءَ واڙِ

جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرَ موڪَ مُهاڙِ

اُتِ اَباڻا جِنہِ جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِ

جي اُڪَنڊِيُون آراڙِ، لوهَ تَنِي کي لاهِيين. [2891]

       سمجهاڻي: ٿر ۾ مارن جون ٻنيون (مندائتي مينهن کان پوءِ فصل) ڪنهن به قسم جي سنڀال ۽ لوڙهي کان سواءِ پاڻهي پچي تيار ٿيون آهن. منهنجي جيڏين لاءِ ملير ۾ هر طرف ڪشادا کيت ئي کيت آهن. اي عمر، اهڙي هنڌ جنهن جا مٽ مائٽ آهن، تنهن کي محل جي ماڙين جي حوالي نه ڪر (ماڙين ۾ بند ڪري نه ويهار) ۽ جيڪي گرميءَ جي مند ۾ پچي تيار ٿيل ڏٿ لاءِ بيقرار ۽ بيتاب آهن، تن جا بند خلاص ڪر! (ته وڃي مارن سان ملن).

12

سَنِهِينءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سِين ساهُ

ويٺِي سارِيان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاهُ

هِنيُون مُنهنجو هُتِ ٿِئو، هِتِ مِٽِي ۽ ماهُ

پَکَنِ مَنجِھ پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾. [2892]

       سمجهاڻي:  (اي عمر!) منهنجو ساهه منهنجي ماروءَ سان ائين سوگهو ڳنڍيل آهي جيئن سبڻ واري سئيءَ سان سنهو ٽوپو ڏيئي ڪپڙن کي ڳنڍبو آهي (جو اهو ڳنڍيل ڪپڙو ڦاٽي ته ويندو آهي پر اهو جوڙ جدا نه ٿيندو آهي). اي سومرا، آءٌ هر وقت ملير جا قسمين قسمين گاهه ۽کاڌا ياد ڪري پيئي ڳچ ڳاريان. منهنجو روح هُتي مارن سان (کيت وٽ) آهي ۽ هِتي (تو وٽ فقط) منهنجي ظاهري بدن يا بوتو آهي.

[سئيءَ سان سبڻ يا ٽوپو ڏيڻ واري اصطلاح کي محبت جي معنيٰ ۾ روميءَ هن طرح استعمال ڪيو آهي:

او نمايد هم بدلها خويش را،

او بدوزد خرقئه درويش را.

دفتر اول، ب- 286)

معنيٰ: هو پنهنجو پاڻ کي دلين ۾ ظاهر ڪري ٿو. هو پاڻ پنهنجي سِر درويش جي گودڙيءَ کي ٽاڪا هڻي ٿو.]

13

سَنِهِينءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سِين مَنُ

هَڻِي کَڻَ حِلِمَ جا، تَہِ وِڌائُون تَنُ

ڪِيئَن ٽُوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبِرِ ري. [2893]

       سمجهاڻي: منهنجو من ماروءَ سان سنهي ٽوپي سان سبيل (مضبوط ڳنڍيل) آهي. جيئن (رليءَ جي) هيٺين تهه ۾ پهريائين اڳڙين کي چڱيءَ طرح ٽاڪي ڇڏبو آهي، تيئن وڏي سڪ ۽ صبر سان هنن منهنجي تن بدن کي پڪا پختا ٽوپا ڏيئي (اندر ئي اندر) سلهاڙي ڇڏيو آهي. (اهڙيءَ حالت ۾) اي عمر، آءٌ اباڻن جي سئيءَ کان سواءِ ڪيئن ٿي پنهنجا ڪن ٽوپائي سگهان (انهن ۾ سوراخ ڪرايان ته تنهنجا زيور پائي تنهنجي ڪنوار ٿينديس!)

14

جِئَن ڳَنڍِيُون مَنجِھ ڳَنڍِيرَ، تِئَن مُون مَنُ مارُوئَڙنِ سِين

سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَهِيرَ

تَنِي ري هَمِيرَ! گَهنگَهرِ گهارِيان ڏِينهَڙا. [2894]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) جيئن ڳنڍير جي گاهه جي ڊگهين لامن ۾ ڳنڍڙين مثل پن هوندا آهن، تيئن منهنجي من ۾ به ماروءَ سان بي شمار ڳنڍڙيون ڏنل آهن. منهنجا اهي گهڻن ڳڻن وارا مارو جيڪي وري وري ڳڻ ڪرڻ وارا آهن، سي سڀ ٿر ۾ ئي رهن ٿا (اهي ڪٿي ٻئي هنڌ وڃڻ وارا ناهن). اي امير عمر، آءٌ هنن کان سواءِ ڏاڍي ڏکي آهيان ۽ غمن ۾ غرق آهيان (منهنجو جيئڻ جنجال آهي).

15

جِئَن ڳَنڍِيُون مَنجِھ ڳَنڍِيرَ، تِئَن مُون مَنُ

مارُوئَڙنِ جِيُون

پييُون لَسَ لَطِيفُ چئي، هِنئَڙي مَنجِھ هَمِيرَ

وَڃِي مَنجِھ مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِيندِيَسِ سُومَرا. [2895]

       سمجهاڻي: جهڙيءَ طرح ڳنڍير جي گاهه ۾ ڳنڍيون ٿين ٿيون، تهڙيءَ طرح منهنجي من ۾ به ماروءَ جون مضبوط ڳنڍيون پيل آهن. عبداللطيف ٿو چوي اُهي ڳنڍيون سڄي هنيين ۾ هڪَ ڪَريون ڏنل آهن (اهي وري کُلڻ واريون ناهن). اي عمر سردار، آءٌ هاڻي اهي سڀ ڳنڍيون پنهنجي ملڪ ملير ۾ وڃي کولينديس. (اُهي اُتي کلڻ واريون آهن جن ڏنيون آهن).

16

وَنهِيان ٿِئَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاهي هَنيَان جي

اُوءِ  ڀيڻِيُون  ۽  ڀاڻَ،  موٽِي  مارُنِ  اَڏِيا. [2896]

       سمجهاڻي:  (مارئي ياد ٿي ڪري) ماروئڙن جا گهر توڻي سندن مال جا ماڳ سکيا سرها ٿي پيا آهن، جيڪي هن کان اڳ ڏڪار ۽ ڏولائي زبون ۽ تباهه ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي وري ماروئڙا انهن ساڳين ماڳن تي وڃي پنهنجا اجها پيا اڏين ۽ اهي ڀاڳين جي رهڻ ۽ مال جي ويهڻ جون جايون ٺيڪ پيا ڪن.

17

ٿورا مَنجِھ ٿَرَنِ، مُون سِين مارُوءَ جي ڪِئا

عُمرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آءٌ ڪِئَن لوئِي لاهِيان. [2897]

       سمجهاڻي: اي عمر، (توکي ڪهڙي خبر!) مون تي پنهنجن ٿر وارن مارن جا ڪيڏا وڏا احسان ۽ ٿورا آهن. اي سومرا، هُنن جي اُنهن ڳڻن ۽ احسانن کي نظرانداز ڪري، آءٌ ڪيئن لوئي لاهينديس؟(آءٌ هُنن کي ڪيئن ٿي وساري سگهان).

18

هَڏِ نه پَڙان هيڪَڙي، ٿوري ٿَرَ ڄايَنِ

مُون کي مارُوئَڙَنِ، ميرِي ڪَري نه مَٽِئو. [2898]

       سمجهاڻي:  (اي عمر!) مان ٿر وارن جو هڪڙو احسان ڪڏهن به لاهي نٿي سگهان. (توکي معلوم آهي) منهنجن ماروئڙن مون کي ڪڏهن بُري ۽ گهٽ (ميري مَدي) سمجهي مون کي ڏيئي نه ڇڏيو آهي. (مون تان هٿ نه کنيو آهي)

19

ٿورا نه ٿورا، مُون سِين مارُوءَ جي ڪِئا

ڀَلائِيءَ ڀيرا، ڳَڻي ڳَڻِيان ڪيتَرا. [2899]

       سمجهاڻي: مون سان ماروئڙن جيڪي ٿورا يا احسان ڪيا آهن، اهي هرگز ٿورا ناهن (اهي تمام گهڻا آهن بي شمار آهن، ڳڻپ کان ٻاهر آهن). ائين هنن مون سان ڪيترا ڀيرا چڱائي ۽ ڀلائي ڪئي آهي، تنهن جو پڻ شمار ڪونهي. (اهي انداز کان ٻاهر آهن، اڻ کٽ آهن)

20

هِتِ جي گهارِئَمِ ڏِينهَڙا، وَطَنَ رِءَ ويهِي

اُوءِ مارُو ڏِيندَمَ مُنہَ ۾، ڏاڏاڻا ڏيهِي

پَکَنِ ۾ پيهِي، شالَ مَحلَنِ جِي مَرُ ڌُئان. [2900]

       سمجهاڻي: اي عمر، مون کي هِتي تنهنجي ڪوٽ ۾ پنهنجي وطن کان پري جيڪي ڏينهن گذارڻا پيا آهن، انهن جي باري ۾ منهنجا اباڻا ۽ مارو مون کان ضرور پڇندا. شل ائين ٿئي جو اتي اباڻن جهوپڙن ۾ پهچي، منهنجي سچي پڇتاءُ سان اهو داغ ڌوپجي وڃي (شل هو منهنجي بي گناهيءَ کي قبول ڪن).

21

پاڇاهِي نه پاڙِيان، سَرتِيُون سُئِيءَ ساڻُ

ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ

ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي. [2901]

       سمجهاڻي: اي سرتيون، سُئي سان بادشاهي برابر نٿي بيهي سگهي. (ڏسو ته سهي) سئي (لباس) سبڻ سان ٻين اگهاڙن (بي لباسن) کي ڍڪي ٿي پر پاڻ کي نٿي ڍڪي. (پاڻ ائين آهي جيئن منڍ ۾ هئي). سئي جي انهن وصفن ۽ ٿورن کي سمجهڻ لاءِ هڪ ٻي نئين زندگي گهرجي (مرڻ کان اڳ مري، بقا حاصل ڪريو) ته اوهان کي اهو رمز ۽ راز سمجهه ۾ اچي.

 

وائي

عُمرَ آءٌ اِيندَڙو  پُڇان  ڪوءِ،

عُمرَ مِيان وِيندَڙو پُڇان لوءِ،

جِتي مارُو اَلو!

پَهِي پَهنوارَنِ جو، ڪالَھ نه آيو ڪوءِ

مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاري ۽ روءِ

پَنڌان کارِئو پَهِئَڙا، ڪِين جو اُڀِي چوءِ:

مِلِڪَ مارُوءَ جِي آهِيان، جورِ نه ٿِيان جوءِ

سَهَجُ سُورِي ڀانئِيان، سُومَرا سَندوءِ

وَطَنَ جَنِ وِسارِيو، حيفُ تَنِي کي هوءِ

اُتي  عَبدُاللَّطِيفُ  چئي،  سَدا  سانوڻ  هوءِ. [2902]

       سمجهاڻي: اي عمر، آءٌ هر وقت وطن مان ايندڙ قاصد لاءِ پيئي واجهايان ۽ وري اوڏانهن ويندڙ قاصد جي به پڇا پيئي ڪريان، جتي منهنجا مارو رهن ٿا.

        پر پهنوارن وٽان ڪالهه تائين ڪوبه قاصد ڪونه آيو. مارئي مٿي ماڙيءَ ۾ چڙهي بيٺي پيئي نهاري ۽ ڳوڙها ڳاڙي ۽ کيس ڏسڻ واريون به پيون روئن. بلڪ اوچتو قاصدن کي پنڌ کان روڪي ۽ جهلي کين بيٺي بيٺي ڪا ڳالهه پيئي ڪري. ۽ نياپو پيئي ڏئي ’آءٌ ماروءَ جي ملڪيت آهيان، آءٌ زور زبردستيءَ سان ٻئي ڪنهن جي زال ٿيڻ واري نه آهيان‘. اي سومرا، تنهنجا سک ۽ سهنج مون لاءِ
سچ پچ سوريءَ سمان آهن. وڏو افسوس انهن تي آهي، جيڪي پنهنجي وطن کي وساري ويهن ٿا. عبداللطيف چوي ٿو هُتي هن وطن ۾ سدائين سانوڻ (وسڪاري) جي مند آهي.

 

داستان ستون

 

1

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون

پَٽولا پَهُنوارَ کي، عُمرَ آڇِ مَ تُون

وَرُ لوئِيءَ جِي لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامَ جا. [2903]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو عزم) مون کي ماروءَ (مڱيندي طرفان) مليل رنگين سڳڙا (کُهنبا ڪپڙا) سون جهڙا قيمتي آهن. اي عمر، تون مون کي (انهن جي مقابلي ۾) پنهنجن پَٽ وارن ريشمي ڪپڙن جي لالچ نه ڏي. منهنجي لاءِ اها ڦاٽل ۽ ڇنل لوئي جيڪا مون کي اباڻن ڏني آهي، تمام گهڻي قيمتي آهي.

2

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُونءَ بَرابَرِ لَکَ

رُپو جِنہِ رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَهِين کي ڪَکَ

مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ نه لايان تُنهنجو. [2904]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي)منهنجي لاءِ مارؤَ جا رڱيل سڳڙا سون برابر آهن ۽ انهن جي لونءَ (کُٿل لوئي) لکن جي برابر آهن، جن چانديءَ جي رپين کي ڌڪاري ڇڏيو، تن لاءِ ڪروڙ به ڪک وانگر خسيس ۽ بيڪار آهن. مون کي پنهنجي ماروءَ جو مَکُ (تيل) سونهي. آءٌ تنهنجن (سُرهن) تيل ڦليلن جي هرگز ويجهو نه وينديس.

3

مون مارُوءَ سِين لَڌِيُون، لوئِيءَ ۾ لائُون

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانهُنِ ٻَڌائُون

عُمَرَ! ڪِيئَن آئُون، پَٽُ پَرَهِيان سُومَرا! [2905]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مون کي وهانءَ رات مارؤَ سان لائون لهڻ (گهوٽ ڪنوار کي آمهون سامهون ويهاري مٿي ٽَڪرائڻ جي رسم) وقت به لوئي ويڙهيل هئي. منهنجين ٻانهن ۾ (سؤڻ خاطر) جيڪي سڳا ڌاڳا ٻڌائون سي آءٌ سون وانگر ٿي سمجهان. اي عمر، آءٌ تنهنجا ريشمي ۽ پَٽ جا لباس هرگز نه پائينديس.

4

اَجوکا اُٿَنِ جي، ڏِينهان جَهڻِ جھانپي

مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، ڦِرَنِ سِين فاقي

آءٌ ڪِيئَن اُنِي ري، مُنہِ مِٺايُون لائِيان. [2906]

       سمجهاڻي: مارو ماڻهو ڏينهن جو ڪهڙي به وقت يا جاءِ تي فقط ڏڌ لسي پي پيا هلن. اُهي ماروئڙا ويچارا بک ڏک ۾ ٿر ۾ پيا گهمن ۽ ڦرن. آءٌ انهن مصيبت جي ماريلن کي وساري خوش ٿي ويهي ڪيئن مٺايون کائينديس؟ (مون کان ائين هرگز نه ٿيندو!)

