سُر
پورب
داستان
پهريون
1
پُورَبَ مارِييَاسِ، ڪَنہِ دَر ڏِيان دانهَڙِي
مَتيُون ڏِيندي لوڪَ کي چَري پاڻ ٿِيَاسِ
جَنِي نه جيهياسِ، مان لَئهُ لَڳو تَنِ سِين.
[2347]
سمجهاڻي:
مون کي پورب (اوڀر) وارن (جوڳين جي سڪ ۽ فراق)
بيحال ڪري وڌو آهي. (مان هنن لاءِ حيران پريشان
آهيان)، آءٌ اها دانهن ڪوڪ ڪنهن وٽ وڃي ڪريان. مان
ٻين کي صلاحون ۽ نصيحتون ڪندي پاڻ هنن لاءِ پاڳل ۽
ديواني ٿي پيئي آهيان. جيتوڻيڪ مان (ڪنهن به لحاظ
سان) هنن جي مَٽ ۽ برابر ناهيان، پر منهنجو نينهن
هنن سان وڃي لڳو آهي. (مان هنن جي محبت ۾ گرفتار ۽
مبتلا آهيان)
2
پُورَبُ پُورَبُ تَبِ ڪَرُون، جَب هنِيَڙي آوَنِ
پُورَ
سِڪَندِيءَ کي سڄڻين نِڪُون لايُون نُورَ
مارِيَسِ اِنَ مذڪُورَ، جِئن ساجَنُ سُڄي نه مِلي.
[2348]
سمجهاڻي:
جڏهن منهنجيءَ دل ۾ جوڳين جا پور پون ٿا ته منهنجي
زبان تي ازخود پورب جو نالو ٿو اچي وڃي ۽ آءٌ بيوس
ٿي پورب پورب پيئي ڪريان. مون سڪايل کي جڏهن سڄڻن
جي ياد اچي ٿي ته منهنجي اکين مان ڳوڙهن جي ٻَنڌ
يا اَڏ ڀڄي پوي ٿي. مون کي انهيءَ مشڪل مامري
مُنجهائي وڌو آهي جو سڄڻ (سيني اندر) سُجهي به
پيو، پر ساڻس ملڻ ڪونه ٿو ٿئي. (هن جو ملڻ مشڪل
آهي).
3
ڪينَرَ کَڻِي ڪاپَڙِي، صُبُحِ ٿِئا ساڄا
پُورِيائُون پُورَبَ ڏي وَڄائي واڄا
هُوءِ جي سامِي سَٻاجا، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري.
[2349]
سمجهاڻي:
اهي ڪاپڙي صبح جو سوير سُرندي جهڙا ساز کڻي تازا
توانا ٿي پورب ڏانهن رواني ٿيڻ وقت وڄائيندا ويا.
اهي سامي صفت انسان (سالڪ) ايڏا مهربان هئا، جو
هنن کان سواءِ منهنجو جيئڻ مشڪل آهي. (منهنجي
حياتي بي معنيٰ آهي.)
[رومي مثنويءَ ۾ حضرت عمر رضه جي وقت ۾ هڪ چنگ
وڄائيندڙ جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته هن جي فن ۾ حضرت
اسرافيل جي آواز جو اثر هو، جنهن سان مردا جيئرا
ٿي پوندا.
همچو اسرافيل که آوازش بفن،
مردگان را جان در آرد در بدن.
(دفتر اول، ب-1916)
معنيٰ: هن جو فن حضرت اسرافيل وانگر هو، جيڪو مرده
جسمن کي جيئاري ڇڏيندو هو.]
4
ڪَمَرَبَسَتَا ڪاپَڙِي، سامِي سڀيئِي
هِڪڙا ٻِئنِ کي، هَلئا ڏَسَ ڏيئِي
سِڱِڙِيُون سيئِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا. [2350]
سمجهاڻي:
اهي سڀئي ڪاپڙي سامي پنهنجين چيلهين کي (پيدل هلڻ
خاطر چمڙي جي) ڪمربندن سان ڇڪي ٻڌن ٿا ۽ هڪٻئي کي
هلڻ وقت رستي جا پار پتا ٻڌائي اڳتي پنڌ پون ٿا.
هو هلڻ وقت پاڻ ناد نفيرون وڄائي پوءِ سفر تي هليا
ويا.
5
ڪَمَرَبَستا ڪاپَڙِي، جَنِ ڪَڙَنِ ۾ ڪَچڪولَ
گِلا ۽ غيبَتَ جا سَڀَ ڀَڳائُون ڀولَ
ڳوٺِ ڪِجائُنِ ڳولَ، گڏِجَنِ مان گداوَ ۾. [2351]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين چيلهين کي مضبوطيءَ سان ڇڪي ٻڌو آهي ۽
سندن ڳچيءَ ۾ ڪڙن ۾ ٻڌل ڪستا پيا لڙڪن. هنن پاڻ
بابت گلا ۽ عيب جوئي جا سڀ ڀَوَ ۽ ڀولا ڀڃي ڇڏيا
آهن. (شڪ گمان ڪڍي ڇڏيا اٿن ته ڪو کين گهٽ وڌ چوي
ٿو يا برائي ڪري ٿو). تون اهڙن ڪاپڙين جي ڳوٺ ڳوٺ
۾ وڃي ڳولا ڪر، متان توکي ڪٿي گدائي ڪندي ملي وڃن!
[روميءَ، شيخ سررزي جي آکاڻيءَ ۾ پاڻ کي عام جي
نظر کان لڪائڻ ۽ الله جي واسطي گدائي اختيار ڪرڻ
جي اهميت کي هن ريت اجاگر ڪيو آهي.
تا شوم غرق مذّلت من تمام،
تا سقطها بشنوم از خاص و عام.
(دفتر پنجم،ب-2693)
معنيٰ: (مان گدائي ڪندي) ذلت ۽ خواريءَ جي انتها
تي پهچڻ گهران ٿو ته جيئن عام توڻي خاص ماڻهو سڀ
مون کي گهٽ وڌ ڳالهائين (پر مان ان کي برو نه
سمجهان)
هڪ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو:
او مذلت خواست، کي عزت تنم،
او گدائي خواست، کي ميري کنم.
(دفتر پنجم، ب- 2696)
معنيٰ: جيڪڏهن (مالڪ سائين) مون لاءِ ذلت لکي آهي
ته مان عزت ڪيئن ٿو گهري سگهان. هن مون لاءِ گدائي
گهري آهي ته آءٌ اميري ڪيئن ٿو طلبي سگهان.]
6
ڪَمَرَبَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جِيُون ٿا چُونِ
سِڱيون سَناسِين جِيُون وَڃئو پُورب پُونِ
جوڳِي هِتِ نه هُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.
[2352]
سمجهاڻي:
هو ڪاپڙي چيلهه کي سندرن سان سوگهو ٻڌي اڳتي پنڌ
جون پاڻ ۾ ڳالهيون پيا ڪن. هنن جي سڱين جي آواز جي
پورب تائين هاڪ آهي (سڀني ماڻهن کي سندن واڄن بابت
خبر آهي). اهي جوڳي (تارڪ دنيا فقير) هتي رهڻ وارا
هرگز ناهن ۽ نڪي هتي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ترسندا يا
ٽڪي پوندا. (هو هڪ هنڌ ويهي رهڻ وارا ناهن، هو
سدائين هل هلان ۾ آهن)
7
پُورَبَ وِئا پيهِي، تان مون گهَڻو نِهَارِئا
سُڌ نه مُڪي سَڄَڻين، جيهِي نه تيهِي
هُئا پَرَڏيهي، وَڄائي واٽَ ٿِئا. [2353]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي فقير جڏهن کان پورب هليا ويا آهن، تڏهن
کان وٺي آءٌ هنن جي راهه پيئي نهاريان. هنن سڄڻن
پنهنجي باري ۾ ڪا خبرچار ۽ حال احوال ڪونه موڪليو
(ڪا خبر ڪانهي ته هو ڪٿي آهن). هو اصل کان پرديسي
مسافر هئا، سو هو پنهنجي عادت موجب ساز وڄائي
رمندا رهيا.
8
جُوءِ جيڏاهِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاهين نيڻَ
آيَلِ آديسِينِ جا وِرُوهَ ٿِيَمِ ويڻَ
ڪَري سَناسِي سيڻَ، هنِيَڙي حالُ پِرائِيو.
[2354]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي جنهن ماڳ ۽ هنڌ اچي ويهندا آهن (پڙاءُ
ڪندا آهن)، آءٌ هميشه اهي هنڌ ويٺي نهاريان ته
ڪڏهن ٿا اچن. اي امڙ، انهن آديسي انسانن جا ٻول ۽
گفتا منهنجي لاءِ روح جي راحت آهن. مون کي اهڙن
سناسين (فقير صفت) سڄڻن جي صحبت سان حال جي ڪيفيت
حاصل ٿي آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ هن معنيٰ سان مناسبت وارا ڪيترا
شعر ملن ٿا، هڪ هنڌ چوي ٿو:
همنشين اهل معني باش تا،
هم عطا يا بي و هم با شي فتيٰ
(دفتر اول ب 710)
معنيٰ: تون اهل دل وارن سان وڃي گڏ ويهه، انهن جي
صحبت اختيار ڪر ته توتي ڪرم نوازي ٿئي ۽ تون انهن
جهڙو مرد ماڻهو ٿي پوين.]
9
جُوءِ جيڏاهِين جوڳِيين، نِيڻَ تيڏاهِين نِتُ
آيَلِ آديسِين کي ڏي چارِيڪَا چِتُ
سامِينِ جو سَنگَتُ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.
[2355]
سمجهاڻي:
جتي جوڳين جو ماڳ مڪان آهي (جتي هنن جي اچڻ جو
امڪان آهي)، مان ان پاسي پيئي نهاريان (اکيون
سدائين اوڏانهن آهن). اي جيجل، اهڙن آديسين لاءِ
منهنجي اندر ۾ ڏاڍي اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ آهي. آءٌ
انهن سامين جي سنگت (مجلس) کي ياد ڪري هر وقت پيئي
سور سهان. (هنن جا سور مون کان پري ٿيڻ وارا آهن
ئي ڪونه!)