5

ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا عُمَرَ لَڳِ اَللهَ

ٿِئَمِ نه ٿورا ڏِينهَڙا، ماڙِيين ڳارِيَمِ ماهَ

سِڪَ مُنهنجي ساهَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَهي. [2907]

       سمجهاڻي: اي عمر سومرا، الله جي واسطي اِهي ڏاڍايون ڇڏي ڏي. (توکي خبر آهي) مون کي هِتي بند ۾ ٿورا ڏينهن ڪونه گذريا آهن، بلڪ محل جي ماڙين منهنجو ماس ڳاري ڇڏيو. (آءٌ هڏن جو پڃرو بنجي ويئي آهيان). منهنجي ساهه مان ماروءَ جي سڪ پوري ٿيڻ واري ناهي. (جيستائين مون ۾ ساهه آهي، اها سڪ لهڻ واري ناهي)

6

پَٽُ نه پَرَهِيان سُومَرا جانڪِيتان جِيان

آءٌ ڪِئَن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِهان

جانسِين ٿِي جِيان، ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو. [2908]

       سمجهاڻي: اي سومرا بادشاهه، جيستائين آءٌ جيئري آهيان تيستائين تنهنجا پَٽ ۽ پٽيهر ڪين پائينديس. آءٌ پنهنجي اباڻي لوئي هتي ڪجهه ڏينهن جي زندگيءَ واسطي لاهي ڦٽو ڪريان، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ آءٌ جيستائين جيئري آهيان، تيستائين ٻيو ڪوبه مڙس نه ڪنديس. (ڪجهه به ٿئي آءٌ پنهنجو ڪيل وعدو نڀائينديس)

7

پَٽولا پَهُنوارِيُون، مُورِ نه مَٿي ڪَنِ

جُہُ لالَ رَتائُون لوئِيُون، ته سالِنِئُون سُونهَنِ

اُنَ، ايلاچَنِ اَڳرِي، بَخمَلَ بافَتَنِ

سَکَرَ ڀانيان سُومَرا کَٿِي کان کُنهنبَنِ

جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران. [2909]

       سمجهاڻي: اي عمر سومرا، اسان پهنوارن جون عورتون ريشم ۽ پَٽ ڪين پهرينديون آهن. پر جڏهن اهي لال (يعني لاک ۾ رتل لويون پائن) تڏهن شاندار شالن وارين عورتن کان وڌيڪ سهڻيون لڳن. انهن لوين جي پشم ريشمي ڪپڙن، بخمل توڻي بافتن وغيره سڀني کان وڌيڪ سٺي ۽ اوچي آهي. اي سومرا، آءٌ پنهنجي لوئيءَ کي کهنبن رنگارنگي ڪپڙن (ڳاڙهن ويس وڳن) کان وڌيڪ قيمتي سمجهان ٿي. مون کي منهنجن اباڻن جيڪا لوئي مٿي تي پارائي آهي، سا لاهڻ مون لاءِ موت برابر آهي (ان کان آءٌ لڄ وچان ٻُڏي ڇونه مران).

8

اَرمَقَ هَڏِ نه اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ

ٻانڌُڻان ئِي ٻَنِ ڏِيان اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ

شالَ مارُوءَ سِين ماڻِيان، کَٿِي جِهَڙِي کِيرَ

اَندَرِ اُڃَّ اُڪِيرَ، مُون کي پِرِين پَهُنوارَ جِي. [2910]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو عزم) آءٌ اعليٰ ۽ اوچا ريشمي ڪپڙا جن ۾ قيمتي ڪيمخواب لڳل ڇو نه هجن هرگز پهرڻ واري نه آهيان. آءٌ رنگارنگي چُنريون ۽ آسماني رنگ وارا مهانگا لباس جيڪر کڏ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيان (انهن کي باهه لڳائي ڇڏيان). آءٌ ته پنهنجي ماروءَ سان اڇي کير جهڙي سفيد کٿيءَ ۾ گڏ گذارڻ ٿي گهران. منهنجي اندر ۾ فقط پنهنجي پرين پهنوار جي اڻ ميي سڪ ۽ محبت ئي آهي. (مون کي ريشمي قيمتي لباسن سان ڪا محبت ڪانهي).

9

لوئَڙِيارِي آهِيان، وارِيان تان نه وَرَقُ

سانڍِيَمِ سُپيرِيَنِ لَئِه، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ

ڪَنڌِ ڪاسو، پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنِ تَرڪُ

سَندو مارُوءَ حَقُ، جان جِيان، تان پارِيان. [2911]

       سمجهاڻي: اي عمر، جيتوڻيڪ آءٌ لوئيءَ واري (ڳوٺاڻي عورت) آهيان پر آءٌ پنهنجي اصليت مٽائڻ واري ناهيان. (ريت رسم نه بدلائينديس). مان پنهنجي پرين خاطر چيلهه کي لوئيءَ سان ٻڌي پنهنجي حفاظت پيئي ڪريان. مون ڪنڌ هيٺان ڪاٺ جي ڪاسي کي وهاڻي طور رکڻ ۽ پٽ تي آرام خاطر چيلهه ڊگهي ڪرڻ کي به ڇڏي ڏنو آهي. مون تي منهنجي ماروءَ جو جيڪو (سَت سيل رکڻ وارو) حق آهي، اهو جيستائين جيئري آهيان ته ضرور پورو ڪنديس.

10

ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونَ اسان کي سُوءِ

وَرُ جيڏِيَنِ سِين جُوعِ، فاقو فَرحَتَ ڀانئِيان. [2912]

       سمجهاڻي: اي عمر، اسان (ٿري عورتن) کي ٻانهن ۾ ڪارا ڌاڳا سونهن، سون پائڻ اسان لاءِ ماتم برابر آهي. مان پنهنجين سرتين جيڏين سان بُکيو رهڻ وڌيڪ بهتر سمجهان ٿي ۽ انهن سان گڏ بک اڃ ۽ تنگدستيءَ ۾ رهڻ اسان لاءِ راحت جو سبب آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ هڪ هنڌ بک جي فضيلت هن ريت بيان ٿيل آهي:

جوع مرخاصان حق را داده اند،

تا شوند از جوع شير و زور مند.

(دفتر پنجم، ب- 2832)

معنيٰ: بک خاص خدا وارن لاءِ انعام آهي، جو هو ان سان شينهن وانگر طاقتور ٿي پون ٿا].

11

ڪَرايُنِ ڪَرُوڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ

سو مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي. [2913]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) ماروئڙن جي ماين کي ٻانهن ۾ ڪرڙ جي ڪاٺين جا ڪوڙا چوڙا (نقلي ٻانهيون) پيل آهن. ٻين ماڻهن کي انهن کان لڄ ٿئي ٿي پر اسان ماروئڙن کي اهي سونهن ٿا. (اسان کي وڻن ٿا، اهي اسان جو فخر يعني شانُ آهن)

12

جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساهيڙِيُون سي

اَتِ اُڪَنڊِي آهِيان، مَنَہِ مارُوءَ جي

پَکَنِ سِين نه پاڙِيان، هَنڌَ هُتي جا هي

اَهلَ اَباڻَنِ کي، مَرِي شالَ مَلهائِيان. [2914]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) جن ساهيڙين جي ٻانهن ۾ ڪچ جا چوڙا آهن، اُهي ئي اصل ۾ وڏي مان واريون آهن. مان به اُتي اُنهن وٽ ۽ پنهنجيءَ ماروءَ وٽ وڃڻ لاءِ پيئي تڙپان ۽ انتظار ڪريان. (اي عمر!) آءٌ پنهنجن پکن ۽ جهوپڙن سان هي تنهنجا محل ماڙيون مَٽ ڪانه ٿي سمجهان. شال، آءٌ مري به پنهنجي اباڻن جي اصلي ريت رسم کي نڀائي وڃان.

13

سي ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ

مارُوءَ رِءَ مَ مَچُ، سِيهو ڀانئجِ سونَ کي. [2915]

       سمجهاڻي:  (اي مارئي!) توکي تنهنجيون اُهي سرتيون پيون ياد ڪن جيڪي سدائين حق سچ تي قائم آهن. (جيڪي سچ سان سڀ اميدون رکن ٿيون). اي مارئي، تون پنهنجي ماروءَ کان سواءِ کائڻ پيئڻ ۽ کلي خوش ٿيڻ جو نه سوچجانءِ. هن کان سواءِ سون به تنهنجي لاءِ سيهي (معمولي ڌاتوءَ) جهڙو آهي.

14

سي ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ

نَڪو قالُ نه قِيلُ، اُنِي جي اَدَبَ ۾. [2916]

       سمجهاڻي: اي مارئي، توکي اُهي ساهيڙيون پيون ياد ڪن جيڪي سچ کي پنهنجي پاڪائي ۽ پردو سمجهن ٿيون. اُهي ڪنهن کان سوال جواب ۽ پڇ پڇان يا هيئن هونءَ ڪونه ڪن. هُنن وٽ هميشه ادب ۽ احترام جي واٽ آهي.

15

پيئِي پاڻَ مَران، اَچِي ڪَنِ ڪَرَ لَهان

قادِرَ ڪِئا گَهڻا، ڏُکِيءَ سَندا ڏينهَڙا. [2917]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) آءٌ پاڻ پيئي ٿي دک درد ۾ مران، ٻين جي ڪيئن اچي خبر لهان. آءٌ ڇا ڪريان جو قادر قدرت واري منهنجي جيئڻ جا ڏينهن به گهڻا ڪيا آهن (اڃان پيئي جيئان!)

16

ڪِيئَن ڌُئارِيان ڌَٻَرا وِيندِيَسِ ڪِنہِ وِهاهِ

مُون مُلِ مارُو ناهِ، اَڇا اوڍِيان ڪِنہِ کي. [2918]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) آءٌ پنهنجا سادا ۽ کهرا ميرا ٿيل ڪپڙا ڇا جي ڪري ڌئاريان. آءٌ ڪهڙي يا ڪنهن جي وهانءَ شاديءَ تي وينديس. مون لاءِ ماروءَ جي برابر ته ٻيو ڪو آهي ڪونه، ته پوءِ اڇا اجرا ڪپڙا ڪنهن لاءِ پائي گهمان!

17

جِئَن عُمرَ اَڇو تُون، تِئن آءٌ مَرَڪان وِچِ مارُوئين

مُنہِ نه ميرو مُون، سِيلَ تُنہِنجي سُومَرا. [2919]

       سمجهاڻي: اي عمر سومرا، جيئن ته تون (ڪردار ۾) اڇو اجرو (پاڪ صاف) آهين، تنهن ڪري آءٌ مارُن جي وچ ۾ پڻ عزت ۽ مان واري آهيان. منهنجو منهن جو ميرو نه ٿيو آهي (عزت ۽ پاڪدامني سلامت آهي)، اهو تنهنجي شرافت ۽ پَت رکڻ جي ڪري آهي.

18

مَ ڪِين روءُ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين هَنجُون هارِ

جِهَڙا اَچَنِ ڏِينهَڙا، تِهَڙا ويٺِي گهارِ

ڏُکَنِ پُٺِيءَ سُکَڙا، سِگها ٿِئَنِ سَنگهارِ

لَٿا لوهَ لَطِيفُ چئي، پَرُوڙِجِ پَهُنوارِ

ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو. [2920]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ لاءِ خوشخبري) اي مارئي تون (گهڻو) نڪي روءُ ۽ نه رڙيون ڪر ۽ نڪي ڳوڙها ڳاڙ. توکي جهڙا به ڏکيا توڻي سکيا ڏينهن گذارڻا پون، سي (صبر سان) گذاري وڃ. (توکي معلوم هئڻ گهرجي) ڏکن پٺيان سک ضرور اچن ٿا، تنهن ڪري تنهنجا سنگهار مائٽ (اهو ڏينهن پري ناهن جڏهن) خوش ٿيندا. عبداللطيف چوي ٿو، اي پهنوارن جي عورت، تون اها ڳالهه سمجهه ته تو تان لوهه جا زنجير لهي پيا آهن. هاڻي (ڪاٺ جون) اهي ٻيڙيون (جن سان تون ٻَڌل آهين) باهه ۾ ساڙي ڇڏ جو تو تان قيد (معاف) ختم ٿي چڪو آهي.

19

مَ ڪِين روءُ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين ڪَرِ دانهُون

سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئي، ٻيئِي کَڻُ ٻانهُون

لَڌِيَئِي جِتِ لائُون، سو ماڳُ پَسَندِينءَ مارُوئِي. [2921]

       سمجهاڻي: اي مارئي! تون (گهڻو) روءُ نه رڙ ۽ نڪي وري (گهڻيون) دانهون ڪر. (ليڪن هيءُ ڪم ضرور ڪر) جڏهن سڀ ماڻهو سمهي ننڊ ۽ آرام ڪن ته تون اٿي ڌڻيءَ جي در ٻيئي هٿ مٿي کڻي (دل سان) ٻاڏاءِ (آه و زاري ڪر). اي مارئي، تون جلد اُُنهيءَ هنڌ پهچڻ واري آهين جتي تو پنهنجي ماروءَ سان لائون لڌيون. (تنهنجي جدائيءَ جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ تون پنهنجي پرينءَ وٽ پهچڻ واري آهين)

[مثنوي روميءَ ۾ ڪيترين مناجاتن مان هڪ هنڌ چوي ٿو:

دست اشکسته برآور در دعا،

سوئي اشکسته پرد فضل خدا.

(دفتر پنجم، ب- 493)

معنيٰ:  دعا گهرڻ وقت پنهنجا ٻيئي هٿ عاجزيءَ سان کڻ. ڇو ته الله تعاليٰ جو فضل ۽ رحم عاجز ۽ بيوس انسانن ڏانهن اڏامي اچي ٿو.]

20

سُڻِي ساڻيہَ ڳالَهڙِي، وِهُسِي ويڙِيچِي:

سَڀِ سُڌِ پييَمِ سُومَرا هِتي هُتي جِي

ڀينَرَ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون. [2922]

       سمجهاڻي: ساڻيهه جون خبرون چارون ٻڌي ويڙيچي عورت (مارئي) گهڻو خوش ٿي. (عمر بادشاهه کي چوڻ لڳي) اي سومرا، سردار، مون کي پنهنجي ديس جي هر هنڌ ۽ هر جڳهه (جتي به منهنجا مائٽ آهن) جون خبرون مليون آهن. مون کي معلوم ٿيو آهي ته منهنجيون ڀينرون توڻي ساهيڙيون هن سهڻي مند ۾ مون کي ڏاڍو ٿيون ياد ڪن.

21

سُڻِي ساڻيہَ ڳالَهڙِي، لَهِي وِئا لوهَ

اَندرَ  جا  اَندوهَ،  لَٿا  ڏُکَ،  سُکَ  ٿِئا. [2923]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي زباني) پنهنجي ديس جون (سٺيون) خبرون ٻڌي منهنجا بند خلاص ٿي ويا (مان آجي ٿي پيس). منهنجي اندر جا سڀ غم توڻي ڳڻتيون ختم ٿي ويا ۽ منهنجا سڀ ڏک سُکن ۾ مٽجي ويا، تڪليفون فرحت ۾ بدلجي ويون.

 

وائي

تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرُورِ

سُومَرا! سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِيَنِ جو

ڏِينہَ ڏُهلا ڀانئِيان، پَهَسِ پِرِيان جي پُورِ

اُڀِي اَرَداسُون ڪَري، هَمِيراڻي حُضُورِ

مُون کي ويلَ نه وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ

سانبِي   ساريَمِ   سُومَرا،   ڏيهِي   وِئَڙا   ڏُورِ. [2924]

       سمجهاڻي:  (مارئي عمر سان مخاطب) اي عمر، تون اهو دستور يا ريت سمجهه ته هتان ضرور هلبو (هي جهان ڇڏبو)، سو تون پاڪدامن عورتن سان ڏاڍائي نه ڪر. مون کي هر روز ڏينهن شروع ٿيڻ سان پنهنجي پرينءَ جا پور پون ٿا، تنهن ڪري منهنجا ڏينهن ۽ راتيون ڏاڍا ڏکيا پيا گذرن. هيءَ ستايل عورت، سومري بادشاهه جي درٻار ۾ هر وقت بيٺي سوال ڪري ته مون کان پنهنجو پرين اصل هڪ پل به نٿو وسري. مان پنهنجن ساٿين ۽ هڪ جيڏن ۽ جيترن ماروئڙن کي پيئي ياد ڪريان، جيڪي پنهنجي ديس کان گهڻو دور هليا ويا آهن.

داستان اٺون

 

1

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ويڙِيين وَڳَ وارِينِ

ڇَنين ڇيڪارِئو ڇيلَڙا، پَٽين پَهَرائِينِ

نيڻَ مُنہِنجا اُنِ کي، جِهڄِئو جَرُ هارِينِ

تاڙا تَوارِينِ، مِينہَ وَسَندا موٽُ تُون! [2925]

       سمجهاڻي: هن (مينهن جي) موسم ۾ منهنجا مارو ڏاڍا خوش آهن ۽ هو پنهنجي مال جا وڳ گاهه واري جوءِ ۾ پيا گهمائين ڦيرائين. هو ٻاڪري مال جي ڦرن کي هيٺانهين زمين تان سائي گاهه واري هنڌ هڪلي پيا وڃن. منهنجيون اکيون پنهنجن مارن کي ياد ڪري ڳچ پيون ڳارين. هن مند ۾ تاڙا پکي به اچي ٻولڻ لڳا آهن (هاڻي مينهن اچڻ وارو آهي). (اي مارئي!) تون انهيءَ مينهن واري موسم ۾ ملير موٽي اچ.