10
جُوءِ جيڏاهِين جوڳيين، اُنَ مُنہ اَکَڙِيُون
سَڳا سيليُون سِڱيُون تَنِ سِين تُنبڙِيُون
مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اَڳَڙِيُون
اُن جِيُون عبداللطيف چئي، مَرَڪَنِ ماڳَ مَڙهيُون
کوڙي لَڪَڙِيون، چُندا ڪِين چيلَنِ وِئا. [2356]
سمجهاڻي:
انهن جوڳين جو ديس يا ملڪ جنهن طرف آهي، منهنجيون
نظرون سدائين ان طرف آهن. هنن جي ڦاٽل لباس تي
هرهنڌ اڳڙيون لڳل آهن، سندن ڪلهن ۾ ناد نفيرون ۽
ان سان گڏ اَن اَٽو يا کاڌو رکڻ لاءِ خالي تنبا
(پيالن وانگر) لٽڪيل آهن. اي جيجل مون کي جن سڄڻن
جي سڪ ماريو آهي، انهن جو لباس ٿڳڙين وارو آهي.
عبداللطيف چوي ٿو، انهن جوڳين جا تڪيا ۽ آستانا
جوت سان جرڪندڙ آهن. هو آيل دڳ سان ڪاٺيون کوڙي
پنهنجن ٻالڪن ۽ چيلن کي نشان پتا ٻڌائي پاڻ اڳتي
نڪري ويا.
11
جوڳِي جُڳُ ڇَڏي، پُرِئا پُورَبَ پارَ ڏي
لاهُوتِي لَطيفُ چَئي، هَليا لالَ لَڏي
وَالله يَدَعُو اِليٰ دارالسلام، صاحبُ سَڀِنِ
سَڏي
هَئي هَئي هِنَ هَڏي، هَمَہَ کي حيرانُ ڪِئو.
[2357]
سمجهاڻي:
آيل، جوڳي هي ديس ڇڏي (پنهنجي اصلي ماڳ) پورب
ڏانهن روانا ٿي ويا. عبداللطيف چوي ٿو اهي لاهوت
جي منزل جا راهي نينهن ۽ سڪ ۾ رڱجي لال ٿي (پچي
ڳاڙها ٿي) پوءِ انهيءَ سفر تي نڪتا. هو قرآن پاڪ
جي آيت جنهن موجب سڀني کي ’الله سلامتيءَ واري گهر
ڏانهن ٿو سڏي‘ ۾ شامل آهن. افسوس جو هن (دنيا ۾)
طمع ۽ حرص جي هڏي سڀني انسانن کي حيران پريشان ڪري
رکيو آهي. (انسان ان ۾ ڦاٿل آهن).
[مثنوي روميءَ ۾ قرآن جي مٿين آيت هن طرح تضمين
ٿيل آهي:
پس بگوئيدش بيا اينجا تمام،
زود که آنّ الله يدعوا بالسلام.
(دفتر چهارم، ب- 723)
معنيٰ: پوءِ هن کي چئو ته پوري طرح هتي اچي سو به
جلد ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ سلامتيءَ جي طرف سڏي
ٿو.]
12
پُورَبَ پُورِيائُون، مٿي راههَ رَوان ٿِئا
هِيءُ گهَرُ گهورِيائُون، اَڳانڍيائُون اَڳِيان.
[2358]
سمجهاڻي:
هنن (جوڳين ۽ ڪاپڙين) پورب جو رخ رکي اوڏانهن ان
واٽ سان روانا ٿيا. هنن دنيا وارو هتي جو گهر
قربان ڪري (ترڪ ڪري) اڳئين جهان سان پنهنجي دل ۽
من ڳنڍي ڇڏيو (سڀ اميدون ۽ آسرا هن ٻئي جهان سان
وابسته ڪيائون).
13
جان مَڙهيان مُنہُ پائيان، جوڳي وِئا جامير
ٻِئا پُوڄينديَسِ ڪير، ڌُونڌاڻِيءَ ڌُوپُ ڌَري.
[2359]
سمجهاڻي:
مون جڏهن پاڻ وارن جوڳين جي آستانن ۽ تڪين ۾ اندر
وڃي هنن لاءِ پڇا ڪئي، خبر پيئي ته هو جامير (جي
نالي واري آستان) ڏانهن پري نڪري ويا آهن. هنن کان
سواءِ آءٌ ٻين جوڳين جي ڌونڌاڻي (وٽيءَ) ۾ ڌوپ
(لوبان) وجهي سندن شيوا هرگز ڪري نه سگهنديس (مون
کي فقط انهن جوڳين جي تات طلب آهي، جيڪي سفر تي
هليا ويا).
14
پُورَبيا پُوري وِئا آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ
کَٿُورِي خُشِبُوءِ، آهي آديسِي گَيَا.
[2360]
سمجهاڻي:
هو پورب ڏانهن ويندڙ جوڳي اڄ صبح جو سويل پنهنجا
آستانا ويران ڪري هليا ويا. انهن ماڳن ۾ سندن ڇڏيل
کٿوريءَ جهڙي خوشبوءِ سا باقي آهي، پر هو آديسي
پاڻ پرديس روانا ٿي ويا.
15
پُورَبِيا پوري وِئا آَسَڻَ آڌيءَ راتِ
سُيَمِ نه سَناسِينِ جيون پَچارُون پِرڀاتِ
جوڳي ڪا جا ذاتِ، مِٽَ نه مَعذورِينِ جا. [2361]
سمجهاڻي:
اهي پورب وارا جوڳي اڌ رات جو ئي پنهنجا آستانا
ڇڏي روانا ٿي ويا. انهيءَ ڪري پرهه ڦٽي پرڀات جو
هنن جو ڪو آواز ۽ ڀُڻڪو ٻڌڻ ۾ ئي نه آيو. جوڳين
جي ذات ئي اهڙي آهي، جيڪي ڪنهن مٽي مائٽي يا ٻنڌڻ
۾ ٻڌجڻ وارا ناهن (هو دنيا وارن کان بي تعلق رهڻ
وارا آهن).