2

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، کائُڙَ ۾ خُوشحالَ

کِہُ، مانڌاڻو، مَکَڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ

اُتان اوٺِي آئِيو، ڪَهِي مُون وَٽِ ڪالَ

سَتِيءَ جِي سَيِّدُ چئي، ڪا ساڻيہَ مَنجِھ سَنڀالَ

لِڱنِ تان لَطِيفُ چئي، لوئِي لاهَ مَ لالَ

ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينہَ وَسَندا موٽُ تُون! [2926]

       سمجهاڻي: مينهن جي هن مند ۾ کائڙ جا مارو ماڻهو گهڻو خوش ٿيا آهن (جو اُتي گهڻي برسات پيئي آهي). ڏٿ جا ٽيئي گاهه کهه، مکڻي ۽ مانڌاڻو عام جام ٿيا آهن جيڪو منهنجيون سرتيون ججهي انداز ۾ ڪٺو پيون ڪن. مون وٽ انهن مارن وٽان ڪالهه هڪ قاصد اهو نياپو کڻي آيو ته هو ساڻيهه ۾ مون کي گهڻي کان گهڻو پيا ياد ڪن. عبداللطيف چوي ٿو هنن اهو به چورايو آهي ته آءٌ پنهنجي لال لوئي هرگز نه لاهيان. (هنن مطابق) الله ڪريم پنهنجو ڪرم ڪندو ته تون (يعني آءٌ) مينهن جي انهيءَ موسم ۾ ئي موٽي ايندينءَ.

3

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَهَنِ

پاڻِي پوڄُ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِ

هِنَ کي لوهَ لَطِيفُ چئي، هُوءِ کائُڙَ مَنجِھ کِلَنِ

کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينہَ وَسَندا موٽُ تُون! [2927]

      سمجهاڻي: مينهن جي موجوده موسم ۾ ماروئڙا ڏاڍا سرها ٿيا آهن. هو (کليل ميدانن تي) ڍنگهرن جا لوڙها هڻي (جهوپڙن ۾) پيا وقت گذارين. پوٺا جام پاڻيءَ سان ڀريا بيٺا آهن ۽ مارو ماڻهو پکن جي ڀرسان ئي پاڻي ڀري پيا پيئن. عبداللطيف چوي ٿو ته (پر افسوس ان ڳالهه جو آهي) مارئي ويچاري ڪوٽن ۾ قابو آهي، ۽ سندس مارو مائٽ کائڙ ۾ خوش پيا گذارين. هو سانوڻ جو کٽو ڏٿ پيا واپرائين، شل انهيءَ مينهن جي موسم ۾ مارئي موٽي پنهنجي ماڳ اچي.

4

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ساڻيہَ مَنجِھ سُڌِيرَ

هِنَ کي لوهَ لَطِيفُ چئي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ

مِها مَنجِھ مَلِيرَ، مِينہَ وَسَندا موٽُ تُون! [2928]

       سمجهاڻي: مينهن جي هن مند اچڻ سان مارو خوشحال ٿي پيا آهن ۽ هڪ لحاظ سان بي فڪر ۽ آرام ۾ آهن. لطيف چوي ٿو پر مارئي (عمرڪوٽ ۾) لوهي زنجيرن ۾ قابو آهي ۽ سندس ڪوٺيءَ کي لوهي سيخون لڳل آهن. ملير ۾ هينئر جتي ڪٿي ميها (کائڻ جي ڀاڄي) عام جام آهي. (الله مان آس نه لاهجي) اميد ته مارئي مينهن وسندي موٽي ملير ايندي.

5

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، جِيائي جالِينِ

چارِئو لَنبَ لَطِيفُ چئي، واگھين وِهارِينِ

ڪيٽائي ڪاهِينِ، مِينہَ وَسَندا موٽُ تُون! [2929]

       سمجهاڻي: مينهن جي مند ۾ ماروئڙا سکيا ستابا ٿي پيا آهن ۽ هو ڪڏهن ’جيائي‘ جي تڙ وٽ آهن ته ڪڏهن وري ’واگهين‘ جي تڙ وٽ پنهنجي مال کي لنب جو گاهه پيا چارين ۽ اُتي رهي پيا پون. اتان اڳتي وڌي هو ’ڪيٽائي‘ جي تڙ وٽ پنهنجا ڌڻ ڪاهي اچن ٿا. اها مند آهي جڏهن مارئي موٽي ملير اچي!

6

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ، چِتِ ۾، هِنئَڙي نِتِ هُرَنِ

لَيسَ کَمثلِهٖ شَيءٌ‘، پَسَڻُ اِيءُ پِرِيَنِ

پَکا پَهُنوارَنِ، نيئِي اَڏِيا نانہِ ۾. [2930-الف]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مون کي محبوب مارو اندر ۾ هر وقت ياد آهن ۽ دل ۾ سدائين پيا ياد اچن. ليڪن ’هن جهڙي ۽ هن جي برابر ڪا شيءِ ناهي‘  جي قرآني آيت موجب مالڪ کي ڏسڻ ۽ پسڻ جو اهو ئي ڏسُ آهي  انهيءَ ڪري پهنوارن (راهه جي پانڌيئڙن يعني سالڪن) پنهنجا اجها نفي يا نيستيءَ (عدم) جي ملڪ ۾ وڃي اڏيا آهن.

[ڪائنات ۾ الله تعاليٰ جي مثل ڪو نٿو ٿي سگهي، ليڪن هو ساڳئي وقت ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. صوفين مطابق انسان جڏهن فنا جي صفت ۾ اچي ٿو ته الوهيت ۽ انسان جي وچ ۾ پردا هٽي وڃن ٿا، يعني ان کان پوءِ الوهيت ۽ انسان جي وچ ۾ ڪا شيءِ حائل نٿي رهي. ٻين لفظن ۾ هو الله تعاليٰ جو قرب، وصال، مشاهدو ماڻي يعني هو پرينءَ کي پسي ٿو.

رومي ان حقيقت جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو:

اين جهان از بي جهت پيدا شدست،

که زبي جائي جهان را جاشدست.

باز گرد از هست سوئي نيستي،

گرتو از جان طالب مولي ستي.

(دفتر دوم، 868 ۽ 87)

معنيٰ: هي جهان هن بي جهت (خدا) مان پيدا ٿيو آهي. لامڪان منجهان هن مڪان (جهان) کي جاءِ ملي آهي. ان ڪري تون هستيءَ کي ڇڏي نيستي (اصل) ڏانهن اچ، جيڪڏهن تون واقعي مولا جو طالب آهين.]

6 (الف)

آما ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُوريان اڳرا

ڪُٽِيَان پَٽيان پيٽَ کي ماکيان مِٺِي مَڪَ

ڪوڪَڙ ڪوڍيرَنِ ۾، ڦُوڪئو ڀريان ڦَڪَ

وَرُ هَلاکِي سين حَقَ، کُوءِ وَڏائُون وِڙَنِ سين. [2930-ب]

       سمجهاڻي:  اي سومرا سردار، آءٌ تنهنجن انبن کي پنهنجي ملڪ ملير جي اَڪَنِ جي برابر ٿي سمجهان ۽ پنهنجي وطن جي کٻڙن جي خوشبوءِ کي تنهنجي (مشڪ جي) خوشبوءِ کان وڌيڪ ٿي ڀانيان. آءٌ پنهنجي پيٽ کي (چڙ مان) پئي مُڪون هڻان ته تنهنجي ماکيءَ کان وڌيڪ مٺا منهنجي مُلڪ جا پيرُون (مَڪَ) آهن. شل آءٌ ڪوڪڙ ڪوڍيرن ۾ وجهي صاف ڪري ان جا ڦڪَ ڀريان. (اي عمر!) پنهنجي مڙس سان ڏکيو گذران غير مردن سان خوش گذارڻ کان وڌيڪ ڀلو آهي. ڀلي اهو وڃي کڏ کوهه ۾ پوي!

7

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ، چِتِ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ

کِہَ، مانڌاڻُو، مَکَڻِي، ڍوئِنِ پاسي ڍَٽَ

پَهُنوارَڪي پَکَڙِين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ

ساڻيہَ مَٿي سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي. [2931]

       سمجهاڻي: منهنجا مارو جيڪي هر وقت منهنجي اندر ۾ پيا ياد پون، سي گسن ۽ واٽن تي اجها اڏي ويٺا آهن. هو کهه، مانڌاڻو ۽ مکڻي جهڙا گاهه گڏ ڪري ڍٽ پاسي کڻي پيا وڃن. منهنجي دل پيئي گهري ته جيڪر آءٌ پنهنجن پهنوارن وٽ پهچي انهن کاڌن جو تازو مزو وٺان. مان سمجهان ٿي، جلدي هي ڪلف ۽ ڪڙا ڀڃي (کولي) وڃي پنهنجي ديس پهچنديس. (مون کي ڪوئي روڪڻ وارو نه هوندو)

8

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ، چِتِ ۾، هُرَنِ مَنجِھ هِنيين

لُطفُ ٿِئو، لَطِيفُ چئي، مِهِرَ ڪَئِي مِيين

ڏُکِيءَ کي ڏِيين، سَرهايُون ساڻيہَ جُون. [2932]

       سمجهاڻي: منهنجا مارو ۽ مائٽ هر هر دل تي تريو اچن ۽ دل تان لهن ئي ڪونه. عبداللطيف چوي ٿو ته مالڪ مهربان مڙئي مهربانيون ڪندو، جو ڏکن جي ڏکويل ۽مصيبتن جي ماريل مارئي کي پنهنجي وطن وڃڻ جي واڌائي نصيب ٿيندي.

9

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ، چِتِ ۾، هُرَنِ مَنجِھ هِنيان

ڪَڍُ بَندِياڻِي بندَ مان، موڪلَ ڏي مِيان

وَڃِي  ڏيہِ  ڏِيان،  کِيرُون  کَٿيرِينِ  کي. [2933]

       سمجهاڻي: منهنجا مارو محبوب منهنجي دل تان هڪ ساعت به وسرڻ وارا ڪينهن، بلڪ دل ۾ ذري ذري ياد پيا پون. اي چڱا مڙس (عمر)، مون بندياڻي کي آزاد ڪر ۽ مون کي موڪل ڏي ته آءٌ پنهنجي ديس ۾ پهچي پنهنجن کٿيءَ وارن مٽن مائٽن کي واڌيون ڏيان.

10

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ، چِتِ ۾، سَدا مَنجِھ سَرِيرَ

لَڏي ڪِنہِ لوءِ وِئا مارُو مَنجِھ مَلِيرَ

ويٺِي پُوڄان پِيرَ، مانَ مِلِنَمِ ڪَڏِهِين. [2934]

       سمجهاڻي: هو هر وقت منهنجي اندر ۾ پيا ياد اچن ۽ تن من ۾ پيا وسن. اهي مارو ماڻهو (شايد) ملير ۾ ڪنهن ٻئي طرف ۽ ٻئي ڳوٺ ڏانهن لڏي ويا آهن (جو سندن ڪو پتو نٿو پوي). آءٌ هنن جي واسطي پيرن ۽ اوليائن کان دعائون ويٺي گهران ته ڪڏهن اچي مون سان ملندا (يا منهنجي ساڻن ملاقات ٿيندي).

11

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ، چِتِ ۾، رَهِيا اَندَرِ رُوحَ

اُٺي وِئَڙا اُڪَرِي، مارُو مَٿي مُوهَ

ويرُون وِلوڙَنِ جُون، سارِيان گَهڻو صُبوحَ

وَرُ سي کارا کُوهَ، سِنجِئَمِ جي ساڻيہَ جا. [2935]

       سمجهاڻي: منهنجا ماروئڙا ذري ذري دل تي پيا چڙهن، بلڪ هو هر وقت منهنجي روح ۾ موجود آهن. اُهي مارو ماڻهو مينهن جي موسم ۾ هڪ هنڌ ڇڏي ٻئي هنڌ ’مهراڻي‘ جي طرف لڏا کڻي هليا ويا آهن. مون کي صبح سويل هُنن جي کير ولوڙڻ جون مهلون ڏاڍو ياد پيون اچن. (اي عمر!) مون کي ڪڙي پاڻيءَ جا اهي ديسي کوهه گهڻو پسند آهن جن تي وڃي آءٌ پاڻي ڀري ايندي هيس.

12

کاروڙِئان کَڻِي، ويڙِيجَهپَ وِئا

سِيڻ مُنہِنجا سَيِّدُ چئي، هاڻي هِتِ هُئا

پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙڪَ پِئا

ڏيهِي ڏُورِ وِئا، ڏِئان ڏوراپا ڪَنِ کي. [2936]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجا مائٽ کاروڙي جو ڳوٺ ڇڏي ويڙيجهپ جي ڳوٺ ڏانهن هليا ويا آهن. سيد (عبداللطيف) ٿو چوي ته مارئي پريشان پيئي ٿئي ته منهنجا ماروئڙا پهرين هِتي هئا، پوءِ الائجي ڇو هِتان ڇڏي ويا. سندن گهرن جا ڦٽل نشان ڏسي منهنجا ڳچ پيا ڳرن. منهنجا ديسي سيڻ (ويجها مائٽ) پري هليا ويا آهن، آءٌ پنهنجا ڏک ڏوراپا ۽ شڪايتون ڪنهن سان ڪريان يا ڪنهن کي چوان!

13

آڌِيءَ اُٿِيَنِ تي، جيلانہَ پاڻِي پاتارَ ۾

وارو ويسَرِيَنِ کي، ڏِينهان ڪونه ڏي

مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي وِئا. [2937]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اسين ٿر ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ سوير آڌيءَ رات جو اُٿي انهيءَ ڪري تڙ تي وڃون جو پاڻي ٿورو ۽ بلڪل کوهه جي تري ۾ هوندو آهي. ٻيو، ڏينهن جو جيڪي سستي ڪن، يعني صبح جو سوير نه وڃن ته اُنهن کي ڪو وارو ئي ڪونه ڏئي يا ملي جو هو پاڻي ڀرن. (ان ڳالهه جو غلط فائدو وٺي) هو مون ندوري ۽ نڀاڳيءَ کي (صبح جو سوير) کوهه تان کنڀي کڻي ويا.

14

بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِينِ پَهُون

سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون

پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَهُون

ڏِينهان ڏِينهِن نَئُون، مُون کي وِرِهُ ويڙِيچَنِ جو. [2938]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مارو ماڻهن ٿر ۾ اونها کوهه کوٽيا آهن ۽ اُتي اچي مال ۽ ٻڪرين کي پاڻي پيا پيارين. سٺ پُرهه اونهن کوهن مان پاڻي ڇڪڻ لاءِ صبح جو سويل نوجوان زالون اچيو پاڻي وَرت (رسن) سان ڇڪي پيون ڪڍن. هو اهو پاڻي دلا ڀري ڪاٺ جي منجن تي رکي (جانورن تي ڍوئين) وڏي شوق سان تکو پنڌ ڪري اچن. (مارئي پنهنجي حالت تي افسوس ڪندي پيئي چوي) ليڪن هر نئين ايندڙ ڏينهن سان منهنجي درد ۽ غم ۾ اضافو پيو ٿئي!

15

سِنجي سِنجي کُوهَڙا، ويڙِهي وِئا وَرَتَ

مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، هِنئَڙي ۾ حَيرتَ

چُڻِڪَنِ اَندرِ چِتَ، سانبِيڙا ساڏوهِيُون. [2939]

       سمجهاڻي: ماروئڙا هڪڙن تڙن تان پاڻي ڪڍي ڪڍي پاڻي وارا وَرت (ڊگها رسا وغيره) ويڙهي وري ٻئي هنڌ ۽ ماڳ هليا ويا. (شايد پاڻي گهڻو هيٺ ٿي ويو يا ختم ٿي ويو) سندن سڪ ۽ پريشاني، مونجهه ۽ محبت مون کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. منهنجا اُهي ساٿي ۽ سانگي ۽ پيرن سان پڪل ڄاريون دل تان لهڻ وارا ناهن.