16
خِيما جَنِ کَڻي، مَٿي پُورَبَ مَنڊِئا
آيَلِ آديسِينِ کي پَسِئو ٿِيان پَڻِي
جِيءَ ۾ جَڙَ هَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي. [2362]
سمجهاڻي:
هو (ڪاڙهي ۽ ڌُپَ کان بچڻ واسطي) ننڍڙا خيما مٿي
تي کڻي پورب طرف روانا ٿي ويا. اي، جيجان، انهن
آديسي انسانن کي ائين ويندو ڏسي منهنجا ڳچ ڳري
پيا. اهي ننگ نه ڪرڻ وارا (مٽن مائٽن کي ڇڏي ڏيڻ
وارا) انسان منهنجي دل ۾ محبت جون ميخون هڻي
پنهنجي ديس هليا ويا.
وائي -1
سائين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سِين جوڳيين
هَلَڻَ جو هِنگلاجَ ڏي آديسِينِ اُتومِ
نيئِي پُورَبَ پارَ ڏي ويراڳِينِ وِڌومِ
سو ئِي تِيرٿَ تَڪِيو، سو ئي پَنڌُ سَندومِ
هُو جو تِيرَٿَ تَڪِيو سامِينِ سُنهايومِ.
[2363]
سمجهاڻي:
او الله سائين، شل منهنجو اهڙن جوڳين سان ناتو نه
ٽٽي، جن مون کي هنگلاج بابت ٻڌايو ۽ واٽ ڏيکاري.
اهي ويراڳي ئي ته هئا جن مون کي پورب جي پنڌ جو ڏس
پتو ڏنو. منهنجي لاءِ اهو ئي تيرٿ (مشاهدي جو ماڳ)
آهي ته تڪيو (پاڪ جڳهه) به آهي. منهنجو پنڌ پيچرو
(منزل مقصود) سڀ ڪجهه اهي ئي آهن. منهنجا رهبر ۽
رهنما اهي سامي آهن جن مون کي اهي تيرٿ ۽ تڪيا
ڏيکاريا ۽ مون کي ان دڳ لايائون يا رستو
ڏيکاريائون.
وائي -2
ويڙِيين منجهه وَڙالَ،
آن ڪي گَڏِئا هوتَ مُنهِنجا
ماءَ مُنهنجي جوڳِيين، ڪَنِين ڪُنرَ لالَ
ڪڪورِيائُون ڪَپَڙا، رَتائُون رُومالَ
وَتَنِ ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، ڪِنہِ سان ڪَنِ نه ڳالَ
تَنِ ڄاڻي ڄَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالَ
کامِي کُوري وِچَ ۾ پاڻَ ڪَيائُون پيمالَ
بابُو بيکاري ٿِئا، وَتَنِ منجهه وِصالَ
جَڏو جيءُ جِيارِئو جوڳِينِ جي جَمالَ.
[2364]
سمجهاڻي:
توهان کي گهاٽن وڻن جي جهنگل ۾ ڳوليندي ۽ پڇا ڳاڇا
ڪندي ڪي منهنجا سڄڻ گڏئا. اي امڙ، مون وارا جوڳي
اهڙا آهن جن کي ڪنن ۾ ڳاڙها والا پيل آهن. هنن کي
ڳاڙها ڪپڙا به پاتل آهن ته رومالن کي پڻ رڱي سرخ
ڪيو اٿائون. اهي ڌوڙ ۽ مٽيءَ ۾ هلندي بڀوت ٿيو وڃن
۽ ڪنهن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نٿا ڪن. (ڪو راز نٿا
سلن). هنن پنهنجن وارن جون وڏيون چڳون بلڪ چوٽيون
ڇڏي ڏنيون آهن. هو پاڻ کي سڌو سنئون باهه جهڙي
گرمي ۽ ڪاڙهي ۾ ساڙي پچائي ناس ۽ نابود ڪن ٿا. اهي
سيلاني ۽ پينو فقير بنجي (ويس ڌاري) دوست سان ملڻ
جا جتن ۽ حيلا پيا ڪن. اي امڙ، منهنجو بيمار ۽
هيڻو تن بدن هنن جي سهڻي ديدار سان تازو توانو ۽
تندرست ٿي پيو آهي.
وائي-3
آسَرو آهي، موٽي ايندا، مون نه ڇَڏيندا، پاڻُ
پَسَندا
پَٿَرِ وارَ پِرِينِ لَئي ويههُ تون وِڇائي
ڏُکَ لاهِيندا ڏيلَ جا ڳُجهو ڳالهائي
ڪالَهه سَناسِي سِڱِيُون وِئَڙا وَڄائي
اِيندا آديسِي وَرِي دُونهِيُون دُکائي
مون کي نِيندا پاڻَ سِين، اِي سَڱ ساڱاهي.
[2365]
سمجهاڻي:
مون کي اميد آهي ته هو سامي ۽ سنياسي موٽي ايندا ۽
مون کي ائين ڇڏي نه ويندا. (پاڻ کان ڌار نه ڪندا)
پنهنجو ناتو نڀائيندا. (اي سرتي)، تون هنن لاءِ
انتظار ڪندي پٽ تي پنهنجا وار وڇائي ڇڏ. هو وڏي
رمز ۽ مام جي انداز ۾ سمجهائي تنهنجا سڀ دک درد
دور ڪندا. اهي سنياسي ته ڪالهه هتان ناد نفيرون
وڄائي نڪري روانا ٿيا آهن، پر پوءِ به اهي وري
ايندا ۽ اچي دونهيون دکائيندا. هو مون کي ضرور پاڻ
سان وٺي ويندا ۽ اهو سنٻنڌ سجايو ۽ سچو ڪندا.