16

ڀُوڻَ ڀُڻِڪو نه سُڻِيان، ٻُري نه ٻَڪَرَ دانہَ

مِيان! مارُوئَڙَنِ جا، اُوڻا پَسان آنہَ

جَنِ ساٺِيڪا سِنجِئا، سي ڌَڻِي ڪِئَڙَءِ ڪانہَ

پَکا کَڻِي پَرانہَ، جِڪُسِ لَڏِيو لوئِڙِيارِيين. [2940]

       سمجهاڻي: کوهن جي مٿان پاڻي ڪڍڻ وارين ڦِرڻين جو چيڪاٽ وارو آواز ڪونه ٿو ٻُڌجي ۽ نڪو وري ٻڪرين جي ٻي ٻي جو آواز ئي ٻڌجي ٿو. اي ميان عمر، ماروئڙن جي مال جي پاڻي پيئڻ وارا ننڍڙا تلاءُ گهٽ ڀريل يا خالي آهن. سٺ پُرهن (اونهن) کوهن واري سنجٽ (پاڻي ڇڪڻ جو سامان) يعني ڦِرڻي ۽ وَرت جئن جو تئن ڇڏي، اهي ڌڻي ۽ ڌنار الائجي ڪهڙي طرف اُسري ويا. معلوم ٿو ٿئي ته هو پنهنجا ڪکاوان اَجها ڇڏي، پنهنجين لويون اوڍيندڙ عورتن سان گڏ گهڻو پري لڏي ويا آهن.

17

ڀُوڻَ ڀُڻِڪو نه سُڻِيان، ڀِنِيءَ جو ڀُوڻَنِ

سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيُون، وَڃِي ويڙِ وَڻَنِ

پِئا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهي ٻِنهِي ڪَنڌِيين. [2941]

       سمجهاڻي: پرڀات کان اڳ کوهن مان پاڻي ڪڍڻ واري چرخيءَ جو آواز ڪونه ٿو ٻُڌجي. پاڻي ڪڍڻ واريون عورتون (شايد پاڻي ڀرڻ بعد) وڻن هيٺ آرام پيون ڪن. (اهو ئي سبب آهي جو) پاڻي ڪڍڻ جا واجهه (رسا) کوهن جي ٻنهي پاسي اُس ۾ پيا سڙن ۽ ڳرن (بيڪار پيا آهن).

18

سَڀِ نه وَڃِي سُتِيُون، اَڃان ڪي سِنجَنِ

پِيُون سي پَهرَنِ، جي اُڃائِجِي آئِيُون. [2942]

       سمجهاڻي: پاڻي ڪڍڻ واريون سڀ جون سڀ عورتون وڃي ڪونه سمهي پيون آهن پر جيڪي اڃايل آهن، سي سِنجٽ ڪري پاڻي ڀري پيون وڃن. بلڪ اهي پاڻي پيو وري ٿيون جهنگ چرڻ وڃن (بي حال ٿي وري ٿيون سامت ۾ اچن، وري ٿيون وري حال واريون ٿين). (وڌيڪ معنيٰ غور طلب آهي).

19

عُمَرَ ٿِيَمِ اَپارَ، وِرِهَ وَٽِيان ڪَنِ سِين

ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَوارَ

سِٽائُون سَنگهارَ، کُوهَنِ تان کَڻِي وِئا. [2943]

       سمجهاڻي: اي عمر، مان اڪيلي ۽ اٻاڻڪي آهيان، ڪا پهر ئي ڪانهي جو ڪنهن کي پنهنجو دک درد بيان ڪري ٻڌايان (جيئن ڪو مون سان همدردي ڪري يا حال ڀائي ٿئي). منهنجا ڏوٿيئڙا (مٽ مائٽ) جن کي ياد ڪري جيئندي هيس، اُهي گهڻو پري پرديس هليا ويا آهن. مارو ماڻهو (آسرو پلي) کوهن تان پاڻي ڪڍڻ وارا سڀ سِنج (سامان) کڻي ڏور لڏي ويا آهن.

20

وَرُ اُهائِي ويرَ، جِئَن ڌَڻُ تَسي تَڙِ آئِيو

سَرتِيَنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِئو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍيرَ

هِنيُون اُنِ جي هيرَ، ٿو جِهڄي جَهروڪَنِ ۾. [2944]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اها گهڙي ڪيڏي نه ڀلي لڳندي آهي جڏهن مال جو ڌڻ اُڃارو ٿي کوهه جي تڙ تي ايندو آهي (انهن کي پاڻي پيارڻ ۾ ڪيڏي نه فرحت ۽ آسيس ملندي آهي!). ٻيو وري (اها گهڙي) جڏهن سرتيون ۽ جيڏيون جهنگ مان ججهو ڏٿ چونڊي پنهنجن گهرن ۾ آڻي ڍڳ ڪنديون آهن (ڪيڏي نه سرهائي ٿيندي آهي). منهنجي دل سندن اهڙين عادتن کي ياد ڪري هِتي محل جي مٿين ماڙين ۾ به مُنجهي ٿي وڃي.

21

ٿَرِ ٿُوهَرَ، ڀَرِ جُهوپَڙا، ٻارَڻُ جَنِي ٻُوهَ

اُٺا مِينہَ مَلِيرَ ۾، ٽِرمَڻُ لَڳا ٽُوهَ

راتِ بِه مُنهنجي رُوحَ، سُتي سَڄَڻَ سارِئا. [2945]

       سمجهاڻي:  (مارئي جو احساس) ٿر ۾ مارن جا جهوپڙا ٿوهرن سان لڳو لڳ آهن ۽ هُنن وٽ ٻارڻ لاءِ ٻُوه جا ٻوڙا آهن. ملير ۾ ايترا مينهن پئجي ويا آهن جو پاڻي ٽوهن تان تِرڪي هيٺ پيو ڪري. گذريل رات منهنجي دل پنهنجن سڄڻن کي ڏاڍو ياد ڪيو. (ساري رات مان هُنن کي ئي ياد ڪندي رهيس ۽ منهنجي اک ئي نه لڳي)

22

کُوهَرَ، ٿُوهَرَ، ٿَرَ، جِتِ ساٺِيڪا سَتِيُون

چارِينِ اُتِ چاهِ پِئو، ڦوڳَنِ پاسي ڦَرَ

ڪِيئَن لَهندَمِ ڪَرَ، جِئَن مارُو پاڻَ اَپارِيا. [2946]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اسان جي ملڪ ۾ پاڻي جا کوهه ۽ کوهيون آهن، اتي واريءَ جون ڀٽون ۽ ٿوهر جا وڻ آهن. سٺ پُرهه اونها کوهه ۽ انهن تان پاڻي ڀرڻ واريون سَت سيل واريون عورتون آهن. اُهي وڏي شوق سان ٻاڪري مال کي ڦوڳ جو گاهه ۽ پَنَ پيون کارائن. منهنجي سار سنڀال ۽ خبر ڪير لهندو، ڇو جو منهنجا مارو ويچارا پاڻ گهڻن ڪمن ڪارين وارا ۽ گهڻا رڌل آهن.

23

ڍَٽين، پَٽين ڍيرَ، مَهِيَنِ مارُوئڙَنِ جا

پائُرُ سَڀُ پَچِي پِئو، گَهرِ گهارِيندِي ڪيرَ

جَنِ هيڪاندِيءَ هيرَ، تَنِي ڦوڙائو مَ ڏِئين. [2947]

       سمجهاڻي:  (مارئي مينهن کان پوءِ سُڪر سَڻائي جو ذڪر ٿي ڪري). ٿر ۾ هر هنڌ پوٺن ۽ پٽن تي ڏُٿ جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ مارو ماڻهو سکيا ستابا ٿي پيا آهن. سڄي پائر جي ايراضيءَ ۾ ميوا ۽ فصل پچي تيار ٿي ويا آهن، تنهن ڪري گهرن ۾ ڪوبه واندو ويٺل ڪونهي (سڀ ڪمن ڪارين ۾ لڳل آهن) (اي مالڪ)، جن کي گڏجي گذارڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عادت آهي (مون مارئيءَ سميت)، تن کي پنهنجن پيارن کان جدائي جو صدمو نه ڏي.

24

مَٿي ٿَرَ رَهِي، وِئا گُذاري ڏِينهَڙا

ڪَڏِهن ڪونه آئِيو، پَهُنوارَنِ پَهِي

وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيُمِ جَنِ سِين. [2948]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجا ماروئڙا ٿر ۾ (هنڌين ماڳين) رهندي نيٺ پنهنجو وقت پورو ڪري هليا ويا. (مون کي پنهنجي حال تي افسوس آهي جو) هُنن وٽان انهيءَ پوري عرصي ۾ ڪوبه ماڻهو نياپو کڻي نه آيو. مون جن سان سڄي حياتي گڏ گذاري هئي (ننڍي کان وڏي ٿي هيس)، سي سڀ لڏي ويا (اهي هنڌ ۽ ماڳ خالي پيا آهن).

25

پاسا پولَڙِيَنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻيئِي

اَکِيُون، نَڪُ، اَريجَ رِءَ، ٽِمايَمِ ٽيئِي

ڏُورِ ٿِئا ڏيهِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾. [2949]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿر واري پنهنجي رهڻي ڪهڻي ياد ٿي ڪري) آءٌ (اهو به وقت هو جڏهن جهنگ ۾ ٻڪريون چاريندي) پَٽ تي ٻڪرين جي ڦولهڙين ۾ (ٿڪجي) ليٽي پوندي هيس ۽ پاسا پيئي ورائيندي هيس. هاڻي انهيءَ ٿر واري خشڪ (اريجيل) زمين کي ياد ڪري ٻنهي اکين توڻي نڪ، ٽنهي مان ڳوڙهن جو مينهن پيئي وسايان. (آءٌ لاچار آهيان، ڇا ڪريان) منهنجا وطن وارا، پائر جي پاسي رهندڙ، مون کان گهڻو دور هليا ويا آهن.

26

مُون سِين مارُوئَڙِيُون، ڪِهَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون

چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون

نيڻين نِنڊَر وِهُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون

هِتي جي هُيُون، ته سُڌَ پييَنِ سِيلَ جِي. [2950]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي سوچ) مون سان پنهنجيون مائٽياڻيون يا سرتيون ڪهڙي سبب جي ڪري ڪاوڙ ڪنديون (مون ته پنهنجي ست سيل جي هر حال ۾ حفاظت ڪئي آهي). منهنجن وارن ۾ (نه وهنجڻ ڪري) چيڙهه پئجي ويو آهي (وار ڳنڍيون ڳوڙها ٿي ويا آهن) ۽ انهن ۾ جوئيون (رت پيئندڙ) پئجي ويون آهن. منهنجي اکين جي ننڊ حرام ٿي چڪي آهي جو آءٌ هر وقت ٿر جي پيرن ۽ ڄارين کي پيئي ياد ڪريان. (دراصل هنن جو ڏوهه ناهي) جيڪڏهن هو هتي (منهنجي جاءِ تي محل جي ڪوٺين ۾ بند) هجن ها ته کين خبر پئجي وڃي ها ته سَت سيل رکڻ ڪيڏي ڏکي ۾ ڏکي ڳالهه آهي!

27

ٿاجا ٿَرَ بَرَ جَهلَ، پَکا پائُرَ وَٽِ ۾

سيئِي سارِيو سُومَرا اَچي آبَ اُڇَلَ

تَنِ سانبِيَنِ وِڌَمِ سَلَ، ڏِٺي جَنِ ڏِينہَ ٿِئا. [2951]

       سمجهاڻي: منهنجا ماروئڙا ٿر بر ۾ (وسڪاري بعد) تازا توانا ٿي پيا آهن يا ٿر بر ۾ جتي ڪٿي تازگي اچي ويئي آهي. هنن جا اجها هينئر پائر جي پاسي ۾ آهن. اي سومرا بادشاهه، مان انهن مٽن مائٽن کي پيئي ياد ڪريان ته اکين مان اوچتو آب جاري ٿي وڃي ٿو جيڪو رڪجڻ جو ناهي. جن جيڏين سرتين سان ملئي ڪي ورهيه ٿي ويا آهن، تن جي يادگيري منهنجي اندر ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن.

28

سَتِي تُنہِنجي سَتَ ۾، ڳالِھ گُهرجي ڳَچُ

سارِئو سانبِيئَڙَنِ کي، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ

ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، ته ٿِيين سَمانِي ساڻيہَ ۾. [2952]

       سمجهاڻي: اي مارئي، تنهنجي سَت جي پڪي ثابتيءَ ۾ گهڻو ڪجهه گهرجي (اهو تسليم ڪرڻ سولو ڪونهي). تون پنهنجن پيارن سڄڻن ۽ مائٽن سان وفاداريءَ خاطر اندر ۾ پيئي ڪَڙهه (اهو دک درد دل تان نه لاهه). اصلي امانت وانگر (جهڙي هئين تهڙي) موٽي اچ ته پنهنجا وطن وارا توکي عزت ڏين ۽ پنهنجو ڪن!

29

جُهران جِهڄان تي، جِئَن پَسَڻان پَري ٿِئا

اَللهُ اوٺِي آڻِيين، جو کِينءَ جِي خَبَرَ ڏي

مَنَ مُنهنجي کي، واڪو لَهي ويڙِ جو. [2953]

         سمجهاڻي: (مارئي ٿي چوي) آءٌ انهيءَ ڪري پيئي ڳڻتيءَ ۾ ڳران ۽ سڙان جو منهنجا سڄڻ ۽ مائٽ منهنجي اکين کان پري آهن. (آءٌ هُنن سان ملي نٿي سگهان). او منهنجا الله، شل هُنن وٽان ڪو قاصد اچي نڪري جيڪو خير سلامتيءَ جي خبر کڻي اچي. ائين من منهنجي دل تان اها ڳڻتي لهي ۽ اُلڪو ختم ٿئي.

30

نَڪا جَهلَ نه پَلَ، نَڪو رائُرُ ڏيہَ ۾

آڻِئو وِجَهنِ آهُرين، روڙِئو رَتا گُلَ

مارُو   پاڻَ  اَمُلَ،  مَلِيرونِ  مَرَڪَڻو. [2954]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مارن جي ملڪ ۾ ڪا روڪ ٽوڪ يا بندش ڪانهي ۽ نڪو وري (سرڪاري) ڍل يا محصول ئي لاڳو آهي. مارو ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان جتان به وڻين (پُسين ۽ لُلر جا) ڳاڙها گُل پٽي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪن ٿا. منهنجو محبوب مارو جهڙو پاڻ لاکيڻو آهي تهڙو سندس ملڪ ملير سَرهو ۽ سونهن وارو آهي.

31

سُتي لَڌُمِ سُهِڻو، لوئِيءَ ۾ ليٽِي

ته مَنڌِي پايو مَٽَ ۾، وِلوڙِيان ويٺِي

پَکي  آءٌ  پيٺِي،  کِيرُون  ڏِينَمِ  جيڏِيُون. [2955]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو خواب) مان لوئيءَ ۾ ويڙهيل آهيان جو مون ڏاڍو سهڻو خواب لڌو آهي ته آءٌ (صبح جو سويل اٿي) مَٽ ۾ مانڌاڻي وجهي پيئي کير ولوڙيان. يعني آءٌ مارن وٽ پکن ۾ وڃي پهتي آهيان ۽ هو مون کي (کلي خوش ٿي) واڌايون پيون ڏين.

 

وائي

آءُ ماروءَ جي آهيان مَون کي مارو جو آسرو

مارو مَون نه ڇڏيندو

ميڙو ٿِيندو مومنين، قَضا پاڻُ ڪَرِيندو

اُتي مَلِيرَ ڄائِيُون، سَڀَ نَوازي نِيندو

والِي ٿِي وَڳَ جو، هِئائِين هَلَندو

ڪوٺي  ڪَوثرَ  ڪَنڌِيين،  پاڻِي  پِيارِيندو. [2956]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) آءٌ ماروءَ جي آهيان (ٻئي ڪنهن جي ناهيان) منهنجو آڌار ۽ آسرو اُهو ئي آهي. مون کي اميد آهي ته هو ڪڏهن به مون کي ڇڏي نه ويندو. جتي ايمان وارا گڏ ٿيندا ته هو پاڻ فيصلو ۽ نياءُ ڪندو. اُتي هو سڀني ملير جي رهواسين کي سرخرو ۽ سرفراز ڪندو. اُهو ئي سموري ساٿ جو سرواڻ ٿي رهبري ڪندو. هو ئي پاڻ ڪوثر (جنت ۾ نهر) جي ڪناري تي جام پياريندو.