داستان ٻئو
1
نانگَنِ ڪِينَ نَمائِيو، ناٿُ نَمايو نِيہَ
مَڙهِين اُٺا مِينہَ، جوڳيان سَندِي ذاتِ کي.
[2366]
سمجهاڻي:
ننڍا (سيکڙاٽ) جوڳي وڏي گروءَ کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام
ويا ڇو ته وڏو گرو صرف ۽ صرف محبت جي واٽ اختيار
ڪرڻ سان ئي ريجهي ٿو (هن تائين پهچڻ جي واٽ صرف
محبت واري آهي). سچن جوڳين جي آستانن تي ئي محبت
جا مينهن وسن ٿا (نينهن يا سچو عشق ئي آهي، جنهن
سان ناٿ نمي ٿو، باقي رسمي نانگا ۽ جوڳي ناٿ کي
نمائي يا راضي ڪري نٿا سگهن، سچن جوڳين جي مڙهين
ماڳن تي ئي مينهن وٺا. ن _ ب)
2
نَڪِين نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نه نَمَائِينِ
جاٽَرا ڪَنِ نه جوڳَ کي، جوڳُ نه جُهارِينِ
آديسِي آڻِين، اُهڃاڻيُون الِماسَ جِيُون. [2367]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي (ظاهري طور) ناٿ (وڏي گروءَ) جي آڏو ڪونه
ٿا نِوڙن يا جهڪن ۽ نڪي ان جي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪن
ٿا. (هو پنهنجي اندر جي محبت سان هن کي راضي ڪرڻ ۾
رڌل آهن). هو عام جوڳين وانگر رسمي نئڙت به نٿا ڪن
۽ نڪو وري جوڳ واري متي جي مڃتا ۽ ساراهه ڪن ٿا.
پر اهي آديسي (معرفت جي) موتين ۽ هيرن جي سڃاڻپ
رکن ٿا ۽ ان باري ۾ ٻين کي اچي ٻڌائن ٿا.
[هن سلسلي ۾ روميءَ جي راءِ بلڪل واضح آهي، جنهن
جو اظهار هن ريت ڪري ٿو.
فقر خواهي آن بصحبت قائم است،
نه زبانت کار مي آيد نه دست.
(دفتر پنجم، ب-1063)
معنيٰ: جيڪڏهن تون (الله جو) فقير ٿيڻ چاهين ٿو ته
اهو الله وارن جي صحبت ۽ توجهه سان حاصل ٿيندو.
باقي تنهنجي زبان سان ڳالهائڻ ۽ هٿن کي چورڻ پورڻ
سان اهو مقصد حاصل ڪونه ٿيندو.]
3
جا گُرَ ڏِنِي گودڙي سا مون کي ٿي مَرَڪُ
چيلا ماري چَرَڪُ، اوڍي ويههُ اَدَبَ سِين. [2368]
سمجهاڻي:
(هڪ چيلو ٻئي سيکڙاٽ چيلي کي سمجهائي پيو) مون کي
منهنجي گروءَ جيڪا گودڙي ڍڪائي آهي، سا منهنجي
لاءِ وڏي مانَ ۽ شان واري آهي (برڪت واري آهي).
انهيءَ گودڙي مون کي وڏيءَ منزل تي پهچايو آهي. ان
ڪري توکي گهرجي ته تون پڻ اهڙي گودڙي وڏي ادب ۽
اخلاص (دل جي سچائي ۽ خلوص) سان چادر وانگر ويڙهي
جهُنڊ هڻي ويهين (تڏهن توکي من جي مراد حاصل
ٿيندي).
4
گُرَ جا ڏِنِي گودَڙِي سا ٿِيي لاهِيندي لَڄَ
سَندا تِنہِ سَهَڄَ، چيلو چُندو ڪيترا. [2369]
سمجهاڻي:
(چيلي جي زباني) مون کي منهنجي گروءَ جيڪا گودڙي
ڏني آهي يا ڍڪائي آهي سا هاڻي پاڻ کان پري ڪندي
مون کي شرم ٿو اچي. (ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي
گهٽتائي ٿيندي). بلڪ ان گودڙيءَ جا مون مٿان جيڪي
ٿورا ۽ احسان (برڪتون) آهن، اهي مون جهڙو چيلو ڇا
بيان ڪري سگهندو. (اهي چوڻ يا ٻڌائڻ کان ٻاهر آهن)
5
گُرَ جا ڏِنِي گودَڙي سا مون گهَڻو سُهاءِ
نيئِي رَساڻي ماءِ، اوڍِيين جي اَدَبَ سِين.
[2370]
سمجهاڻي:
مون کي پنهنجي گروءَ (روحاني رهبر) جيڪا گودڙي
(پوشاڪ) ڍڪائي آهي، سا ئي مون تي سونهي ٿي يا سهڻي
ٿي لڳي. انهيءَ سان منزل مقصود تي پهچي سگهجي ٿو،
پر شرط اهو آهي ته جيڪڏهن تون (دل جي پوري سچائي
سان) ادب ۽ احترام سان ان گودڙيءَ کي ڍڪين.
6
گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِيا، گهڻا مَ ڀانئيجِ
سوئِي سُڃاڻيجُ، هِيءُ هُو آهي هيڪَڙو. [2371]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين کي مختلف رنگن ۽ گلن وارين گودڙين ۾
ڍڪيل ڏسي کين الڳ يا گهڻا نه سمجهه. (هو سڀ هڪ
راهه جا پانڌيئڙا آهن) انهن کي صحيح سڃاڻ ته هو
هڪٻئي کان ڌار ۽ جدا ناهن، ڇو ته هو سڀ هڪ آهن.
[مثنوي روميءَ جي روشنيءَ ۾ هن بيت جو مفهوم هن
شعر سان ڪنهن حد تائين واضح ڪري سگهجي ٿو.
هان وهان اين دلق پوشان من اند،
صد هزار اندر هزار و يک تن اند.
(دفتر سوم، ب- 1007)
معنيٰ: خبردار، خبردار، اهي گودڙي پوش منهنجا آهن،
جيڪي بظاهر هزارن جي تعداد ۾ آهن پر هڪ روح وانگر
آهن.]
7
سامِي تون سُلُوڪَ کي هَٿان هَڏ مَ ڇَڏِ
لَڏِيندَنِ سِين لَڏِ، ته رَهِين تون راڄُ ڪَري.
[2372]
سمجهاڻي:
اي سامي، تون سلوڪ (طريقت جي واٽ) کي ڪڏهن به ترڪ
نه ڪجانءِ (ان تي محڪم ۽ مضبوط رهه). توکي گهرجي
ته جهڙيءَ طرح ان راهه جا پانڌيئڙا هڪ هنڌ کان ٻئي
هنڌ لڏيندا (منزلون يا سلوڪ جو سير ڪندا) اڳتي
وڌندا رهن ٿا، تيئن تون پاڻ هنن سان گڏ هلندو رهه،
تڏهن تون پنهنجي منزل ماڻيندين ۽ ڪامياب ٿيندين
(تڏهن تنهنجي مڃوتي ٿيندي).
[مثنويءَ۾ مرشد يا روحاني رهبر جي رهنمائي ۾ هلڻ
جو بار بار درس ملي ٿو:
هر که تنها نادر اين ره را بريد،
هم بعون همت مردان رسيد.
(دفتر اول، ب- 2974)
معنيٰ: جيڪڏهن ڪنهن اڪيلي سر هن راهه جو سفر طئي
ڪيو آهي ته اهو به الله وارن جي مدد سان ئي منزل
تي پهتو آهي.]
8
لَنگههِ لاهُوتان ڪاپَڙِي، دُونهِين ڪيمَ دُکاءِ
اوري ڪَرِ مَ آسَرو، پَري پيرُ مَ پاءِ
جِنہ جِي جاءِ نه ماءِ، وانءُ تَهِين سِين واڳِئو.
[2373]
سمجهاڻي:
اي ڪاپڙي (راهه جا پانڌيئڙا) لاهوت جي منزل ڏانهن
وڌي هل، هي باهه جون دونهيون دکائڻ اجايون آهن.
تون ويجهو توڻي پري وارين شين ۾ اميد ۽ آسرو نه ڪر
۽ نه وري اجايو پري پرديس جا سفر ڪر. تون انهيءَ
(راهه جي رهبر) سان پاڻ کي وابسته رک، ان سان
اميدون ۽ آسرا رک، فقط انهيءَ جي يادگيري (عبادت)
۾ مشغول رهه. هو هر هنڌ تنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو.
[مثنويءَ ۾ پير مرشد جي انهيءَ روحاني مرتبي جي
هيئن سمجهاڻي ڏني ويئي آهي:
دست پيراز غائبان کوتاه نيست،
دست او جز قبضهء الله نيست.
(دفتر اول، ب- 2975)
معنيٰ: مرشد جي هٿ (فيض) کان غير حاضر به محروم
ناهن. ڇو ته هن جي هٿ تي بيعت گويا خدا جي هٿ تي
بيعت ڪرڻ آهي.]
9
لانگوٽِي لائي، وَانءُ ويراڳِينِ سامُهُون
ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندَرو مَنجها سِڪَ ساهي
اُنِي وَٽِ آهي، اوڇَڻُ ڳالَهه اُگهاڙَ جو. [2374]
سمجهاڻي:
تون لانگوٽي (چيلهه جي هيٺئين حصي کي ٻَڌڻ جو ڪپڙي
ٽُڪر) چڱيءَ طرح ٻڌي (دنياوي خواهشون ترڪ ڪري)،
پوءِ اُنهن ويراڳين وٽ وڃ جن دنيا کان منهن موڙي
ڇڏيو آهي. تون (انهيءَ راهه ۾) تڪليفن ۽ سورن جو
سندرو سڪ ۽ محبت سان مضبوط ٻڌي پوءِ قدم
وڌائجانءِ. (اهو سمجهي ڇڏ) انهن ويراڳين (تارڪ
دنيا فقيرن) وٽ ئي اصلي اگهاڙپ (ذاتي عيبن ۽
اوڻاين) جو ڍڪ (علاج نفس کي مارڻ) آهي.
10
سامِي مَڙهي سَندياءِ، سامُهِين مُون سيلَ ٿِي
اِيءَ تان ڪوهُ اَڏياءِ، جان نانگا وَڃين نِڱِئو.