 داستان نائون

1

جُہُ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ

مارُو مَنجِھ ٿَرَنِ، ڪِنہِ دَرِ ڏِيندا دانهَڙِي. [2957]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي زباني) جڏهن (حاڪم) ماڻهو پاڻ هُنن لاءِ ڦورو ۽ لٽيرا بنجي پون، جن جي آسري تي اُهي غريب ويٺا آهن، اهڙيءَ صورت ۾ (ڪوئي ٻڌائي ته) ماروئڙا ٿر ۾ ڪيئن رهي سگهندا ۽ ٻئي ڪنهن جي در تي انصاف لاءِ فرياد کڻي ويندا؟

2

جُہُ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِي ڌِيرَ

مارُوئَڙا فَقِيرَ، رَهِي رَهَندا ڪيتَرو! [2958]

       سمجهاڻي: جيئن ته اُهي ماڻهو پاڻ ڦرلٽ ۾ شامل آهن (جيڪي رکوالا آهن)، جن جو مون کي آسرو ۽ ڏڍ هيو، اهڙيءَ حالت ۾ غريب ماروئڙا ويچارا ڪيترو رهي ڪيترو رهندا.

3

جي گهرِ گهارِيَمِ ڏِينهَڙا، هيڪاندِيءَ حُضُورِ

سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ

هَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مڃِينديَسِ مُورِ

سَنجھي سَتِ گُذارِيان، اَچي شالَ اَسُورِ

دَران ٿِيان مَ دُورِ، مارُوءَ ڄامَ مَلِيرَ جي. [2959]

       سمجهاڻي: مون زندگيءَ جا جيڪي (سٺا) ڏينهن پنهنجي گهر ۾ پرينءَ سان گڏ گذاريا، سيئي هر هر پيئي ياد ڪريان ۽ اُهي سنڀاري سڪ سوز ۾ پيئي پچان ۽ سڙان. آءٌ (ڇا به ٿي پوي) پر عمر جا اميراڻا هٿ پاڻ تائين پهچڻ نه ڏينديس (هرگز برداشت نه ڪنديس). آءٌ هر رات وڏي صبر ۽ امتحان ۾ پيئي گذاريان ۽ دل گهرندي اٿم ته شل اسر جو (پرهه کان پهرين) منهنجو سڄڻ اچي وڃي. منهنجي اندر ۾ هر وقت اِها ئي تانگهه آهي ته ڪيئن به ڪري ملير جي محبوب ماروءَ جي در کان پري ڌڪجي نه وڃان.

4

اَتِ اُڪَنڊِي آهِيان، عُمَرَ آءٌ اَڪاڄَ

سُومَرا سَڪاڄَ، جَهلِ مَ بَندَ جِهڄَندِيُون. [2960]

       سمجهاڻي: اي عمر بادشاهه، آءٌ پنهنجي ديس وارن مارن لاءِ ڏاڍي سڪايل آهيان. بيشڪ آءٌ نڪمي، بي سمجهه ۽ نڪار آهيان، پر تون سومرا سردار، وڏو عقلمند ۽ سڄاڻ (داناءُ ۽ هوشيار) آهين، تون پنهنجي قيد ۾ مارن لاءِ مجبور ۽ لاچار عورتن کي بند نه ڪر.

5

اَڄُ اَڍَنگا وِيڻَ، مُون کي مُڪا جيڏِيين:

هارِي! هَمِيرَنِ جا، جِڪُسِ کاڌَئِي کيڻَ

سانبِيَڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي. [2961]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اڄ منهنجين سرتين ۽ ساهيڙين مون ڏي ڏاڍا ڏکيا طعنا ۽ مهڻا چورائي موڪليا آهن. چون پيون، ’اي مُئي، لاشڪ تون اميراڻا کاڌا کائي بدلجي ويئي آهين، جو سڄڻ ۽ ساٿي ۽ مٽ مائٽ سڀ وساري ويٺي آهين.‘

6

ويٺِي ڪوٽَ وَٽنِ ۾، ڪامَڻِ ڪُواري

مَلِيرَ سارِيو مارُئِي، رويو رُئاري

اَللهُ اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جي ميڙِيين! [2962]

       سمجهاڻي: مارئي جهڙي مان شان واري عورت ڪوٽ جي ديوارين جي پاڇي ۾ ويٺي قيد بند کي نندي ۽ ان جي شڪايت ڪري. هوءَ پنهنجي ملڪ ملير کي ياد ڪري پيئي اوڇنگارون ڏئي، جنهن ڪري ٻيا ٻڌندڙ به پيا روئن. هوءَ ٻاڏائي پيئي چوي، او منهنجا الله، شل مون کي ماروءَ جي ماڳ تي (ماروءَ سان جلد) ملائين.

7

جِها جي تِها، مُون مارُو مَڃِئا

مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ موڪَ مِها

مُنهنجي آهَ اِها، ڪيرائِيندِي ڪوٽَ کي. [2963]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجا مارو جهڙا به هجن (غريب آهن يا نادار آهن) پر مون کين پنهنجي سر جو سائين تسليم ڪيو آهي. (مون کي سندن غريبيءَ تي ناز آهي) هيءَ مند آهي، جڏهن منهنجيون جيڏيون سرتيون ملير ۾ عام جام ميها (کائڻ جي ڀاڄي) چونڊي گهر کڻي اينديون هونديون. (مون کي الله ۾ اميد آهي ته) منهنجون آهون ۽ دانهون عمر بادشاهه جي (ظلم واري) ڪوٽ کي نيٺ ڪيرائي وجهنديون!

8

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران

پاڻِي واري پانہِنجو، وِيندِيائِي وَران

ٿورو مَنجِھ ٿَران، هُوندَ لَڳي لوئڙِيارِيين. [2964]

       سمجهاڻي:  (مارئي جي تمنا) آءٌ شل ملير ۾ پهچي پنهنجي ميراڻ پنهنجي ماروءَ وٽ ڌوئي پوءِ مران (مون تي جيڪو شڪ ۽ گمان آهي ان جي صفائي ماروءَ کي پيش ڪري پوءِ موڪلايان). (منهنجي خواهش آهي ته) اُتي پهچڻ سان پهريون ڪم کوهه تي پاڻي ڀرڻ وارو پورو ڪريان ۽ ساڳئي پير موٽي اچي گهر پهچان. (اي عمر جيڪڏهن ائين به ٿئي ته) جيڪر منهنجن ٿر وارن مائٽن (خاص ڪري) لوئي وارن (غريبن) تي وڏو احسان ٿيندو.

9

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، هَميشه هُئان

پيرين تِنہِ پُئان، نَئِي وِهاڻِيءَ نُورَ سِين. [2965]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجي دل ٿي گهري ته جيڪر آءٌ سدائين ملير ۾ پنهنجي سڄڻ وٽ هجان (هڪ پَل به هُن کان جدا نه ٿيان). هر رات جي گذرڻ کان اڳ يعني وهامندڙ رات جي کُٽڻ کان پهرين، سوجهري ٿيڻ سان سندس پيرين پوان (پنهنجو سر سندس قدمن ۾ رکان ۽ عاجزيءَ سان سندس احسان مڃيان)

10

جي لُوڻُ لِڱنِ لائِيين، چِيري چِيري چَمُ

مُون ڪُرَ اَڳي نه ڪِئو، اِهَڙو ڪوجھو ڪَمُ

جان جان دَعويٰ دَمُ، تان تان پِرتِ پَهُنوارَ سان. [2966]

       سمجهاڻي:  (مارئي عمر کي ٿي چوي) جيڪڏهن تون مون کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري (بلڪ وڌيڪ عذاب خاطر) اُنهن تان کل لاهي لوڻ ٻُرڪين، تڏهن به تون جنهن ڪم جي اميد رکين ٿو (ته آءٌ پاڻ تنهنجي حوالي ڪنديس) اهڙو خراب فعل مون کان هرگز نه ٿيندو. ڇو ته اسان جي خاندان نه ڪڏهن اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ نڪي آءٌ ڪنديس. (منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ڇڏ) جيستائين منهنجي زندگيءَ جو آخري ساهه باقي آهي، منهنجي محبت ماروءَ لاءِ ئي آهي.

11

اِيءَ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي

اَچِي عُمرڪوٽَ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَه ڪُرِيتِ

پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سِين نه مَٽِيان. [2967]

       سمجهاڻي: اي عمر، اها مارن جي رسم (اصول) ناهي جو دنيا جي لالچ ۾ (پئسن خاطر) اچي پنهنجا اصلي مائٽ ڇڏي پراون (شاهوڪارن) کي وڃي مائٽ ڪن. آءٌ عمر ڪوٽ (تنهنجي ڪوٽ ۾) اچي (تڪليفن کان ڊڄي به)  اهڙي ڪُڌي رسم ڪڏهن به قبول نه ڪنديس. (اهو منهنجو عزم آهي ته) اباڻن ڪکن ۽ جهوپڙن جي محبت جو سودو محل ماڙين سان هرگز نه ڪنديس.

12

پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ جو، مُون وَٽِ جو آئو:

اُٺا مِينہَ مَلِيرَ ۾، سَڀُ ڏيہُ سُوائو

ٻاجَهرِ پَڪِي ٻاجَھ ٿِي، لَٿو ڏوگائو

جو سَرتِيَنِ ساڃائو، سو هِنئَڙو هِتِ نه وِندُري. [2968]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مون وٽ پنهنجن پهنوارن وٽان قاصد هي تازو نياپو کڻي آيو آهي. ’ملير ۾ گهڻا مينهن اُٺا آهن ۽ سڄو ملڪ سائو ۽ خوشحال ٿي پيو آهي. ٿر ۾ ٻاجهريون پچي تيار ٿي ويون آهن، جنهن ڪري ڏڪار بلڪل ختم ٿي ويو آهي، (اهي خبرون ٻڌي مارئي ٿي چوي) منهنجي دل جيڪا سرتين سان گهڻي گهري آهي، انهن کان سواءِ هڪ پَل به هِتي سک ۽ چين ۾ ناهي.

13

پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ جو، آيو ڪالَھ ڪَهِي:

’وَٺا مِينہَ مَلِيرَ ۾، وِئَڙا ڏُکَ لَهِي

ڏُٿَ پَچِي پِئا ڏيہَ ۾، گَهڻِي موڪَ مَهِي‘

ويڙِيچَنِ وَهِي، سِڪُون لاهِيان سُومَرا. [2969]

       سمجهاڻي: اي عمر، ڪالهه ئي مون وٽ پيارن پهنوارن جو قاصد آيو آهي جنهن ٻڌايو آهي ته ملير ۾ جام مينهن پيا آهن ۽ سڀ ڏک ۽ تڪليفون لهي ويون آهن. هر قسم جا ڏُٿ پچي تيار ٿي ويا آهن ۽ (جانورن جي سُکي ٿيڻ سبب) بي انداز مَهي (ڏڌ ۽ لسي) موجود ٿي پيئي آهي. اي سومرا، ڪاش آءٌ ويڙيچن وٽ وڃي پهچان ته اندر جون سڀ سڪون لاهي پوريون ڪريان.

14

پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ کي، چَيُمِ تِيئَن چَئِيجُ

سَندا سَنگَتَ ڏِينهَڙا، وَرَ مَ وِساريجُ

ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آهِيان، سِگِهي سارَ لَهيجُ

مُٺِ مانڌاڻِي مُنجيجُ، ته نِيَرَ ۾ نَئُون ڪَرِيان. [2970]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو قاصد هٿان جواب). مون پرينءَ جي موڪليل قاصد کي تاڪيد ڪيو ته تون منهنجن سڄڻن کي بلڪل ائين وڃي ٻڌائجانءِ جيئن آءٌ توکي چوان ٿي. اي منهنجا ڀتار، پنهنجا گڏ رهڻ وارا ڏينهن ڪڏهن به نه وسارجانءِ. ٻيو مون کي ڪوٽ جي ڪوٺين ۾ جيڪي تڪليفون ۽ ايذاءَ رسيا آهن، ان بابت جلدي اچي ڪا خبر چار لهه. ٽيون مندائتي مانڌاڻي جي ڪا هڪڙي مُٺ ئي موڪلي ڏي ته جيئن هن بند ۾ ان جي تازي وَٽ ڪريان يعني سواد وٺان.

15

پانڌِي پرِينءَ پَهُنوارَ سِين، روئِي ڪِجِ رِهاڻَ:

جِئَن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، تِئَن آن سُورَنِ ساڻَ

ڪِجان ڪا وَراڻَ، ڏُکَنِ ڏِيلُ ڏَهِيُون ڪِئو. [2971]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اي قاصد تون منهنجي پهنوار پرينءَ سان سچ پچ روئي منهنجو حال ڪجانءِ. جيئن مون ٿر ملڪ ۾ وڄڙين جي وسڻ (زوردار برسات پوڻ) جو ٻُڌو آهي تيئن مون کي ڄڻ نوان سور اچي اُڀريا آهن. اي قاصد، تون وري جلدي موٽي اچي ڪا سٺي خبر ڏجانءِ، ڇو جو دکن ۽ دردن منهنجو بدن ذرا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.

16

پانڌِي چَئِجُ پَهُنوارَ کي، جورَ هَڻِي جانا

پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايَنِ ڪانا

آن  رِءَ  اَمانا،  گَهنگَهرِ  گهارِيان  ڏِينهَڙا. [2972]

       سمجهاڻي: اي قاصد، تون پرين پهنوار کي گهڻيون منٿون زاريون ڪري منهنجو حال ٻڌائجانءِ ته مون کي پيرن ۾ ڪڙا پيل آهن ۽ ٻانهن ۾ ڊگها نال هڻي ڇڏيا اٿن. (کين اهو ضرور ٻڌائجانءِ ته) آءٌ توهان کان پري امن ۽ سلامتي کان محروم آهيان ۽ زندگي وڏي عذاب ۾ پيئي گذاريان.

17

پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ جا، نِياپا ني ڪي

ساري ڏيجِ سَرَتِيين، يادِ پُونَئي جيڪي

وَلِيُون وَڻَ ڦَلارِئا، ڪِرڙَ پَڪا ڪي ڪي

سڱرَ کِينِ سَرَتِيُون، سييَنِ جِئَن سيڪي

زيرِ ڀَڃَنِ جي ڪي، ته مِلان پِرِينءَ پَهُنوارَ کي. [2973]

       سمجهاڻي: اي پرين پهنوار جا قاصد، تون اوڏانهن ڪي نياپا کڻي وڃ. منهنجيون سرتيون جيڪي توکي ملن يا ياد پون، تن کي ياد ڪري منهنجا سلام ڏج. هن مند ۾ به ڪن ولين ۽ وڻن تي گل گؤنچ نڪتا هوندا ۽ ڪِرڙ جا ڪي ڪي وڻ پچي تيار بيٺا هوندا. منهنجيون سرتيون سڱر لاهي ان کي سَين وانگر باهه تي سيڪي پيون کائن. الله ڪري ته منهنجي پيرن ۾ جيڪي ٻيڙيون لڳل آهن، اهي ٽٽي پون ته آءٌ وڃي پنهنجي پرين پهنوار سان گڏجان.

18

پانڌِي پِرِينءَ پَهُنوارَ کي، ساري ڏيجُ سَلامَ:

سِيلُ نه ڀَڳو سُومَري، مَٿِس ناهِ مَلامَ

سَندِي اُمَتَ ڄامَ، رَکِئو پَنُ پَهُنوارَ جو. [2974]

       سمجهاڻي: اي ادا پانڌي، منهنجي سڄڻ ۽ ساٿيءَ کي اهو پيغام چڱيءَ طرح وڃي پڄاءِ ته عمر سومري مون سان زيادتي ڪانه ڪئي (هن نڪي منهنجو سيل ڀڳو نڪي پنهنجو). جنهن ڪري هن تي ڪا ميار ڪانهي. هن سڀني جي سردار اسان پهنوارين جو پردو رکيو.

19

کَنيائُون کائُڙَ مان، ساري حاجَ هِئا

لائي لَڏَ لَطِيفُ چئي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا

ڏَلهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنهِين ويڙِيچا وِئا

ڇَڏي   ڳُڻَ   وِئا،   مارُوئڙا   مَلِيرَ   ۾. [2975]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) منهنجا مارو مائٽ ’کائڙ‘ جي ٿر مان سڀ ڪم سولا ڪري، لڏي پلاڻي وري اڳتي پَرئين ٿر (پارڪر واري ڀاڱي) ۾ پهتا آهن. هو کوهرن کي ڏاڪن سان ڍڪي مٽي ورائي ڪنهن ٻئي اڻ ڄاتل طرف هليا ويا آهن. منهنجا مائٽ ماروئڙا ٿر ۾ ڀلايون ۽ نيڪيون ئي ڇڏي ويا آهن. (هُنن ڪڏهن ڪنهن کي نه ڏکويو آهي).

20

جَجھا ڏيجِ جُهارَ، مُنہِنجا مَلِيرَ ڄائِيين

آسَرَ ڀَرِي آهِيان، پَرَچَنِ مانَ پَهُنوارَ

ويڙِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون. [2976]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو قاصد کي پيغام) تون منهنجا گهڻي ۾ گهڻا سلام ۽ دعائون ملير ڄائين سرتين ۽ جيڏين کي پهچائجانءِ. مان ته هر وقت آسري ۽ اميد ۾ آهيان ته ڪڏهن پرين پهنوار پرچندم. (مون کي ته هر وقت اهو اونو آهي) پر ڇا اهي ويڙيون ۽ ولهار، يعني ماڳ ۽ ماروئڙا اهڙي سهڻي موسم ۾ مون کي به ياد ڪن ٿا؟

 

وائي

رُوندي رات وهاءِ، مُون کي رويو راب وهاءِ!

عُمرَ مِيان سُومَرا!

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا

مُون کي ڏيهان نِڪَرِي، ٻه ٽي ٿوڪَ ٿِئا

هِڪَ عُمرَ مَنڊِئا مامِرا، ٻِئو مارُو ٿَرِ ٿِئا

عُمرَ  بَندِياڻِيَنِ  سين،  جورو  تو  نه  جُڳاءِ. [2977]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي دانهن) اي عمر سومرا، منهنجي سڄي سڄي رات روئڻ ۾ گذري ٿي وڃي، آءٌ ساري ساري رات روئي صبح ٿي ڪريان!

        اي سومرا سردار، ڇا رڳو آءٌ هتي بند ۾ آهيان يا ڪي ٻيون به انهيءَ مصيبت ۾ آهن. مون کي پنهنجي ديس کان دور ايترو وقت گذري ويو آهي. (انهيءَ وچ ۾) هڪ ته عمر هيڏو ڏچو ڪري وڌو (جو مون کي زوري کڻي آڻي هِتي بند ڪيائين) ۽ ٻيو منهنجا مارو مون کان وڇڙي ويا جيڪي ٿر ۾ پيا گذارين. اي عمر، باندين ۽ قيدين (مجبورن ۽ لاچارن) سان توکي ايڏو جور و جفا، ظلم ۽ ستم ڪرڻ هرگز مناسب ناهي.

 

داستان ڏهون

 

1

’زُمَرِ‘، ’زُخرُفِ‘، سُومَرا، ’حَمدُ‘ جَنِي جو هَنڌُ

اِهدِنَا الصِّرَاطَ المُستَقِيمَ‘، اِيءُ پَهنوارَنِ پَنڌُ

بارِي لاهي بَندُ، ته مِلان مارُوئَڙَنِ کي. [2978]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اي سومرا، منهنجن مارن لاءِ قرآن جي سورة ’زُمر‘ (ٽولو) ۽ ’زُخرف‘ (سونو سينگار) سان گڏ ’حمد‘ (سڀ ساراهه) (قرآن جي پهرين سورة فاتحه) هنن جو خاص ماڳ آهي. ’اسان کي سڌي رستي تي هلڻ جي هدايت ڏي‘ (سورة فاتحه جي هڪ آيت). اها ئي پهنوارن لاءِ سڌي واٽ آهي. اي مالڪ سائين، هن بند مان خلاص ڪرين ته وڃي مارن سان ملان.

[مثنوي روميءَ ۾ سورة فاتحه جي هن آيت کي هن ريت تضمين ڪيو ويو آهي

اهدنا گفتي صراط المستقيم،

دست تو بگرفت برُدت تانعيم.

(دفتر چهارم، ب- 3420)

معنيٰ: تو جڏهن چيو اسان کي سڌي رستي تي هلڻ جي هدايت ڏي ته هن (مالڪ) توکي هٿ کان ورتو ۽ جنت ۾ وٺي ويو.]

2

’زُمَرِ‘، ’زُخرُفِ‘، سُومَرا، ’قُل‘ جَنِي جو قُوتُ

فَاذڪرونِي اَذڪرڪم‘، ساڻيہَ ۾ ثابُوتُ

جُنبِي وِيا جَبرُوتَ ۾، ماڻِيائُون مَلَڪُوتُ

لَڳا  ۾  لاهُوتُ،  پَکا  پَهُنوارَنِ  جا. [2979]

       سمجهاڻي: اي سومرا، قرآن جي سورة ’زُمر‘ ۽ ’زُخرف‘ کان سواءِ ’قل‘ (چؤَ يعني سورة اخلاص) تي هنن جو پورو ڀروسو ۽ اعتماد آهي. ’توهين مون کي ياد ڪريو ته آءٌ توهان کي ياد ڪريان‘ (قرآني آيت) جي پيروي ڪندي هو پنهنجي وطن ۾ محڪم ۽ مضبوط آهن. هو ’جبروت‘ جي منزل تي وڃي رسيا ۽ ان کان اڳ ملڪوت مان گذري ويا. آخر ۾ هنن پنهنجا اجها لاهوت يا الوهيت (تصوف جي اعليٰ منزل) تي وڃي کوڙي ڇڏيا (اتي پهچي ويا)

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ قرآن جي سورتن جي نالن جو استعمال ۽ انهن ڏانهن معنوي اشارا عام جام ملن ٿا. هڪ هنڌ چوي ٿو:

آن شهه و ’النجم‘ سلطان ’عبس‘،

لب گزيدآن سرد دم را گفت بس.

          (دفتر چهارم، ب- 2082)

معنيٰ:  والنجم جي بادشاهه ۽ ’عبس‘ جي سلطان پنهنجا چپ ڀڪوڙيا ۽ هن کي چيو ته بس!]

3

’زُمَرِ‘، ’زُخرُفِ‘، سُومَرا، ’سَبِحَ‘ مُنہنجا سيڻَ

وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيہِ جو، کُوءِ تُنہِنجا کيڻَ

وَرُ ويڙِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنهنجو سُومَرا. [2980]

       سمجهاڻي: اي سومرا، قرآن جي سورتن ’زمر‘ ۽ ’زخرف‘ سان گڏ سورة ’سبح‘ (ساراهه ڪرڻ) وارا ئي منهنجا مائٽ آهن. مون لاءِ اباڻي ديس جو ڏٿ گهڻو ڀلو آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ تنهنجا طعام ۽ کاڌا کڏ کوهه ۾ اڇلڻ جهڙا آهن. مون لاءِ ته ويڙيچن جا طعنا تنڪا به تنهنجي سون چانديءَ کان بهتر آهن.

4

’زُمَرِ‘، ’زُخرُفِ‘، سُومَرا، ’سَبِح‘ سيڻَ سَندامِ

بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَئي، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِيامِ

عُمَر اَباڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينہَ ٿِيامِ

ويڙِيچا وُجُود مان، ڪِنہِ ويلَ نه وِسرِيامِ

پانڌِي روزِ پُڇِيامِ، اُڀِي اَباڻَنِ جا. [2981]

       سمجهاڻي: اي سومرا، ’زمر‘، ’زخرف‘ سورتن کان پوءِ ’سبح‘ (ساراهه ڪرڻ) تي عمل ڪرڻ وارا ئي منهنجا مائٽ يا عزيز ۽ قريب آهن. مون هنن جهانگين لاءِ قيد ۾ هر وقت ڳوڙها پئي ڳاڙيا آهن. اي عمر، اباڻن کي ڏٺي الائجي ڪيترو عرصو ٿي ويو آهي، پر اُهي منهنجي روح مان هڪ پل به نه وسريا آهن. مان پنهنجن اباڻن لاءِ هر روز بيٺي واجهايان ۽ قاصدن کان پيئي پڇائون ڪريان.

5

’زُمَرِ‘، ’زُخرُفِ‘، سُومَرا حُدَنِ ۾ ’حُجُرات‘

سُورَنِ ڪارَڻِ سَرتِيُون ’رَعدُ‘ مُڪائُون راتِ

هَميشه ’حِجرِ‘ ۾، لَئَنِ لَطِيفِي لاتِ

مون تَنِ تَنِي جِي تاتِ، اورِينِ جي ’اَحقافُ‘ ۾. [2982]

       سمجهاڻي: اي سومرا، ’زمر‘ ۽ ’زخرف‘ سان گڏ هو سورة ’حجرات‘ (حجرا يا ڪمرا) جو سُر سان ورد پيا ڪن. او، سرتيون مون کي سورن سان ساڃهه خاطر گذريل رات ’رعد‘ (کنوڻ جو گوڙ) ڏياري موڪليائون (ته جيئن آءٌ خوف ۾ رهان) هو هميشه قرآن جي سورة ’حجر‘ (پٿرائون پيچرو) واري پنڌ تي پيا هلن ۽ ڌڻيءَ جو نالو پيا جهونگارن. مون کي اندر ۾ اهڙن مارُن جي يادگيري آهي جيڪي
’احقاف‘
(ڊگهن ورن وڪڙن وارا ڏکيا پيچرا) طي ڪن ٿا.

6

’زُمَرِ‘، ’زُخرُفِ‘، سُومَرا، مارُو مُون مَهندارَ

اُولٰآئڪ اَصحابُ الجَنَّةِ‘، ماڳَ سَندُنِ موچارَ

وَ سَقاٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهُورا‘، پِيَنِ پوڄَ پَهُنوارَ

ويروتارَ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ

سَٻاجها سَتارَ مُون کي مارُنِ ميڙِيين. [2983]

       سمجهاڻي: اي سومرا، ’زمر‘ ۽ ’زخرف‘ مطابق، منهنجا رهبر ۽ اڳواڻ ماروئڙا آهن. ’اُهي ئي جنتي آهن‘ قرآن جي آيت موجب سندن مڪان عمدو ۽ سهڻو آهي. ٻي آيت ’اُهي ئي پنهنجي رب طرفان مليل پاڪ شراب پيئندا‘ ۾ اشاري موجب پهنوار پلر جو پاڻي پين ٿا. هنن جي سموري وجود ۾ پنهنجي پرينءَ جي بيحد پچار آهي. اي ٻاجهه ڀريا ربّ سائين، شل مون کي مارن سان ملائين.

7

’زُمَرِ‘، ’زُخرُفِ‘، سُومَرا مارُو ’مُومِنُ‘ پاسِ

اِعرابِي ’اَحقاف‘ ۾، رَهِي ويٺَمِ راسِ

مارُنِ مُلا ماڙِيين، ايرادي آندِياسِ

وَطَنِ آءٌ وِيندِياسِ، وَرِئو وَرقُ وِصالَ جو. [2984]

       سمجهاڻي: اي سومرا، ’زمر‘ ۽ ’زخرف‘ سان گڏ ماروئڙا سورة ’مومن‘ مطابق ايمان وارا به ججها آهن. اهي برپٽ جهاڳيندڙ سورة ’احقاف‘ جي ڊگهن ۽ وروڪڙ پيچرن ۾ وڏي سڪون سان سفر ڪن ٿا. مون کي مارن کان ڇني ڌار ڪري هتي تقدير ئي آندو آهي. پر منهنجو ارادو پڪو آهي ته آءٌ هر حال ۾ وطن وينديس ۽ محب سان وڃي ملنديس.

8

’فاتِحُہ‘، ’بَقَرُ‘ سُومَرا وَطنُ ويڙِيچَنِ

’نحلُ‘، ’حجر‘، ’بَنِي اِسرآئِيلَ‘، اِيءُ پَنڌُ پَهُنوارَنِ

’سَجَده‘، ’اَحزاب‘، ’سَبا‘، منجِهين ’رُومُ‘ رَهَنِ

نيئِي اَڏِيا اَمَنَ ۾، پَکا پَهنوارَنِ

مُون کي مَنجھان تَنِ، پِئا لوهَ لَطِيفُ چئي. [2985]

       سمجهاڻي: اي سومرا، قرآن جي سورة فاتحه (الحمد) ۽ سورة ’بقره‘ گويا ماروئڙن جي پنهنجي ديس مثال آهن، ’نحل‘، ’حجر‘ ۽ ’بني اسرائيل‘ جي سورتن ۾ هنن واسطي پنڌ جي پچار آهي. ’سجده‘، ’احزاب‘، ’سبا‘ ۽ ’روم‘ ۾ ڄڻ رهائش اٿن. امن ۽ سلامتي خاطر ئي هنن پهنوارن پنهنجا اَجها اُتي وڃي اَڏيا آهن. مون کي اهڙن مارن جي محبت ئي لوهه کان وڌيڪ سگهارا زنجير وجهي ڇڏيا آهن.

[مثنوي روميءَ ۾ قرآن جي سورة ’النمل‘ ڏانهن اشارو هن ريت آهي:

چونکه او حي الرب الي ’النحل‘ آمده ست

خانهء و حيش پر از حلوا شده ست

(دفتر پنجم، ب- 1229)

معنيٰ: جيئن ته الله تعاليٰ ماکيءَ جي مک کي الهام ڪيو آهي انهيءَ ڪري سندس اهو گهر ماکيءَ جي مٺاڻ سان ڀريل آهي.]

9

’فاتِحُہ‘، ’بَقَرُ‘ سُومَرا! جَڙِيائُون سِين جانِ

اَپَرَ ’آلِ عِمرانَ‘ سِين، قُربُ ٿِئو ڪيڻانِ

هُوءِ جي سُخَنَ سَندانِ، سي ئِي ويٺِي سارِيان. [2986]

       سمجهاڻي: اي سومرا! سورة ’فاتحه‘ ۽ ’بقره‘ جو هنن جي دل ۾ گهر آهي. سورة ’آل

عمران‘ سان هنن جو تمام گهڻو قرب آهي. مان هُنن جا هر وقت ڳڻ ۽ ڳالهيون پيئي ياد ڪريان.

10

’تَوبَہ‘ جَنِي تَنِ ۾، اَندَرِ اُنِ ’اَنفالِ‘

’يُونُسُ‘ رَکِي جانَ ۾، پِئا حَقِيقَتَ حالِ

جي وِڌا ’هُودُ‘ وِصالِ، سي سانبِي سارِيُمِ سُومَرا.  [2987]

       سمجهاڻي: سورة ’توبهه‘ هنن جي تن بدن ۾ آهي ته سورة ’انفال‘ وري سندن اندر ۾ آهي. سورة ’يونس‘ هنن جي ساهه ۾ آهي ۽ اُها ئي سندن حال جي سڃاڻپ آهي. هو سورة ’هود‘ سبب وصال ماڻن ٿا. اي سومرا، مون کي اهڙن سانگيئڙن جي ئي سنڀار آهي.

11

’تَوبَہ‘ جَنِي جي تَنِ ۾، ’نَمل‘ نِهايَتَ

’اَعراف‘ اَباڻَنِ کي، ’فاتِحُہ‘ ۾ فَرَحَتَ

’لُقمانُ‘ جاءِ، لَطِيفُ چئي، ’سَجدَه‘ ساڻُ صِحَتَ

’نِسآءَ‘، ’نُورُ‘، نِيَتَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين. [2988]

       سمجهاڻي: سورة ’توبهه‘ هُنن جي تن بدن ۾ آهي ۽ سورة ’نمل‘ هُنن لاءِ پڄاڻي آهي. سورة ’اعراف‘ اباڻن لاءِ آهي ته سورة ’فاتحه‘ ۾ کين روحاني راحت ملي ٿي. سورة ’لقمان‘ هُنن لاءِ ماڳ مڪان آهي ۽ سورة ’سجده‘ هنن لاءِ صحت ۽ تندرستي آهي. سورة ’نساءَ‘ ۽ سورة ’نور‘ هُنن لاءِ وسيلو ۽  من جي مراد آهن. اي مالڪ، شل مون کي مارن سان ملائين.