[2375]
سمجهاڻي:
اي سامي، تنهنجو اهو ٽڪاڻو (ظاهري جسم) منهنجي
سامهون سيلها ڪنڊا بنجي چڪو آهي (جتان توکي ڪجهه
هڙ حاصل نه ٿيو)، تو اجائي محنت ڪري ان کي ڇا لاءِ
اڏيو يا ٺاهيو جو تون ان کي وري تياڳ ڏيئي نڪري
وڃي رهيو آهين. (اها سمجهه توکي اڳ ۾ ڇو ڪانه
آئي).
11
جي تُون چيلو چائِيين تان پَرِ گُروءَ جي پارِ
هَوائُون هِنگلاجَ ڏي وِيندي سَڀِ وِسارِ
نانگا ناٿُ نِهارِ، سامِي وَڏيءَ سِڪَ سِين.
[2376]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون پاڻ کي سچو چيلو چوائڻ گهرين ٿو يا
بنجڻ گهرين ٿو ته پوءِ گروءَ (رهبر) جي پوريءَ ريت
پيروي ڪر، هر حال ۾ سندس سمورين ريتين رسمن جو
پابند ٿيءُ. هنگلاج ڏانهن وڃڻ واري پنڌ ۾ (سلوڪ جي
راهه ۾) سڀني سَڌن ۽ خواهشن تان هٿ کڻي ڇڏ. ناٿ کي
ڳولهي لهڻ لاءِ يا وٽس پهچڻ لاءِ تون رڳو سڪ ۽
محبت جو رستو اختيار ڪر. (اهو سفر سڪ ۽ محبت کان
سواءِ طي نه ٿي سگهندو).
12
جي تون چيلو چائِيين ته ٿيءُ گُروءَ جي گَسِ
ڏُکَ پاڻَ کي ڏَسِ، ناٿُ نِهارجِ نِيہَ سِين.
[2377]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون سچو پچو چيلو (ڪامياب طالب) ٿيڻ جو پڪو
ارادو رکين ٿو ته پوءِ گروءَ جي واٽ کان ذرو به
هيڏي هوڏي نه ٿيءُ. تون پاڻ کي ڏکن جي حوالي ڪر ۽
سچي سڪ ۽ پريم سان ناٿ جي طلب ۾ هلڻ سک.
13
جوڳِي ٿِينِ نه يَارَ، ڪَنهِين ساڻُ قَرِيبُ ٿِي
مُون مُلاقِي جَنِ سِين، تَنِ پُورَبَ جي پَچارَ
اَٺَئِي پَهَرَ اُنِ جي آهي نانِيءَ ڏانہَ نِهَارَ
لائي وِئا لَطِيفُ چَئي اَندَرِ مَنجِهه اَپارَ
سامِينِ ساڻُ سَتارَ، لاهُوتِي لالَ ٿِئا. [2378]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي ڪنهن سان به ڪو ناتو نٿا رکن ۽ نه وري
ڪنهن سان دوستي ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو جن جوڳين
سان منهنجي ڏيٺ آهي، اهي پڻ سدائين پورب ڏانهن وڃڻ
جي سوچ ۾ گم آهن. هو هر وقت ڏينهن هجي توڻي رات
نانيءَ جي جبل ڏانهن (هنگلاج واري) پنڌ جي تياريءَ
۾ آهن. عبداللطيف چوي ٿو اهي ئي منهنجي اندر ۾
اٿاهه الفت ۽ سڪ ڇڏي ويا آهن. اهي سامي مالڪ جي
مهربانيءَ سان لاهوت جي ياترا ڪري رڱجي لال ٿيا.
14
جِيَاسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي لاٿو جارُ
سَندو پُورَبَ پارُ، آڇِئائُون اِيندَنِ کي.
[2379]
سمجهاڻي:
اسان (ڀاڳ وارا آهيون) جو جيئري ئي جوڳين سان
ملاقات ٿي ۽ انهيءَ ملاقات اسان جا سڀ ڏک درد دور
ڪري ڇڏيا. هنن وٽ جيڪي به آيا پئي تن کي وري پورب
(اصلي ديس) ڏانهن هلڻ جي هدايت پئي ڪيائون.
15
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳي ڏِٺوسُون
مُلاَ تَهِين مُون، حاصُلُ ڪِين حالُ ڪِئو. [2380]
سمجهاڻي:
اسان پنهنجي جيئري جوڳيءَ کي ڏٺوسون ۽ هن سان
ملاقات ٿي هن وٽ ويهڻ (صحبت) سان مون کي حال جي
ڪيفيت نصيب ٿي آهي.
[مثنويءَ ۾ ’صاحب حال‘ انسانن جي ڪيترن هنڌن تي
سمجهاڻي ملي ٿي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
اين حکايت نيست پيش مرد کار،
وصف حال ست و حضور يار غار.
(دفتر سوم، ب- 1149)
معنيٰ: سمجهه واري انسان لاءِ هيءُ عالم رواجي
ڳالهه يا آکاڻي ناهي. بلڪ هن لاءِ حال ۽ يار جي
حضور جي سمجهاڻي آهي (ته اهو ڪيئن حاصل ٿي سگهي
ٿو)]
16
جِيَاسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏِٺوسُون جان
هو سَڱ جَنهِين سان، سامِي سو سانڀيٽِيو. [2381]
سمجهاڻي:
اسان ڀاڳ وارا آهيون جو اسان هن جوڳيءَ کي ڏٺو ۽
هن سان ملاقات
ٿي ته ڄڻ اسان کي نئين زندگي ملي ويئي. انهيءَ
جوڳيءَ سان ئي اسان جو لاڳاپو هو (تلاش هئي) جيڪو
اسان کي سامهون ملي ويو.
17
دِل ڌوتائِين دُکَ سِين، ڌاڳا هَڏِ نه ڌوءِ
لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي، رُوحان اَندَرِ روءِ
ڪونه ڏٺوسُون ڪوءِ، سَناسِي ۽ سُورَ ري. [2382]
سمجهاڻي:
هو (سچو سامي) پنهنجو ڌاڳا ٿيل (ليڙون ليڙون) لباس
ڪونه ٿو ڌوئي بلڪ هو پنهنجي دل کي درد سان ڌوئي
صاف ڪري ٿو. (هو هر وقت خدا جي يادگيريءَ ۾ مگن
رهي ٿو). عبداللطيف چوي ٿو ته اهو آديسي انسان
روحاني طور اندر ئي اندر ۾ روئي ٿو. اسان اهڙو ڪو
آديسي نه ڏٺو جيڪو هجي آديسي پر سور نه هجيس.
(سنياسي پنهنجي رياضت ۽ تپسيا کان سواءِ ٿي نٿو
سگهي)
[رومي درد جي تعريف ڪندي چوي ٿو:
آنکه او بي درد باشد رهزن است،
زانکه بي دردي اناالحق گفتن است.
(دفتر دوم، ب-2521)
معنيٰ: جيڪو بي درد آهي، اهو گويا رهزن ۽ ڌاڙيل
آهي، ڇو ته بي درد هجڻ پاڻ کي خدا سمجهڻ برابر
آهي.]
18
وِلهُون ويلا واءَ، جوڳِينِ جهَلِئا جانَ ۾
اَجهو ري اَللهَ، ڪونهي ڪاپِڙِينِ جو. [2383]
سمجهاڻي:
اهي ڪاپڙي ۽ جوڳي هر قسم جون تڪليفون ۽ سختيون
جهڙوڪ سخت سردي ۽ سيءُ، بکون ۽ لنگهڻ جا ويلا،
لکون ۽ جهولا برداشت ڪن ٿا. (دراصل) هنن جو الله
کان سواءِ ٻيو ڪو اجهو ۽ اوٽ، پشت ۽ پناهه آهي ئي
ڪانه.
وائي-1
جَنِ کي مَنَ ۾ مالا، جوڳِي سيئي
جَنِ کي مَنَ ۾ مُنڊرا، سامِي سيئي
گَڏِئا گورکَناٿَ کي، سَتَ گُروءَ جي سَنگا
پيٺا سي مڙهيءَ ۾ ڪري الاالله.
[2384]
سمجهاڻي:
هائو، اُهي ئي جوڳي آهن جن جي من ۾ مالها آهي يعني
جن تَن کي تسبيح ڪري ڇڏيو آهي، اُهي ئي سامي آهن،
جن ٻاهرين ڪنن بدران اندر من ۾ والا پائي ڇڏيا
آهن. (هو ظاهري رسمن تي ڪونه ٿا وڃن) هو سچي گروءَ
جي رهبريءَ ۽ سنگت سان گورکناٿ ڀيٽي آيا آهن. هو
(نفي ’لا‘ کي ڇڏي) پنهنجي (بدن جي) آستانن ۾
’ڪونهي مگر الله‘ جي (’الالله‘ جي اثبات واري)
وائي سان داخل ٿين ٿا (هو هيڪڙائي حق تي ويساهه
رکن ٿا).
[مثنويءَ ۾ ان راهه بابت هيئن چوي ٿو:
تانخواني لا و الا الله را،
در نيابي منهج اين راه راه.
(دفتر پنجم، ب- 1241)
معنيٰ: جيستائين تون ’لا‘ ۽ ’الاالله‘ کي چڱيءَ
طرح نٿو پڙهين (دل ۾ نٿو هنڊائين)، تيستائين تون
هن سڌي رستي تي نه پهچي سگهندين.]
وائي-2
توبَہَ! توبَہَ! اِيءَ طَلَبَ،
تُنهنجي دَران مَنگان
مون کي پِرينِ ميڙِيين، سائين ڪَنہِ سَبَبَ
جي مُون هَٿان ڪارِيين، ڪَمَ موچارا رَب. [2385]
سمجهاڻي:
(اي منهنجا مالڪ)، منهنجي توبهه ۽ زاري آهي، مان
توبهه ڪريان ٿو، تنهنجي در تان اها ئي توهه طلبيان
ٿو، اها ئي معافي مڱان ٿو. او مولا سائين، تون ئي
ڪنهن سبب سان، مون کي منهنجو محب ملائيندين. تون
ئي مون کي نيڪ ۽ چڱن ڪمن جي توفيق ڏيندين! (تون ئي
مون کي اها سگهه ۽ قوت ڏيندين).
[رومي ان خيال جو آهي ته توبهه جي توفيق به مالڪ
پاڻ بخشي ٿو:
ليک استغفارهم در دست نيست،
ذوق توبهه نقل هر سرمست نيست.
(دفتردوم، ب- 1643)
معنيٰ: پر توبهه جي طلب به تنهنجي هٿ ۾ ناهي.
توبهه جي توفيق به هر گنهگار کي نصيب ڪانه ٿي
ٿئي.] |