12

’تَوبَہ‘ جَنِي تَنِ ۾، سي ’نَمل‘ نِهارِينِ

’قُل يا‘، ’قَد سَمِعَ‘، ’جاثِيَةُ‘، دِل ’دُخانُ‘ ڌَرِينِ

’تَبارَ‘، ’تَبَت‘، ’اِذا جآءَ‘، ’اِذا زُل‘ سِين اورِينِ

جيڪِين پَهُنوارِيُون پَهِرِينِ، سو مُيَسرُ سَڀُ مَلِيرَ ۾. [2989]

       سمجهاڻي: هُنن جي اندر ۾ سورة ’توبهه‘ جو تاثير آهي ۽ سورة ’نمل‘ کي هو هر وقت آڏو رکن ٿا. ’قل يا ايهاالڪافرون‘ ’چوءَ ته اي ڪافروءَ (سورة ڪافرون)، قدسمع الله ’بيشڪ الله ٻڌو‘، سورة مجادله ۽ سورة جاثيه (گوڏن ڀر) ۾ ڌيان اٿن ۽ سندن دل سورة ’دخان‘ (دونهون) ۾ آهي. هو سورة تبارڪ الذي بيده الملڪ‘ وڏي برڪت وارو (الله) آهي جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي (سورة ملڪ)، تبت يدا ابي لهب يعني ڀڄن ٻئي هٿ ابو لهب جا (سورة لهب)، سورة اذجاءَ نصرالله يعني جڏهن آئي مدد الله جي، (سورة نصر) ۽ اذا زلزلز الارض يعني جڏهن زمين ڌٻائي ويندي (سورة زلزال) جو ورد ڪن ٿا. منهنجيون پهنواريون جيڪي پوشاڪ پهرين، سو سڀ ڪجهه سندن ملڪ ملير ۾ ئي موجود آهي.

13

’شُوريٰ‘ شَهَرُ سُومَرا اُنِي جو آهي

لَڏي وِيا لَطِيفُ چئي، ’قَصَص‘ ڏونہ ڪاهي

واحِدَ وَرائي، ڪَهِي ’قاف‘ وِئامَ جي. [2990]

       سمجهاڻي: اي سومرا، سورة ’شوريٰ‘ (مشورو) هنن لاءِ شهر مثال آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته هو پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي سورة قصص (قصا) ڏانهن وڌي ويا آهن. هو جيڪي سورة ’قاف‘ (اکر قاف) معنيٰ گهڻو پري نڪري ويا آهن، تن کي اهو هڪڙو مالڪ ئي موٽائي آڻيندو.

 

وائي

مُنهنجو مَنُ مَليرُ،

ڪوٽن ۾ آءُ ڪِين گهاريان

پِيان شالَ پِڪُون ڪَري، پائُرَ جو پَنِيرُ

مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِلِيو پِيَنِ کِيرُ

سَرتِيُون پَسان سُومَرا! جِئَري لاهِ زَنجِيرُ

اُنِ  کي  عَبدُاللَّطِيفُ  چئي،  ساري  ٿو  سَرِيرُ. [2991]

       سمجهاڻي:  (اي عمر!) منهنجي دل ۽ من ۾ هر وقت ملير آهي. آءٌ هِتي تنهنجن ڪوٽن ۾ ڪيئن گذارينديس (ڪونه رهي سگهنديس). خدا ڪري جو آءٌ ملڪ موٽي وڃي پنير جي پاڻيءَ جون وٽيون ڀري پيان. منهنجيون سرتيون جيڏيون ملير ۾ کلي خوش ٿي کير جا وٽا ڀري پيون پين. اي سومرا، منهنجا هي زنجير کولي مون کي آزاد ڪر ته وڃي سرتين سان گڏجان. منهنجو ساهه هِنن ماروئڙن کي پيو ياد ڪري ۽ سنڀاري.

 

 

داستان يارهون

 

1

جانڪِين سَتِيين سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾

سِپَ سَمُنڊرين سَپِجي، نَدِيءَ پيئي نه نِيرُ

جِئَن اُوءِ اَبُرَ آسَري، تِئَن مُنهنجي مَنِ مَلِيرُ

کائُڙِ پِئَنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي. [2992]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو عزم) جيستائين سَتين (پاڪدامن) عورتن جو سَت سيل قائم آهي، تيستائين آءٌ ڪڏهن به قيد نه قبولينديس. (اي عمر، آءٌ تنهنجي فريب ۾ نه اينديس، شايد توکي خبر ناهي ته) سِپ سڄي عمر سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ رهندي آهي، پر ڪڏهن به سمنڊ جي پاڻيءَ جو ڦڙو به نه پيئندي آهي، بلڪ هوءَ هميشه آسمان مان مينهن جي آسري تي هوندي آهي (جڏهن مينهن جي پاڻيءَ جو قطرو سندس پيٽ ۾ ويندو آهي ته ان مان موتي ٺهندو آهي). منهنجي دل ۽ من به ائين ملير وارن جي آسري تي آهي. منهنجي ديس کائڙ ۾ هر هنڌ خوشيون ٿي وينديون، جڏهن انهن جي امانت (مارئي) هنن وٽ وڃي پهچندي.

[سِپ ۾ موتيءَ جي سرجڻ جو موضوع روميءَ وٽ پڻ ملي ٿو، جتي هو باڪردار انسانن کي سپ سان ڀيٽ ڪري ٿو:

صورتش ديدي، ز معني غافلي،

از صدق دّري گزين گر عاقلي.

اين صدفهائي قوالب در جهان،

گرچه جمله زنده اند از بحر جان.

ليک اندر هر صدف نبود گهر،

چشم بکشا، در دل هر يک نگر.

(دفتر دوم، ب_1021_24)

معنيٰ: تو هن جي ظاهري صورت ڏٺي پر اندر کي نه ڏٺو. سپ ۾ اندر موتيءَ کي ڏس جيڪڏهن تون عقل وارو آهين. دنيا ۾ انساني جسم سپن مثل آهن ۽ سڀ جو سڀ قدرت جي سمنڊ جو حصو آهن. پر ياد رک هر سپ ۾ موتي نه هوندو آهي. چڱيءَ طرح اکيون کولي هل ۽ هرهڪ کي چڱيءَ ريت سمجهه ۽ پروڙ.]

2

جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، آهِنِ اَبُرَ آسَري

ڪُونجُون سارِينِ روهَ کي، مُون تَنَ اَندَر تِيئَن

هُتِ وَعدا وَڃڻَ جا، هِتِ نه ڀانيُمِ هِيئَن

ڪوٺِيين وِهان ڪِيئَن، جي نَظَربَندِي نه هُئان. [2993]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) جهڙيءَ ريت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ سپون ڪڪرن جي آسري تي هونديون آهن (انتظار ڪنديون آهن) يا وري جهڙيءَ ريت ڪونجون (سياري جي موسم ۾ سنڌ ۾ اچي) پنهنجي جابلو ملڪ کي هر وقت ياد ڪنديون آهن، تيئن منهنجي اندر ۾ به اها ساڳي حالت آهي. منهنجو هُتي ملير ۾ وڃڻ جو وچن ٿيل هو (ماروءَ سان مڱڻو جو ٿيل آهي)، پر هِتي اچي منهنجو هيءُ هيڻو حال ٿيو آهي (بيوس ٿي ويئي آهيان). آءٌ هتي ڪوٽ جي ڪوٺين ۾ ڪيئن ٿي ويهي سگهان (هڪ پل به گهاري سگهان) جيڪڏهن آءٌ نظربند (قيد ۾) نه هجان! (آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان هڪ گهڙي به ترسڻ لاءِ تيار ناهيان).

3

سِپَ سَمُنڊرين سَپَجي، اَبُرِ آساروسِ

ٻاڙو پيئي نه ٻِپُڙِي، مِٺو مُنہِ لَڳوسِ

ماڻِڪُ تي مِڙِيوسِ، جِئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارَ ۾. [2994]

       سمجهاڻي: سپ سمنڊن ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ کيس ڪڪرن يا بادلن جو آسرو هوندو آهي. سمنڊ ۾ رهڻ جي باوجود ٻن پُڙن واري اها سپ ڪڏهن به سمنڊ جو کارو پاڻي نه پيئندي آهي. هن کي (مينهن جي) مٺي پاڻيءَ جو آسرو هوندو آهي، اهو ئي کيس پسند آهي (ان تي سندس جياپو آهي)، تڏهن ته سندس پيٽ ۾ موتي سِرجندو آهي، جڏهن هوءَ سمنڊ جي ايڏي وڏي پاڻيءَ ۾ رهي ايڏو وڏو ڪشالو ۽ جفاڪشي ڪندي آهي.

(سپي مٿي پاڻيءَ جي سطح تي اچي ذري ذري منهن ڪڍندي آهي، يا ڪو وقت يڪو منهن ڪڍي هلندي ته من ڪا مينهن جي ڦڙي وات ۾ پوي. ن.ب)

[روميءَ ٻئي هنڌ سپ جي سلسلي ۾ ڏاڍي معنيٰ خيز تشبيهه ڏني آهي:

کوزهء چشم حريصان پرنشد،

تا صدف قانع نشد پر دُر نشد.

(دفتر اول، ب_20)

معنيٰ: حرص واري اک جو پيالو ڪڏهن به نه ڀربو آهي. حالانڪه جيستائين سپ (مينهن جو هڪ ڦڙو) کڻي بس نٿي ڪري، تيستائين منجهس موتي نٿو سرجي يا پيدا ٿئي.]

4

سِکو سَڀِ سَرتِيُون، سِپُنِ مُلا سِيرُ

ٻِئو مَٽائي نِيرُ، اُڀِيُون اَبُرَ آسَري. [2995]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي هدايت) اي منهنجيون سڀئي سرتيون، توهان سپن کان سچائي يا پاڪدامنيءَ جو سبق سکو. ڇو ته اُهي ٻيو سمورو (هر قسم جو کارو) پاڻي نظرانداز ڪري، صرف ڪڪرن ۽ بادلن مان وسندڙ مينهن ڦڙين جي آسري تي پيون هلن ۽ ان جو انتظار ڪن.

5

سِکو سِپُنِ کان، سَرتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جِي

مَنگَنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نه آسَرو. [2996]

       سمجهاڻي: اي سرتيون، توهين سپن کان سڪڻ جو طريقو ۽ محبت ڪرڻ جو انداز سکو. ڇو ته اُهي هميشه مٿان (ڪڪرن مان وسندڙ) پاڻيءَ جي طلب رکن ٿيون، پر پنهنجي برسات (کاري) پاڻيءَ جي قريب به نه ٿيون وڃن.

[روميءَ هڪ هنڌ سپن جي باري ۾ خبردار ڪندي هينئن چيو آهي:

کانچه دارد وين چه دارد مي گزين،

زانکه کمياب ست آن دُرثمين.

(دفتر دوم،ب_ 1025)

معنيٰ: تون چڱيءَ طرح ڏس ته هِن سپ ۾ ڇا آهي ۽ هُن ۾ ڇا آهي؟ ڇو ته اصلي قيمتي موتي ڏاڍو ناياب آهي.]

6

پَهرِي ڪِئا پَٽَنِ ۾، وِڄُنِ وَڌاڻا

سُورَ اُنِي جا سُومَرا مُون کي عُمرَ اُڌاڻا

اُٺي وِئَڙا اُڪَرِي، عُمرَ اَباڻا

ٻَڪَرَ  ٻاٻاڻا،  پَسان  شالَ  پَرِ  ڪَنهِين. [2997]

       سمجهاڻي:  (مينهن جو نظارو، مارئيءَ جي زباني) ميدانن ۽ پوٺن جي مٿان کنوڻين جي ظاهر ٿيڻ (چمڪڻ) سان خوشيون ۽ جشن ٿي ويا. اي عمر، پر منهنجي اندر ۾ (اهو خيال ايندي ئي) پاڻ وڌيڪ دک درد اُڌما ڏيئي اٿي پيا. مينهن جي پوڻ سان منهنجا مٽ مائٽ ٿر جي ٻئي پاسي مَٽي ويا. خدا ڪري جو آءٌ وري پنهنجن اباڻن سان وڃي اُتي ملان ۽ سندن ٻڪرين جي سار سنڀال لهان!

7

وِڄُڙِيَنِ ويسَ ڪِئا، موٽِي آئِي مُندَ

اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نه ڪَرِنِ بُندَ

هِيئَن نه ٿِيَسِ هُندَ، جي ڪَرَ لَڌائُون ڪَڏِهِين. [2998]

       سمجهاڻي: ٿر ۾ کنوڻين چمڪاٽ ڪيا ۽ سانوڻ جي مند موٽي آئي. منهنجيون اکيون اباڻن جي طرف پيون نهارين ۽ لڙڪن جون بوندون بس ئي نٿيون ڪن. منهنجو اهو حال هرگز نه ٿئي ها جيڪڏهن منهنجا مائٽ منهنجو ٿورو سڌ سماءُ به لهن ها.

8

تِنہِ کُوڻِ ٿِي کِواءِ، جا ڏِسِ ڏاڏاڻَنِ جِي

سارِئو سانبِيئَڙَنِ کي، رويو راتِ وِهاءِ

سُوٺا ڪِيَمِ سَهاءِ، بَندِياڻِيءَ کي بَندَ ۾. [2999]

         سمجهاڻي: (مارئي ٿي چوي) ٿر ۾ ان ڪنڊ (طرف) مٿان کنوڻ تجلا پيئي ڏئي جنهن طرف منهنجا مائٽ ۽ ماروئڙا آهن. مان سڄي سڄي رات روئندي سانگيئڙن کي ياد ڪندي گذاري ٿي ڇڏيان. اي عمر، هاڻي جيڪا اڳيئي قيد ۽ بند ۾ ڏکويل آهي، تنهن کي مائٽن جي طعنن سان مهڻن هاب نه ڪر (هنن کي مائٽن جي طعنن سهڻ لاءِ مجبور نه ڪر)

9

ڪِنہِ کِوَندِيءَ کُوڻِ وِئا، ڪاهي ڌَڻَ ڌَرارَ

پائُرَ جا پَهُنوارَ، مَوليٰ مُون کي ميڙِيين. [3000]

       سمجهاڻي: اُهي ڌڻن وارا ڌڻي ۽ پهنوار اُن طرف مال ڪاهي ويا جيڏانهن وڄن چمڪا پئي ڏنا. اي منهنجا مالڪ سائين، مون کي پائر ويندڙ پهنوارن سان ئي ملائيندين.

10

جِتِ ڀُنگا، ڀِٽُون، ڀيڻِيُون، تِنہِ کُوڻِ ٿيُون کِوَنِ

پائُرُ سَڀُ پُسائِيو، وَسِي وِڄُڙِيَنِ

مارُوءَ رِءَ مَ مَرَنِ، اَللهُ! هِي آسائِتِيُون. [3001]

       سمجهاڻي: جتي مارن جا جهوپڙا آهن ۽ واريءَ جي ڀٽن ڀرسان هنن جا ماڳ مڪان آهن، اُنهيءَ ڪنڊ تي کنوڻيون خوب تجلا پيون ڏين. ٿر ۾ پائر جو سڄو پاسو وڄن مينهن وسائي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو. او الله سائين (منهنجو هيءُ عرض اگهاءِ)، ڪابه آسائتي يا انتظار ۽ اوسيئڙو ڪندڙ شل پنهنجي محبوب سان ملڻ کان سواءِ نه مري.

11

جِتِ ڀُنگا، ڀِٽُون، ڀيڻِيُون، تِنہِ کُوڻِ ٿِي کِواءِ

سا وِڄَ پَسِئو وِندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ

سِيليتِيءَ سُهاءِ، مارُو جو مَلِيرَ جو. [3002]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) جنهن ڀٽ جي پاسي ۾ منهنجن مارن جا جهوپڙا ۽ وٿاڻ آهن، اُنهيءَ ڪنڊ تي کنوڻ پيئي چمڪي. آءٌ اُها وڄ چمڪندي ڏسي دل ئي دل ۾ پيئي خوش ٿيان ۽ من ۾ مُرڪان، پر ساڳئي وقت مارن جي جدائيءَ ۾ سڄي رات روئڻ ۾ گذري ٿي وڃي. بيشڪ ست سيل وارين عورتن کي ئي ماروءَ جي محبت سونهي ٿي. (اُهي ئي سندس محبت جي لائق آهن).

12

جُهڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُوئين، جِتِ چِيها چِلُڙَ چِڪَ

اَندَرُ ٿو اُڃَّ مَري، ساهُ اُنِي جي سِڪَ

پِيان شالَ پَهِيُون ڪَري، تِئان ڏيئِي تِڪَ

وَرُ پِرِيان سِين پِڪَ، ٻِئا ڀاڻَ ڀَرِيائِي گهورِيا. [3003]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مارن جي ملڪ ۾ مينهن جو وسڪارو ٿيو آهي ۽ چيهي جو گاهه اُڀريو آهي. مينهن جي ڪري هر طرف مٽي آلي ۽ نرم آهي. اهڙي وقت ۾ منهنجو ساهه سانگيئڙن کي پيو ساري بلڪ اُنهن جي سڪ ۾ ساهه پيو نڪري (دم پيو ڌار ٿئي). شل مون کي ماروءَ جي محبت جون ڪي ڀريل پياليون نصيب ٿين جن کي آءٌ ڳيتون ڏيئي پي وڃان. هائو، پر مون لاءِ ماروءَ جي محبت جي هڪڙي سُرڪي ئي ڪافي آهي ۽ اُن جي مقابلي ۾ ٻين جا وڏا وٽا ۽ پيالا به کڏ ۾ وڃي پون.

13

جُهڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِئانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا

هِنَ مُنهنجي حالَ جو، قَدُرُ نه ڪيڻانِ

آن جِڪُسِ وِسرِيَانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا. [3004]

       سمجهاڻي: منهنجا مارو جنهن هنڌ وسڪارو ٿئي ٿو ته مائٽ اُتي وڃي پنهنجا اَجها اڏين ٿا. هُنن کي منهنجي ههڙي ڏکئي حال جو ڪو قدر ڪونهي. شايد آءٌ کانئن وسري ويئي آهيان (جو منهنجي باري ۾ کين بلڪل فڪر ناهي) پر هو پاڻ (خدا جي طرفان ڏنل) ٿوري گهڻي تي خوش ۽ راضي آهن.

14

اُٺَنِ مِينہَ گهڻا، ٿِيَنِ موڪَ مَلِيرَ ۾

اَکڙِيُون آبَ ڀَرِئو، اُنَهِين کُوڻِ کَڻان

مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين. [3005]

       سمجهاڻي: مارن جي ملڪ ملير تي گهڻا ئي مينهن اُٺا آهن جو هر شيءِ ۾ برڪت ۽ گهڻائي ٿي پيئي آهي. (ليڪن اهو منظر ياد ڪري) منهنجيون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ٿيون پون ۽ مان هرهر مارن جي طرف پيئي اکيون کڻي نهاريان. منهنجي دل مان هر وقت اها آسيس پيئي نڪري ته ڪڏهن هي ڪوٺيون ڇڏي وڃي پنهنجن مارن سان ملنديس؟

15

تَنِ ساڏوهِيَنِ سَڌَ مَران، ڏِنگا جَنِي ڏارَ

ڀُڻِي ساڻَ ڀَتارَ، پائُرِ پيرُون  چُونڊِيَان. [3006]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) آءٌ انهن ڄارين (ڳاڙهن پيلن پيرُن) کي ياد ڪري پيئي ساهه ڏيان جن جا ڏار ڏنگا ڦڏا (ورن وڪڙن وارا) آهن. (منهنجيءَ دل ۾ هر وقت اهو سوداءُ آهي ته اُهو ڏينهن الائجي ڪڏهن ٿيندو جڏهن) آءٌ پنهنجي مڙس سان گڏ هلندي گهمندي پنهنجي ملڪ ۾ پهچي پيرون (ڄارين جو ذائقي وارو ڦل) چونڊينديس.

16

جي ڌُرِيائِين ڌارَ، وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا

تَنِ سُڪَنِ ڪِهَڙِي سارَ، ته اُٺا مِينہَ مَلِيرَ ۾. [3007]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو نراس ٿيڻ) مون وانگر جن (ٽارين يا شاخن) کي پاڙ وٽان وڍي وڻ (اصل) کان جدا ڪيو ويو آهي، سي ٽاريون سُڪي ڪاٺيون ٿي ويون. هاڻي اهڙن سُڪل (ڪاٺين) کي ڪهڙي خبر ته ملير ۾ ڪي مينهن پيا آهن يا نه!

17

جَنِي راتو ڏِينہَ، اَکَڙِيُون مَلِيرَ ڏي

هاڻي ڪَندين ڪِيئَن، تَنِ عُمرَ آسائُنِ سِين. [3008]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو ارادو ۽ عزم) اي عمر، جيڪي ڏينهن رات پنهنجي ملڪ ملير ۾ اکيون وجهي ويٺيون آهن (کين ٻيو ڪو خيال ۽ اونو آهي ئي ڪونه، جيڪي پاڻ کي لحاظ کان فنا ڪري چڪيون آهن). اي سومرا، تون اهڙين آسروندين (پڪي اميد رکڻ وارين) سان ڪهڙي هلت هلندين، تون اُنهن کي ڇا ڪري سگهندين؟ (تون اُنهن کي ڪجهه نٿو ڪري سگهين، اهي پنهنجي ارادي ۾ ضرور ڪامياب ٿينديون)

18

پاران پيهِي آئِيو، مَلِيران مارُو

وَرِيا وَهارُو، هاڻُو سَڀِ هِيڻا ٿِئا. [3009]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ کي آسرو) منهنجي ملير وارن مائٽن وٽان ڪو قاصد ڪوٽ ۾ اندر آيو آهي. ڀانيان ٿي منهنجا واهرو ۽ مددگار اچي پهتا آهن ۽ ڏاڍائي ۽ زبردستي ڪرڻ وارا ڪمزور ٿيا آهن (تڏهن ته قاصد اندر اچي پهتو آهي).

19

آيو ڪيرُ ڏيهاءَ، جِنہِ ڪَرَ پُڇان خَبَرُون:

’وِڄُون اُنِ وراءَ، (ڪي) راتِ مارُوءَ تي وُٺِيُونِ.‘ [3010]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جو گمان) منهنجي ملڪ منجهان ڪو اهڙو قاصد ڪونه آيو آهي جنهن کان اُتان جون پڪيءَ طرح خبرون چارون معلوم ڪريان، پر رات جو اهڙي نموني ۾ وڄون ٿي چمڪيون جو اندازو آهي ته مارن جي طرف ضرور وڏ ڦڙو وٺو هوندو!

20

ڪَنڊِ لَنگِهيندي ڪاڻِ، پييَمِ پَهُنوارَنِ سِين

اُتي عَبدُاللَّطِيفُ چئي، رُنو سَڀَ رِهاڻَ

هِنَ هِيڻائِيءَ هاڻِ، مُنہُ مَٿاهُون نه کَڻان. [3011]

      سمجهاڻي:  (مارئيءَ کي اهو خيال پيو کائي) ڪنڊن واري جهنگ مان لنگهندي مارن سان وڏي ڪاڻ يا گهٽتائي ٿي پيئي اٿم (هنن جي ميار هيٺ اچي ويئي آهيان). عبداللطيف چوي ٿو ته انهي هاڃي جي ڪري منهنجا سڀ اوري پري جا مٽ مائٽ روڄ راڙي ۾ پئجي ويا آهن. هاڻي انهيءَ عيب ۽ اوڻائيءَ جي ڪري آءٌ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙي نه رهي آهيان.

21

عُمَر! اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَهِين ڏيہَ جا

پاراڀا پِرِيَنِ جا، اُڀِي اُنِ چَيامِ

لَهِي لوهَ وِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي. [3012]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) اي عمر، اڄ مون کي پنهنجي ملڪ مان آيل ڏوٿي مائٽ مليا جن بيهي چڱيءَ طرح مون کي پنهنجن پيارن جا پيغام پهچايا. عبداللطيف چوي ٿو ته اُهي نياپا ۽ پيغام ٻُڌڻ سان خدا جي فضل و ڪرم سان مارئي جا سڀ غم ۽ اندوه لهي پيا.

22

مارُنِ ڌاران ماڙِيين، آءٌ جي ڏِيان ساهُ

سِڙِي مُنهنجي سُومَرا، قَيدَ مَ ڪَريجاهُ

ساڻيہَ ڏي سَيِّدُ چئي، کِلِي کَڻيجاهُ

مارُنِ مُئِي نِجاهُ، ته لوئِيءَ جِي لَڄَ رَهي. [3013]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ جي وصيت) اي عمر (آءٌ توکي پارت ٿي ڪريان ته) جيڪڏهن آءٌ مارن کان پري هِتي مري وڃان ته منهنجو جنازو هتِي ڪوٽ ۾ (ٿوري دير لاءِ به) نه رکجانءِ. بلڪ منهنجي مڙهه کي ڀلائي ڪري منهنجي وطن ملير ڏي موڪلي ڏجانءِ. هيءَ مُئي مارن وٽ کڻي وڃجانءِ ته جيئن منهنجي لوئيءَ جي لڄ سلامت رهي.

23

اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِينءَ واڌايُون آئِيُون

لَٿِي لوئِڙِيارِيين، مِڙِنِي کي مُنہَ ڪاڻِ

صُلِحُ وارِيو سُومَري، چَئِي پَهُنوارَنِ پاڻِ

هَمِيرَنِئُون  هاڻِ،  مُهُتُ  لَهندِي  مارُئِي. [3014]

       سمجهاڻي: مينهن جي مند آئي ته ٽڙي پکڙي ويل سڀ مارو موٽي ماڳ آيا ۽ خير جون مبارڪون مليون. سڀني لوئي ڍڪيندڙ ماروئڙين جي منهن تي ڇنڊو پيو، جڏهن کين خبر پيئي ته عمر سومري پاڻ پهنوارن سان صلح صفائي جو وعدو ڪيو آهي. هاڻي اميد آهي ته عمر جهڙي امير وٽان مارئي مان شان سان سانگين ۾ سلامت اچي پهچندي.

24

کَٿِيءَ مَنجِھ خِلافُ، رَهِيو نه رَتِيءَ جيتَرو

لَٿو لوئَڙِيارِيين، گُوندَرِ جو غِلافُ

ميرا لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِيائُون صافُ

مَلِيرُ  مِڙوئِي  مَعافُ،  عُمَرَ  اِنعامِي  ڪِئو. [3015]

       سمجهاڻي: جڏهن عمر بادشاهه جو مارن يعني کٿيءَ وارن ڏانهن ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جو گمان نه رهيو (اختلاف جو ڪو سبب باقي نه بچيو) ته کٿي ڍڪيندڙ ماروئڙين جي دلين تان غم جا اولا لهي پيا. هُنن ميرا ڪپڙا لاهي صاف پوشاڪون ڍڪڻ شروع ڪيون. عمر بادشاهه (مهربان ٿي) سموري ملڪ ملير جو ڍل محصول مٿانئن معاف ڪري سڀ ڪجهه انعامي (مفت) ڪري ڇڏيو.

25

وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، موڪَلَ جُڙِي مُون

لَحماً طَرِياً و تَستَخرِجُون حِليَہً تَلبَسُونَهَا

تَنَ ۾ ’تُون هِين تُون‘!

مَنَ مَنجهارا مُون، آهي مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو. [3016]

       سمجهاڻي:  (مارئي ٿي چوي) مارن سان ملڻ جو موقعو نصيب ٿيڻ وارو آهي جو مون کي (عمر طرفان) اهڙي اجازت ملي آهي. دريائن ۽ سمنڊن مان تازو گوشت ۽ جنسار (ماڻڪ موتي وغيره) ڪڍو ٿا ۽ پهريو ٿا (قرآن جي آيت سورة فاطر). ٻين لفظن ۾ ٿر جو تازو طعام ۽ صاف سٺو سادو لباس پهريو ٿا. گويا منهنجي اندر ۾ تون مالڪ پاڻ ئي آهين. منهنجي من اندر منهنجو دلبر دوست ماروءَ جو ديرو ئي آهي.

 

وائي-1

تَپُ تڙيائين، سمُنڊَر وڌائين

نِيائِين مَرضُ مومِنَنِ تان

دَردُ پاڻُ دَردَ ۾، ٻُڏو، ٻاجَھ ڪِيائِين

اَگها سَڀَ سَگھا ٿِئا، ڏُکَندو ڏُورِ نِيائِين

گِروهَ گودَڙِيَنِ جي، سِلڪَ صِحَتَ ڏِنائِين

ميڙي مُرِيدَ پانهنجا، رَحمَتَ هيٺِ رَکِيائين. [3017]

       سمجهاڻي:  (مالڪ مهربان) درد ۽ بيماريون دور ڪري ڇڏيون سڀني دردن کي وڏي سمنڊ ۾ غرق ڪيائين. سڀني ايمان وارن کي مڙني مرضن کان نجات ڏنائين. اهڙي ٻاجهه ڪيائين جو درد پاڻ درد ۾ ٻڏي ويو. سڀ بيمار صحتمند ٿي پيا ۽ سڀ تڪليفون دور ڪيائين. گودڙين وارن جي ٽوليءَ کي صحت واري واٽ تي هلايائين (سالڪن جي سنگت کي صحت ڏنائين). پنهنجا سڀ ارادتمند ۽ عقيدت وارا رحمت سان نوازيائين.

 

وائي

کِٿيءَ مَنجهه کٽيائين کٽيائين

مارَو ڄامُ مَلِيرَ جو

پَرَچِي پَنهوارَنِ سِين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين

سِيلُ نِباهي سُومَري، پنهنجو پِيَّه پُڇِيائِين

جهوپُو جهانگِيَڙَنِ جو، ماڙِيءَ سِين نه مَٽِيائِين

سونَ بَرابَر سَڳڙا، ٻانهُنِ ۾ نه ٻَڌائِين

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀِ چَکِيائِين

گولون گولاڙَنِ تان، جَهپي ساڻُ جَهٽِيائِين

سَڱرَ ساهيڙِيَنِ سِين، کاٽُونبا کاڌائِين

اُتي عَبدُاللَّطِيفُ چئي، شَرمُ رَکِين رَبَّ سائِين. [3018]

       سمجهاڻي:  (مارئيءَ) پنهنجي محبوب ملير جي مارو ڄام کي لوئي (لڄ واري لباس) سبب ئي حاصل ڪيو. (ٻين لفظن ۾ لوئي لاهڻ سان هو محبوب کان محروم رهجي وڃي ها). اها لوئي ته پهنوارن وڏي خوشيءَ وچان کيس ڏاج ۾ ڏني هئي (جنهن کي نه مَٽيائين). عمر سومري سان (ڪڏهن به) سيل (عصمت) جو سودو نه ڪري، (آخري وقت تائين) پنهنجو پرين پُڇائيندي رهي. (سچي طلب تان هٿ نه کنيائين). هن اباڻن جهوپڙن کي محل جي ماڙين سان برابر نه ڪيو. (ماڙين کي مان نه ڏنائين) عمر جا قيمتي سونا سڳڙا (ڳهه ڳٽا) ٻانهن ۾ نه وڌائين. محبوب ماروءَ سان ملير ۾ نباهيندي ميون ۽ ڀاڄين جا سڀ مزا ورتائين ۽ گولاڙن جو ميوو جهٽون ڏيئي ٿي پٽيائين. ساهيڙين ۽ سرتين سان گڏ ويهي سڱر جون ڦريون ۽ کاٽونبا کاڌائين. عبداللطيف جي دعا آهي ته اي مالڪ سائين اڳتي به تون لڄ ۽ شرم رکندين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org